Wednesday 10 June 2020

ھمو پکي Humming bird 💎اصغر ساگر💎

دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو پکي جيڪو ڏسڻ ۾ ننڍڙو پر رفتار ۾ تيز ٿئي ٿو ھن جي رفتار 54 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿئي ٿي ۽ ھي بغير رڪڻ جي 80 ڪلوميٽرن تائين ھلي سگهي ٿو.
ھمو پکي دنيا ني ننڍڙن پکين ۾ شمار ٿئي ٿو. ھي ايترو ننڍو آھي جو ھن جي آکيري جي ماپ پنج روپئي سڪي جيتري ٿئي ٿي. ھن جو وزن 2 کان 6 گرام ٿئي ٿو. ھي گلن جو رس پي زندھ رھي ٿو. ھي واحد پکي آھي جيڪو پوئتي اڏري ٿو. ھي اڏرندي ھڪ سيڪنڊ ۾ 80 ڀيرا پر ڦرڪائي ٿو. ھي گلن جو رس پيئڻ لاء ھڪ سيڪنڊ ۾ 13 ڀيرا پنھنجي زبان گلن تي لڳائي ٿو. ھن جو دل منٽ ۾ 12 سو ڀيرا ڌڙڪي ٿو. جسم ننڍو ھئڻ ڪري ۽ تمام ڦڙت ھئڻ ڪري ھمو پکي پنھنجي جلدي توانائي وڃائي ويھي ٿو، جيڪڏھن ٻن ڪلاڪن ۾ ھن کي گلن جو رس نہ ملي تہ بک جي ڪري ھي مري سگهي ٿو.
ھي پکي رس پئڻ جو شوقين رھي ٿو، ان ڪري ھن کي کنڊ خورو سڏيو وڃي ٿو. ھي پکي کنڊ اتر آمريڪا ۔ رياست ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا ۾ پاتو وڃي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment