Wednesday 3 June 2020

منقا Munakka 💎اصغر ساگر💎

منقا يا وڏي سڪل ڪشمش کي ڪشمش جي خاندان ۾ تصور ڪيو وڃي ٿو. منقا ۽ ڪشمش ھڪ ٻئي کان مختلف آھن. ڪشمش ماپ ۾ ننڍي ۽ پيلي رنگ جي ٿئي ٿي جڏھن تہ منقا ماپ ۾ وڏي ٿئي ٿي ۽ ھن ۾ ٻج موجود ٿئي ٿو. تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ منقا ڪينسر جي جراثيمن کي ختم ڪري ٿي.

ھاضمو ڪندڙ:
منقا تاندورن جو بھترين ذريعو آھي، ان ڪري ھاضمي جو بھترين ذريعو آھي. رات جو 3 عدد منقا ڪوپ پاڻي ۾ پسائي رکجن ۽ صبح جو ناشتي کان پھرين منقا کائي پاڻي پي ڇڏجي.
قبضي ٽٽندي ۽ ھاضمو بھتر ٿيندو.

قوت مدافعت وڌائيندڙ:
منقا وٽامن سي ۽ وٽامن سي وافر مقدار ۾ ھئڻ ڪري قوت مدافعت وڌائڻ لاء مفيد آھي. ھي جسم جي سڀن ڇوتن Infections کان بچائي ٿي ۽ رت صاف ڪري ٿي جنھن ڪري بيماريون پري رھن ٿيون.

نظر وڌائيندڙ:
منقا نظر وڌائڻ لاء فائديمند آھي. منقا ۾ موجود وٽامن سي نظر کي تيز ڪري ٿي. رات جو سمهڻ مھل 3 منقا 3 باداميون کائڻ سان نظر تيز ٿيندي.

رت جو چاڙھ دور ڪندڙ:
منقا رت جي چاڙھ کي ھٽائڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿي۔ 3 منقا ۽ ھڪ وڏو ڦوٽو کائڻ سان رت جو چاڙھ لھي وڃي ٿو. منقا چرٻي گهٽائيندڙ آھي ان ڪري کائڻ سان رت جي چاڙھ جي شڪايت نٿي رھي.

ھڏين جي ڪمزوري دور ڪندڙ:
منقا ۾ بورون ۽ ڪئلشم جي مقدار جهجهي ٿئي ٿي ان ڪري ھن کي روز پاڻي ۾ پسائي کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ سان ھڏيون مضبوط ٿين ٿيون ۽ بورون ۽ ڪئلشم کي جلدي جذب ڪن ٿيون.

رت جي کوٽ پوري ڪندڙ:
منقا فولاد سان ڀرپور ٿئي ٿي، ھي رت کي صاف ڪري ٿي ۽ رتول پٿ وڌائي ٿي. ھي جسم ۾ رت جي مدت وڌائي ٿي جنھن ڪري رت جي کوٽ نٿي رھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment