Tuesday 9 June 2020

قوت مدافعت Immunity 💎اصغر ساگر💎

ڪنھن بہ بيماري کان بچڻ لاء انساني جسم ۾ ھڪ خودڪار نظام ڪم ڪري ٿو جيڪو بيمارين جي سبب بنجندڙ جراثيمن جي حملي کي اڳواٽ روڪي ٿو، انساني جسم ۾ مزاحمت جي ھن نظام کي قوت مدافعت سڏبو آھي.
انسان کي قدرت طرفان اجسن Antibodies جو ڪجھ حصو ورثي ۾ ملي ٿو جنھن جي مدد سان جسم قوت مدافعت جوڙي ٿو جنھن سان گڏ جسم ۾ اجسن جو اضافو ٿيندو رھي عو جنھن جي ڪري ننڍپڻ کان پوڙھائپ تائين ماڻهو بيمارين کان محفوظ رھي ٿو ۽ گهٽ بيمار ٿئي ٿو.
قوت مدافعت جا ٻہ قسم ٿين ٿا.
(1) قدرتي قوت مدافعت         Natural Immunity
(2) مصنوعي قوت مدافعت     Artificial Immunity

(1) قدرتي قوت مدافعت   Natural Immunity
قدرتي قوت مدافعت انساني جسم ۾ غيرارادي طور تي ازخود پاتي وڃي ٿي. قوت مدافعت ڪجھ ماڻهن ۾ گهٽ ۽ ڪجھ ماڻهن ۾ وڌيڪ پاتي وڃي ٿي. جن ماڻهن ۾ گهٽ قوت مدافعت ٿئي ٿي انهن تي وائرس يا جراثيمي بيمارين جو وڌيڪ حملو ٿئي ٿو جنھن جي ڪري اھي ڇوتي بيمارين جي ور چڙھي وڃن ٿا. جن ماڻهن ۾ قدرتي قوت مدافعت وڌيڪ ٿئي ٿي انهن تي بيمارين جو اثر گهٽ ٿئي ٿو.

(2) مصنوعي قوت مدافعت   Artificial Immunity
ھي اھا قوت مدافعت آھي جيڪا ويڪسين Vaccine ۔ سيرا Sera يا دوائن Medicines سان ھٿراڌو طور تي پيدا ڪئي وڃي ٿي. جنھن بيماري جي روڪٿام لاء ويڪسين يا سيرا Sera جو استعمال ڪيو وڃي تہ انسان ڪجھ عرصو بيمارين کان محفوظ رھي ٿو پر ويڪسين يا سيرا پنھنجي خاصيتن تي دارومدار رکن ٿا. ھن طريقي سان انساني جسم ۾ ويڪسين داخل ٿيڻ شرط اجسا Antibodies  بنجڻ شروع ٿي وڃن ٿا جنھن کي سرگرم قوت مدافعت Active Immunization سڏجي ٿو. ھن طريقي ۾ اجسن سان بيماري جي سبب ڪري پيدا ٿيندڙ جراثيمن کي ڪمزور يا ختم ڪري جسم جي اندر انهن جي افزائش روڪي وڃي ٿي ۽ جسم ازخود قوت مدافعت پيدا ڪرڻ لڳي ٿو.
جڏھن بيڪيٽيريا يا وائرس جسم ۾ داخل ٿين ٿا تہ جسم جا اڇا گهرڙا انهن خلاف اجسا Antibodies بنائن ٿا ڇوجو اڇا گهرڙا جيوڙن Bacterias ۔ وائرن Viruses يا زھرن Toxins جي خلاف اثر رکن ٿا يعني اھي وائرن ۽ جيوڙن کي ماري سگهن ٿا يا انهن کي غيرموثر بنائن ٿا. اھڙي طرح ٻاھرين جيوڙن يا وائرن ۾ اڄڻا Antigens ٿين ٿا جيڪي پنھنجي ڇوت سان جسم ۾ اجسن Antibodies کي ختم ڪن ٿا. جسم کي اجسا Antibodies بنائڻ لاء ھڪ ھفتي کين ٽن ھفتن جي ضرورت پوي ٿي.
اڄڻن Antigens جي روڪٿام ۽ بچاء لاء ويڪسين لڳائي ان جا ٽڪا لڳايا وڃن ٿا يا رتاب Plasma لڳايو وڃي ٿو. ويڪسين جي ٽڪن لڳڻ يا رتاب لڳڻ کان پوء جسم ۾ اجسا Antibodies ٺھي وڃن ٿا جيڪي اڄڻن Antigens جي افزائش کي روڪي جسم ۾ قوت مدافعت پيدا ڪن ٿا.
اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ جيڪي بہ روڳا Pethogens وجود ۾ اچن ٿا اھي اڄڻا Antigens پيدا ڪن ٿا نتيجي طور وبا وجود ۾ اچي ٿي. روڳن ۾ وائرا ۽ جيوڙا اچي وڃن ٿا. اجسا Antibdies اھي قوت آھي جيڪي اڄڻن Antigens کي ختم ڪري رت جي گهرڙي کي روڳ کان بچائين ٿا.
اڄڻي Antigen کي وائرس يا جيوڙو Bacteria پيدا ڪري ٿو ۽ اجسو Antibody رت ۾ موجود ٿئي ٿو جيڪو مزاحمت ڪري اڄڻي کي ختم ڪري جسم کي روڳ کان بچائيندو آھي.

قوت مدافعت وڌائڻ لاء اپاء:
قوت مدافعت وڌائڻ لا۽ ھنن شين جو خاص خيال رکجي.
سگريٽ نوشي ۽ نشي وارين شين کان پرھيز ڪجي.
روزانو ورزش ڪجي.
وٽامن سي واريون شيون کائجن.
وزن وڌڻ نہ ڏجي.
صفائي جو خاص خيال رکجي.
ھر ڪم کان پوء ھٿ ڌوئجن.
روزانو 6 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪجي.
لوڻ گهٽ کان گهٽ استعمال ڪجي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment