Sunday 14 June 2020

مَٽونِرَنگ Heterochromia 💎اصغر ساگر💎

مَٽونِرَنگ رنگيت جو تغير Color variation آھي. ھي اصطلاح تاري Iris جي رنگن جي تفاوت کي واضح ڪرڻ لاء اڪثر استعمال ٿئي ٿو پر انهي کي چمڙي يا وارن جي رنگ جي تغير تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. مَٽونِرَنگ کي اپت ۔ پھچ ۽ ميلان Melanin جي گهاٽائي سان بيان ڪري سگهجي  ٿو. مٽونرنگ اھڙي حالت آھي جنھن ۾ ٻنهي اکين جو رنگ مختلف ٿئي ٿو. دراصل رنگ اک ۾ موجود تاري Iris جي ڪري مختلف ٿئي ٿو. تاري Iris جو ڪم ماڻڪي Pupil کي ننڍو وڏو ڪرڻ ٿئي ٿو. ھي حالت تمام گهٽ ملي ٿي. مٽونرنگ جا 3 نمونا ٿين ٿا.

(1) پُور مَٽونِرَنگ ۔ پُور مَٽونِرجوت
Complete heterochromia
پُور مَٽونِرَنگ جنھن کي مَٽونِرتارو Heterochromia iridum پڻ سڏجي ٿو، اھو تڏھن رونما ٿئي ٿو جڏھن ٻہ تارا مختلف رنگن جا ھجن.

(2) ڦاڪي مَٽونِرَنگ ۔ ڦاڪي مَٽونِرجوت
Segmental heterochromia
ڦاڪي مَٽونِرَنگ جنھن کي مَٽونِرٻِتارو Heterochromia iridis پڻ سڏجي ٿو، اھو تڏھن رونما ٿئي ٿو جڏھن ھڪ تاري ۾ مختلف رنگن جا ور ونگ ظاھر ٿين ٿا.

(3) مُک مَٽونِرَنگ ۔ مُک مَٽونِرجوت
Central heterochromia 
مُک مَٽونِرَنگ ٻين نمونن کان گهڻو عام طور رتي مختلف ٿئي ٿو پر ويجهي کان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اھو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن تارا ملن ٿا پر انهن کي ماڻڪي جي چوڌاري مختلف رنگن جي منڊي ھوندي آھي. مثال طور ڪنھن نيرين اکين واري کي ماڻڪين جي چوڌاري فندقي يا ڀوري ھڪ سنهي گهير ٿئي ٿي. ھڪ مک مٽونِرجوت ۾ موجود تاري جا 2 رنگ ٿين ٿا.
مٽونِرَنگ جو سبب اکين ۾ ميلاني رنگ Melanin pigment جي مقدار يا ڪنھن زخم يا اک جي عارضي جي ڪري ٿئي ٿو جنھن جي ڪري اسان جي چمڙي جو رنگ بگو ٿي وڃي ٿو. بگي رنگ ۾ ميلان Melanin گهٽ ٿئي ٿو جڏھن تہ ڪارن ماڻهن ۾ ميلان Melanin جي مقدار وڌيڪ ٿئي ٿو. اھڙي طرح ھلڪي رنگ وارين اکين ۾ ميلان گهٽ ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن کي مَٽونِرَنگ آھي، ان جي اکين ۾ ميلان جو مقدار مختلف ٿئي ٿو. ھن حالت ۾ انسان کي ڪو نقصان نٿو ٿئي. ھي توھان کي يا وَرثي inheritance جي ڪري ٿئي ٿو يا اک جي عارضي سبب جي ڪري ٿي سگهي ٿو جيئن اکين ۾ زخم ٿيڻ يا اکين ۾ رت اچڻ وغيرھ. ھن حالت ۾ اکين جي نظر تي ڪو فرق نٿو پوي ۽ نڪا بيماري ٿئي ٿي. اھڙا ڪي ڪيس ناھن آيا تہ ھي ورثي سان تعلق رکي ٿو. ھي جانورن ۾ پاتي وڃي ٿو جيئن ٻليون وغيرھ.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment