Friday, 30 November 2018

ھيرو هيرو ٿيندو آهي دريا خان شنباڻي

MyDairyAsgharSagar

هيء ڀارتي اداڪار اميتاڀ بچن جي نياڻي آھي ۽ پويان ويٺل اميتاڀ بچن آھي جنھن اتر پرديش جي 1396 هارين جو بينڪ قرضو جيڪو چار ڪروڙ پنج لک روپيہ هيو سو چُڪائي هارين کي قرض کان آجو ڪرائي ورتو آھي ۽ سندس ڌيء انهن هارين جو ڪنڌ مٿي ڪرڻ لاء پاڻ مٿاهين تي بيھي جهڪي هٿ جوڙي سندن عزت کي اڀار ڏيئي رهي آھي. هي آھن دنيا جا اصل هيرو جيڪي پنھنجي ڪم, آرٽ, فن, وغيره ۾ تہ هيرو هوندا ئي آھن پر انساني خدمت ۾ بہ هيرو ٿيندا آھن پر اسان وٽ خير سان هڪ سياسي نمائندو يا اين جي اوز جا واڳون هڪ هزار روپيہ خيرات ڏيندي پاڻ ڪنڌ مٿي ڪندا آھن ۽ وٺندڙ جو ڪنڌ هيٺ هوندو آھي ۽ فوٽو ڪڍرائي وڏي خدمت ڪرڻ جي دعوي' ڪندا آھن ۽ آخر ۾ ڪروڙين روپيا بينڪ بيلنس, مال ملڪيت, زمينون ۽ ڪاروبار ڇڏي ڪنا ٿي قبر حوالي ٿيندا آھن ۽ پٺيان انهن جا بگڙيل ٻار شراب خوري, زناخوري ۽ دنيا جون سڀ حرامپايون ڪري پنهنجي والدين طرفان حرام مان ٺاهيل ملڪيت کي اُڏائيندا آھن.
ان ڪري هيرو هيرو ٿيندو آھي ۽ زيرو زيرو ئي رهجي ويندو آھي.

زيتون Guava

MyDairyAsgharSagar
 ”زيتون         Guava“
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
زيتون جو موسم آھي سياري جي موسم ۾ ھر شھر توڙي ڳوٺ ۾ زيتون کي شوق سان کاڌو وڃي ٿو. زيتون بھترين ذائقو رکي ٿو گڏوگڏ ھن ۾ صحت جا ڪافي جز موجود آھن جيڪي صحت کي بھتر بنائين ٿا.ھن جو نباتاتي نالو Psiduin guava آھي ۽ ھي Myrtaceas خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن جو Generic نالو Psiduim يوناني لفظ تان ورتل آھي جنھن جو مطلب آھي ڏاڙھون ڇوجو خواص جي لحاظ کان زيتون ڏاڙھون جيتري اھميت رکي ٿو. زيتون ايشيا ۔ آفريڪا ۔ مصر ۽ ميڪسيڪو ۾ پاتو وڃي ٿو. زيتون مفرد نظريي تحت اعصابي غدي آھي. 
عام طور خيال آھي تہ وٽامن سي جي حصول لاء مالٽا بھترين ميوو آھي پر پر مالٽا جي مقابلي ۾ زيتون ۾ وڌيڪ وٽامن سي آھي. ھڪ مالٽا ۾ 69 ملي گرام وٽامن سي ٿئي ٿي جڏھن تہ ھڪ زيتون ۾ 165 ملي گرام وٽامن سي پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ بيٽاگجرو Beta carotene  ۔ لائڪوپين  ۔ وٽامن ۔ نمڪيات ۔ غذائي ريشو-Pectin۔ فليونائيڊ ۔ گجرا ۔ فيٽي ايسڊ ۔ نوٽلز ۔ ٽونن ۽ فراري تيل Lectins triterpences saponins پاتا وڃن ٿا. زيتون دافع جسم ۔ دافع اميبيا ۔ دافع دست ۔ دافع حيات ۔ دافع تشنج ۽ سڪون ڏيندڙ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون. زيتون حيض گهڻو اچڻ ۔ رت جو داٻ ۔ رطوبتن جي ڪمي ۔ ڦڦڙن ۾ سوڙھ ۔ جيري وارو دم ۔ خشڪ کنگھ ۔ تيزابيت ۔ ٿولھ  ۔ چرٻاڻ (ايل ڊي ايل) Cholesterol LDL ۾ فائدو ڏئي ٿو.

تڪسيد روڪ Antioxident :-
حيدرآباد ۾ قائم نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميڊيسن حال ۾ 14 ميون تي تحقيق ڪري نتيجو ڪڍيو تہ زيتون ۾ تڪسيد روڪ خوبيون ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھن ان کان سوا ھن ۾ غذا بخش جزا گهرڙن کي تباھ ٿيڻ کان روڪن ٿا ۔ پوڙھائپ کي جلدي اچڻ نٿا ڏين ۽ ڪينسر جي گهرڙن جي روڪ ڪن ٿا. زيتون آزاد تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ايندڙ بيمارين کي روڪن ٿا جيڪي خرابين جو سبب بنجن ٿا. جائزي ۾ زيتون کي غريبن جو ميوو سڏيو ويو. ڏاڙھون ۔ ڪيلي ۔ شريفي ۔ انب ۔ صوف ۔ آلوچي ۽ انگور جي مقابلي ۾ زيتون کي وڌيڪ تڪسيد روڪ پاتو ويو. 100 گرام زيتون ۾ 500 ملي گرام تڪسيد روڪ ٿين ٿا جڏھن ايتري مقدار آلوچي ۾ 330 ملي گرام ۔ صوف ۽ ڏاڙھون ۾ 135 ملي گرام ۽ ڪيلي ۾ 30 ملي گرام تڪسيد روڪ پاتا وڃن ٿا. 

وٽامن سي سان سرشار Abundant in Vitamin C :-
زيتون کي گرم ملڪن جو صوف چيو وڃي ٿو ھن ۾ خاص ڪري پروٽامن سي جي مقدار ٻين ميون کان وڌيڪ پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ وٽامن سي جي مقدار صرف 212 ملي گرام ٿئي ٿي جڏھن تہ 100 گرام نارنگي ۽ ڪينو ۾ وٽامن سي جي مقدار 40 ملي گرام ٿئي ٿي. جيڪڏھن روز 90 گرام زيتون کاڌو وڃي  تہ وٽامن سي جي ڏينھوڪي مقدار پوري ڪري سگهجي ٿي. وٽامن سي پٺن ۾ پاتي ويندڙ اھم پروٽين ڪولاڄن زيتون ۾ موجود ٿئي ٿي جيڪا ھاضمي جي نظام کي طاقتور بنائي ٿي ۽ ڪينسر ۽ دل جي مرضن کان بچائي ٿي.

ڪينسر جو خطرو گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود وٽامن سي ۔ لائڪوپين ۽ ٻيا جزا دافع تڪسيد طور ڪم ڪن ٿا جيڪي جسم ۾ نقصاندھ گهرڙن جي سطح گهٽ ڪن ٿا ۽ ڪينسر جي گهرڙن کي روڪن ٿا.

شڳر ۾ مفيد :-
تاندور ھجڻ ڪري زيتون شڳر کي وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي شڳر کي باقائدي ڪري ٿو.

ﺩﻝ کي صحتمند رکندڙ :-
زيتون جي کائڻ سان جسم ۾ نمڪ يا سوڊيم ۽ پوٽيشم جي توازن ۾ بھتري اچي ٿي جنھن جي ڪري بي پي ضابطي ۾ رھي ٿو. ھي ميوو نقصاندھ چرٻاڻ کي گهٽ ڪري ٿو جيڪو دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿو.

ﻗﺒﺾ ڪشا :-
زيتون ۾ تاندور گهڻا ٿين ٿا ان ڪري زيتون تاندور جو 12 حصو جسم کي فراھم ڪري ٿو جيڪو ھاضمي جي نظام کي بھترين بنائي ٿو ۽ قبضي کي ٽوڙي ٿو.

نظر وڌائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي پاتو وڃي ٿو جيڪو اکين لاء مفيد آھي. ھي ميوو عمر گذرڻ سان گڏ نظر کي ساڳي حالت ۾ رکي ٿو پر ان کي بھتر بہ رکي ٿو. ھي موتيي پاڻي جي مرض جي رفتار کي سست ڪري ٿو.

ڳورھاري عورتن لاء بھتر :-
زيتون ۾ فولڪ ايسڊ ٿئي ٿو جيڪو ڳورھاري عورتن لاء فائديمند آھي ۔ پيٽ ۾ ٻار جي حفاظت ڪري ٿو ۔ پيٽ ۾ ٻار کي ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ ڪمزوري ٿيڻ نٿو ڏئي.

ڏندن جو درد ختم ڪندڙ :-
زيتون ۾ جراثيم روڪ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون جيڪي ڇوت کي ختم ڪن ٿيون ۽ جراثيمن کي مارين ٿيون. ھن جي کائڻ سان ڏندن جو سور ختم ٿي وڃي ٿو.

ڇڪتاڻ گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود ميڳنيشم مشڪن ۽ اعصابن کي پرسڪون ڪري ٿو. ڏينھن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ٿڪ ٿئي ٿو ۔ مشڪون ڳريون ٿي وڃن ٿيون ۽ ذھني دٻاء وڌي ٿو. صرف زيتون کائڻ سان انهن مسئلن کان نجات ملي وڃي ٿي.

ﺩﻣﺎغي ميوو :-
ھن وٽامن ۾ وٽامن بي ٿري ۽ وٽامن بي سڪس موجود ٿئي ٿي جيڪي دماغ جي طرف رت جي فراھمي کي بھتر بنائين ٿيون ۽ ذھني فعلن کي تحريڪ ڏيڻ سان گڏ اعصابن کي بہ سڪون پھچائين ٿا. 

ٿولھ کان تحفظ ڏيندڙ :-
جيڪڏھن توھان جسماني وزن ۾ کوٽ آڻڻ چاھيو ٿا تہ زيتون کائڻ شروع ڪيو ڇوجو ھي تاندور سان ڀرپور ٿئي ٿو ۽ گهرڙاتي تبديلي کي بھتر بنائي ٿو ۽ ھن جي کائجڻ سان پيٽ ڀريل رھڻ جو احساس رھي ٿو.

زڪام :-
زڪام ۾ زيتون ھاڪاري اثر رکي ٿو. جڏھن مريض جو بلغم پچي نٿو نڪري ۔ ڳلي ۾ کچ کچ رھي ٿي ۽ ڳلي ۾ ريڳاڙ ڳڙندو رھي ٿو، انهي صورت ۾ زيتون جو کائڻ فائدي بخش آھي.

ٻيرڙا :-
جڏھن ڳلي ۾ سوڄ اچي ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف اچي تہ اھڙي صورت ۾ زيتون کي ڪر ۾ پچائي صاف ڪري نيم گرم کائجي ائين ڳلي جي سوڄ گهٽجي ويندي ۽ بلغم پچي نڪرندو. اھڙي ترڪيب سان ٻارن کي استعمال ڪرايو وڃي ٻارن جي ڳلي جي مسئلي حل ٿيڻ سان گڏ خشڪ کنگھ بہ ختم ٿي ويندي.

گهنجن کان بچائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن سي ۽ تڪسيد روڪ جيئن گجرا Carotene ۽ لائڪوپين اچي وڃن ٿا جيڪي گهنجن گهنجن کان بچائين ٿا. زيتون جي کائڻ سان ھروڀرو جسم تي گهنج نٿا اچن.

پیشاب جي تڪليف دور ڪندڙ :-
جڏھن گرمي ۽ خشڪي جي ڪري پيشاب جون ناليون تنگ ۔ سوڄدار يا خشڪ ٿي وڃن اھڙي حالت ۾ زيتون کائڻ لاڀائتو آھي پيشاب جهالارو ايندو ۽ پيشاب رڪجي اچڻ بند ٿي ويندو.

بواسير ۾ مفيد :-
بواسير خوني ھجي يا بادي زيتون فائدو ڏئي ٿو ڇوجو زيتون کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي نتيجي طور بواسير کي فائدو پوي ٿو.

ڳلي جي ڪينسر کي روڪيندڙ :-
جڏھن جسم ۾ سودا وڌي ٿي تہ رت بگڙجڻ لڳي ٿو ۽ ڪھڙو بہ ڪينسر پيدا ٿي سگهي ٿو. زيتون کائيندو رھڻ سودا جو اثر گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ ڳلي جي ڪينسر جا امڪان نٿا رھن.

دست بند ڪندڙ :-
زيتون ۾ Quercetin موجود ھئڻ ڪري ھن جي پنن مان دستن جي دوا تيار ڪئي وئي آھي. ھنن جي پنن کي ڇانو ۾ خشڪ ڪري ڪٽي پائوڊر ڪري رکيو وڃي. ھي پائوڊر دستن لاء مفيد آھي.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/

Thursday, 29 November 2018

Why do nipples form on the chest? ڇاتي تي ٻنڊڻيون ڇو ٿيون ٺھن؟

MyDairyAsgharSagar


By Asghar Sagar   اصغر ساگر

اسان ۾ اڪثر ماڻهو سوچن ٿا مردن کي ٻنڊڻيون ڇو ٿيون ٿين ۽ انهن جي ضرورت ڇوٿي پوي. اچو تہ ٿورو جائزو وٺون.

ڊي اين اي (جينوم) :- ھر جاندار جي گهرڙي ۾ زنجيري نما پراڻو ٿئي ٿو تخليق جو پورو عمل ان ۾ لڪل ٿئي ٿو ائين تہ ڊي اين اي ۾ پوري ڪائنات لڪل ٿئي ٿي.

 موروثا(Chromosomes) :-
موروثا تخليق ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان جي مرڪز (نيوڪليس) ۾ 46 موروثا ٿين ٿا ۽ ھڪ مرداڻي نطفي ۾ 23 موروثا ٿين ٿا جڏھن تہ ھڪ زناني بيضي ۾ 23 موروثا ٿين ٿا ۽ تخليق جي عمل ۾ موروثن جا ئي ھي 23 جوڙا حصو وجهن ٿا ھر جوڙو مختلف خصوصيتن تي حامل ٿئي ٿو.

خصوصيتون :- ٻار جا روپ رنگ ۔ طبيعت ۔ رنگ ۔ ھٿن پيرن جي بناوٽ ۔ قد ۔ نيڻن جا نقش ۔ ذھانت ۔ اکين ۽ وارن جا رنگ ۽ ھر خصوصيت جو تعين موروثن جا اھي 23 جوڙا ڪن ٿا ۽ انهن 23 جوڙن مان ھڪ جوڙو جنس جو تعين ڪري ٿو. جنس جو تعين ڪرڻ وارن موروثن جي شڪل ايڪس ۽ واء سان مشابھت رکي ٿي ان ڪري ئي انهن کي ايڪس ۽ واء موروثا چيو وڃي ٿو.
   X+X   =   Female Baby 
   X+Y   =   Male     Baby
ماء جي طرف جنس جو تعين ڪرڻ وارا موروثا ھميشہ ايڪس ايڪس ٿين ٿا ان ڪري ماء ڊي اين جو جيڪو بہ اڌ حصو منتقل ڪري ٿي ٻنهي صورتن ۾ ايڪس موروثو ئي منتقل ٿئي ٿو جڏھن تہ پي جي طرف کان جنس جو تعين ڪرڻ وارن ٻن موروثن ۾ ھڪ ھميشہ ايڪس ۽ ٻيو واء ٿيندو. ان ڪري پي جي طرف کان اولاد کي ڪڏھن ايڪس منتقل ٿئي ٿو ڪڏھن واء. آسان لفظن ۾ ھي سرشتو ٽاس وانگر ڪم ڪري ٿو ڪڏھن اکر ڪڏھن ڀور. مردن جي سيني تي نظر ايندڙ ھي ٻنڊيون اھڙي پيچيدھ عمل تي چغلي ھڻن ٿيون.
مرد جي پيدائش جي عمل جي شروعات ۾ ھميشہ ايڪس موروثو نشونما پائي ٿو ۽ پھرين 5 کان 6 ھفتا ھر ٻار عورت وانگر ئي ٺھي ٿو ۽ 25 کان 40 ڏينھن کان پوء وائي موروثو سرگرم ٿئي ٿو ۽ زنانن عضون جي تخليق رڪجي وڃي ٿي ۽ مرداڻن عضون جي تخليق شروع ٿي وڃي ٿي.
ثابت ٿئي ٿو تہ پيدا ٿيندڙ ٻار جي جنس جو مدار سو فيصد مرد تي ٿئي ٿو پر علم کان اوھانجا ماڻھو معاشري ۾ عورت کي طعنا ڏين ٿا جڏھن ھتي ھڪ عورت مسلسل ڇوڪريون پيدا ڪري ٿي تہ مرد ٻي عورت تلاش ڪري ٿو جڏھن تہ سائنسي اصولن مطابق عورت کي ٻئي مرد سان شادي ڪرڻ کپي.
خصيرو ٻچيداني ۾ ننڍڙيون ٻنڊيون ٺاھي ٿو. ٻچيداني ۾ خصيري جي موجودگي انهن کيري حدن ۽ ببي جي خامرن کي سڪيڙڻ لاء ٻچٽ جي جسم کي اڪسائي ٿو. واء موروثا مرد جي گهرڙن ۾ جينياتي سرگرمي کي تبديل ڪرڻ لڳن ٿا خاص طور تي ان جي شرمگاھ ۽ دماغ ۾.
ڳڀڪاري دوران ائين کڻي چئجي (زرخيزي کان پوء ڳڀ جي اوسر) مرد ۽ عورت ٻئي ساڳي جينياتي بنياد کان شروع ٿين ٿا. اھو صرف پھرين 8 ھفتن جي آخري حصي ۾ شروع ٿئي ٿو تہ جنسي جين جن کي ايڪس ۽ واء موروثو چيو وڃي ٿو اھي بيان ڪن ٿا تہ ٻار کي نر يا ماد ھجڻ کپي.
بنيادي طور تي نر ۽ ماد سڀ ساڳي جينياتي بليوپرنٽ مان ٺھن ٿا ان کان پوء اھي مختلف ھلڪن رخن ۾ اوسر ڪن ٿا.
بنيادي طور تي نر ۽ ماد سڀ ساڳي جينياتي بليوپرنٽ مان ٺھن ٿا. ان کان پوء اھي مختلف ھلڪن رخن ۾ اوسر ڪن ٿا.
رڪيترن ھفتن دوران نر ۽ ماد ايمبريو ساڳي نيرڇاپ تي ھلن ٿا جنھن ۾ ٻنڊين جي اوسر ھوندي آھي. پوء بہ لڳ ڀڳ ڳڀجڻ جي 6 يا 7 ھفتن ۾ واء موروثي جو جين تبديلي آڻي ٿو جيڪو خصين جي ترقي ڏي وٺي وڃي ٿو اھو عضوو جيڪو مني ٺاھي ٿو ۽ ڪٺي ڪري ٿو ۽ خصيرو پيدا ڪري ٿو.
خصين جي ٺھڻ کان پوء، ڳڀجڻ جي 9 ھفتي ۾ نر ٻچٽ خصيرو ٺاھڻ شروع ڪن ٿا ۽ شرمگاھ ۽ دماغ ۾ جينياتي سرگرمي کي تبديل ڪن ٿا پر ان کان پوء ٻنڊيون ٻئي ڪنھن ھنڌ نہ ٿيون ٿين.
انساني اوسر ٻڌائي ٿي تہ انسان کي ٻنڊيون ڇو ٿين ٿيون. پر ماڻھو باقياتي جوڙجڪ ڇوٿو رکي؟ باقياتي جسم جو حصو اھڙو انقلابي مقصد نٿو رکي.
شروعات وارن لاء ٻنڊيون ھجڻ نرن لاء مقرر ناھي. ٻنڊين
ھجڻ لاء ڪابہ گهرڙاتي تبديلي واري قيمت ناھي ھوندي.
Testosterone In The Womb Makes Nipples Smaller. The presence of testosterone in the womb spurs the fetus's body to shrink those milk lines and breast tissue. The Y chromosome begins to change the genetic activity in a male's cells, particularly in his genitals and brain.
During embryogenesis (the development of an embryo after fertilization), females and males will both start from the same genetic base, so to speak. It is only in the latter part of the first eight weeks that the sex genes—called the X and Y chromosome—will dictate whether the baby will be female or male.
Basically, males and females are all built from the same genetic blueprint. Then, they develop in slightly different directions.
During the first several weeks, male and female embryos follow the same blueprint, which includes the development of nipples. However, at about six to seven weeks of gestation, a gene on the Y chromosome induces changes that lead to the development of the testes, the organ that makes and stores sperm and produces testosterone.
After the testes are formed, the male fetus begins producing testosterone at about nine weeks of gestation, changing the genetic activity of cells in the genitals and brain. But by then, those nipples aren't going anywhere.
Human development explains why males have nipples. But why do men keep this vestigial structure? (A vestigial body part does not serve an evolutionary purpose.)
For starters, having nipples isn't deterimental for males. "There's no real metabolic cost to having nipples.
For starters, having nipples isn't deterimental for males. "There's no real metabolic cost to having nipples.
Womb                ٻچيداني
Testosterone      خصيرا
Fetus                    ٻچ ۔ ٻچٽ ۔ ڄڻ
Fetus's body
ٻچ جسم ۔ ٻچٽ جسم ۔ ڄڻ جسم
To spur     اڪسائڻ ۔ اڀارڻ
To shrink   سڪڙڻ
Milk lines   کيري حدون
Breast tissue   ببي تاندور
Genetic activity  جينياتي سرگرمي
Genitals    شرم گاھ ۔ فرج ۔ استري
Embryogenesis
ڳڀڪاري ۔ ڳڀ سازي
Embryo             ڳڀ
Genetic base     جينياتي بنياد
So to speak        ائين کڻي چئجي
Sex genes           موھي جين
Genetic blueprint    جينياتي نيرڇاپ
Gestation                ڳڀجڻ
Male fetus    نر ٻچ ۔ نر ٻچٽ ۔ نر ڄڻ
Genetic activity      جينياتي سرگرمي
Vestigial structure    باقياتي جوڙجڪ
Deterimental            مقرر
Nipple                  ٻنڊ
DNA                     جينوم
Chromosome    موروثو
Neucleus             مرڪز
Testes                   خصيا



ھلندڙ

Wednesday, 28 November 2018

Thalassaemia ٿيلسيميا

MyDairyAsgharSagar

هن بيماريءَ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي ڏسجي ٿي .قديم زماني ۾ يونان۾ هي بيماري عام رهي آهي .يوناني طب جي ڪتابن ۾ هن بيماريءَ جو گهڻو حوالو ملي ٿو .بنيادي طرح ٿيلسيميا( Thalassaemia)اکر يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي .جيڪو لفظ موجوده وقت ۾ ميڊيڪل سائنس ۾ بہ مروج ٿي ويو آهي. هن يوناني اکر جو ڇيد ڪبو تہ ٿيندو ٿلاس لفظ جي معنيٰ آهي سمنڊ ۽ اينيميا معنيٰ رت جي وروڌي حالت( Adverse condition of the blood )جنھن جو مطلب ٿيندو ” رت جي تمام گهڻي بگڙيل حالت “.اڄ بہ هي بيماري يونان ۽ ڀر پاسي وارن ملڪن ۾ عام آهي.
قديم زماني کانپوءِ هيءَ بيماري گهڻي ڀاڱي مصر( Egypt )۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي .ڇو تہ مصر جي ممين( Mummies )(مصالحي ۾ محفوظ ٿيل لاشن ) جي ڊي .اين .اي ( DNA ) ٽيسٽن جي جينياتي نقص( Genetic Defect )۾ بہ هيءَ بيماري گهڻي ڀاڱي ملي ٿي .
.اڄ جي ميڊيڪل سائنس جي ماهرن جو اُهو خيال آهي تہ قديم زماني ۾ مصر جي ننڍڙن ٻارن جو وقت کان اڳ ۾ موت هن بيماري جي ڪري ٿيندو هو. اڄ بہ مصر جي مٿين علائقن ۾ هيءَ بيماري گهڻي ڀاڱي موجود آهي.
هينئر بہ رت جي هيء مھلڪ بيماري دنيا جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي. هن بيماريءَ جو گهڻو زور ميڊيٽرين سمنڊ ( Mediterenian Sea ) (يعني ڀونوچ/ ڳاڙهي سمنڊ ) سميت روم جي سامونڊي ڪنارن تي وسندڙ ملڪن ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ آهي .دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻي هيءَ بيماري سِسِليءَ ۾ ٿئي ٿي تنھن کان سواءِ ساردينا، ڪروشيا، قبرص ۽ مالديپ وارن علائقن ۾ پڻ هِن بيماريءَ جو گهڻو زور آهي .اُتر آفريقا ،مڊل ايسٽ ۽ ايشيا وارا علائقا( ملڪ )،جن ۾ خاص ڪري بنگلاديش، سيلون، هندستان ۽ پاڪستان اچي وڃن ٿا، هن بيماريءَ جي اثر کان خالي ڪونهن. پاڪستان ۾ هيءَ بيماري هڪ سروي مطابق ملڪ جي سڄي آدمشماريءَ ۾ 6 کان 8 سيڪڙو آهي.

بيماريءَ ٿيڻ جا سبب( Etiology):
 ٿيليسميا جي بيماريءَ جي باري ۾ ميڊيڪل سائنس اڃا تائين ڪامل سبب ڳولي ڪين سگهي آهي تہ هيءَ رت جي مھلڪ بيماري ٻارن کي ڪيئن ٿئي ٿي. ميڊيڪل سائنس جي مختلف ماهرن پنهنجا جدا جدا رايا ڏنا آهن تہ هيءَ بيماري هيٺين سببن جي ڪري ٿئي ٿي.
(1 )موروثي بيماري ( Hereditary Disease):
هيءَ بيماري ٻارن کي تڏهن ٿيندي آهي ،جڏهن ٻارَ جي مائٽن جي رت جي ڳاڙهن جزن جي ڪيميائي مرڪب Hemoglobin Synthesis ۾ خلل جي ڪري رت جي لحمياتي سڻڀي مرڪب Polypeptic ۾ ٿورو يا مڪمل نقص هجي جنھن جي نتيجي ۾ ٻارَ جي رت جي ڳاڙهن جزن ( RBC ) Erythrocytes جي بنيادي ذرڙن ( Molecules ) جي نظام ۾ تباهي ٿئي ،جيڪا تباهي ٿيليسميا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي .ياد رهي تہ رت جي هڪ ڳاڙهي جزي ۾ اٽڪل 280 ملين بنيادي ذرڙا ٿين ٿا.

(2)جينياتي خلل ( Genetic Defect):
هيءَ بيماري ٻارکي تڏهن ٿيندي آهي ،جڏهن ماءُ يا پيءُ مان ڪنھن بہ هڪ جي ( ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي جي ) رت ۾ موجود گلوبن( Globin )يعني پروٽين ( Protein ) جي گهٽتائي هجي ،يا رت جي ڳاڙهن جزن ۾ پروٽين گهٽ ٺھي ،جنھن ڪري رت جا بنيادي ذرڙا( Molecules ) ناقص ٺهندا .ان ڪري ٻارَ کي ڄمڻ کانپوءِ رت جي گهٽتائي ( Anemia ) ٿئي ٿي ،جيڪا اڳتي هلي ٿيليسميا جي بيماري ٿيڻ جو سبب بڻبي آهي.

(3) پروٽين جي گهٽتائي( Deficiency of Protein):
ٻارَ جي پنھنجي رت ۾ ٻنهي قسم جون پروٽين هڪ Alpha Protein ۽ ٻي Beta Protein جي گهٽتائيءَ جي ڪري يا ٻنهي مان ڪنهن بہ هڪ پروٽين جي گهٽتائيءَ ڪري ٻار جي رت جا ڳاڙها جزا ٽٽي پوندا آهن ،جيڪا حالت ٻار جي رت جي گهٽتائيءَ جو سبب بڻبي آهي جنھن جي نتيجي ۾ ٻار کي ٿيليسميا ٿيندي آهي .هتي اُهو بہ ٻڌائجي تہ جيڪڏهن ٻارَ ۾ اُهي ٻئي پروٽين گهٽ هونديون يا مرڳو نہ هونديون تہ ٻارَ جي آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو عمل درست ٿي نہ سگهندو آهي جنھن جي ڪري ٻار کي ساھ ۾ تنگي، سهڪ ۽ دل تي وزن پوندو آهي جيڪا علامت ٿيليسميا جي مريض جي نازڪ حالت سمجهي ويندي آهي.

(4 ) تِريءَ جو ناقص فعل ( Desfunction of Spleen):
 گهڻن سبب جي ڪري تِري پنھنجو قدرتي فعل درست ڪري نہ سگهندي آهي جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪتب آيل رت جا ڳاڙها جزا جيئن جو تيئن ويندا آهن تريءَ ۾ گڏ ٿيندا جنھن جي ڪري هڪ تہ تِري وڌي ويندي آهي ( جنهن کي هيانچي يا ٻرهل جي بيماري سڏبو آهي )، ٻيو جيئن تہ تِري پنهنجي قدرتي فعل جيوڙن جي ڳڙڪائڻ Phagocyte هيٺ ،ڪتب آيل رت جي ڳاڙهن جزن مان سڀني زهريلن ۽ ڪيميائي ناقص مادن کي ڳِھي ناس ڪندي آهي .پوءِ رت جي ڳاڙهن جزن ۾ موجود سڀني ڪارگر ڪيميائي مادن کي الڳ ڪري انهن کي جسم جي لاڳاپيل عضون ڏي موڪليندي آهي .اهڙيءَ طرح رت جا ڳاڙها جزا ٻيھر صحتمند ٿي جسم ۾ رت جي دوري ۾ شامل ٿي ويندا آهن. هاڻي تِري جڏهن پنهنجو قدرتي فعل ( ڪم ) ڪري نہ سگهندي آهي تہ ٻارَ جي رت جي ڳاڙهن جزن جون ڪيميائي تبديليون Metabolism ٿي نه سگهنديون آهن جنھن جي نتيجي ۾ ٻارَ کي ٿيليسميا جي بيماري ٿيندي آهي. ياد رهي تہ ٻار کي ڪهڙي بہ قسم جي ٿيليسميا جي بيماري هوندي آهي ان ۾ ٻار جي هر حال ۾ تِري وڌيل هوندي آهي.

(5 )ناقص هڏن جي مِکُ( Deficient Bone Marrow):
ٻار جي ڊگهن هڏن( Long Bones )جنھن ۾ ران جو ڊگهو هڏو( Femur )۽ پٺيءَ جو ڊگهو هڏو ( Fibula ) اچي وڃن ٿا. انهن ۾ ٺھندڙ ڳاڙهي مِکُ جي ناقص ٺھڻ ڪري
ٻار کي ٿيليسميا جي بيماري ٿيندي آهي. ياد رهي تہ ڳاڙهي مِک اصل ۾ رت جا ڪچا ڳاڙها جزا هوندا آهن. اُهي رت جا ڪچا ڳاڙها جزا جڏهن جيري ۾ پھچندا آهن تہ جيرو انهن کي رت جا پختا ڳاڙها جزا ٺاهيندو آهي جيڪي بعد ۾ رت جي دوري ۾ شامل ٿي ويندا آهن.

(6 )ناقص جيوگهرڙا( Defective Cells):
ٻارُ جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ اڃا ڪچو ٻار ( Foetus ) هوندو آهي ته مھڙ وارن پنجن مھينن تائين ٻارَ جو رت تريءَ ۽ جيري ۾ ٺھندو آهي تہ ان وقت ئي رت جي ڳاڙهن جزن جا جِيوَ گهرڙا ناقص ٺھڻ ڪري ٻارَ کي ڄمڻ کانپوءِ ٿيليسمياجي بيماري ٿئي ٿي.

(ٻ ) ٿيليسميا جا قسم
( TYPES OF THALASSAEMIA):

(1) عام ٿيليسميا Hetrozygote Minor Thalassaemia :-
هن قسم جي ٿيليسميا گهڻي ڀاڱي موروثي يا جينياتي ٿيندي آهي .هن قسم جي ٿيليسميا کي نر ماد واري( Autosomal Thalassaemia ) پڻ چئبو آهي. هن قسم جي ٿيليسميا جيتوڻيڪ ٻار سان سڄي عمر گڏ هلندي( Carries )آهي ،پر گهٽ نقصانڪار هوندي آهي.

(2) مھلڪ ٿيليسميا Homozygus Major Thalassaemia :
هن قسم جي ٿيليسميا ٻار کي تڏهن ٿيندي آهي جڏهين خود ٻار جي پنهنجي رت ۾ خلل هوندو آهي .هن قسم جي ٿيليسميا تمام گهڻي مھلڪ هوندي آهي جنھن ۾ ٻارَ پنھنجي زندگي وڃائي ويھندا آهن.

ٿيليسميا جون علامتون(CLINICAL SYMPTOMS):

(1) ٻار کي رت جي گهٽتائي Anemia هوندي آهي.
(2) ٻارَ جو منھن ڦڪو ۽ ڦلڙو ٿي ويندو آهي ۽ منھن تي آموس هوندي آهي.
(3) ٻار جي بُک مُئل هوندي آهي.
(4) ٻار جي جسماني اوسر دير سان ٿيندي آهي
(5) ٻار جي منھن جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي. ڪيترن ٻارن جي منھن جا هڏا وڌي يا ٽيڏا ٿي ويندا آهن.
(6) ٻار جي تِري وڌيل ،سڳل هوندي آهي. ڪيترن ٻارن جي تريءَ ۾ سور هوندو آهي. جڏهن هيءَ بيماري مھلڪ بڻجي ويندي آهي تہ مريض ۾ هي علامتون ظاهر ٿينديون آهن .
(7) ٻار جي جسم جون مشڪون ڪمزور ٿي سُسي وينديون آهن .تنھن ڪري ٻارَ جو جسم ڦلڙو ،ٻانهون ۽ ٽنگون سنهيون ٿي وينديون آهن. ڪيترن ٻارن جون ٽنگون ڦري وينديون آهن.
(8) ٻار کي سائي يرقان ٿي پوندو آهي.
(9) تِري پنهنجو قدرتي فعل ڇڏي ڏيندي آهي.
(10) ٻار جي تِري وڌي وڃڻ ڪري ۽ پنھنجو قدرتي فعل نہ ڪرڻ ڪري دل ۽ جيرو وڌي ويندا آهن ،يا جيري جي تاندورن جي سوس جي بيماري ( Liver Cirrhosis ) ٿي پوندي آهي.
(11) ٻارَ جون بڪيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن.
(12) ٻار کي پيشاب ڳوڙهي رنگ جو ايندو آهي .جنھن ۾ تمام گهڻي پروٽين ( البيومين ) ايندي آهي.

(ت) ليبارٽري ٽيسٽ( PARHOLOGICAL TEST):
هتي اسانجي ملڪ ۾ هن مرض جي تشخيص ( Diagnosis ) جي لاءِ ته رڳو رت جي CBC ،يا Blood CP يا وري Haemotology Test ورتي ويندي آهي .پر سڌريل ملڪن ۾ ٿيليسميا جي ڄاڻ لاءِ آئمنيوٽڪ فلوڊ ٽيسٽ Amnoitic Fluid Test ورتي ويندي آهي جنھن ۾ ٻار جي اور Placenta يا ٻار ۽ ائمنيوٽڪ فلوڊ جنھن ٿيلهيءَ SAC ۾ هوندا آهن تہ ان ٿيلهيءَ مان پاڻيٺ جو نمونو وٺي اها ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي تہ ٻارَ کي ٿيليسميا جي بيماري آهي يا نه؟ جي آهي تہ اها ڪھڙي قسم جي آهي ،عام ٿيليسميا آهي ،يا مھلڪ ٿيليسمياآهي.

مونجهاري واريون نازڪ حالتون COMPLICATE CONDITIONS :

(1) هٿرادو رت چاڙهڻ ( Blood Trasfussion ) ڪري رت ۾ آئرن ( Iron ) جو مقدار وڌي ويندو آهي جنھن جو سبب تِريءَ جو وڌي وڃڻ ( Splenomegogy ) ڪري تري پنهنجو قدرتي فعل ڪري نہ سگهڻ آهي .جڏهين رت ۾ آئرن جو مقدار وڌي ويندو آهي ته جسم جي گهڻن عضون ( خاص ڪري دل ،جيري ۽ بڪين جي اوڄن ( Tissues ) کي ڇيهو رسندو آهي تنھنڪري اُهي عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.

تِري وڍي ڇڏڻ SPLENECTOMY :
جڏهن تري گهڻن سببن جي ڪري پنھنجو قدرتي فعل درست ڪري نہ سگهندي آهي تہ ان ۾ سڄي جسم جا زهريلا، ڪيميائي مادا ۽ جيوڙا اچي گڏ ٿيندا آهن، جنھن جي ڪري تري وڌي ويندي آهي جنھن کي وڍي ڪڍي ڇڏبو آهي نتيجي طور جسم ۾ زهريلا، ڪيميائي مادا ۽ زهريلا جيوڙا گڏ ٿيڻ ڪري، جسم ۾ روڳ واريون حالتون پيدا ٿينديون آهن جنهن جي ڪري ٻارَ جو رت زهريلو ٿي ويندو آهي .
(2) ٻار جي رت ۾ جڏهن پروٽين جي گهٽتائي ٿيندي آهي ،يا رت جي ڳاڙهن جزن ۾ پروٽين مرڳو نہ هوندي تہ ان حالت ۾ ٻار جي آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو عمل درست ٿي نہ سگهندو آهي جنھن جي ڪري ٻار کي ساھ ۾ تنگي ،سھڪ ۽ دل تي وزن ٿي پوندو آهي.
(3) ٻار جي جسم ۾ جڏهين ٿيليسميا جي بيماري ڊيگهاري ٿي ويندي آهي تہ ان حالت ۾ ٻارن جي هڏن جي ڀُرڻ ( Osteoprosis ) جو عمل ٿيندو آهي .

Tuesday, 27 November 2018

Moon چنڊ

MyDairyAsgharSagar

نھري جسامت رکندڙ هي گرھ ،جنھن کي اسين چنڊ سڏيون ٿا ،اُهو زمين کي ويجهي کان ويجهو گرھ آهي .قديم دؤر جي ماڻهن ۾ چنڊ بابت جدا جدا عقيدا رائج هئا ،ڪي هن کي پراسرار شيءِ سمجھندا هئا تہ ڪن جي خيال ۾ هي طاقت جو ديوتا هو. ڪي ماڻهو ان کي موسمن جو مالڪ ليکيندا هئا تہ ڪي چنڊ کي پنهنجي قسمت سان وابستہ سمجهندا هئا .چنڊ بابت اهڙين من گهڙت ڳالهين ۽ خيالن جو سلسلو ويھين صديءَ جي آغاز تائين هلندو رهيو .ان وقت تائين چنڊ جي بناوت جو خاڪو واضح نہ هو .ويھين صديءَ جي آخري ڏهاڪن کي ’خلا جي تسخير جو دؤر ‘سڏيو ويو آهي ،ڇو تہ هن دور ۾ ايجادن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان انسان جو صدين کان چنڊ تي پھچڻ وارو خواب پورو ٿيو.
چنڊ جي وجود بابت ڪيترا سائنسي نظريا موجود آهن ،جن مان ٽي بنيادي نظريا قابل ذڪر آهن:
نظريو پھريون : هن نظريي مطابق چنڊ زمين جو ئي ٽڪرو آهي ،جڏهن زمين جو وجود ابتدائي مرحلا طئي ڪري رهيو هو ۽ اڃا پگھريل صورت ۾ هو تہ ان حالت ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪندي ،ان جي شڪل ڊگھي ڪَروُ جھڙي ٿي وئي هئي .تڏهن ان جي جسم مان ٿورو ٽُڪر ٽُٽي ،جدا ٿي ويو ۽ پوءِ ان جي ئي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو. پاڻيٺ واري حالت ۾ جدا ٿيل ٽُڪرو ،جنھن هنڌان جدا ٿيو هو ،اڄ اتي پئسفڪ وڏو سمنڊ موجود آهي. سائنسدان پنھنجي نظريي جي تائيد ۾ چون ٿا تہ جيترو وزن پئسفڪ سمنڊ جي پاڻيءَ جو آهي ،اوترو ئي وزن چنڊ جو هوندو .يا ائين چئي سگهجي ٿو تہ پئسفڪ سمنڊ مان پاڻي ڪڍجي تہ ان خال ۾ چنڊسمائجي ويندو.
نظريو ٻيو: هن نظريي وارن سائنسدانن جو خيال آهي تہ چنڊ زمين جي عمر کان وڏو آهي. سندن چواڻي چنڊ ،نظام شمسيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ وجود ۾ اچي چڪو هو ،جڏهن تہ زمين ان کانپوءِ وجود ۾ آئي هئي.
نظريو ٽيو: سائنسدانن جي اڪثريت جو خيال آهي تہ چنڊ ۽ زمين هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا. ٻنهي جي بناوٽ ۾ هڪجھڙا بنيادي عنصر ملن ٿا .چنڊ ،ڌرتيءَ جو ويجھي کان ويجھو گرھ آهي .اهو ئي سبب آهي جو هڪ مھيني جي عرصي ۾ مختلف وقتن تي جدا جدا شڪليون اختيار ڪندو رهندو آهي.
چنڊ جي هن جادوئي طرز واري خصوصيت جي ڪري ماڻهن ۾ مختلف خيال ظاهر ٿيا ،جھڙوڪ :چنڊ موسمن تي اثر انداز ٿئي ٿو .
اڪثر سائنسدان هن ڳالھ تي متفق آهن تہ حقيقت ۾ چنڊ هڪ نھرو جسم آهي ،جيڪو زمين کان لڳ ڀڳ اڍائي لک ميلن جي پنڌ تي آهي ،جيڪو ڪنھن بہ قسم جي توانائي خارج نٿو ڪري ،پر سج جي ٿوري روشنيءَ کي موٽ کارائي ٿو. هي خود روشن جسم ناهي. ان کانسواءِ ڌرتيءَ تان چنڊ جو صرف اڌ حصو نظر ايندو آهي.
چنڊ جو قطر 2160 ميل ،يعني ڌرتيءَ جي قطر جي چوٿين حصي جيترو آهي. وزن جي لحاظ سان زمين جي تور جو ايڪاسيون حصو آهي .ڪشش ثقل جو دارو مدار جسم جي گھٽ وڌائيءَ تي هوندو آهي .ان حساب سان زمين تي جيڪو وزن 150پائونڊ آهي تہ چنڊ تي ان جسم جو وزن فقط 20 پائونڊ ٿيندو، ساڳيءَ طرح زمين تي ٽِن فوٽن جو ٽِپ ڏئي سگھبو تہ چنڊ تي 18 فوٽن جو ٽِپ ڏيڻو پوندو .انهيءَ اصول هيٺ خلابازيءَ جي مرحلن ۾ وڏي سھوليت پيدا ٿي ٿئي.
چنڊ ڌرتيءَ جي چؤڌاري ڪجھ بيضوي مدار تي گردش ڪندو آهي. ان جي اوچائيءَ تان زمين تائين 252710 ميل مفاصلو آهي، جڏهن تہ هيٺاهين تان زمين 238857 ميل پري آهي. اپالو-11 خلائي گاڏي ،جنهن ۾ سائنسدان جولاءِ 1969ع ۾ چنڊ تي پهتا هئا، ڌرتيءَ کان چنڊ تائين پهچڻ ۾ 4 ڏينهن لڳايا هئا. روشنيءَ کي چنڊ کان ڌرتيءَ تي پهچڻ ۾ هڪ منٽ 10 سيڪنڊ لڳندا آهن. ڌرتي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي محور تي گهمي ٿي. اهو ئي سبب آهي ،جو زمين تي ڏينھن ۽ رات 12-12 ڪلاڪن جا ٿين ٿا ليڪن چنڊ پنهنجي محور تي گردش ڪندي ،زمين جي چوڌاري 27 ڏينھن ۽ ڇھن ڪلاڪن ۾ هڪڙو چڪر پورو ڪري ٿو .سج وانگر چنڊ ڪنھن بہ قسم جي روشني پيدا ڪري نہ سگھندو آهي. چنڊ جي روشني ،جيڪا اسان کي رات جو نظر ايندي آهي ،سا سج جي آهي ،جا چنڊ جي سطح تان موڙ کائي ،اسان ڏانھن موٽ کائي ايندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چنڊ جون شڪليون اسان کي مختلف وقتن تي مختلف نظر اينديون آهن .انهن کي ’چنڊ جون ڪلائون ‘چوندا آهن. چنڊ جو رنگ، جيڪو اسان کي زمين تان نظر اچي ٿو، سو اصل ۾ سج جي روشنيءَ جو موٽ کائيندڙ ڪرڻو آهي. چنڊ مان موٽ کائيندڙ روشني خلا مان لنگھي اچي ٿي. سياري ۾ جڏهن چنڊ آسمان
جي وچ ۾ نھايت اوچائيءَ تي وڃي پھچندو آهي تڏهن ان جا ڪرڻا سِڌا زمين تي پوندا آهن .ان وقت اسان کي چنڊ اڇو يا چانديءَ جھڙو نظر ايندو آهي. اونهاري ۾ چنڊ جڏهن هيٺئين درجي تي لھي ايندو آهي ،تڏهن ان جا ڪرڻا گھاٽي فضا جي تَھن مان لنگھي زمين تي پھچندا آهن. ان وقت چنڊ جو رنگ اسان کي پِيلو ۽ سونھري نظر ايندو آهي. خلا نوردن جڏهن هيٺ لھي چنڊ جي رنگ جو مشاهدو ڪيو ،تڏهن کين چنڊ خاڪي ۽ هلڪي ڀُوري رنگ جو نظر آيو.

پھريون دفعو گليلو گليليءَ چنڊ جو گھرو مطالعو ڪيو .1690ع ۾ کيس معلوم ٿيو تہ هالينڊ جي عينڪ ساز هڪ اوزار ايجاد ڪيو آهي، جنھن مان پري جي شين کي ويجھو ڏسي سگھجي ٿو. اهو اوزار دوربين ھئي،
جنھن ۾ ڪئين شيشا فِٽ ٿيل هئا. گليلو انهيءَ دوربين ۾ لڳل شيشن کي جدا جدا طرفن ڏانهن تبديل ڪرڻ سان گڏ شيشن کي چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ سان نئين دوربين
ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن جڏهن پھريون ڀيرو پنهنجي دوربين جو رخ چنڊ
ڏانھن ڪيو تہ کيس چنڊ ۾ موجود ٻرندڙ جبلن ۽ ڇپن جي اڻ کٽ سلسلي کان سواءِ ڪشادن ميدانن جي مشاهدي جو موقعو مليو ۽ چنڊ جي دنيا ۾ موجود اهي علائقا ڪٿي هموار ۽ ڪٿي کڙٻڙ وارا نظر آيا ۽ کيس اهي سڀ مشينون وهندڙ پاڻيءَ جي وسيع علائقي ۾ نظر آيون، تڏهن هن ان جو نالو سمنڊ رکيو. عمر جي آخري حصي ۾ گليلو نھايت مصروف رهيو .سندس سمورو وقت سيارن جي مشاهدي ۾ گذريو. هن چنڊ بابت پنھنجي تحقيق ۾ وسعت آندي. هن پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين جي ذريعي چنڊ جي داغن جو بہ غور سان مطالعو ڪيو. هن ڪلائون ڪڍندڙ زهري ۽ مشتري جا چار چنڊ ڳولي لڌا ۽ هن اهو معلوم ڪيو تہ ڪھڪشان دراصل ڪروڙين تارن جو ميڙ آهي. چنڊ جي مٿاڇري تي اندازن ٽيھ هزار داغ آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ شھاب ثاقب جي ڪرڻ سان چنڊ جي سطح تي اهي کڏون کوٻا بڻجن ٿا. جيئن تہ چنڊ جي سطح تي پاڻي ۽ هوا موجود نہ آهن، ان ڪري هڪ ڀيرو ڪا کڏ بڻجي ٿي تہ ان ۾ ڪابہ تبديلي نہ ٿي ٿئي. موجوده خلائي تحقيق مان چنڊ جي ساخت ۽ ماهيت متعلق خلائي چنڊ گاڏين وسيلي ٿيل تحقيق مطابق اربين سال ( ساڍا تيرهن ارب سال) اڳ زمين سان هڪ گرھ جي ٽڪر سان چنڊ وجود ۾ آيو. اهو گرھ مريخ کان ٽيڻو وڏو هو. ٽڪر سان زمين جو ٻاهريون مادو
ڌرتيءَ کان جدا ٿي پکڙجي ويو ،پوءِ ان مان ننڍا ننڍا ڪيترائي چنڊ ٺھي ويا، جن پوءِ گڏ ٿي چنڊ جو وجود ورتو.
چنڊ ڌرتيءَ جو واحد اپگرھ آهي ،جيڪو ڌرتيءَ جي چوگرد 27 ڏينھن ۽ 20 ڪلاڪن ۾ هڪ چڪر پورو ڪندو آهي .ساڳئي وقت پنھنجي محور تي هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو گردش ۾ ڦيري دوران هن جو رخ هميشه زمين جي طرف رهندو آهي جيڪو ان جي ڪل سطح جو 59 سيڪڙو آهي. زمين جي چوطرف بيضوي گردش ڪرڻ وقت هن جو زمين کان ويجهو ۾ ويجهو مفاصلو 221463 ميل ۽ پري کان پري مفاصلو 25271 ميل آهي. هن جو ماپو ڌرتيءَ جي ماپي کان گهٽ آهي. چنڊ پنھنجي محور تي چوگرد 2287 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چڪر ڪاٽي ٿو. زمين تي چنڊ جو رڳو هڪ پاسو ڏسجي ٿو ،پر 1959ع ۾ جڏهن روس جو موڪليل خلائي جهاز ليونڪ-2 ،خلا ۾ ويو تہ ان چنڊ جي مخالف پاسي جا بہ فوٽو ڪڍيا ۽ ائين چنڊ
جي مخالف پاسي کي ڏسڻ ممڪن ٿيو.
چنڊ هڪ ويران ۽ خاموش ٽڪرن جو گولو آهي ،جتي جبلن جون وڏيون چوٽيون ۽ وڏا ريگستان آهن. چنڊ تي فضا موجود ناهي، جنھن ڪري چنڊ تي ڪشش گهٽ آهي. ڌرتيءَ ۾ ايڏي ڪشش آهي جو اها گئس جي هڪ فضا کي سوگهو ڪري سگهي ٿي. پر چنڊ ۾ ايتري ڪشش نہ آهي. چنڊ تي هوا نہ هئڻ ڪري ڏينهن جو گرمي پد 250 تائين ۽ رات جو گرمي پد 280 ڪاٽو فارنھائيٽ تائين پھچي ٿو .اهڙيءَ طرح چنڊتي پاڻي بہ موجود نہ آهي .ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو تہ چنڊ
تي زندگيءَ جو تصور نہ آهي. ھڪ سال
۾ زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ پنج انچ مفاصلو وڌي ٿو .چيو وڃي ٿو تہ چنڊ تي جبلن جي هڪ هزار ميل ڊگهي قطار آهي ،جنھن ۾ ڪيترائي ٻرندڙ جبل بہ هئا ،پر هاڻي انهن جا تراکڙا مٿاڇرا موجود آهن .ان بابت مختلف خيال ظاهر ڪيا ويا آهن.
(1) ڪنھن وقت چنڊ تي ٻرندڙ جبل موجود هئا ،جن پنهنجا آثار ڇڏيا آهن.
(2) چنڊ سان ڪرندڙ تارا ٽڪرايا،جن کوھ کڙا ڪيا آهن. چنڊ جي بلند ترين چوٽي 25 هزار سال پراڻي چئي وڃي ٿي .ان جي عمر ساڍا چار ارب سال ٻُڌائي وڃي ٿي. چنڊ
مختلف حالتن مان گذريو آهي. ڪرندڙ تارن جو مادو کوهن مان لاروا جي صورت ۾ خارج ٿيو ۽ جڏهن لاوا ٿڌو ٿيو تہ چنڊ سراسري شڪل اختيار ڪئي ۽ چنڊ تي اهڙا نشان موجود آهن جيڪي لاروا جي وهڪري جو ثبوت ڏين ٿا.
مخالف حالتن ۾ جڏهن چنڊ سج جي بلڪل سامهون هوندو آهي تہ ان جي مٿاڇري تي گرمي پد 1000 ڊگريون ۽ جڏهن سج کان لڪل هوندو آهي تہ ڪاٽو 150 ڊگريون هوندو آهي. چنڊ جو هڪ ڏينھن ۽ رات زمين جي چوڏهين ڏينھن جي برابر هوندا آهن.
چنڊ زمين تان چمڪندڙ نظر اچي ٿو ،پر روشني سج جي روشني آهي ۽ خلابازن پھريون ڀيرو 1969ع ۾ جڏهن چنڊ تان پٿر ۽ ٻيون شيون کڻي آيا تہ سائنسدانن تجربا ڪري اها ڳالھ ٻڌائي تہ چنڊ تي 50 سيڪڙو شيشي جا ذرا موجود آهن جنھن ڪري ٿي سگهي ٿو تہ چنڊ سج جي روشنيءَ سان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو. چنڊ جي سطح تانزمين نيراڻ مائل نظر ايندي آهي.
جڏهن چنڊ تي نيل آرمسٽرانگ نالي خلاباز ،21 جولاءِ 1949ع تي رات جو هڪ لڳي 49 منٽن تي پھريون قدم رکيو هو ،تہ قدمن جا نشان اهڙا تہ چِٽجي ويا جو اڃا به موجود آهن ڇو تہ چنڊ تي ڪا بہ فضا موجود نہ آهي.
چنڊ تي سليڪون، ٽيٽانيم، ايلومينيم، لوھ،
ميگنيشيم ،سوڊيم ،پوٽاشيم ،مينگائيز ،
ڪرومين ۽ زاڪوليم جھڙا عنصر موجود آهن.
نئين چنڊ ۽ مڪمل چنڊ جي عرصي ۾ ڌرتي ،چنڊ ۽ سج سڌائي ۾ اچي وڃن ٿا، چنڊ
۽ سج جي ڪشش سبب وڏي وير پيدا ٿئي ٿي. جڏهن چنڊ چوٿين حصي مان ٽئين حصي ۾ هوندو آهي تہ ان جو لاڙو ڌرتيءَ جي نسبت کان سج ڏانھن وڌيڪ هوندو آهي. ان
وقت چنڊ ۽ سج هڪٻئي جي طاقت سان زمين کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن جنھن جي نتيجي ۾ معمولي قسم جي وير چڙهندي آهي. وير جي چڙهڻ ۾ ڪئين ارب ٽن سمنڊ جو
پاڻي اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ لھڻ وقت پٺتي ڇڪجي ٿو. انهيءَ عمل دوارن پيدا ڪندڙ گھڪو يا گاٺ ڌرتيءَ جي گردش کي ڄڻ تہ هڪ قسم جي ’بريڪ ‘جو ڪم ڏئي ٿي.
اهڙيءَ طرح جڏهن گردش جي رفتار گھٽجي ٿي تڏهن ڏينھن وڏا ٿين ٿا. ’وير ‘جي گھڪي جو اثر ان وقت بہ ڌرتي ۽ چنڊ تي هو جڏهن ٻئي گئسن جي پاڻيٺ جي صورت ۾ ارتقائي ،مرحلا طئي ڪري رهيا هئا. اڄ بہ ساڳيءَ طرح زمين تي سامونڊي پاڻيءَ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو تہ زمين جي گردش ۾ ڪمي ايندي رهي ٿي ۽ چنڊ جي مدار ۾ بہ مفاصلو وڌندو رهي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ قمري مھينو وڏو ٿيندو رهندو آهي. وير جي گھڪي سبب تبديلي ڪروڙن ميلن کان اڄ تائين جاري آهي.
شروعات ۾ زمين تي ڏينھن ٻن ڪلاڪن جو هو جيڪو وڌي 24 ڪلاڪن جو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح قمري مھينو زمين جي هڪ ڏينهن جي برابر هو جيڪو هاڻي وڌي چئن هفتن جو ٿي ويو آهي. اربن سالن کانپوءِ چنڊ کسڪي زمين کي ويجھو ايندو. جڏهن زمين کان ٽي هزار ميلن جي مفاصلي تي هوندو تڏهن ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويندو. پوءِ اهي ذرا زحل سياري وانگر پٽا ٺاهي زحل جي چؤڌاري ڦرڻ لڳندا. چنڊ جڏهن ڌرتيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويندو آهي ،تڏهن اسين ان کي ’چنڊ گرهڻ ‘چوندا آهيون. دراصل زمين سج جي چؤڌاري مدار ۾ گھمندي رهندي آهي .ان جي برعڪس چنڊ
ڌرتيءَ جي چؤڌاري گهمندو آهي جيڪو جھڪيل هوندو آهي .انهيءَ ڪري مڪمل
چنڊ گرهڻ ڪونہ لڳندو آهي. زمين جو پاڇو فضا ۾ 849000 ميلن تي پوندو آهي پر چنڊ گھڻو ڪري پاڇي جي هيٺان يا مٿان لنگھي ويندو آهي. مڪمل چنڊ وارين تاريخن ۾ چنڊ ڌرتيءَ جي سنوت ۾ ايندو آهي تہ زمين جو پاڇو چنڊ تي پوندو آهي ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح سج گرهڻ جو ٿيڻ ممڪن آهي .جڏهن نئون چنڊ نڪرڻ شروع ٿيندو آهي ته ان سان گڏ سج گرهڻ بہ ٿيندي آهي. جيئن تہ ان وقت چنڊ ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ ۾ هوندو آهي تہ ان جو پاڇو مخروطي شڪل ۾ زمين تي پوندو آهي. اهو پاڇو 28000 ميلن کان 32000 ميلن تائين گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي ،چنڊ ڪنھن بہ وقت اهڙيءَ حالت ۾ هوندو آهي جنھن ڪري
سج گرهڻ ٿيندو آهي پر چنڊ جو پاڇو ايترو وڏو نہ هوندو آهي جو سڄي ڌرتي ان ۾ سمائجي وڃي. سج ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرهڻ ٿيندي آهي جيڪا عارضي هوندي آهي ۽ ان
جو عرصو چند منٽن کان وڌيڪ نہ هوندو آهي. سج گرهڻ زمين جي مختلف حصن تي ظاهر ٿيندي آهي.
چنڊ بابت قديم زماني کان وٺي هيٺيون ڳالهيون ماڻهن ۾ رائج آهن:
هاري پنھنجا فصل چنڊ جي حساب سان پوکيندا ۽ لڻندا آهن؛ يونانين ۽ رومين کان سواءِ ايشيا ،آفريڪا ،آسٽريليا وغيره ملڪن جا اصلوڪا رهاڪو چنڊ کي مقدس ديوتا سمجھي پوڄا ڪندا آهن؛ موجودھ ترقي يافتہ دور ۾ بہ عيسائين ۽ يهودين جي مقدس ڏهاڙي ۾ چنڊ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. عيسائين جو ڏهاڙو ’ايسٽر‘ بہ بھار جي مُند کان شروع ٿئي ٿو (جڏهن ڏينهن رات هڪ جيترا ٿيندا آهن). سڄوچنڊ نڪرڻ واري پھرئين آچر تي ملهايو ويندو آهي .اهڙيءَ طرح يهودي بہ غلاميءَ مان نجات جي ياد سبب مقدس عيد ملهائيندا آهن جيڪا بھار
جي موسم ۾ ڪئلينڊر جي 14 کان 21 تاريخ
تائين ملهائي وڃي ٿي.


Monday, 26 November 2018

جنگ محمود درويش

MyDairyAsgharSagar



جنگ جي پڄاڻي ٿيندي
جنگي سربراھہ ھٿ ملائيندا
پوڙھي عورت پنھنجي شھيد پٽ لاء
اوسيئڙو ڪندي رھندي.
ڇوڪري پنھنجي محبوب ور لاءِ
تانگھيندي رھندي
۽
ٻار پنھنجي جوڌي پيءُ لاءِ
واجھائيندا.
مان نٿو ڄاڻان
اسان جي ڌرتيءَ جو سودو ڪنھن ڪيو.
پر
مون اھو ڏٺو تہ
قيمت ڪنھن ادا ڪئي.
The war will end
The leaders will shake hands
The old woman will keep waiting for her martyred son
That girl will wait for her beloved husband
And those children will wait for their hero father
I don't know who sold our homeland
But I saw who paid the price.
~Mahmoud Darwish

Saturday, 24 November 2018

Black hole ڪارونڀار

MyDairyAsgharSagar
"دريا خان سنڌي"

سڀ کان پھرين ڏسون ٿا تہ ڪارونڀار Black hole ٺھن ڪيئن ٿا. دراصل ڪارونڀار Black hole جو جنم وڏي ستاري جي موت سان ٿئي ٿو. ستارا گهڻو ڪري هيڊروجن جي وڏي مقدار تي مشتمل ٿين ٿا جن جي ڪشش گهڻي هجڻ ڪري انهن جي تري ۾ جوھري ردعمل Fusion reaction جي مدد سان ھيڊروجن هيليم ۾ تبديليءَ ٿيندي رهندي آهي. ان دوران وڏي پيماني تي توانائي تابڪار جي صورت ۾ خارج ٿيندي رھندي آهي. توانائي ۽ ڪشش جو ويجهو هڪ توازن قائم رهندو آهي جنھن جي مدد سان جوھري ردعمل Fusion reaction جاري رهندو آهي تہ ستارو Stable مظبوط رهندو آهي. جيڪڏهن ستارو اسان جي سج کان گهڻو وڏو هوندو تہ ان جي تري ۾ موجود حرارت ۽ داٻ جي ڪري ان ۾ موجود هائيڊروجن هيليم کانپوءِ ڀاري عنصر Heavier Element ۾ ڳرڻ لڳندي آهي ايستائين جو لوھ جهڙو Heavy element ڳرو عنصر ٺھڻ لڳندو آهي. لوھ ستاري جي تري ۾ ٺھڻ شروع ٿيندو آهي ۽ جڏھن هي هڪ وڏي مقدار ۾ ٺھي ويندو آهي تہ ان جي ڪري مايو وڌي ويندو آهي جنھن جي ڪري توانائي ۽ ڪشش جو توازن ٽٽي پوندو آهي. انهي طرح سڄو ستارو تري ۾ ڌو ڪري ڪري پوندو آھي ۽ هي ستارو هڪ سيڪنڊ کان بہ گهٽ وقت ۾ ٽٽڻ ڦٽڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ سڄو مايو تري ۾ روشني جي رفتار جي چوٿين حصي جي رفتار سان ڪرڻ لڳندو آهي. انهي لمحي ڪائنات جا سڀ Heavy ڀاري عنصر ٺھڻ لڳندا آهن ۽ Super Nova ڌماڪي سان ستاري جي موت ٿي ويندي آهي جنھن جي نتيجي ۾ نيوٽران تارو ٺھندو آهي. جيڪڏھن مايو گهڻو هجي تہ تاري جو سڄو مايو ان جي تري ۾ ڌڙام ڪري ڪرندو آهي ۽ ڪارونڀار Black hole جي صورت اختيار ڪندو آهي

ڪارونڀار Black hole ڇا هوندو آهي؟
جيڪڏهن اوهان ڪارونڀار Black hole ڏي ڏسندا ڄڻ تہ اوهان Event Horizon ڏي ڏسي رھيا ھوندئو. ائين ان کان اڳتي ڪارونڀار/بليڪ هول کي ڏسڻ ممڪن ناهي هوندو ڇوجو ان کان پوءِ روشنيءَ عڪس جي صورت ۾ واپس نٿي اچي سگهجي. جيڪڏهن ڪنھن شيء جي رفتار روشنيءَ کان بہ وڌيڪ هجي تہ اھا event Horizon افق مان نڪري سگهي ٿي ان ڪري اسان کي event horizon افق کان اڳتي ڪجھ ڏسڻ ۾ ناهي ايندو. اسان Singularity اڪائي جي باري ۾ ڪجھ يقين سان نٿا چئي سگهون ٿا تہ اُها ڇا آهي. اسان چئي سگهون ٿا تہ Singularity اڪائي جو مطلب سڄو پولاري مايو Mass space هڪ نقطي تي مرڪوز ٿئي ۽ انجي ڪا سطح يا ڪا مقدار Volume بہ نہ هجي ڄڻ تہ اسان ھن وقت ٽين وشال دنيا Three dimension world ۾ رهي رھيا هُجون. ڊيگھ ۔  ويڪر ۽ اوچائي ۽ Singularity اڪائي صرف هڪ وسعت Dimension  تي مشتمل ھجي ان ڪري ان کي سمجهي وڃڻ ٿورو مشڪل آھي.

جيڪڏهن اوهان ڪارونڀار  Black hole ۾ ڪري پئو تہ ڇا ٿيندو؟

جيڪڏهن اوهان ڪارونڀار Black hole ۾ ڪري پئو تہ ويجهي پھچڻ تي وقت ٿورو مختلف رويو ڏيکاريندو. ڪنھن ٻاهرئين مشاھدي لاء اوهان event horizon افق جي ويجهو پھچي ڍرا ٿي ويندا ايستائين جو اوهان ٿڌا ٿي ويندا ۽ اچانڪ غائب ٿي ويندا، اوهان لاءِ وقت تيزي سان گذرڻ لڳندو ۽ اوهان کي ڪائنات تيز نظر ايندي ۽ هڪ طرح سان اوهان مستقبل کي ڏسي رهيا هوندا. ھي انهي ڪري ٿيندو آهي ڇوجو ڪارونڀار Black hole جي ڪشش جي ڪري ان جي آسپاس پولاري وقت Space time بہ مڙي رهيو هوندو. ان کان پوءِ ٻہ ئي شيون ممڪن آهن ھڪ تہ اوهان جي جلدي موت ۽ ٻيو ان کان بہ جلدي تيز موت ٿي وڃي يعني اتان جي ڪشش ايتري گهڻي هوندي جو ڪجھ سينٽي ميٽر جو فاصلو طئي ڪرڻ سان لکين ڀيرا وڌي ويندي ۽ اوهان ان جي اثر جي ڪري پرٿ Plasma ۾ تبديل ٿي ويندا اھو بہ هڪ ايٽم کان بہ گهٽ مقدار ۾ يا اوهان event horizon افق کي پار ڪري تحليل ٿي ويندا.

ڪارونڀار Black hole مختلف جسامتن جا ٿين ٿا:

اسٽيلر ماس ڪارونڀار  Steller Mass Black hole سج جي مايي جي حساب کان ڪجھ ڀيرا وڌيڪ وڏا ٿين ٿا جيڪي وسعت Diameter ۾ هڪ  Asteriod سيارچي جيترا هوندا آهن
۽ سپر ميسو بليڪ ھول super massive Black Hole هي ڪھڪشان جي درميان موجود ٿين ٿا.
ھن وقت دريافت ٿيل ڪارونڀارن Black holes ۾ سڀ کان وڏو  ڪارونڀار/بليڪ هُول S50014+81 جيڪو سج  جي مايي کان 40 بلين وڌيڪ مايو رکي ٿو. هي 236.7 بلین ڪلوميٽر جي وسعت Diameter تي مشتمل آهي جيڪو 47 دفعا سج کان پلوٽو جي فاصلي جي برابر آهي.

Thursday, 22 November 2018

Terms from english to sindhi انگريزي کان سنڌي ۾ اصطلاح

MyDairyAsgharSagar
"اصغر ساگر"

Anti       ا ۔ روڪ ۔ روڪيندڙ
Gen       ڄم ۔ ڄڻڻ
Antigen     اڄمو ۔ اڄڻو
In immunology, Antigens are substances specifically bound by antibodies or T lymphocyte antigen receptors. They are substances that stimulate production of or are recognized by antibodies. Sometimes antigens are part of the host itself in an autoimmune disease. Antigens are "targeted" by antibodies.
مدافعات ۾، اڄڻا خاص طور تي مواد آھن جيڪي اجسن يا ٽي لمفي اڄڻن رپورٽرن سان ٻڌل آھن. اھي مواد آھن جيڪي اجسن جي اپت وڌائن ٿا يا اجسن ذريعي ڄاتا وڃن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن اڄڻا پاڻ خودمدافعتي بيماري ۾ پاڻ ميزبان جو حصو ھوندا آھن. اڄڻا اجسن جو نشانو بنجن ٿا.

Anti    ا ۔ روڪ
Body   جسم ۔ روڪ
Antibody   اجسو ۔ جسم روڪ
Protein

An antibody, also known as an immunoglobulin, is a large, Y-shaped protein produced mainly by plasma cells that is used by the immune system to neutralize pathogens such as pathogenic bacteria and viruses. The antibody recognizes a unique molecule of the pathogen, called an antigen, via the Fab's variable region.
Fab = Antibody
اجسو جنھن کي خودبچاء پٿ پڻ ڄاتو وڃي ٿو اھو وائي روپ ھڪ وڏو پروٽين آھي جنھن کي خاص طور تي پرٿ گهرڙا پيدا ڪن ٿا جيڪي مدافعتي سرشتي ۾ روڳن جيئن روڳي بيڪيٽيريا ۽ روڳي وائرسن کي بي اثر ڪرڻ ۾ استعمال ٿين ٿا. اجسو فيٻ جي ناپائدار حد ذريعي روڳ جي منفرد پراڻي سڏجندڙ اجسي جي سڃاڻپ ڪري ٿو جنھن کي اڄڻو سڏجي ٿو


Pathogen           روڳ
A pathogen or infectious agent is a biological agent that causes disease or illness to its host. This term is most often used for agents that disrupt the normal physiology of a multicellular animal or plant. However, pathogens can infect unicellular organisms from all of the biological kingdoms.
روڳ يا ڇوتي ايجنٽ ھڪ حياتياتي ايجنٽ آھي جيڪو پنھنجي ميزبان کي بيماريون ڏئي ٿو. ھي اصطلاح گهڻو ڪري اڪثر ڪري انهن ايجنٽن لاء استعمال ٿئي ٿو جيڪو گهڻ گهرڙڪ جانور يا ٻوٽي جي پوري پني نفسيات کي منجهائي ٿو. تنھن ھوندي بہ سڄي حياتياتي بادشاھي جي ھڪ گهرڙي جيوت کي متاثر ڪن ٿا.

ڪيلو ۽ ڊائيٽ Banana and Diet

MyDairyAsgharSagar
"اصغر ساگر"

جيڪڏھن ڊائيٽ ڪريو ٿا تہ ڪيلا کائو. ڪيلي ۾ حرارا گهٽ ٿين ٿا ۽ حل پذير ريشا ٿين ٿا ان ڪري ھاضمو درست رھي ٿو ۽ مطمئنتا رھي ٿي. ڪيلي ۾ ابتدائي درجي جي وٽامن اي ۽ بيٽاڪيروٽين ٿئي ٿي جيڪا روشني کي اکين جي ماڻڪي تائين پھچڻ ۾ مدد ڪري ٿي.


Tuesday, 20 November 2018

وات جي ڌپ Halitosis | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 “Halitosis                             وات جي ڌپ ۔ وات ۾ ڌپ”
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وات جي ڌپ پنھنجي ذات سان ڳانڍاپيل ھوندي سماجي مسئلو بہ آھي جنھن جي ڪري ڪٿي ڪچھري دوران وات مان ڌپ اچڻ جي ڪري لڄي ٿيڻ پوي ٿو ۔ شخصيت جي ٺاھ ٺوھ تي منفي اثر پوي ٿو ۽ ڪوفت جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. وات جي ڌپ کي طب جي ٻولي ۾ ھيلي ٽوسس Halitosis چئبو آھي. وات ۾ بيڪيٽيريا يا زبان تي رھن ٿا يا وات ۾ ۔ اھو سڀ گگ ۾ سلفر پيدا ٿيڻ جي ڪري ٿئي ٿو جيڪو گگ کي سلفائيڊ ڪري ڇڏي ٿو. وات جي ڌپ عارضي ٿيندي آھي يا مستقل طور تي. ڪن کاڌن کائڻ جي ڪري عارضي وات جي ڌپ ٿيندي آھي جيئن بصر ۽ ٿوم کائڻ سان وقتي طور تي ڌپ ٿئي ٿي جنھن جو سبب ھي آھي تہ جڏھن خوراڪ رت سان ملي ٿي تہ اھا ڦڦڙن کان ٿي ساھ جي ذريعي خارج ٿيڻ جي ڪري وات مان ڌپ اچي ٿي.  مختلف کاڌن کان بچي عارضي ڌپ کي دور ڪري سگهجي ٿو. وات جي خشڪ رھڻ جي ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿئي ٿي ان ڪري وقت بوقت پاڻي پيئجي يا ھڪ ڍڪ پاڻي پيئڻ سان وات تازو ٿي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو پاڻي گهٽ پيئن ٿا انهن کي وات جي ڌپ جو مسئلو رھي ٿو. وات جي ڌپ گهڻن عارضن جي ڪري ٿي جيڪا عارضا مستقل طور جسم ۾ روڳ طور رھن ٿا جيستائين انهن جو علاج نہ ڪرائجي. انهن عارضن ۾ الڪوحل ۔ جسم ۾ پاڻي جي ڪمي ۔ کائڻ جي بي قائدگي ۔ بڊن جو سڄڻ ۔ ڏندن ۾ خال پيدا ٿيڻ ۔ پائيوريا (بڊن ۾ پيپ) ۔ ساھ جو مسئلو ۔ آنڊن جا ڪيڙا ۔ قبض ۔ گردي جون خرابيون ۔ رات جو دير تائين ڪم ڪرڻ ۔ رات جو دير تائين کاڌو نہ کائڻ ۔ سگريٽ نوشي ۔ شڳر ۔ ڇن ۔ وٽامن جي ڪمي ۔ ڪينسر ۔ ڪيموٿاپي ۔ دوائن جو استعمال ۔ بڊن مان خون اچڻ ۔ ڳلو خراب ھجڻ ۔ ٺيڪ وقت تي کاڌو نہ کائڻ ۔ تريل يا سڻڀيون شيون گهڻيون استعمال ڪرڻ ۔ گهڻو سوچڻ ويچارڻ اچي وڃن ٿيون.
وات جي ڌپ کي ننڍو مرض ڪري نہ ڄاڻجي ھن جي ڪري بڪين ۽ جيري جا مسئلا رونما ٿي سگهن ٿا ۽ ساھ جي نالي ۾ ڇوت جي ڪري نمونيا ۔ شڳر ۽ معدي جي تيزابيت ڪري سگهي ٿي ۔ بڊن جي مرض جي ڪري دل جو دورو پئجي سگهي ٿو ۽ فالج جو خطرو وڌي سگهي ٿو. وات ۾ ڌپ ڇو ٿي ٿئي انهن سببن تي ھيٺ روشني وجهجي ٿي.

 ⏪زبان ۾ ڏار :-
◀جيڪڏھن زبان ۾ گهنج يا ڏارون ھجن يا زبان ڦڪي ھجي ۽ واتان ڌپ اچي تہ يقيني طرح سمجهجي تہ وات ۾ بيڪيٽيريا آھن ۽ زبان جا اھي گهنج يا زبان جون ڏارون بيڪيٽيريا جي محفوظ پناھ گاھ آھن. انهن کي آئيني ۾ ڏسي سگهجي ٿو. پڪ ڪرڻ لاء وات ۾ آڱر ٻوڙي ان کي چٽجي. بعد ۾ آڱر ڪڍي سڪائي 30 سيڪنڊن ۾ ان کي سنگهجي، جيڪڏھن ان ۾ ڌپ آھي تہ سمجهجي تہ زبان ۾ سلفر سالٽ يا سلفائيڊ موجود آھن ان ڪري زبان ۾ ڌپ ٿي چڪي آھي.

⏪مردانا ڪمزوري :-
◀وات مان ڌپ اچڻ جو ھڪ سبب مردانا ڪمزوري آھي. اي ايم ھاسپيٽل اينڊ جي ايس  ميڊيڪل ڪاليج  جي جنسي شعبي جي سربراھ ڊاڪٽر راجن ڀوسلي جو چوڻ آھي تہ وات مان ڌپ اچڻ جيري جي خرابي ٿي سگهي ٿي. جڏھن جسم ۾ گلوڪوز ٺيڪ نموني تحليل نہ ٿئي تہ چرٻي جي تحليل شروع ٿي وڃي ٿي، جنھن جي ڪري پگهر ۽ ساھ مان ڌپ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ وات مان ڌپ اچڻ لڳي ٿي. جڏھن جيرو ڪمزور ھجي يا جيري ۾ ڪا خرابي ھجي تہ رت ۾ ٽيسٽاسٽيرون جي سطح گهٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري مردانا ڪمزوري گهٽ ٿي وڃي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تہ وات جي ڌپ کي نظرانداز نہ ڪجي ۽ خاص ڪري ان جي تشخيص ۽  علاج تي توجھ ڏيڻ کپي.

⏪ڊائيٽ :-
◀ورزشي منصوبا جن ۾ پروٽين جي مقدار وڌائي وڃي ٿي يا نشاستي جي مقدار گهٽائي وڃي ٿي، انهي سان جسم ۾ ھڪ خاص عمل پيدا ٿئي ٿو جنھن کي ڪيٽوسس چئجي ٿو. ھي درحقيقت ميٽابولزم جو حصو آھي جنھن ۾ جسم پنھنجي توانائي پوري ڪرڻ لاء رت ۾ موجود ڪيٽون جسمن جو سھارو وٺي ٿو جنھن جي ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿئي ٿي گڏ گڏ جيڪڏھن ڊائيٽ جاري رھي تہ وات ۾ ڌپ اچي وڃي ٿي ڇوجو ورزش سان جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. جيڪڏھن توھان جسم ۾  پاڻي جو مقدار پورو نٿا رکو تہ گگ ٺھڻ جي مقدار گهٽ ٿي وڃي ٿي، گگ جي کوٽ وات جي ڌپ جو سبب بنجي ٿي. گگ وات جي ڌپ ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي جنھن جي ڪري وات ۾ ڪٽ Plaque ۽ بيڪيٽيريا جي ٺھڻ عمل گهٽ رھي ٿو. جڏھن وات ۾ گگ نٿي ٺھي تہ ڪٽ Plaque ۽ بيڪيٽيريا جي ٺھڻ جو عمل تيز ٿي وڃي ٿو ۽ وات مان ڌپ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿي. ان جو مطلب آھي گهڻي ڊائيٽ تي نہ ڀاڙجي نڪي گهڻي ورزش ڪجي.

⏪چانھن جو گهڻو استعمال :-
◀کنڊ جي گهڻي واھپي سان بيڪيٽريائن ۽ ڪٽ Plaque  جي افزائش ۾ تيزي اچي وڃي ٿي ڇوجو کنڊ جا ماليڪيول گگ ۾ تحليل ٿي سلفر ٺاھن ٿا جڏھن تہ شڳر آجي کنڊ پيٽ جي ڦلڻ جو سبب بنجي ٿي.

⏪ڏندن يا بڊن جي خرابي :-
◀ڪڏھن ڪڏھن ڏندن ۾ زھريلا مادا اچي وڃن ٿا جن جي ڪري وات ۾ ڌپ اچي ٿي ۽ معدي جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي جنھن جي ڪري وات ۾ ڌپ اچي وڃي ٿي.

⏪معدي جون خرابيون :-
◀معدي جي خرابي جي ڪري ۔ معدي جي تيزابيت ۽ معدي جي ساڙي جي ڪري وات ۾ ڌپ ٿئي ٿي.

⏪گهڻو ڳالهائڻ :-
◀گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري زبان ۽ ڪاڪڙو خشڪ ٿي وڃي ٿو ۽ واتان ڌپ اچڻ جو سبب بنجي ٿو. جيڪي ماڻھو وات جي ذريعي ساھ کڻن ٿا يا گهڻي ڳالهائڻ جي عادت رکن ٿا انهن سان وات ۾ ڌپ وارو مسئلو درپيش ٿئي ٿو. استادن ۔ وڪيلن يا ڪال سينٽر تي ڳالهائيندڙن کي خاص خيال رکڻ کپي تہ اھي ٿوري دير بعد پاڻي پيئندا رھن تہ جيئن وات خشڪ نہ ٿئي.

⏪ڪم جي گهڻائي :-
◀گهڻي ڪم ڪرڻ سان وات ۾ خشڪي پيدا ٿئي ٿي. بلغاريا جي يونيورسٽي صوفيہ ميڊيڪل يونيورسٽي جي تحقيق مطابق گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري ذھن تي دٻاء پوي ٿو نتيجي طور ذھن تي دٻاء پوڻ سان وات ۾ بيڪيٽيريائن کي نشونما ۾ مدد ملي ٿي. ان ڪري گهڻي ڪم دوران گرڙا ضروري آھن.

⏪کاڌو ڇڏڻ :-
◀وقت تي نيرن نہ ڪرڻ ۽ رات جو دير سان کائڻ قوت مدافعت کي ڪمزور ڪري ٿو جنھن جي ڪري بيڪيٽيريا وات ۾ وڌن ٿا. سوئيزلينڊ جي برن يونيورسٽي جي ڊينٽل ڪلينڪ جو چوڻ آھي تہ کاڌي کان پوء ٻن ڪلاڪن تائين وات مان ڌپ نٿي اچي ۽ جيڪڏھن کاڌي ۾ ريشيدار شيون استعمال ڪيون وڃن تہ اڃان بہ وقت ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو.

⏪ٻيرڙا :-
◀جڏھن کاڌي جا ذرا ۔ مردا گهرڙا ۽ نڪ جو مواد پاڻ ۾ ملي بيڪيٽيريا ٺاھن ٿا جيڪي ٻيرڙن ۽ زبان جي پوئين حصي تي ڪٺا ٿين ٿا ۽ وات ۾ ڌپ اچي وڃي ٿي.

⏪خشڪ ميوا :-
◀خشڪ زردالو ۔ خشڪ آلوبخارا ۽ ٻين اھڙن خشڪ ميون ۾ وڌيڪ کنڊ ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ ڌپ پيدا ڪرڻ وارا بيڪيٽيريا پيدا ٿي وڃن ٿا. ھن خشڪ ميون کي کائڻ کان پوء اڪثر ھنن جا ذرا ڏندن جي سوراخن ۾ ويھي رھن ٿا ان ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿي وڃي ٿي ان ڪري ميون کائڻ کان پوء گرڙا ۽ برش ضروري آھن.

⏪ڏندن ۾ ڏارون :-
◀جيڪڏھن ڏندن ۾ خال آھن تہ اتي کاڌي جا ذرا ڦاسن ٿا ۽ بيڪيٽيريا جي افزائش وڌي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ڏندن جا مرض ۔ بڊن جا مرض ۔ وات ۾ ڌپ ۽ ساھن ۾ ڌپ پيدا ٿئي ٿي.

⏪پروٽين جو گهڻو استعمال :-
◀جڏھن غذا ۾ نشاستي جو استعمال گهٽ ڪجي ٿو ۽ پروٽين جو واھپو گهڻو ڪجي تہ جسم توانائي لاء چرٻي ڳارڻ شروع ڪري ٿو ان عمل دوران ھڪ ڪيميائي جز ٺھي ٿو جنھن کي ڪيٽونيز چيو وڃي ٿو جيڪو وات ۾ ڌپ جو سبب بنجي ٿو ۽ ائين ٿيڻ سان ڏندن جي صفائي ڪو مسئلو حل نٿي ڪري.

⏪نزلو يا زڪام :-
◀ساھ جي نالي ۾ نزلي ۔ زڪام يا کنگھ جي ڇوت لڳڻ ڪري ساھ ۽ وات ۾ ڌپ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ان جو سببنڪ ۾ بيڪٽيريا جو بنجڻ آھي.

⏪ڪنھن قسم جو زخم :-
◀وات ۾ زخم ھجڻ ڪري ڇوت پيدا ٿئي ٿي ۽ بيڪيٽيريائن کي واڌويجھ جو موقعو ملي ٿو جنھن جي ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿي وڃي ٿي.

⏪دوائن جو استعمال :-
◀دوائن جي استعمال سان وات جي گگ متاثر ٿئي ٿي ۽ وات خشڪ ٿئي ٿي. وات جي گگ وات ۾ موجود خوراڪ جي ذرن ۽ بيڪيٽيريائن کي صاف ڪري ٿي.

⏪ڪافي ۽ چانھن جو گهڻو واھپو :-
◀ڪافي ۽ چانھن سان ڏند خراب ٿين ٿا ۽ واتان ڌپ اچي ٿي.

◀تماڪ نوشي :-
◀سگريٽ پيئڻ سان ڦڦڙ ڪمزور ٿين ٿا ۽ ساھ رستي واتان ڌپ اچي ٿي.

◀وات جي ڇوت :-
◀جيڪڏھن وات ۾ انفيڪشن ھوندو تہ وات مان ڌپ ايندي.

⏪احتياط ۽ اپاء :-
◀روز ڏينھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 لٽر پاڻي پيئجي.
◀ڊائٽ ۾ اھڙيون سبزيون استعمال ڪجن جيڪي سخت ھجن جيئن گجر يا صوف وغيرھ. انهي ڊائيٽ سان ڪوبہ فرق نہ پوندو ۽ انهن جي سختگي جي ڪري وات ۾ پيدا ٿيڻ واري ڪٽ Plaque  رھڙجي نڪري ويندي.
◀کاڌي کي چٻاڙي چٻاڙي کاڌو وڃي.
◀وات جي گگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي.
◀ڏينھن ۾ 2 ڀيرا برش ڪجي. برش ڪرڻ وقت برش کي زبان تي بہ رڳڙجي تہ جيئن بيڪيٽيريا کان نجات پائي سگهجي.
◀کنڊ واريون شيون گهٽ استعمال ڪجن.
◀ڀاڄين ۾ جيرو ۽ سڄي دالچيني جو استعمال ڪيو وڃي.
◀نيم گرم پاڻي ۾ لوڻ ملائي گرڙا ڪجن. انهي عمل سان مئل يا گهرڙا وات مان نڪري ويندا ۽ وات ۽ ساھن مان ڌپ ختم ٿي ويندي.
◀چٽپٽن کاڌن ۔ چانھن ۽ ڪافي کان پرھيز ڪجي.
◀منھن جي ڌپ جو وڏو سبب صفائي آھي ان ڪري جنھن کي وات ۾ ڌپ آھي اھو نم جو ڏندڻ ڏئي.
◀ڏينھن ۾ ٽي دفعا پاڻي سان گرڙا ڪجن جيئن وات صاف ٿئي ۽ گگ پيدا ٿئي.
◀جيڏي مھل وات ۾ خشڪي محسوس ٿئي تہ پاڻي پيئجي يا گرڙو ڪجي يا ڍڪ پاڻي پي ڇڏجي.

⏪علاج :-
◀نازبو يا تلسي جا 6 پن ڌوئي روز کائجن. نازبو ۾ موجود ڪيمياڻ وات ۽ ساھن جي ڌپ کي ختم ڪندي.

⏪وڌ کان وڌ پاڻي جو استعمال :-
◀ايترو پاڻي پيئجي جو وات خشڪ نہ رھي ۽ وات مان بدبو نہ اچي.

⏪پاڻي :-
◀جيترو وات تر ھوندو وات ۾ ڌپ نہ ٿيندي. Hydration تراھٽ وات جي ڌپ جو علاج آھي. جڏھن جسم ۾ Dehydration خشڪي ٿئي ٿي تہ منھن ۾ گگ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ اھائي ڪمي وات جي ڌپ جو سبب بنجي ٿي.

⏪وٽامن سي :-
◀جيڪي بہ کٽا ميوا آھن اھي وٽامن سي سان ڀرپور ٿين ٿا.وٽامن سي ۾ مالٽو ۔ ليمو ۽ الوبخارا ۽ ڏاڙھون وغيرھ اچي وڃن ٿا. کٽن ميون کائڻ سان وات مان ڌپ ختم ٿي وڃي ٿي.

⏪صوف :-
◀جيڪا شي چٻاڙي کائجي ٿي اھا گگ پيدا ڪرڻ ۾ تحريڪ پيدا ڪري ٿي ۔ قدرتي طور تي وات جي صفائي ڪري ٿي ۽ وات ۾ ڌپ اچڻ نٿي ڏئي اھي سڀ خوبيون صوف ۾ اچي وڃن ٿيون.

⏪دالچيني جي چانھن :-
◀ماھرن مطابق دالچيني جي چانھن وات ۽ منھن کي مھڪائي ٿي. ان ڪري جن کي وات ۾ ڌپ رھي ٿي انهن کي روز ھڪ دفعو دالچيني جي چانھن پيئڻ کپي.

⏪ڦودنو :-
◀ڦودنو ھاضم ۽ معدي جي اصلاح ڪندڙ آھي. جيڪڏھن وات ۾ ڌپ رھي ٿي تہ ڦودني کي ڀاڄين جو حصو بنائڻ گهرجي.

⏪گرڙا ڪرڻ :-
◀ڏندن ۾ اڪثر کاڌي کائڻ کان پوء ذرڙا ڦاٿل رھن ٿا جن جي ڪري وات ۾ بدبو ۽ ڪٽ چڙھي وڃي ٿي ان ڪري ضروري آھي ڏندڻ سان گڏ گرڙا ڪجن. گرڙن سان وات صفا ٿي ويندو. گرڙن جي عادت ڏينھن ۾ 3 دفعا اپنائڻ کپي.

⏪فلاسنگ ڪرڻ :-
◀گهڻا ماڻھو کاڌي کان پوء ڏندن مان کاڌي جا ڦاٿل ذرڙا نٿا ڪڍن جنھن جي مائيڪروب جي وڏي تعداد ڏندن ۾ ڦاسي وڃي ٿي جيڪا ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿي ۔ بڊن ۾ ڇوت آڻي ٿي ۽ ڏندن کي ڀرڀرو ڪري ٿي ان ڪري ضروري آھي کاڌي کائڻ کان پوء ڏندن مان ذرڙا ڪڍجن ۽ گرڙا ڪجن.

⏪زبان جي صفائي :-
◀روز ھڪ دفعو زبان صاف ڪجي ڇوجو زبان صاف ڪرڻ سان ڏند ۽ بڊ صحتمند ٿي وڃن ٿا ۽ وات بيڪيٽيريا کان بچيل رھي ٿو.

⏪ميون جو استعمال :-
◀ڪوشش ڪري چٻاڙڻ وارا ميوا کائجن جيئن وات جي ورزش ٿئي ۽ ڏند صاف رھن جيئن گجر ۔ ناسپتي ۔ امرود ۔ صوف.

⏪نسخو :-
◀جيرو    تولو
◀ھرٻو     تولو
◀ڦودنو        تولو
◀مصري   تولو
◀ڪٽي پائوڊر ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجن.
◀چپٽي صبح شام کائجي.

⏪ليمو :-
◀ليمو نپوڙي گلاس پاڻي ۾ وجهجي.
◀اڌ گلاس پاڻي پيئجي ۽ اڌ گلاس پاڻي سان گرڙا ڪجن.

⏪ننڍو ڦوٽو :-
◀روز ھڪ ننڍو ڦوٽو کائجي.

⏪نازبو يا تلسي جا پن :-
◀نازبو جا 8 پن روز چٻاڙي چٻاڙي کائجن.

⏪نم جا پن :-
◀10 عدد نم جي پنن کي پاڻي گلاس ۾ ڪاڙھي پاڻي اڌ بچائجي ۽ ڇاڻجي. ان پاڻي کي ٿڌو ڪري ان سان گرڙا ڪجن.

⏪نسخو :-
◀جيرو         10 گرام
◀آورا           10 گرام
◀ڦودنو        10 گرام
◀ھرٻو          10 گرام
◀پٽ پيرون  10 گرام
◀سڀ ڪٽي پائوڊر ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجن.
◀چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.

⏪نسخو :-
◀نيم گرم پاڻي ڪوپ
◀دالچيني پائوڊر چپٽي
◀مٺي سوڊا اڌ چمچو ننڍو
◀سڀ ملائي گرڙا ڪجن.
◀وات جا بيڪيٽيريا ختم ٿي ويندا ۽ وات جي ڌپ ڌور ٿي ويندي.

◀نوٽ :- وات ۾ ڌپ جي شدت ھجي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي تہ بھتر آھي.
◀ڪوبہ نسخو روز ھڪ وقت ھڪ استعمال ڪجي.

مردانہ ڪمزوري ڪھاڻي

MyDairyAsgharSagar


تحرير عبيد ٿھيم

ھُن سان بحث ۾ مون ڪڏھن بہ نہ کٽيو آھي، سدائين ھارائي ويندي آھيان ڇوتہ ھُو مرد آھي ۽ ميل ڊامِنيٽ سوسائٽِي ۾ مرد انتھائي طاقتور آھي، ھُن کان ڪابہ گهريلو مائِي کَٽي ناھي سگهِي…اڄ بھادُر عالم ڊائِننگ ٽيبل تي ناشتي وقت پڇڻ لڳو:
”فرحہ! توھان عورتون ڪمزور ڇو آھيو؟“
مون چانھن ڪوپن ۾ لاھيندي ھن ڏانھن سواليہ نگاھن سان نھاريو.. اخبار جِي مُکيہ صفحي تان نظر ھٽائيندي چوڻ لڳو :
” توھان عورتون ايتريون تہ ڪمزور آھيو! مُڙس جيڪر ٿورو بہ جذباتِي ٿي توھانکي چماٽ ھڻي ٿو تہ پيڪين ڀڄي وينديون آھيو..يا گهر ۾ مُنھن سُڄائي ويٺيون ھونديون آھيو“
مون وٽ ڪوبہ جواب نہ ھو.. چانھن جو ڪوپ سِرڪائيندي کيس چيم
”اسان عورتون واقعي بہ ڪمزور آھيون..!“
ھُن جي چھري تي فاتحانہ مُرڪ تَرِي آئي..اخبار جو پَنو اُٿلائيندي چانھن جي سُرڪ ڀريائين… مُنھنجي نظر اخبار جي اشتھارن واري صفحي تي پئي، جنھن جي سُرخيءَ ۾ لکيل ھو’”مردانہ ڪمزوريءَ جو علاج!‘“.
مون چانھن جي سُرڪ ڀريندي پنھنجي ڳالھہ جارِي رکندي چيو :
”پر اسان عورتون توھان مردن کان وڌيڪ سُلجهيل آھيون! جو پنھنجي ڪمزوريءَ جا پَڙھا تہ نٿيون ڏيون…“

All birds pee & poo from the same place cloaca. سڀ پکي پيشاب ۽ وٺ ساڳي جڳھ ڪلوڪا مان ڪن ٿا.

MyDairyAsgharSagar


"اصغر ساگر'

پکين جي نيڪالي جو سرشتو ھڪ جڳھ مان ٿئي ٿو جنھن کي اسان پکين جي اھڙي ترتيب جي ارتقا چئون ٿا. پکي وٺ ۽ پيشاب لاھن ٿا مگر ھڪ ئي وقت ڪلوڪا ذريعي. انهن ۾ اخراج جو ھڪ ئي سوراخ ھوندو آھي۔ پيشاب اتان وٺ بہ اتان ۔ وٺ ۾ پيشاب مليل ھوندو آھي. پکين کي اندر پيشاب جي نالي ۽ آنڊا ٿين ٿا پر اھي ساڳي جڳھ تان نڪرن ٿا ۔ ھڪ جڳھ ٻنهي ڪمن واسطي استعمال ٿئي ٿي دراصل پکين جي وٺ ۾ پيشاب ھوندو آھي. پکين جو بڪين ۽ آنڊن جو الڳ نظام آھي مگر وٺ ۽ پيشاب ھڪ جڳھ ڪلوڪا مان ڪندا آھن انهن جي وٺ ۽ پيشاب جو نظام ھڪ نالي مان ٿئي ٿو جنھن کي اسان ڪلوڪا چئون ٿا ڇوجو انهن جي ارتقا اھڙي نموني ٿيل آھي. پکي ڌار نموني پيشاب ناھن ڪندا.

پنھنجي تعريف Self Praise

MyDairyAsgharSagar

"راول رشيد"

افلاطون (374ق.م) کان ڪنھن پڇيو
”اها ڪھڙي ڳالھ آھي جيڪا سچي بہ هجي، تڏهن بہ نہ ڪرڻ گهرجي....؟؟“

افلاطون چيو؛

"پنھنجي تعريف“

Wisdom doesn't depend on sainthood عقل بزرگي تي ناھي

MyDairyAsgharSagar


"راول رشيد"

اسپين جي بادشاھ فلپ دوم (1556_1598ع) هڪ بغير ڏاڙهي واري نوجوان کي پوپ ڏانهن بطور سفير ڪري موڪليو.
پوپ نوجوان کي ڏسي فلپ تي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس لکيائين
"اسان کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک رسيو آهي تہ تو هڪ ڏاڙهي ڪوڙيل نوجوان کي اسان ڏانھن موڪليو آهي ڇا تو وٽ ڪي تجربہ ڪار، عمر رسیدہ ۽ باريش (ڏاڙهي وارا ) ماڻهو ڪونہ هئا!؟"
فلپ جواب ۾ لکيو
"اي مقدس پيءُ! اگر مونکي خبر هجي ها تہ توهان ڏاڙهي کي ايتري وڏي اهميت ڏيو ٿا تہ آئون ان نوجوان جي بدلي ڪو ٻڪرو ئي موڪلي ڏيان ها

Mind and stream ذھن ۽ وھڪرو

MyDairyAsgharSagar

"اصغر ساگر"

One day Guatma Buddha was walking through a mountanious region.  He felt thirsty and asked one of his disciple to fetch a bowl of water for him from the nearby stream . When the disciple reached there he saw that some carts had just passed through, muddying everything. He came back and told this to Buddha.
Buddha asked him to go there again to fetch water. When the disciple went there for the second time he saw that the water was settled and now was clear . He filled the bowl with water and brought it to Buddha .
Buddha turned to him and told him that our mind is like that stream .. Sometimes the peace of our mind is disturbed by anger but if you give it a few minutes of silence it will come back to its natural state ..
ھڪ ڏينھن گوتم ٻڌ پھاڙين مان پنڌ ڪري رھيو ھو. ھن کي اڃ لڳي ۽ پنھنجي ھڪ پوئلڳ کي ويجهي وھڪري مان پاڻي ڀري اچڻ لاء چيو. جڏھن ھن جو پوئلڳ اتي پھتو، ھن ڏٺو تہ ڪجھ گاڏا ھاڻي ھاڻي اتان گذريا آھن ۽ ھر شي کي خراب ڪيو اٿن. ھي واپس آيو ۽ اچي اھو ٻڌ کي ٻڌايائين.
ٻڌ ان کي اتي وري وڃي پاڻي ڀري اچڻ لاء چيو. جڏھن پوئلڳ اتي ٻيو دفعو پھتو، ھن ڏٺو تہ پاڻي آٺرجي ويو آھي ۽ ھاڻي صاف ٿي ويو آھي. ھن پاڻي سان پيالو ڀريو ۽ان کي ٻڌ وٽ کڻي آيو.
ٻڌ ھن ڏي مڙيو ۽ ھن کي چيو تہ اسان جو ذھن وھڪري وانگر ھوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اسان جو ذھن ڪاوڙ جي ڪري منجهي پوندو آھي پر جيڪڏھن تون ان کي خاموشي جا ڪجھ منٽ ڏين ٿو تہ اھو وري ساڳي حالت ۾ اچي ويندو.

ماء Mother

MyDairyAsgharSagar


"اصغر ساگر"

ھن تصوير کي بھترين تصوير قرار ڏنو ويو آھي جنھن فوٽو گرافر ھرڻي تي چيتن جي حملي وقت ھي فوٽو ڪڍيو، اھو روئي پيو.
ھرڻي پنھنجي ٻچن سان گڏ ھئي تہ اوچتو چيتن حملو ڪيو. ھرڻي موقعو وٺي پنھنجن ٻچن کي ڀڄايو، پاڻ بيھي رھي جيئن چيتا ھن کي کائن ۽ ھن جا ڦر ڀڄي وڃن. ھن پنھنجو پاڻ کي چيتن آڏو پيش ڪري ڇڏيو ۔ چيتن ھن تي حملو ڪيو ۔ ھن کي کائڻ لڳا ۽ ھرڻي اطمنيان سان پنھنجي ٻچن کي ڏسندي رھي جيڪي چيتن جي پھچ کان دور ٿي چڪا ھئا. ائين ماء پنھنجي قرباني ڏيئي پنھنجي مامتا جو حق ادا ڪيو ۽ چيتن جو کاڄ ٿي وئي. جڏھن فوٽوگرافر اھو منظر ڏٺو ۔ ان جو جيء جهري پيو. ھرڻي جي کائجڻ جي سڄي منظر دوران روئندو رھيو.

Hitler and his beloved Eva Braun ھٽلر ۽ ان جي محبوبا ايوا برائون

MyDairyAsgharSagar
"عبدلواحد آريسر"

ھٽلر (Hitler) جو ڪنڌ ايوا برائون جي ھنج ۾ آھي. ھن جي نظر ايوا برائون جي گھرين نيرين اکين ۾ کتل آھي. ايوا برائون جي سونھري وارن جون چڳون ھٽلر جي چھري کي ڇھي رھيون آھن. چانسلري عمارت آمريڪي جھازن جي بمباريءَ کان ائين ڏڪي رھي آھي، جيئن ڪنھن ڪاموري جي دل نوڪري وڃڻ جي ڊپ کان ڏڪندي آھي.
فضا ۾ ھٽلر جو آواز:
”ھاءِ مون ڪيڏا نہ خوبصورت خواب ڏٺا ھئا جرمن قوم کي عظيم بڻائڻ لاءِ ۽ ان کي دنيا جو فاتح بڻائڻ لاءِ. انھيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ مون زندگيءَ جا سڀ مزا ڇڏيا، آءٌ ھن عظيم ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويس. اُھي منھنجي خوشقسمتيءَ جا ڏينھن ۽ ڏاڍا خوبصورت پڻ. بلڪل تنھنجي اکين ۽ وارن جھڙا. جڏھن برلن ۽ ميونخ جي جلسي گاھن ۾ عورتن ۽ مردن جون تاڙيون ۽ نعرا مون تي وسڪيءَ جي بوتلن جو نشو طاري ڪري ڇڏيندا ھئا ۽ اڄ منھنجي بدقسمتيءَ جا ڏينھن آھن جو منھنجي قوم تباھ ٿي رھي آھي، منھنجي ڌرتي جلي رھي آھي. جرمنيءَ جا خوبصورت کيت سڙي رھيا آھن، جرمن جوان ڪسجي رھيا آھن. آئون جرمنيءَ کي عظيم بڻائي نہ سگھيس. ھاءِ منھنجي جرمني. ايوا! منھنجي آخري خواھش ۽ خوشقسمتي اھا آھي، جو منھنجو مٿو تنھنجي ھنج ۾ آھي. اڄ آئون سمجھان ٿو تہ مون شڪست کاڌي آھي اتحادين کان ۽ فتح حاصل ڪئي آھي تنھنجي دل جيتي.“
ڏور فضائن مان نھروءَ جو آواز:
”ڪنھن قوم جي عظمت ۽ تھذيب جا معيار حقيقت ۾ ان قوم جا فلسفي، شاعر، اديب ۽ فنڪار قائم ڪندا آھن نہ ايندڙ ويندڙ ۽ کٽيندڙ ھارائيندڙ سياستدان، جن جي حڪم تي فوجون حرڪت ۾ اينديون آھن. جھاز اڏامندا آھن ۽ بمباري ڪندا آھن. جلاد ڪوس ڪندا آھن ۽ جيل ڀريندا آھن.“
ھٽلر جو آواز:
”ٺيڪ آھي، شھر تباھ ٿيندا، جوان ڪسندا، کيت سڙندا پر گٽار ۽ بوڙينڊو رھندا. ھيگل کي ڪوبہ ختم ڪري نه سگھندو ۽ جرمن قوم وري بہ پوري سگھ سان اٿندي ۽ پنھنجي عظمت ھٿيارن وسيلي نہ پر ھنرمند ھٿن ذريعي حاصل ڪندي. ڪاش اھو ھندي آواز مون تائين گھڻو اڳي پھچي ھا. پر ايوا ھني! اھو زھر جو ڪيپسول پھرين تون کاءُ ۽ پوءِ مونکي کاراءِ تہ جيئن آمريڪي اسانکي جيئري پڪڙي نہ سگھن.“
ڏُور اوڀر کان سوئيڪارنو جو آواز:
”عورت ۽ گُل کي صرف وحشي ۽ درندا ئي چيڀاٽيندا ۽ ماريندا آھن. عورت ۽ ڌرتيءَ کي فتح نہ ڪريو پر انھن سان پيار ڪريو تہ جيئن ٻنھي ۾ تخليقي عمل جاري رھي. گُل کي چيڀاٽيو نہ، نہ تہ توھان جو ذھن بہ چيڀاٽجي ويندو.“ انھيءَ آواز تي ھٽلر ۽ ايوا برائون ڪوبہ ڌيان نٿا ڏين ۽ آپگھات ٿا ڪن.

پيڙھي مختصر ڪھاڻي

MyDairyAsgharSagar

"ممتاز لوهار"

سجيلا پٺيري بيٺل پيءۡ جي ڳچيء ۾ ٻانھون هار ڪري چيو “بابا ٻين لئہ جيئڻ ڀلو يا پنھنجي لاء؟”

“ٻين لاء ڌيءُ.”
هن مرڪي وراڻيو.

“بابا! پيءُ جي پيڙھي پٽ وڌائيندا آھن نہ؟”

“ها.”
پيءُ ڏڪندڙ ھٿ ڌيءُ جي هٿن تي رکي چيو.

“۽ ڌيئر بابا؟”

“اهي ٻين جي پيڙھي وڌائينديون آھن.“
 هن ڪنڌ ورائي ڌيءُ کي چيو.

“ان جي معنيٰ تہ پٽ پنھنجي لاء جيئندا آھن ۽ ڌيئر ٻين لاء.... ها نہ بابا؟”
پيء ماٺ جي اونداهي گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو.

Monday, 19 November 2018

محبت ۽ قرباني Love and sacrifice

MyDairyAsgharSagar


"اصغر ساگر"

چوندا آھن تہ محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجھ جائز آھي ۔ محبت پنھنجو پاڻ کي پائڻ کان سوا ڪجھ بہ ناھي گهرندي اڃان اڳڀرو وڌي قربانيون ڏيئي پنھنجو پاڻ کي موکيندي آھي. اھڙي قرباني ڏيئي جاپاني شھزادي پنھنجو نالو مرقوم ڪيو آھي. جاپاني شھزادي پنھنجي محبت پائڻ خاطر شاھي اعزاز ڇڏي ڏنا ۽ شاھي خاندان کان ڌار ٿي وئي.
جاپاني بادشاھ اڪيتو جي هڪ ٻي پوٽي 27 سالن جي شھزادي محبت خاطر بادشاهت کي الوداع ڪري هڪ عام شھري سان شادي ڪري ورتي آهي، شھزادي آياڪو جاپان جي بادشاھ جي ڪزن جي ڌيءُ آهي، جنھن هلندڙ سال پھرين جولاءِ تي اعلان ڪيو هو تہ هوءَ هڪ عام شهري سان شادي ڪندي. هن هڪ عام شھري سان محبت  ٿيڻ بعد پنھنجي شاهي خاندان کي اطلاع ڪري ڇڏيو هو، جنھن بعد شاهي خاندان بہ سندس محبت کي تسليم ڪري ورتو. شاهي خاندان پھرين جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته 27 سالن جي شهزادي آياڪو جي مڱڻي آگسٽ ۽ شادي آڪٽوبر مهيني ۾ ڪئي ويندي. شهزادي آياڪو شپنگ ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ 32 سالن جي مريو سان شادي ڪئي، جنھن سان سندس محبت ان وقت ٿي جڏهن شهزادي جي ڪائي موريو سان پنهنجي ئي خاندان هڪ ٻي شھزادي جي توسط .سان 2017 ۾ ملاقات ٿي
ڪجھ ڏينھن پھرين جاپان جي گادي جي ھنڌ ٽوڪيو جي ميجي مزار تي جاپاني شھزادي آياڪو 32 سالن جي عام شھري سان شادي رچائي بادشاھت خيرباد چيو. شھزادي آياڪو جو تعلق شاھي خاندان سان آھي جڏھن تہ موريا نيپون يوسين ھڪ ڪمپني ۾ ملازم آھي.
شاھي خاندان جي اصول مطابق جيڪڏھن ڪا شھزادي خاندان ۾ شادي ڪندي تہ اھا شھزادي رھندي پر جيڪڏھن خاندان کان ٻاھر شادي ڪري ٿي تہ ان کان شاھي خاندان جو تاج واپس ورتو ويندو آھي ان ڪري شاھي خاندان شاھي خاندان کي ڇڏڻ وقت 3 تقريبون منعقد ڪيون وينديون آھن.
جاپان جي شاھي خاندان ۾ شھزادي جي شاھي اعزاز تان دستبرداري لاء روايتي ۽ پروقار تقريب رکي وئي. تاريخي رسمن جي پوراء لاء ٽن مقدس مقامن ڪشيڪودوڪوڪورو ۔ ڪوريي دين ۽ شندين ۾ تقريبون سٽيون ويون.
شھزادي ٽنهي مقامن تي ثقافتي لباس پھريو. ٽنهي مقامن تي حاضري ڀري جتي مذھبي رسمون ادا ڪري ۽ دعائون گهري شھزادي کي شاھي خاندان کان ڌار ڪيو ويو.
ٽنهي مقدس مقامن تي رسمون ادا ڪرڻ کان پوء شھزادي آياڪو شھزادي ناھي رھي. شاھي خاندان پنھنجي سابقا شھزادي جي اعزاز ۾ چوڪين نوگي جي مقام تي خصوصي الوداعي تقريب ادا ڪئي وئي.
ھن جي مڙس موريا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ھي شھزادي آياڪو جو زندگي ڀر ساٿ ڏيندو ۽ عھد وفا کي پاڙيندو جڏھن تہ شھزادي آياڪو جو چوڻ ھو تہ ھوء شادي مان ڏاڍي خوش آھي ۽ شاھي خاندان جي خدمت جاري رکندي. واضح رهي تہ جاپان جي شاهي خاندان جي هيءَ مسلسل ٽين شھزادي آهي، جنھن عام شهري سان شادي ڪئي آهي. ان کان اڳ 2017ع ۾ شاهي خاندان جي شهزادي بہ عام شهري سان شادي ڪئي هئي.

Boo Ali Sina بو علي سينا

MyDairyAsgharSagar


"راول رشيد"

بو علي سينا جو پٽ بيمار هو. هن ڪافي علاج ڪيو پر بچي نہ سگهيو..
پٽ جي لاش کي ڏسندو رهيو ته اوچتو هڪ غمخوار پڇي ورتو
”حڪيم! هن جي موت جو سبب ڇا هو!؟“
بو علي سينا جواب ڏنو
آئون تہ هن جي زندگيءَ جو سبب پيو ڳوليان!
موت تہ بعد ۾ آيو آهي.