Saturday 24 November 2018

Black hole ڪارونڀار

"دريا خان سنڌي"

سڀ کان پھرين ڏسون ٿا تہ ڪارونڀار Black hole ٺھن ڪيئن ٿا. دراصل ڪارونڀار Black hole جو جنم وڏي ستاري جي موت سان ٿئي ٿو. ستارا گهڻو ڪري هيڊروجن جي وڏي مقدار تي مشتمل ٿين ٿا جن جي ڪشش گهڻي هجڻ ڪري انهن جي تري ۾ جوھري ردعمل Fusion reaction جي مدد سان ھيڊروجن هيليم ۾ تبديليءَ ٿيندي رهندي آهي. ان دوران وڏي پيماني تي توانائي تابڪار جي صورت ۾ خارج ٿيندي رھندي آهي. توانائي ۽ ڪشش جو ويجهو هڪ توازن قائم رهندو آهي جنھن جي مدد سان جوھري ردعمل Fusion reaction جاري رهندو آهي تہ ستارو Stable مظبوط رهندو آهي. جيڪڏهن ستارو اسان جي سج کان گهڻو وڏو هوندو تہ ان جي تري ۾ موجود حرارت ۽ داٻ جي ڪري ان ۾ موجود هائيڊروجن هيليم کانپوءِ ڀاري عنصر Heavier Element ۾ ڳرڻ لڳندي آهي ايستائين جو لوھ جهڙو Heavy element ڳرو عنصر ٺھڻ لڳندو آهي. لوھ ستاري جي تري ۾ ٺھڻ شروع ٿيندو آهي ۽ جڏھن هي هڪ وڏي مقدار ۾ ٺھي ويندو آهي تہ ان جي ڪري مايو وڌي ويندو آهي جنھن جي ڪري توانائي ۽ ڪشش جو توازن ٽٽي پوندو آهي. انهي طرح سڄو ستارو تري ۾ ڌو ڪري ڪري پوندو آھي ۽ هي ستارو هڪ سيڪنڊ کان بہ گهٽ وقت ۾ ٽٽڻ ڦٽڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ سڄو مايو تري ۾ روشني جي رفتار جي چوٿين حصي جي رفتار سان ڪرڻ لڳندو آهي. انهي لمحي ڪائنات جا سڀ Heavy ڀاري عنصر ٺھڻ لڳندا آهن ۽ Super Nova ڌماڪي سان ستاري جي موت ٿي ويندي آهي جنھن جي نتيجي ۾ نيوٽران تارو ٺھندو آهي. جيڪڏھن مايو گهڻو هجي تہ تاري جو سڄو مايو ان جي تري ۾ ڌڙام ڪري ڪرندو آهي ۽ ڪارونڀار Black hole جي صورت اختيار ڪندو آهي

ڪارونڀار Black hole ڇا هوندو آهي؟
جيڪڏهن اوهان ڪارونڀار Black hole ڏي ڏسندا ڄڻ تہ اوهان Event Horizon ڏي ڏسي رھيا ھوندئو. ائين ان کان اڳتي ڪارونڀار/بليڪ هول کي ڏسڻ ممڪن ناهي هوندو ڇوجو ان کان پوءِ روشنيءَ عڪس جي صورت ۾ واپس نٿي اچي سگهجي. جيڪڏهن ڪنھن شيء جي رفتار روشنيءَ کان بہ وڌيڪ هجي تہ اھا event Horizon افق مان نڪري سگهي ٿي ان ڪري اسان کي event horizon افق کان اڳتي ڪجھ ڏسڻ ۾ ناهي ايندو. اسان Singularity اڪائي جي باري ۾ ڪجھ يقين سان نٿا چئي سگهون ٿا تہ اُها ڇا آهي. اسان چئي سگهون ٿا تہ Singularity اڪائي جو مطلب سڄو پولاري مايو Mass space هڪ نقطي تي مرڪوز ٿئي ۽ انجي ڪا سطح يا ڪا مقدار Volume بہ نہ هجي ڄڻ تہ اسان ھن وقت ٽين وشال دنيا Three dimension world ۾ رهي رھيا هُجون. ڊيگھ ۔  ويڪر ۽ اوچائي ۽ Singularity اڪائي صرف هڪ وسعت Dimension  تي مشتمل ھجي ان ڪري ان کي سمجهي وڃڻ ٿورو مشڪل آھي.

جيڪڏهن اوهان ڪارونڀار  Black hole ۾ ڪري پئو تہ ڇا ٿيندو؟

جيڪڏهن اوهان ڪارونڀار Black hole ۾ ڪري پئو تہ ويجهي پھچڻ تي وقت ٿورو مختلف رويو ڏيکاريندو. ڪنھن ٻاهرئين مشاھدي لاء اوهان event horizon افق جي ويجهو پھچي ڍرا ٿي ويندا ايستائين جو اوهان ٿڌا ٿي ويندا ۽ اچانڪ غائب ٿي ويندا، اوهان لاءِ وقت تيزي سان گذرڻ لڳندو ۽ اوهان کي ڪائنات تيز نظر ايندي ۽ هڪ طرح سان اوهان مستقبل کي ڏسي رهيا هوندا. ھي انهي ڪري ٿيندو آهي ڇوجو ڪارونڀار Black hole جي ڪشش جي ڪري ان جي آسپاس پولاري وقت Space time بہ مڙي رهيو هوندو. ان کان پوءِ ٻہ ئي شيون ممڪن آهن ھڪ تہ اوهان جي جلدي موت ۽ ٻيو ان کان بہ جلدي تيز موت ٿي وڃي يعني اتان جي ڪشش ايتري گهڻي هوندي جو ڪجھ سينٽي ميٽر جو فاصلو طئي ڪرڻ سان لکين ڀيرا وڌي ويندي ۽ اوهان ان جي اثر جي ڪري پرٿ Plasma ۾ تبديل ٿي ويندا اھو بہ هڪ ايٽم کان بہ گهٽ مقدار ۾ يا اوهان event horizon افق کي پار ڪري تحليل ٿي ويندا.

ڪارونڀار Black hole مختلف جسامتن جا ٿين ٿا:

اسٽيلر ماس ڪارونڀار  Steller Mass Black hole سج جي مايي جي حساب کان ڪجھ ڀيرا وڌيڪ وڏا ٿين ٿا جيڪي وسعت Diameter ۾ هڪ  Asteriod سيارچي جيترا هوندا آهن
۽ سپر ميسو بليڪ ھول super massive Black Hole هي ڪھڪشان جي درميان موجود ٿين ٿا.
ھن وقت دريافت ٿيل ڪارونڀارن Black holes ۾ سڀ کان وڏو  ڪارونڀار/بليڪ هُول S50014+81 جيڪو سج  جي مايي کان 40 بلين وڌيڪ مايو رکي ٿو. هي 236.7 بلین ڪلوميٽر جي وسعت Diameter تي مشتمل آهي جيڪو 47 دفعا سج کان پلوٽو جي فاصلي جي برابر آهي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment