Tuesday 27 November 2018

Moon چنڊ


نھري جسامت رکندڙ هي گرھ ،جنھن کي اسين چنڊ سڏيون ٿا ،اُهو زمين کي ويجهي کان ويجهو گرھ آهي .قديم دؤر جي ماڻهن ۾ چنڊ بابت جدا جدا عقيدا رائج هئا ،ڪي هن کي پراسرار شيءِ سمجھندا هئا تہ ڪن جي خيال ۾ هي طاقت جو ديوتا هو. ڪي ماڻهو ان کي موسمن جو مالڪ ليکيندا هئا تہ ڪي چنڊ کي پنهنجي قسمت سان وابستہ سمجهندا هئا .چنڊ بابت اهڙين من گهڙت ڳالهين ۽ خيالن جو سلسلو ويھين صديءَ جي آغاز تائين هلندو رهيو .ان وقت تائين چنڊ جي بناوت جو خاڪو واضح نہ هو .ويھين صديءَ جي آخري ڏهاڪن کي ’خلا جي تسخير جو دؤر ‘سڏيو ويو آهي ،ڇو تہ هن دور ۾ ايجادن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان انسان جو صدين کان چنڊ تي پھچڻ وارو خواب پورو ٿيو.
چنڊ جي وجود بابت ڪيترا سائنسي نظريا موجود آهن ،جن مان ٽي بنيادي نظريا قابل ذڪر آهن:
نظريو پھريون : هن نظريي مطابق چنڊ زمين جو ئي ٽڪرو آهي ،جڏهن زمين جو وجود ابتدائي مرحلا طئي ڪري رهيو هو ۽ اڃا پگھريل صورت ۾ هو تہ ان حالت ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪندي ،ان جي شڪل ڊگھي ڪَروُ جھڙي ٿي وئي هئي .تڏهن ان جي جسم مان ٿورو ٽُڪر ٽُٽي ،جدا ٿي ويو ۽ پوءِ ان جي ئي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو. پاڻيٺ واري حالت ۾ جدا ٿيل ٽُڪرو ،جنھن هنڌان جدا ٿيو هو ،اڄ اتي پئسفڪ وڏو سمنڊ موجود آهي. سائنسدان پنھنجي نظريي جي تائيد ۾ چون ٿا تہ جيترو وزن پئسفڪ سمنڊ جي پاڻيءَ جو آهي ،اوترو ئي وزن چنڊ جو هوندو .يا ائين چئي سگهجي ٿو تہ پئسفڪ سمنڊ مان پاڻي ڪڍجي تہ ان خال ۾ چنڊسمائجي ويندو.
نظريو ٻيو: هن نظريي وارن سائنسدانن جو خيال آهي تہ چنڊ زمين جي عمر کان وڏو آهي. سندن چواڻي چنڊ ،نظام شمسيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ وجود ۾ اچي چڪو هو ،جڏهن تہ زمين ان کانپوءِ وجود ۾ آئي هئي.
نظريو ٽيو: سائنسدانن جي اڪثريت جو خيال آهي تہ چنڊ ۽ زمين هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا. ٻنهي جي بناوٽ ۾ هڪجھڙا بنيادي عنصر ملن ٿا .چنڊ ،ڌرتيءَ جو ويجھي کان ويجھو گرھ آهي .اهو ئي سبب آهي جو هڪ مھيني جي عرصي ۾ مختلف وقتن تي جدا جدا شڪليون اختيار ڪندو رهندو آهي.
چنڊ جي هن جادوئي طرز واري خصوصيت جي ڪري ماڻهن ۾ مختلف خيال ظاهر ٿيا ،جھڙوڪ :چنڊ موسمن تي اثر انداز ٿئي ٿو .
اڪثر سائنسدان هن ڳالھ تي متفق آهن تہ حقيقت ۾ چنڊ هڪ نھرو جسم آهي ،جيڪو زمين کان لڳ ڀڳ اڍائي لک ميلن جي پنڌ تي آهي ،جيڪو ڪنھن بہ قسم جي توانائي خارج نٿو ڪري ،پر سج جي ٿوري روشنيءَ کي موٽ کارائي ٿو. هي خود روشن جسم ناهي. ان کانسواءِ ڌرتيءَ تان چنڊ جو صرف اڌ حصو نظر ايندو آهي.
چنڊ جو قطر 2160 ميل ،يعني ڌرتيءَ جي قطر جي چوٿين حصي جيترو آهي. وزن جي لحاظ سان زمين جي تور جو ايڪاسيون حصو آهي .ڪشش ثقل جو دارو مدار جسم جي گھٽ وڌائيءَ تي هوندو آهي .ان حساب سان زمين تي جيڪو وزن 150پائونڊ آهي تہ چنڊ تي ان جسم جو وزن فقط 20 پائونڊ ٿيندو، ساڳيءَ طرح زمين تي ٽِن فوٽن جو ٽِپ ڏئي سگھبو تہ چنڊ تي 18 فوٽن جو ٽِپ ڏيڻو پوندو .انهيءَ اصول هيٺ خلابازيءَ جي مرحلن ۾ وڏي سھوليت پيدا ٿي ٿئي.
چنڊ ڌرتيءَ جي چؤڌاري ڪجھ بيضوي مدار تي گردش ڪندو آهي. ان جي اوچائيءَ تان زمين تائين 252710 ميل مفاصلو آهي، جڏهن تہ هيٺاهين تان زمين 238857 ميل پري آهي. اپالو-11 خلائي گاڏي ،جنهن ۾ سائنسدان جولاءِ 1969ع ۾ چنڊ تي پهتا هئا، ڌرتيءَ کان چنڊ تائين پهچڻ ۾ 4 ڏينهن لڳايا هئا. روشنيءَ کي چنڊ کان ڌرتيءَ تي پهچڻ ۾ هڪ منٽ 10 سيڪنڊ لڳندا آهن. ڌرتي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي محور تي گهمي ٿي. اهو ئي سبب آهي ،جو زمين تي ڏينھن ۽ رات 12-12 ڪلاڪن جا ٿين ٿا ليڪن چنڊ پنهنجي محور تي گردش ڪندي ،زمين جي چوڌاري 27 ڏينھن ۽ ڇھن ڪلاڪن ۾ هڪڙو چڪر پورو ڪري ٿو .سج وانگر چنڊ ڪنھن بہ قسم جي روشني پيدا ڪري نہ سگھندو آهي. چنڊ جي روشني ،جيڪا اسان کي رات جو نظر ايندي آهي ،سا سج جي آهي ،جا چنڊ جي سطح تان موڙ کائي ،اسان ڏانھن موٽ کائي ايندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چنڊ جون شڪليون اسان کي مختلف وقتن تي مختلف نظر اينديون آهن .انهن کي ’چنڊ جون ڪلائون ‘چوندا آهن. چنڊ جو رنگ، جيڪو اسان کي زمين تان نظر اچي ٿو، سو اصل ۾ سج جي روشنيءَ جو موٽ کائيندڙ ڪرڻو آهي. چنڊ مان موٽ کائيندڙ روشني خلا مان لنگھي اچي ٿي. سياري ۾ جڏهن چنڊ آسمان
جي وچ ۾ نھايت اوچائيءَ تي وڃي پھچندو آهي تڏهن ان جا ڪرڻا سِڌا زمين تي پوندا آهن .ان وقت اسان کي چنڊ اڇو يا چانديءَ جھڙو نظر ايندو آهي. اونهاري ۾ چنڊ جڏهن هيٺئين درجي تي لھي ايندو آهي ،تڏهن ان جا ڪرڻا گھاٽي فضا جي تَھن مان لنگھي زمين تي پھچندا آهن. ان وقت چنڊ جو رنگ اسان کي پِيلو ۽ سونھري نظر ايندو آهي. خلا نوردن جڏهن هيٺ لھي چنڊ جي رنگ جو مشاهدو ڪيو ،تڏهن کين چنڊ خاڪي ۽ هلڪي ڀُوري رنگ جو نظر آيو.

پھريون دفعو گليلو گليليءَ چنڊ جو گھرو مطالعو ڪيو .1690ع ۾ کيس معلوم ٿيو تہ هالينڊ جي عينڪ ساز هڪ اوزار ايجاد ڪيو آهي، جنھن مان پري جي شين کي ويجھو ڏسي سگھجي ٿو. اهو اوزار دوربين ھئي،
جنھن ۾ ڪئين شيشا فِٽ ٿيل هئا. گليلو انهيءَ دوربين ۾ لڳل شيشن کي جدا جدا طرفن ڏانهن تبديل ڪرڻ سان گڏ شيشن کي چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ سان نئين دوربين
ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن جڏهن پھريون ڀيرو پنهنجي دوربين جو رخ چنڊ
ڏانھن ڪيو تہ کيس چنڊ ۾ موجود ٻرندڙ جبلن ۽ ڇپن جي اڻ کٽ سلسلي کان سواءِ ڪشادن ميدانن جي مشاهدي جو موقعو مليو ۽ چنڊ جي دنيا ۾ موجود اهي علائقا ڪٿي هموار ۽ ڪٿي کڙٻڙ وارا نظر آيا ۽ کيس اهي سڀ مشينون وهندڙ پاڻيءَ جي وسيع علائقي ۾ نظر آيون، تڏهن هن ان جو نالو سمنڊ رکيو. عمر جي آخري حصي ۾ گليلو نھايت مصروف رهيو .سندس سمورو وقت سيارن جي مشاهدي ۾ گذريو. هن چنڊ بابت پنھنجي تحقيق ۾ وسعت آندي. هن پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين جي ذريعي چنڊ جي داغن جو بہ غور سان مطالعو ڪيو. هن ڪلائون ڪڍندڙ زهري ۽ مشتري جا چار چنڊ ڳولي لڌا ۽ هن اهو معلوم ڪيو تہ ڪھڪشان دراصل ڪروڙين تارن جو ميڙ آهي. چنڊ جي مٿاڇري تي اندازن ٽيھ هزار داغ آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ شھاب ثاقب جي ڪرڻ سان چنڊ جي سطح تي اهي کڏون کوٻا بڻجن ٿا. جيئن تہ چنڊ جي سطح تي پاڻي ۽ هوا موجود نہ آهن، ان ڪري هڪ ڀيرو ڪا کڏ بڻجي ٿي تہ ان ۾ ڪابہ تبديلي نہ ٿي ٿئي. موجوده خلائي تحقيق مان چنڊ جي ساخت ۽ ماهيت متعلق خلائي چنڊ گاڏين وسيلي ٿيل تحقيق مطابق اربين سال ( ساڍا تيرهن ارب سال) اڳ زمين سان هڪ گرھ جي ٽڪر سان چنڊ وجود ۾ آيو. اهو گرھ مريخ کان ٽيڻو وڏو هو. ٽڪر سان زمين جو ٻاهريون مادو
ڌرتيءَ کان جدا ٿي پکڙجي ويو ،پوءِ ان مان ننڍا ننڍا ڪيترائي چنڊ ٺھي ويا، جن پوءِ گڏ ٿي چنڊ جو وجود ورتو.
چنڊ ڌرتيءَ جو واحد اپگرھ آهي ،جيڪو ڌرتيءَ جي چوگرد 27 ڏينھن ۽ 20 ڪلاڪن ۾ هڪ چڪر پورو ڪندو آهي .ساڳئي وقت پنھنجي محور تي هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو گردش ۾ ڦيري دوران هن جو رخ هميشه زمين جي طرف رهندو آهي جيڪو ان جي ڪل سطح جو 59 سيڪڙو آهي. زمين جي چوطرف بيضوي گردش ڪرڻ وقت هن جو زمين کان ويجهو ۾ ويجهو مفاصلو 221463 ميل ۽ پري کان پري مفاصلو 25271 ميل آهي. هن جو ماپو ڌرتيءَ جي ماپي کان گهٽ آهي. چنڊ پنھنجي محور تي چوگرد 2287 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چڪر ڪاٽي ٿو. زمين تي چنڊ جو رڳو هڪ پاسو ڏسجي ٿو ،پر 1959ع ۾ جڏهن روس جو موڪليل خلائي جهاز ليونڪ-2 ،خلا ۾ ويو تہ ان چنڊ جي مخالف پاسي جا بہ فوٽو ڪڍيا ۽ ائين چنڊ
جي مخالف پاسي کي ڏسڻ ممڪن ٿيو.
چنڊ هڪ ويران ۽ خاموش ٽڪرن جو گولو آهي ،جتي جبلن جون وڏيون چوٽيون ۽ وڏا ريگستان آهن. چنڊ تي فضا موجود ناهي، جنھن ڪري چنڊ تي ڪشش گهٽ آهي. ڌرتيءَ ۾ ايڏي ڪشش آهي جو اها گئس جي هڪ فضا کي سوگهو ڪري سگهي ٿي. پر چنڊ ۾ ايتري ڪشش نہ آهي. چنڊ تي هوا نہ هئڻ ڪري ڏينهن جو گرمي پد 250 تائين ۽ رات جو گرمي پد 280 ڪاٽو فارنھائيٽ تائين پھچي ٿو .اهڙيءَ طرح چنڊتي پاڻي بہ موجود نہ آهي .ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو تہ چنڊ
تي زندگيءَ جو تصور نہ آهي. ھڪ سال
۾ زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ پنج انچ مفاصلو وڌي ٿو .چيو وڃي ٿو تہ چنڊ تي جبلن جي هڪ هزار ميل ڊگهي قطار آهي ،جنھن ۾ ڪيترائي ٻرندڙ جبل بہ هئا ،پر هاڻي انهن جا تراکڙا مٿاڇرا موجود آهن .ان بابت مختلف خيال ظاهر ڪيا ويا آهن.
(1) ڪنھن وقت چنڊ تي ٻرندڙ جبل موجود هئا ،جن پنهنجا آثار ڇڏيا آهن.
(2) چنڊ سان ڪرندڙ تارا ٽڪرايا،جن کوھ کڙا ڪيا آهن. چنڊ جي بلند ترين چوٽي 25 هزار سال پراڻي چئي وڃي ٿي .ان جي عمر ساڍا چار ارب سال ٻُڌائي وڃي ٿي. چنڊ
مختلف حالتن مان گذريو آهي. ڪرندڙ تارن جو مادو کوهن مان لاروا جي صورت ۾ خارج ٿيو ۽ جڏهن لاوا ٿڌو ٿيو تہ چنڊ سراسري شڪل اختيار ڪئي ۽ چنڊ تي اهڙا نشان موجود آهن جيڪي لاروا جي وهڪري جو ثبوت ڏين ٿا.
مخالف حالتن ۾ جڏهن چنڊ سج جي بلڪل سامهون هوندو آهي تہ ان جي مٿاڇري تي گرمي پد 1000 ڊگريون ۽ جڏهن سج کان لڪل هوندو آهي تہ ڪاٽو 150 ڊگريون هوندو آهي. چنڊ جو هڪ ڏينھن ۽ رات زمين جي چوڏهين ڏينھن جي برابر هوندا آهن.
چنڊ زمين تان چمڪندڙ نظر اچي ٿو ،پر روشني سج جي روشني آهي ۽ خلابازن پھريون ڀيرو 1969ع ۾ جڏهن چنڊ تان پٿر ۽ ٻيون شيون کڻي آيا تہ سائنسدانن تجربا ڪري اها ڳالھ ٻڌائي تہ چنڊ تي 50 سيڪڙو شيشي جا ذرا موجود آهن جنھن ڪري ٿي سگهي ٿو تہ چنڊ سج جي روشنيءَ سان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو. چنڊ جي سطح تانزمين نيراڻ مائل نظر ايندي آهي.
جڏهن چنڊ تي نيل آرمسٽرانگ نالي خلاباز ،21 جولاءِ 1949ع تي رات جو هڪ لڳي 49 منٽن تي پھريون قدم رکيو هو ،تہ قدمن جا نشان اهڙا تہ چِٽجي ويا جو اڃا به موجود آهن ڇو تہ چنڊ تي ڪا بہ فضا موجود نہ آهي.
چنڊ تي سليڪون، ٽيٽانيم، ايلومينيم، لوھ،
ميگنيشيم ،سوڊيم ،پوٽاشيم ،مينگائيز ،
ڪرومين ۽ زاڪوليم جھڙا عنصر موجود آهن.
نئين چنڊ ۽ مڪمل چنڊ جي عرصي ۾ ڌرتي ،چنڊ ۽ سج سڌائي ۾ اچي وڃن ٿا، چنڊ
۽ سج جي ڪشش سبب وڏي وير پيدا ٿئي ٿي. جڏهن چنڊ چوٿين حصي مان ٽئين حصي ۾ هوندو آهي تہ ان جو لاڙو ڌرتيءَ جي نسبت کان سج ڏانھن وڌيڪ هوندو آهي. ان
وقت چنڊ ۽ سج هڪٻئي جي طاقت سان زمين کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن جنھن جي نتيجي ۾ معمولي قسم جي وير چڙهندي آهي. وير جي چڙهڻ ۾ ڪئين ارب ٽن سمنڊ جو
پاڻي اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ لھڻ وقت پٺتي ڇڪجي ٿو. انهيءَ عمل دوارن پيدا ڪندڙ گھڪو يا گاٺ ڌرتيءَ جي گردش کي ڄڻ تہ هڪ قسم جي ’بريڪ ‘جو ڪم ڏئي ٿي.
اهڙيءَ طرح جڏهن گردش جي رفتار گھٽجي ٿي تڏهن ڏينھن وڏا ٿين ٿا. ’وير ‘جي گھڪي جو اثر ان وقت بہ ڌرتي ۽ چنڊ تي هو جڏهن ٻئي گئسن جي پاڻيٺ جي صورت ۾ ارتقائي ،مرحلا طئي ڪري رهيا هئا. اڄ بہ ساڳيءَ طرح زمين تي سامونڊي پاڻيءَ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو تہ زمين جي گردش ۾ ڪمي ايندي رهي ٿي ۽ چنڊ جي مدار ۾ بہ مفاصلو وڌندو رهي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ قمري مھينو وڏو ٿيندو رهندو آهي. وير جي گھڪي سبب تبديلي ڪروڙن ميلن کان اڄ تائين جاري آهي.
شروعات ۾ زمين تي ڏينھن ٻن ڪلاڪن جو هو جيڪو وڌي 24 ڪلاڪن جو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح قمري مھينو زمين جي هڪ ڏينهن جي برابر هو جيڪو هاڻي وڌي چئن هفتن جو ٿي ويو آهي. اربن سالن کانپوءِ چنڊ کسڪي زمين کي ويجھو ايندو. جڏهن زمين کان ٽي هزار ميلن جي مفاصلي تي هوندو تڏهن ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويندو. پوءِ اهي ذرا زحل سياري وانگر پٽا ٺاهي زحل جي چؤڌاري ڦرڻ لڳندا. چنڊ جڏهن ڌرتيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويندو آهي ،تڏهن اسين ان کي ’چنڊ گرهڻ ‘چوندا آهيون. دراصل زمين سج جي چؤڌاري مدار ۾ گھمندي رهندي آهي .ان جي برعڪس چنڊ
ڌرتيءَ جي چؤڌاري گهمندو آهي جيڪو جھڪيل هوندو آهي .انهيءَ ڪري مڪمل
چنڊ گرهڻ ڪونہ لڳندو آهي. زمين جو پاڇو فضا ۾ 849000 ميلن تي پوندو آهي پر چنڊ گھڻو ڪري پاڇي جي هيٺان يا مٿان لنگھي ويندو آهي. مڪمل چنڊ وارين تاريخن ۾ چنڊ ڌرتيءَ جي سنوت ۾ ايندو آهي تہ زمين جو پاڇو چنڊ تي پوندو آهي ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح سج گرهڻ جو ٿيڻ ممڪن آهي .جڏهن نئون چنڊ نڪرڻ شروع ٿيندو آهي ته ان سان گڏ سج گرهڻ بہ ٿيندي آهي. جيئن تہ ان وقت چنڊ ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ ۾ هوندو آهي تہ ان جو پاڇو مخروطي شڪل ۾ زمين تي پوندو آهي. اهو پاڇو 28000 ميلن کان 32000 ميلن تائين گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي ،چنڊ ڪنھن بہ وقت اهڙيءَ حالت ۾ هوندو آهي جنھن ڪري
سج گرهڻ ٿيندو آهي پر چنڊ جو پاڇو ايترو وڏو نہ هوندو آهي جو سڄي ڌرتي ان ۾ سمائجي وڃي. سج ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرهڻ ٿيندي آهي جيڪا عارضي هوندي آهي ۽ ان
جو عرصو چند منٽن کان وڌيڪ نہ هوندو آهي. سج گرهڻ زمين جي مختلف حصن تي ظاهر ٿيندي آهي.
چنڊ بابت قديم زماني کان وٺي هيٺيون ڳالهيون ماڻهن ۾ رائج آهن:
هاري پنھنجا فصل چنڊ جي حساب سان پوکيندا ۽ لڻندا آهن؛ يونانين ۽ رومين کان سواءِ ايشيا ،آفريڪا ،آسٽريليا وغيره ملڪن جا اصلوڪا رهاڪو چنڊ کي مقدس ديوتا سمجھي پوڄا ڪندا آهن؛ موجودھ ترقي يافتہ دور ۾ بہ عيسائين ۽ يهودين جي مقدس ڏهاڙي ۾ چنڊ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. عيسائين جو ڏهاڙو ’ايسٽر‘ بہ بھار جي مُند کان شروع ٿئي ٿو (جڏهن ڏينهن رات هڪ جيترا ٿيندا آهن). سڄوچنڊ نڪرڻ واري پھرئين آچر تي ملهايو ويندو آهي .اهڙيءَ طرح يهودي بہ غلاميءَ مان نجات جي ياد سبب مقدس عيد ملهائيندا آهن جيڪا بھار
جي موسم ۾ ڪئلينڊر جي 14 کان 21 تاريخ
تائين ملهائي وڃي ٿي.


هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment