Tuesday 20 November 2018

وات جي ڌپ Halitosis | اصغر ساگر

 “Halitosis                             وات جي ڌپ ۔ وات ۾ ڌپ”
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وات جي ڌپ پنھنجي ذات سان ڳانڍاپيل ھوندي سماجي مسئلو بہ آھي جنھن جي ڪري ڪٿي ڪچھري دوران وات مان ڌپ اچڻ جي ڪري لڄي ٿيڻ پوي ٿو ۔ شخصيت جي ٺاھ ٺوھ تي منفي اثر پوي ٿو ۽ ڪوفت جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. وات جي ڌپ کي طب جي ٻولي ۾ ھيلي ٽوسس Halitosis چئبو آھي. وات ۾ بيڪيٽيريا يا زبان تي رھن ٿا يا وات ۾ ۔ اھو سڀ گگ ۾ سلفر پيدا ٿيڻ جي ڪري ٿئي ٿو جيڪو گگ کي سلفائيڊ ڪري ڇڏي ٿو. وات جي ڌپ عارضي ٿيندي آھي يا مستقل طور تي. ڪن کاڌن کائڻ جي ڪري عارضي وات جي ڌپ ٿيندي آھي جيئن بصر ۽ ٿوم کائڻ سان وقتي طور تي ڌپ ٿئي ٿي جنھن جو سبب ھي آھي تہ جڏھن خوراڪ رت سان ملي ٿي تہ اھا ڦڦڙن کان ٿي ساھ جي ذريعي خارج ٿيڻ جي ڪري وات مان ڌپ اچي ٿي.  مختلف کاڌن کان بچي عارضي ڌپ کي دور ڪري سگهجي ٿو. وات جي خشڪ رھڻ جي ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿئي ٿي ان ڪري وقت بوقت پاڻي پيئجي يا ھڪ ڍڪ پاڻي پيئڻ سان وات تازو ٿي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو پاڻي گهٽ پيئن ٿا انهن کي وات جي ڌپ جو مسئلو رھي ٿو. وات جي ڌپ گهڻن عارضن جي ڪري ٿي جيڪا عارضا مستقل طور جسم ۾ روڳ طور رھن ٿا جيستائين انهن جو علاج نہ ڪرائجي. انهن عارضن ۾ الڪوحل ۔ جسم ۾ پاڻي جي ڪمي ۔ کائڻ جي بي قائدگي ۔ بڊن جو سڄڻ ۔ ڏندن ۾ خال پيدا ٿيڻ ۔ پائيوريا (بڊن ۾ پيپ) ۔ ساھ جو مسئلو ۔ آنڊن جا ڪيڙا ۔ قبض ۔ گردي جون خرابيون ۔ رات جو دير تائين ڪم ڪرڻ ۔ رات جو دير تائين کاڌو نہ کائڻ ۔ سگريٽ نوشي ۔ شڳر ۔ ڇن ۔ وٽامن جي ڪمي ۔ ڪينسر ۔ ڪيموٿاپي ۔ دوائن جو استعمال ۔ بڊن مان خون اچڻ ۔ ڳلو خراب ھجڻ ۔ ٺيڪ وقت تي کاڌو نہ کائڻ ۔ تريل يا سڻڀيون شيون گهڻيون استعمال ڪرڻ ۔ گهڻو سوچڻ ويچارڻ اچي وڃن ٿيون.
وات جي ڌپ کي ننڍو مرض ڪري نہ ڄاڻجي ھن جي ڪري بڪين ۽ جيري جا مسئلا رونما ٿي سگهن ٿا ۽ ساھ جي نالي ۾ ڇوت جي ڪري نمونيا ۔ شڳر ۽ معدي جي تيزابيت ڪري سگهي ٿي ۔ بڊن جي مرض جي ڪري دل جو دورو پئجي سگهي ٿو ۽ فالج جو خطرو وڌي سگهي ٿو. وات ۾ ڌپ ڇو ٿي ٿئي انهن سببن تي ھيٺ روشني وجهجي ٿي.

 ⏪زبان ۾ ڏار :-
◀جيڪڏھن زبان ۾ گهنج يا ڏارون ھجن يا زبان ڦڪي ھجي ۽ واتان ڌپ اچي تہ يقيني طرح سمجهجي تہ وات ۾ بيڪيٽيريا آھن ۽ زبان جا اھي گهنج يا زبان جون ڏارون بيڪيٽيريا جي محفوظ پناھ گاھ آھن. انهن کي آئيني ۾ ڏسي سگهجي ٿو. پڪ ڪرڻ لاء وات ۾ آڱر ٻوڙي ان کي چٽجي. بعد ۾ آڱر ڪڍي سڪائي 30 سيڪنڊن ۾ ان کي سنگهجي، جيڪڏھن ان ۾ ڌپ آھي تہ سمجهجي تہ زبان ۾ سلفر سالٽ يا سلفائيڊ موجود آھن ان ڪري زبان ۾ ڌپ ٿي چڪي آھي.

⏪مردانا ڪمزوري :-
◀وات مان ڌپ اچڻ جو ھڪ سبب مردانا ڪمزوري آھي. اي ايم ھاسپيٽل اينڊ جي ايس  ميڊيڪل ڪاليج  جي جنسي شعبي جي سربراھ ڊاڪٽر راجن ڀوسلي جو چوڻ آھي تہ وات مان ڌپ اچڻ جيري جي خرابي ٿي سگهي ٿي. جڏھن جسم ۾ گلوڪوز ٺيڪ نموني تحليل نہ ٿئي تہ چرٻي جي تحليل شروع ٿي وڃي ٿي، جنھن جي ڪري پگهر ۽ ساھ مان ڌپ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ وات مان ڌپ اچڻ لڳي ٿي. جڏھن جيرو ڪمزور ھجي يا جيري ۾ ڪا خرابي ھجي تہ رت ۾ ٽيسٽاسٽيرون جي سطح گهٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري مردانا ڪمزوري گهٽ ٿي وڃي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تہ وات جي ڌپ کي نظرانداز نہ ڪجي ۽ خاص ڪري ان جي تشخيص ۽  علاج تي توجھ ڏيڻ کپي.

⏪ڊائيٽ :-
◀ورزشي منصوبا جن ۾ پروٽين جي مقدار وڌائي وڃي ٿي يا نشاستي جي مقدار گهٽائي وڃي ٿي، انهي سان جسم ۾ ھڪ خاص عمل پيدا ٿئي ٿو جنھن کي ڪيٽوسس چئجي ٿو. ھي درحقيقت ميٽابولزم جو حصو آھي جنھن ۾ جسم پنھنجي توانائي پوري ڪرڻ لاء رت ۾ موجود ڪيٽون جسمن جو سھارو وٺي ٿو جنھن جي ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿئي ٿي گڏ گڏ جيڪڏھن ڊائيٽ جاري رھي تہ وات ۾ ڌپ اچي وڃي ٿي ڇوجو ورزش سان جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. جيڪڏھن توھان جسم ۾  پاڻي جو مقدار پورو نٿا رکو تہ گگ ٺھڻ جي مقدار گهٽ ٿي وڃي ٿي، گگ جي کوٽ وات جي ڌپ جو سبب بنجي ٿي. گگ وات جي ڌپ ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي جنھن جي ڪري وات ۾ ڪٽ Plaque ۽ بيڪيٽيريا جي ٺھڻ عمل گهٽ رھي ٿو. جڏھن وات ۾ گگ نٿي ٺھي تہ ڪٽ Plaque ۽ بيڪيٽيريا جي ٺھڻ جو عمل تيز ٿي وڃي ٿو ۽ وات مان ڌپ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿي. ان جو مطلب آھي گهڻي ڊائيٽ تي نہ ڀاڙجي نڪي گهڻي ورزش ڪجي.

⏪چانھن جو گهڻو استعمال :-
◀کنڊ جي گهڻي واھپي سان بيڪيٽريائن ۽ ڪٽ Plaque  جي افزائش ۾ تيزي اچي وڃي ٿي ڇوجو کنڊ جا ماليڪيول گگ ۾ تحليل ٿي سلفر ٺاھن ٿا جڏھن تہ شڳر آجي کنڊ پيٽ جي ڦلڻ جو سبب بنجي ٿي.

⏪ڏندن يا بڊن جي خرابي :-
◀ڪڏھن ڪڏھن ڏندن ۾ زھريلا مادا اچي وڃن ٿا جن جي ڪري وات ۾ ڌپ اچي ٿي ۽ معدي جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي جنھن جي ڪري وات ۾ ڌپ اچي وڃي ٿي.

⏪معدي جون خرابيون :-
◀معدي جي خرابي جي ڪري ۔ معدي جي تيزابيت ۽ معدي جي ساڙي جي ڪري وات ۾ ڌپ ٿئي ٿي.

⏪گهڻو ڳالهائڻ :-
◀گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري زبان ۽ ڪاڪڙو خشڪ ٿي وڃي ٿو ۽ واتان ڌپ اچڻ جو سبب بنجي ٿو. جيڪي ماڻھو وات جي ذريعي ساھ کڻن ٿا يا گهڻي ڳالهائڻ جي عادت رکن ٿا انهن سان وات ۾ ڌپ وارو مسئلو درپيش ٿئي ٿو. استادن ۔ وڪيلن يا ڪال سينٽر تي ڳالهائيندڙن کي خاص خيال رکڻ کپي تہ اھي ٿوري دير بعد پاڻي پيئندا رھن تہ جيئن وات خشڪ نہ ٿئي.

⏪ڪم جي گهڻائي :-
◀گهڻي ڪم ڪرڻ سان وات ۾ خشڪي پيدا ٿئي ٿي. بلغاريا جي يونيورسٽي صوفيہ ميڊيڪل يونيورسٽي جي تحقيق مطابق گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري ذھن تي دٻاء پوي ٿو نتيجي طور ذھن تي دٻاء پوڻ سان وات ۾ بيڪيٽيريائن کي نشونما ۾ مدد ملي ٿي. ان ڪري گهڻي ڪم دوران گرڙا ضروري آھن.

⏪کاڌو ڇڏڻ :-
◀وقت تي نيرن نہ ڪرڻ ۽ رات جو دير سان کائڻ قوت مدافعت کي ڪمزور ڪري ٿو جنھن جي ڪري بيڪيٽيريا وات ۾ وڌن ٿا. سوئيزلينڊ جي برن يونيورسٽي جي ڊينٽل ڪلينڪ جو چوڻ آھي تہ کاڌي کان پوء ٻن ڪلاڪن تائين وات مان ڌپ نٿي اچي ۽ جيڪڏھن کاڌي ۾ ريشيدار شيون استعمال ڪيون وڃن تہ اڃان بہ وقت ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو.

⏪ٻيرڙا :-
◀جڏھن کاڌي جا ذرا ۔ مردا گهرڙا ۽ نڪ جو مواد پاڻ ۾ ملي بيڪيٽيريا ٺاھن ٿا جيڪي ٻيرڙن ۽ زبان جي پوئين حصي تي ڪٺا ٿين ٿا ۽ وات ۾ ڌپ اچي وڃي ٿي.

⏪خشڪ ميوا :-
◀خشڪ زردالو ۔ خشڪ آلوبخارا ۽ ٻين اھڙن خشڪ ميون ۾ وڌيڪ کنڊ ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ ڌپ پيدا ڪرڻ وارا بيڪيٽيريا پيدا ٿي وڃن ٿا. ھن خشڪ ميون کي کائڻ کان پوء اڪثر ھنن جا ذرا ڏندن جي سوراخن ۾ ويھي رھن ٿا ان ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿي وڃي ٿي ان ڪري ميون کائڻ کان پوء گرڙا ۽ برش ضروري آھن.

⏪ڏندن ۾ ڏارون :-
◀جيڪڏھن ڏندن ۾ خال آھن تہ اتي کاڌي جا ذرا ڦاسن ٿا ۽ بيڪيٽيريا جي افزائش وڌي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ڏندن جا مرض ۔ بڊن جا مرض ۔ وات ۾ ڌپ ۽ ساھن ۾ ڌپ پيدا ٿئي ٿي.

⏪پروٽين جو گهڻو استعمال :-
◀جڏھن غذا ۾ نشاستي جو استعمال گهٽ ڪجي ٿو ۽ پروٽين جو واھپو گهڻو ڪجي تہ جسم توانائي لاء چرٻي ڳارڻ شروع ڪري ٿو ان عمل دوران ھڪ ڪيميائي جز ٺھي ٿو جنھن کي ڪيٽونيز چيو وڃي ٿو جيڪو وات ۾ ڌپ جو سبب بنجي ٿو ۽ ائين ٿيڻ سان ڏندن جي صفائي ڪو مسئلو حل نٿي ڪري.

⏪نزلو يا زڪام :-
◀ساھ جي نالي ۾ نزلي ۔ زڪام يا کنگھ جي ڇوت لڳڻ ڪري ساھ ۽ وات ۾ ڌپ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ان جو سببنڪ ۾ بيڪٽيريا جو بنجڻ آھي.

⏪ڪنھن قسم جو زخم :-
◀وات ۾ زخم ھجڻ ڪري ڇوت پيدا ٿئي ٿي ۽ بيڪيٽيريائن کي واڌويجھ جو موقعو ملي ٿو جنھن جي ڪري وات ۾ ڌپ پيدا ٿي وڃي ٿي.

⏪دوائن جو استعمال :-
◀دوائن جي استعمال سان وات جي گگ متاثر ٿئي ٿي ۽ وات خشڪ ٿئي ٿي. وات جي گگ وات ۾ موجود خوراڪ جي ذرن ۽ بيڪيٽيريائن کي صاف ڪري ٿي.

⏪ڪافي ۽ چانھن جو گهڻو واھپو :-
◀ڪافي ۽ چانھن سان ڏند خراب ٿين ٿا ۽ واتان ڌپ اچي ٿي.

◀تماڪ نوشي :-
◀سگريٽ پيئڻ سان ڦڦڙ ڪمزور ٿين ٿا ۽ ساھ رستي واتان ڌپ اچي ٿي.

◀وات جي ڇوت :-
◀جيڪڏھن وات ۾ انفيڪشن ھوندو تہ وات مان ڌپ ايندي.

⏪احتياط ۽ اپاء :-
◀روز ڏينھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 لٽر پاڻي پيئجي.
◀ڊائٽ ۾ اھڙيون سبزيون استعمال ڪجن جيڪي سخت ھجن جيئن گجر يا صوف وغيرھ. انهي ڊائيٽ سان ڪوبہ فرق نہ پوندو ۽ انهن جي سختگي جي ڪري وات ۾ پيدا ٿيڻ واري ڪٽ Plaque  رھڙجي نڪري ويندي.
◀کاڌي کي چٻاڙي چٻاڙي کاڌو وڃي.
◀وات جي گگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي.
◀ڏينھن ۾ 2 ڀيرا برش ڪجي. برش ڪرڻ وقت برش کي زبان تي بہ رڳڙجي تہ جيئن بيڪيٽيريا کان نجات پائي سگهجي.
◀کنڊ واريون شيون گهٽ استعمال ڪجن.
◀ڀاڄين ۾ جيرو ۽ سڄي دالچيني جو استعمال ڪيو وڃي.
◀نيم گرم پاڻي ۾ لوڻ ملائي گرڙا ڪجن. انهي عمل سان مئل يا گهرڙا وات مان نڪري ويندا ۽ وات ۽ ساھن مان ڌپ ختم ٿي ويندي.
◀چٽپٽن کاڌن ۔ چانھن ۽ ڪافي کان پرھيز ڪجي.
◀منھن جي ڌپ جو وڏو سبب صفائي آھي ان ڪري جنھن کي وات ۾ ڌپ آھي اھو نم جو ڏندڻ ڏئي.
◀ڏينھن ۾ ٽي دفعا پاڻي سان گرڙا ڪجن جيئن وات صاف ٿئي ۽ گگ پيدا ٿئي.
◀جيڏي مھل وات ۾ خشڪي محسوس ٿئي تہ پاڻي پيئجي يا گرڙو ڪجي يا ڍڪ پاڻي پي ڇڏجي.

⏪علاج :-
◀نازبو يا تلسي جا 6 پن ڌوئي روز کائجن. نازبو ۾ موجود ڪيمياڻ وات ۽ ساھن جي ڌپ کي ختم ڪندي.

⏪وڌ کان وڌ پاڻي جو استعمال :-
◀ايترو پاڻي پيئجي جو وات خشڪ نہ رھي ۽ وات مان بدبو نہ اچي.

⏪پاڻي :-
◀جيترو وات تر ھوندو وات ۾ ڌپ نہ ٿيندي. Hydration تراھٽ وات جي ڌپ جو علاج آھي. جڏھن جسم ۾ Dehydration خشڪي ٿئي ٿي تہ منھن ۾ گگ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ اھائي ڪمي وات جي ڌپ جو سبب بنجي ٿي.

⏪وٽامن سي :-
◀جيڪي بہ کٽا ميوا آھن اھي وٽامن سي سان ڀرپور ٿين ٿا.وٽامن سي ۾ مالٽو ۔ ليمو ۽ الوبخارا ۽ ڏاڙھون وغيرھ اچي وڃن ٿا. کٽن ميون کائڻ سان وات مان ڌپ ختم ٿي وڃي ٿي.

⏪صوف :-
◀جيڪا شي چٻاڙي کائجي ٿي اھا گگ پيدا ڪرڻ ۾ تحريڪ پيدا ڪري ٿي ۔ قدرتي طور تي وات جي صفائي ڪري ٿي ۽ وات ۾ ڌپ اچڻ نٿي ڏئي اھي سڀ خوبيون صوف ۾ اچي وڃن ٿيون.

⏪دالچيني جي چانھن :-
◀ماھرن مطابق دالچيني جي چانھن وات ۽ منھن کي مھڪائي ٿي. ان ڪري جن کي وات ۾ ڌپ رھي ٿي انهن کي روز ھڪ دفعو دالچيني جي چانھن پيئڻ کپي.

⏪ڦودنو :-
◀ڦودنو ھاضم ۽ معدي جي اصلاح ڪندڙ آھي. جيڪڏھن وات ۾ ڌپ رھي ٿي تہ ڦودني کي ڀاڄين جو حصو بنائڻ گهرجي.

⏪گرڙا ڪرڻ :-
◀ڏندن ۾ اڪثر کاڌي کائڻ کان پوء ذرڙا ڦاٿل رھن ٿا جن جي ڪري وات ۾ بدبو ۽ ڪٽ چڙھي وڃي ٿي ان ڪري ضروري آھي ڏندڻ سان گڏ گرڙا ڪجن. گرڙن سان وات صفا ٿي ويندو. گرڙن جي عادت ڏينھن ۾ 3 دفعا اپنائڻ کپي.

⏪فلاسنگ ڪرڻ :-
◀گهڻا ماڻھو کاڌي کان پوء ڏندن مان کاڌي جا ڦاٿل ذرڙا نٿا ڪڍن جنھن جي مائيڪروب جي وڏي تعداد ڏندن ۾ ڦاسي وڃي ٿي جيڪا ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿي ۔ بڊن ۾ ڇوت آڻي ٿي ۽ ڏندن کي ڀرڀرو ڪري ٿي ان ڪري ضروري آھي کاڌي کائڻ کان پوء ڏندن مان ذرڙا ڪڍجن ۽ گرڙا ڪجن.

⏪زبان جي صفائي :-
◀روز ھڪ دفعو زبان صاف ڪجي ڇوجو زبان صاف ڪرڻ سان ڏند ۽ بڊ صحتمند ٿي وڃن ٿا ۽ وات بيڪيٽيريا کان بچيل رھي ٿو.

⏪ميون جو استعمال :-
◀ڪوشش ڪري چٻاڙڻ وارا ميوا کائجن جيئن وات جي ورزش ٿئي ۽ ڏند صاف رھن جيئن گجر ۔ ناسپتي ۔ امرود ۔ صوف.

⏪نسخو :-
◀جيرو    تولو
◀ھرٻو     تولو
◀ڦودنو        تولو
◀مصري   تولو
◀ڪٽي پائوڊر ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجن.
◀چپٽي صبح شام کائجي.

⏪ليمو :-
◀ليمو نپوڙي گلاس پاڻي ۾ وجهجي.
◀اڌ گلاس پاڻي پيئجي ۽ اڌ گلاس پاڻي سان گرڙا ڪجن.

⏪ننڍو ڦوٽو :-
◀روز ھڪ ننڍو ڦوٽو کائجي.

⏪نازبو يا تلسي جا پن :-
◀نازبو جا 8 پن روز چٻاڙي چٻاڙي کائجن.

⏪نم جا پن :-
◀10 عدد نم جي پنن کي پاڻي گلاس ۾ ڪاڙھي پاڻي اڌ بچائجي ۽ ڇاڻجي. ان پاڻي کي ٿڌو ڪري ان سان گرڙا ڪجن.

⏪نسخو :-
◀جيرو         10 گرام
◀آورا           10 گرام
◀ڦودنو        10 گرام
◀ھرٻو          10 گرام
◀پٽ پيرون  10 گرام
◀سڀ ڪٽي پائوڊر ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجن.
◀چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.

⏪نسخو :-
◀نيم گرم پاڻي ڪوپ
◀دالچيني پائوڊر چپٽي
◀مٺي سوڊا اڌ چمچو ننڍو
◀سڀ ملائي گرڙا ڪجن.
◀وات جا بيڪيٽيريا ختم ٿي ويندا ۽ وات جي ڌپ ڌور ٿي ويندي.

◀نوٽ :- وات ۾ ڌپ جي شدت ھجي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي تہ بھتر آھي.
◀ڪوبہ نسخو روز ھڪ وقت ھڪ استعمال ڪجي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment