Monday 19 November 2018

محبت ۽ قرباني Love and sacrifice



"اصغر ساگر"

چوندا آھن تہ محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجھ جائز آھي ۔ محبت پنھنجو پاڻ کي پائڻ کان سوا ڪجھ بہ ناھي گهرندي اڃان اڳڀرو وڌي قربانيون ڏيئي پنھنجو پاڻ کي موکيندي آھي. اھڙي قرباني ڏيئي جاپاني شھزادي پنھنجو نالو مرقوم ڪيو آھي. جاپاني شھزادي پنھنجي محبت پائڻ خاطر شاھي اعزاز ڇڏي ڏنا ۽ شاھي خاندان کان ڌار ٿي وئي.
جاپاني بادشاھ اڪيتو جي هڪ ٻي پوٽي 27 سالن جي شھزادي محبت خاطر بادشاهت کي الوداع ڪري هڪ عام شھري سان شادي ڪري ورتي آهي، شھزادي آياڪو جاپان جي بادشاھ جي ڪزن جي ڌيءُ آهي، جنھن هلندڙ سال پھرين جولاءِ تي اعلان ڪيو هو تہ هوءَ هڪ عام شهري سان شادي ڪندي. هن هڪ عام شھري سان محبت  ٿيڻ بعد پنھنجي شاهي خاندان کي اطلاع ڪري ڇڏيو هو، جنھن بعد شاهي خاندان بہ سندس محبت کي تسليم ڪري ورتو. شاهي خاندان پھرين جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته 27 سالن جي شهزادي آياڪو جي مڱڻي آگسٽ ۽ شادي آڪٽوبر مهيني ۾ ڪئي ويندي. شهزادي آياڪو شپنگ ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ 32 سالن جي مريو سان شادي ڪئي، جنھن سان سندس محبت ان وقت ٿي جڏهن شهزادي جي ڪائي موريو سان پنهنجي ئي خاندان هڪ ٻي شھزادي جي توسط .سان 2017 ۾ ملاقات ٿي
ڪجھ ڏينھن پھرين جاپان جي گادي جي ھنڌ ٽوڪيو جي ميجي مزار تي جاپاني شھزادي آياڪو 32 سالن جي عام شھري سان شادي رچائي بادشاھت خيرباد چيو. شھزادي آياڪو جو تعلق شاھي خاندان سان آھي جڏھن تہ موريا نيپون يوسين ھڪ ڪمپني ۾ ملازم آھي.
شاھي خاندان جي اصول مطابق جيڪڏھن ڪا شھزادي خاندان ۾ شادي ڪندي تہ اھا شھزادي رھندي پر جيڪڏھن خاندان کان ٻاھر شادي ڪري ٿي تہ ان کان شاھي خاندان جو تاج واپس ورتو ويندو آھي ان ڪري شاھي خاندان شاھي خاندان کي ڇڏڻ وقت 3 تقريبون منعقد ڪيون وينديون آھن.
جاپان جي شاھي خاندان ۾ شھزادي جي شاھي اعزاز تان دستبرداري لاء روايتي ۽ پروقار تقريب رکي وئي. تاريخي رسمن جي پوراء لاء ٽن مقدس مقامن ڪشيڪودوڪوڪورو ۔ ڪوريي دين ۽ شندين ۾ تقريبون سٽيون ويون.
شھزادي ٽنهي مقامن تي ثقافتي لباس پھريو. ٽنهي مقامن تي حاضري ڀري جتي مذھبي رسمون ادا ڪري ۽ دعائون گهري شھزادي کي شاھي خاندان کان ڌار ڪيو ويو.
ٽنهي مقدس مقامن تي رسمون ادا ڪرڻ کان پوء شھزادي آياڪو شھزادي ناھي رھي. شاھي خاندان پنھنجي سابقا شھزادي جي اعزاز ۾ چوڪين نوگي جي مقام تي خصوصي الوداعي تقريب ادا ڪئي وئي.
ھن جي مڙس موريا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ھي شھزادي آياڪو جو زندگي ڀر ساٿ ڏيندو ۽ عھد وفا کي پاڙيندو جڏھن تہ شھزادي آياڪو جو چوڻ ھو تہ ھوء شادي مان ڏاڍي خوش آھي ۽ شاھي خاندان جي خدمت جاري رکندي. واضح رهي تہ جاپان جي شاهي خاندان جي هيءَ مسلسل ٽين شھزادي آهي، جنھن عام شهري سان شادي ڪئي آهي. ان کان اڳ 2017ع ۾ شاهي خاندان جي شهزادي بہ عام شهري سان شادي ڪئي هئي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment