Tuesday 20 November 2018

Hitler and his beloved Eva Braun ھٽلر ۽ ان جي محبوبا ايوا برائون

"عبدلواحد آريسر"

ھٽلر (Hitler) جو ڪنڌ ايوا برائون جي ھنج ۾ آھي. ھن جي نظر ايوا برائون جي گھرين نيرين اکين ۾ کتل آھي. ايوا برائون جي سونھري وارن جون چڳون ھٽلر جي چھري کي ڇھي رھيون آھن. چانسلري عمارت آمريڪي جھازن جي بمباريءَ کان ائين ڏڪي رھي آھي، جيئن ڪنھن ڪاموري جي دل نوڪري وڃڻ جي ڊپ کان ڏڪندي آھي.
فضا ۾ ھٽلر جو آواز:
”ھاءِ مون ڪيڏا نہ خوبصورت خواب ڏٺا ھئا جرمن قوم کي عظيم بڻائڻ لاءِ ۽ ان کي دنيا جو فاتح بڻائڻ لاءِ. انھيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ مون زندگيءَ جا سڀ مزا ڇڏيا، آءٌ ھن عظيم ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويس. اُھي منھنجي خوشقسمتيءَ جا ڏينھن ۽ ڏاڍا خوبصورت پڻ. بلڪل تنھنجي اکين ۽ وارن جھڙا. جڏھن برلن ۽ ميونخ جي جلسي گاھن ۾ عورتن ۽ مردن جون تاڙيون ۽ نعرا مون تي وسڪيءَ جي بوتلن جو نشو طاري ڪري ڇڏيندا ھئا ۽ اڄ منھنجي بدقسمتيءَ جا ڏينھن آھن جو منھنجي قوم تباھ ٿي رھي آھي، منھنجي ڌرتي جلي رھي آھي. جرمنيءَ جا خوبصورت کيت سڙي رھيا آھن، جرمن جوان ڪسجي رھيا آھن. آئون جرمنيءَ کي عظيم بڻائي نہ سگھيس. ھاءِ منھنجي جرمني. ايوا! منھنجي آخري خواھش ۽ خوشقسمتي اھا آھي، جو منھنجو مٿو تنھنجي ھنج ۾ آھي. اڄ آئون سمجھان ٿو تہ مون شڪست کاڌي آھي اتحادين کان ۽ فتح حاصل ڪئي آھي تنھنجي دل جيتي.“
ڏور فضائن مان نھروءَ جو آواز:
”ڪنھن قوم جي عظمت ۽ تھذيب جا معيار حقيقت ۾ ان قوم جا فلسفي، شاعر، اديب ۽ فنڪار قائم ڪندا آھن نہ ايندڙ ويندڙ ۽ کٽيندڙ ھارائيندڙ سياستدان، جن جي حڪم تي فوجون حرڪت ۾ اينديون آھن. جھاز اڏامندا آھن ۽ بمباري ڪندا آھن. جلاد ڪوس ڪندا آھن ۽ جيل ڀريندا آھن.“
ھٽلر جو آواز:
”ٺيڪ آھي، شھر تباھ ٿيندا، جوان ڪسندا، کيت سڙندا پر گٽار ۽ بوڙينڊو رھندا. ھيگل کي ڪوبہ ختم ڪري نه سگھندو ۽ جرمن قوم وري بہ پوري سگھ سان اٿندي ۽ پنھنجي عظمت ھٿيارن وسيلي نہ پر ھنرمند ھٿن ذريعي حاصل ڪندي. ڪاش اھو ھندي آواز مون تائين گھڻو اڳي پھچي ھا. پر ايوا ھني! اھو زھر جو ڪيپسول پھرين تون کاءُ ۽ پوءِ مونکي کاراءِ تہ جيئن آمريڪي اسانکي جيئري پڪڙي نہ سگھن.“
ڏُور اوڀر کان سوئيڪارنو جو آواز:
”عورت ۽ گُل کي صرف وحشي ۽ درندا ئي چيڀاٽيندا ۽ ماريندا آھن. عورت ۽ ڌرتيءَ کي فتح نہ ڪريو پر انھن سان پيار ڪريو تہ جيئن ٻنھي ۾ تخليقي عمل جاري رھي. گُل کي چيڀاٽيو نہ، نہ تہ توھان جو ذھن بہ چيڀاٽجي ويندو.“ انھيءَ آواز تي ھٽلر ۽ ايوا برائون ڪوبہ ڌيان نٿا ڏين ۽ آپگھات ٿا ڪن.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment