تحرير عبيد ٿھيم
ھُن سان بحث ۾ مون ڪڏھن بہ نہ کٽيو آھي، سدائين ھارائي ويندي آھيان ڇوتہ ھُو مرد آھي ۽ ميل ڊامِنيٽ سوسائٽِي ۾ مرد انتھائي طاقتور آھي، ھُن کان ڪابہ گهريلو مائِي کَٽي ناھي سگهِي…اڄ بھادُر عالم ڊائِننگ ٽيبل تي ناشتي وقت پڇڻ لڳو:
”فرحہ! توھان عورتون ڪمزور ڇو آھيو؟“
مون چانھن ڪوپن ۾ لاھيندي ھن ڏانھن سواليہ نگاھن سان نھاريو.. اخبار جِي مُکيہ صفحي تان نظر ھٽائيندي چوڻ لڳو :
” توھان عورتون ايتريون تہ ڪمزور آھيو! مُڙس جيڪر ٿورو بہ جذباتِي ٿي توھانکي چماٽ ھڻي ٿو تہ پيڪين ڀڄي وينديون آھيو..يا گهر ۾ مُنھن سُڄائي ويٺيون ھونديون آھيو“
مون وٽ ڪوبہ جواب نہ ھو.. چانھن جو ڪوپ سِرڪائيندي کيس چيم
”اسان عورتون واقعي بہ ڪمزور آھيون..!“
ھُن جي چھري تي فاتحانہ مُرڪ تَرِي آئي..اخبار جو پَنو اُٿلائيندي چانھن جي سُرڪ ڀريائين… مُنھنجي نظر اخبار جي اشتھارن واري صفحي تي پئي، جنھن جي سُرخيءَ ۾ لکيل ھو’”مردانہ ڪمزوريءَ جو علاج!‘“.
مون چانھن جي سُرڪ ڀريندي پنھنجي ڳالھہ جارِي رکندي چيو :
”پر اسان عورتون توھان مردن کان وڌيڪ سُلجهيل آھيون! جو پنھنجي ڪمزوريءَ جا پَڙھا تہ نٿيون ڏيون…“
0 comments:
Post a Comment