Friday 30 November 2018

زيتون Guava

 ”زيتون         Guava“
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
زيتون جو موسم آھي سياري جي موسم ۾ ھر شھر توڙي ڳوٺ ۾ زيتون کي شوق سان کاڌو وڃي ٿو. زيتون بھترين ذائقو رکي ٿو گڏوگڏ ھن ۾ صحت جا ڪافي جز موجود آھن جيڪي صحت کي بھتر بنائين ٿا.ھن جو نباتاتي نالو Psiduin guava آھي ۽ ھي Myrtaceas خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن جو Generic نالو Psiduim يوناني لفظ تان ورتل آھي جنھن جو مطلب آھي ڏاڙھون ڇوجو خواص جي لحاظ کان زيتون ڏاڙھون جيتري اھميت رکي ٿو. زيتون ايشيا ۔ آفريڪا ۔ مصر ۽ ميڪسيڪو ۾ پاتو وڃي ٿو. زيتون مفرد نظريي تحت اعصابي غدي آھي. 
عام طور خيال آھي تہ وٽامن سي جي حصول لاء مالٽا بھترين ميوو آھي پر پر مالٽا جي مقابلي ۾ زيتون ۾ وڌيڪ وٽامن سي آھي. ھڪ مالٽا ۾ 69 ملي گرام وٽامن سي ٿئي ٿي جڏھن تہ ھڪ زيتون ۾ 165 ملي گرام وٽامن سي پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ بيٽاگجرو Beta carotene  ۔ لائڪوپين  ۔ وٽامن ۔ نمڪيات ۔ غذائي ريشو-Pectin۔ فليونائيڊ ۔ گجرا ۔ فيٽي ايسڊ ۔ نوٽلز ۔ ٽونن ۽ فراري تيل Lectins triterpences saponins پاتا وڃن ٿا. زيتون دافع جسم ۔ دافع اميبيا ۔ دافع دست ۔ دافع حيات ۔ دافع تشنج ۽ سڪون ڏيندڙ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون. زيتون حيض گهڻو اچڻ ۔ رت جو داٻ ۔ رطوبتن جي ڪمي ۔ ڦڦڙن ۾ سوڙھ ۔ جيري وارو دم ۔ خشڪ کنگھ ۔ تيزابيت ۔ ٿولھ  ۔ چرٻاڻ (ايل ڊي ايل) Cholesterol LDL ۾ فائدو ڏئي ٿو.

تڪسيد روڪ Antioxident :-
حيدرآباد ۾ قائم نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميڊيسن حال ۾ 14 ميون تي تحقيق ڪري نتيجو ڪڍيو تہ زيتون ۾ تڪسيد روڪ خوبيون ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھن ان کان سوا ھن ۾ غذا بخش جزا گهرڙن کي تباھ ٿيڻ کان روڪن ٿا ۔ پوڙھائپ کي جلدي اچڻ نٿا ڏين ۽ ڪينسر جي گهرڙن جي روڪ ڪن ٿا. زيتون آزاد تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ايندڙ بيمارين کي روڪن ٿا جيڪي خرابين جو سبب بنجن ٿا. جائزي ۾ زيتون کي غريبن جو ميوو سڏيو ويو. ڏاڙھون ۔ ڪيلي ۔ شريفي ۔ انب ۔ صوف ۔ آلوچي ۽ انگور جي مقابلي ۾ زيتون کي وڌيڪ تڪسيد روڪ پاتو ويو. 100 گرام زيتون ۾ 500 ملي گرام تڪسيد روڪ ٿين ٿا جڏھن ايتري مقدار آلوچي ۾ 330 ملي گرام ۔ صوف ۽ ڏاڙھون ۾ 135 ملي گرام ۽ ڪيلي ۾ 30 ملي گرام تڪسيد روڪ پاتا وڃن ٿا. 

وٽامن سي سان سرشار Abundant in Vitamin C :-
زيتون کي گرم ملڪن جو صوف چيو وڃي ٿو ھن ۾ خاص ڪري پروٽامن سي جي مقدار ٻين ميون کان وڌيڪ پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ وٽامن سي جي مقدار صرف 212 ملي گرام ٿئي ٿي جڏھن تہ 100 گرام نارنگي ۽ ڪينو ۾ وٽامن سي جي مقدار 40 ملي گرام ٿئي ٿي. جيڪڏھن روز 90 گرام زيتون کاڌو وڃي  تہ وٽامن سي جي ڏينھوڪي مقدار پوري ڪري سگهجي ٿي. وٽامن سي پٺن ۾ پاتي ويندڙ اھم پروٽين ڪولاڄن زيتون ۾ موجود ٿئي ٿي جيڪا ھاضمي جي نظام کي طاقتور بنائي ٿي ۽ ڪينسر ۽ دل جي مرضن کان بچائي ٿي.

ڪينسر جو خطرو گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود وٽامن سي ۔ لائڪوپين ۽ ٻيا جزا دافع تڪسيد طور ڪم ڪن ٿا جيڪي جسم ۾ نقصاندھ گهرڙن جي سطح گهٽ ڪن ٿا ۽ ڪينسر جي گهرڙن کي روڪن ٿا.

شڳر ۾ مفيد :-
تاندور ھجڻ ڪري زيتون شڳر کي وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي شڳر کي باقائدي ڪري ٿو.

ﺩﻝ کي صحتمند رکندڙ :-
زيتون جي کائڻ سان جسم ۾ نمڪ يا سوڊيم ۽ پوٽيشم جي توازن ۾ بھتري اچي ٿي جنھن جي ڪري بي پي ضابطي ۾ رھي ٿو. ھي ميوو نقصاندھ چرٻاڻ کي گهٽ ڪري ٿو جيڪو دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿو.

ﻗﺒﺾ ڪشا :-
زيتون ۾ تاندور گهڻا ٿين ٿا ان ڪري زيتون تاندور جو 12 حصو جسم کي فراھم ڪري ٿو جيڪو ھاضمي جي نظام کي بھترين بنائي ٿو ۽ قبضي کي ٽوڙي ٿو.

نظر وڌائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي پاتو وڃي ٿو جيڪو اکين لاء مفيد آھي. ھي ميوو عمر گذرڻ سان گڏ نظر کي ساڳي حالت ۾ رکي ٿو پر ان کي بھتر بہ رکي ٿو. ھي موتيي پاڻي جي مرض جي رفتار کي سست ڪري ٿو.

ڳورھاري عورتن لاء بھتر :-
زيتون ۾ فولڪ ايسڊ ٿئي ٿو جيڪو ڳورھاري عورتن لاء فائديمند آھي ۔ پيٽ ۾ ٻار جي حفاظت ڪري ٿو ۔ پيٽ ۾ ٻار کي ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ ڪمزوري ٿيڻ نٿو ڏئي.

ڏندن جو درد ختم ڪندڙ :-
زيتون ۾ جراثيم روڪ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون جيڪي ڇوت کي ختم ڪن ٿيون ۽ جراثيمن کي مارين ٿيون. ھن جي کائڻ سان ڏندن جو سور ختم ٿي وڃي ٿو.

ڇڪتاڻ گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود ميڳنيشم مشڪن ۽ اعصابن کي پرسڪون ڪري ٿو. ڏينھن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ٿڪ ٿئي ٿو ۔ مشڪون ڳريون ٿي وڃن ٿيون ۽ ذھني دٻاء وڌي ٿو. صرف زيتون کائڻ سان انهن مسئلن کان نجات ملي وڃي ٿي.

ﺩﻣﺎغي ميوو :-
ھن وٽامن ۾ وٽامن بي ٿري ۽ وٽامن بي سڪس موجود ٿئي ٿي جيڪي دماغ جي طرف رت جي فراھمي کي بھتر بنائين ٿيون ۽ ذھني فعلن کي تحريڪ ڏيڻ سان گڏ اعصابن کي بہ سڪون پھچائين ٿا. 

ٿولھ کان تحفظ ڏيندڙ :-
جيڪڏھن توھان جسماني وزن ۾ کوٽ آڻڻ چاھيو ٿا تہ زيتون کائڻ شروع ڪيو ڇوجو ھي تاندور سان ڀرپور ٿئي ٿو ۽ گهرڙاتي تبديلي کي بھتر بنائي ٿو ۽ ھن جي کائجڻ سان پيٽ ڀريل رھڻ جو احساس رھي ٿو.

زڪام :-
زڪام ۾ زيتون ھاڪاري اثر رکي ٿو. جڏھن مريض جو بلغم پچي نٿو نڪري ۔ ڳلي ۾ کچ کچ رھي ٿي ۽ ڳلي ۾ ريڳاڙ ڳڙندو رھي ٿو، انهي صورت ۾ زيتون جو کائڻ فائدي بخش آھي.

ٻيرڙا :-
جڏھن ڳلي ۾ سوڄ اچي ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف اچي تہ اھڙي صورت ۾ زيتون کي ڪر ۾ پچائي صاف ڪري نيم گرم کائجي ائين ڳلي جي سوڄ گهٽجي ويندي ۽ بلغم پچي نڪرندو. اھڙي ترڪيب سان ٻارن کي استعمال ڪرايو وڃي ٻارن جي ڳلي جي مسئلي حل ٿيڻ سان گڏ خشڪ کنگھ بہ ختم ٿي ويندي.

گهنجن کان بچائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن سي ۽ تڪسيد روڪ جيئن گجرا Carotene ۽ لائڪوپين اچي وڃن ٿا جيڪي گهنجن گهنجن کان بچائين ٿا. زيتون جي کائڻ سان ھروڀرو جسم تي گهنج نٿا اچن.

پیشاب جي تڪليف دور ڪندڙ :-
جڏھن گرمي ۽ خشڪي جي ڪري پيشاب جون ناليون تنگ ۔ سوڄدار يا خشڪ ٿي وڃن اھڙي حالت ۾ زيتون کائڻ لاڀائتو آھي پيشاب جهالارو ايندو ۽ پيشاب رڪجي اچڻ بند ٿي ويندو.

بواسير ۾ مفيد :-
بواسير خوني ھجي يا بادي زيتون فائدو ڏئي ٿو ڇوجو زيتون کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي نتيجي طور بواسير کي فائدو پوي ٿو.

ڳلي جي ڪينسر کي روڪيندڙ :-
جڏھن جسم ۾ سودا وڌي ٿي تہ رت بگڙجڻ لڳي ٿو ۽ ڪھڙو بہ ڪينسر پيدا ٿي سگهي ٿو. زيتون کائيندو رھڻ سودا جو اثر گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ ڳلي جي ڪينسر جا امڪان نٿا رھن.

دست بند ڪندڙ :-
زيتون ۾ Quercetin موجود ھئڻ ڪري ھن جي پنن مان دستن جي دوا تيار ڪئي وئي آھي. ھنن جي پنن کي ڇانو ۾ خشڪ ڪري ڪٽي پائوڊر ڪري رکيو وڃي. ھي پائوڊر دستن لاء مفيد آھي.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment