Saturday, 21 November 2020

پتي جي پٿري Gallstone 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


پتو توھان جي پيٽ ۾ جيري جي بلڪل ھيٺان ساڄي طرف ٿئي ٿو ۽ زيتون جي شڪل جھڙي ڳوٿري ۾ صفرا رکي ٿو. صفرا جيري ۾ ٺھي ٿي جيڪا چرٻي ۽ مخصوص وٽامنن کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏھن اسان کاڌو کائون ٿا تہ جسم صفرا کي خارج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ٿو ۽ صفرا پتي مان نڪري ننڍي آنڊي ذريعي کاڌي تي پوي ٿي ۽ کاڌو ھضم ٿيڻ جي مرحلن مان گذري ٿو.

پتو اھڙي ڳوٿري آھي جيڪو صفرا Bile کي ذخيرو ڪري ٿو جيڪا جيري جي رطوبت آھي ۽ سڻڀ کي ھضم ٿيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھي ڳوٿري 4 انچ ڊگهي ۽ 1 انچ ويڪري ٿئي ٿي. جڏھن غذا آنڊن ۾ پھچي ٿي تہ پتو ان وقت آنڊن ۾ صفرا نالي ذريعي صفرا کي خارج ڪري کاڌي کي ھضم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.

جيڪڏھن پتو ٺيڪ ڪم ڪري ٿو تہ جسم جو ڪاروھنوار ٺيڪ ھلي ٿو. جرڪڏھن توھان ڪجھ گهڻو چرٻيدار کاڌو کائو ٿا تہ پتي جو مقدار وڌي ٿو يا سڪڙجي ٿو نتيجي طور پت Cholesterol جي ڪري پتي ۾ مواد ڄمڻ شروع ڪري ٿو ۽ پتو بلاڪ ٿيڻ ڪري شديد درد محسوس ٿئي ٿو. عضوي کي جڏھن سڪون ملي ٿو تہ درد بہ غائب ٿي وڃي ٿو. گهڻي کائڻ جي ڪري جڏھن پتو سڄڻ يا وڌڻ لڳي ٿو تہ ان کي طبي زبان ۾ پتيڙ Cholecystitis چئبو آھي جيڪو پٿري جي علامت پڻ آھي. جيڪڏھن پتو درست ڪم نہ ڪري رھيو آھي تہ پٿري سان گڏ معدي ۾ تيزابيت ۔ گيس ۔ آت ۔ الٽي ۽ معدي ۾ درد جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. پتي جي پٿري تڏھن ٺھي ٿي جڏھن بدھضمي جي ڪري صفرا پتي ۾ قلمن جي شڪل اختيار ڪري ٿي. صفرا نالي ۾ رڪاوٽ جي ڪري پيٽ جي مٿئين حصي ۾ درد ٿي سگهي ٿو پر ڪجھ مريضن کي درد محسوس ناھي ٿيندو، مثال طور ھي درد اچانڪ ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيترن ڪلاڪن تائين رھي سگهي ٿو. پتي جي پٿري جسامت جي لحاظ کان ڪيترن قسمن جي ٿئي ٿي ۽ ھي گولف جي بال برابر وڏي يا واري جي ذري جيتري ٿي سگهي ٿي. ھڪ وقت پتي ۾ ڪيترن نمونن جون پٿريون پيدا ٿي سگهن ٿيون. پتي ۾ پٿري اڪثر ماڻهن کي ٿئي ٿي پر ھر شخص کي ان جي تڪليف نہ ٿي ٿئي ان ڪري پتي جي پٿري جي علامتن کان باخبر رھڻ ضروري آھي.


علامتون:

پتي جي پٿري جا آثار ۽ علامتون گهڻن نمونن جون ٿين ٿيون ۽ گهڻن ماڻهن کي ھي بہ معلوم ناھي ھوندو تہ انهن کي پٿري آھي. تقريبن اسي سيڪڙو ماڻهو پتي جي پٿري جا شڪار ھوندا آھن، انهن کي ڪنھن بہ قسم جو درد يا علامت محسوس ناھي ٿيندي. اڪثر مريضن کي پتي ۾ پٿري ھئڻ باوجود تڪليف نٿي ٿئي ۽ اتفاقن پٿري جي موجودگي جو شڪ پيدا ٿئي ٿو. عام طور تي ھن جون علامتون ان وقت ظاھر ٿين ٿيون جڏھن ڪا پٿري صفرا نالي ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي تہ علامتون ھيٺيون ٿي سگهن ٿيون.

ساڄي يا کاٻي پاسراٽي ھيٺان درد ھي علامت پتي جي پٿري جي ابتدائي علامت آھي. ھي درد ڪڏھن ھلڪو ۽ ڪڏھن شديد نوعيت جو ٿئي ٿو ۽ ڪڏھن چڀن سان شروع ٿي وڃي ٿو ڇوجو پتو ھاضمي جي نظام درست نہ ھئڻ ڪري پنھنجو فعل ٺيڪ نموني انجام نٿو ڏئي جنھن جي نتيجي ۾ ڪجھ کائڻ پيئڻ کان پوء آت محسوس ٿين ٿا يا الٽي اچي سگهي ٿي.

ڇوت جي صورت ۾ بخار ٿي وڃي ٿو.

پتي ۾ پيپ پئجي سگهي ٿي جنھن جي ڪري پيٽ ۾ شديد قسم جو درد پوي ٿو.

ٻيون علامتون ھي بہ ٿي سگهن ٿيون.

رت جو لاٿ.

ھر ٿوري دير کان پوء حاجت محسوس ٿيڻ.

بدھضمي ۔ گئس جا مسئلا.

کائڻ کان پوء پيٽ ڦوڪجڻ.

قبضي.

مٿو چڪرائڻ.

رت جي کوٽ.

چھري تي داڻا.

چمڙي تي ڦرڙا.

چمڙي تي ڦرڙيون.

دل ڦرڻ.

آت.

الٽي.

پيٽ ۾ درد.

گھري ساھ کڻڻ ۾ تڪليف.

ساڄي يا کاٻي ڪنڌ ۾ درد جو احساس.

نالين ۾ رڪاوٽ جي ڪري پتي ۾ سوزش.

نالين ۾ رڪاوٽ جي ڪري لبلبي ۾ سوزش.

وڏي عمر جي ماڻهن کي پتي ۾ ڪينسر ھجڻ.

پيٽ جي مٿئين ساڄي پاسي درد ٿيڻ جيڪو جلدي وڌي وڃي ٿو ۽ اچانڪ پيدا ٿئي ٿو ھن کي پتي جو دورو سڏيو وڃي ٿو.

ساڄي ڪلھي طرف ۽ پٺي مٿان ساڄي طرف درد ٿيڻ

آت ۽ الٽي محسوس ٿيڻ.

درد ھڪ ڪلاڪ کان ڪيترن ڪلاڪن تائين رھي سگهي ٿو درد عام طور تي پيٽ ڀري کائڻ کان پوء ٿئي ٿو.

پتي جي پٿري جي ڪري صفرا نالي يا جيري کي ڇوت لڳي سگهي ٿو نتيجي طور بخار ۽ سائي ظاھر ٿئي ٿي.

علاج نہ ٿيڻ جي صورت ۾ پٿري جي ڪري اڃان وڌيڪ پيچيدگيون ڪر کڻن ٿيون.

جيڪڏھن پتي جي پٿري جو مقدار وڌي وڃي تہ آنڊي جو منھن بند ٿي وڃي ٿو پر اھو اڪثر گهٽ ٿئي ٿو پر ھي موتمار ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن خدانخواستہ پتو ڦاٽي پوي ۽ مريض کي احساس بہ نہ رھي تہ خطرناڪ قسم جي ڇوت پکڙجي سگهي ٿو.


خاص علامتون:


پيٽ ۾ درد:

معدي ۾ درد پتي جي مسئلن جي سڀ کان عام علامت آھي. ھي سور پيٽ جي مٿئين ساڄي پاسي ٿئي ٿو، ڪڏھن ڪڏھن ھي سور چيلھ تائين يا سڄي ڪلھي تائين پھچي وڃي ٿو. ھن سور جي شدت تيز ڌار وانگر ٿئي ٿي جيڪا ڪلاڪ تائين ھلي ٿي ۽ پوء غائب ٿي وڃي ٿي.


درد جي اچ وڃ:

پتي جي درد جي لھر جي مد ۽ رخصتي عام ٿئي ٿي. ھي علامت پٿري جي ٺھڻ جو اشارو ڏئي ٿي. ڪيئي ماڻهو ھن کي لبيڙ (لبلبي جي سوزش) سمجهن ٿا پر لبلبي جي سوزش ڪلاڪن تائين ھلي ٿي جڏھن تہ خارش بہ ٿئي ٿي ان جي برعڪس پتي ۾ اھڙو درد نٿو ٿئي.


کائڻ کان پوء خاص علامتون:

چڪنائي ۽ چرٻي وارن کاڌن کائڻ سان طبيعت بگڙي ٿي ۽ پتو متاثر ٿئي ٿو. ماھرن مطابق سڻڀ واري غذا استعمال ڪرڻ سان چرٻي آنڊن ۾ داخل ٿئي ٿي تہ ھڪ حرڪيرو Harmone خارج ٿئي ٿو جيڪو پتي کي سڪيڙي ٿو نتيجي طور تڪليف جو احساس ٿئي ٿو.


آت ۔ الٽي يا معدي ۾ جلن ۾ اڀرڻ:

ھي علامت عام نٿي ٿئي ۽ ٻين طبي مسئلن جو سبب ٿي سگهي ٿي. اڪثر پتي جا مريض ان علامت کي معدي جي تيزابيت يا جلن ۾ اضافو سمجهن ٿا پر قي يا الٽي پتي جي پٿري طرف ڪو مثالي اشارو ناھي پر علامتون نظر اچن تہ ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي خاص ڪري ان صورت ۾ جڏھن بار بار الٽي اچي.


پيشاب جو رنگ گھرو ٿيڻ ۽ ڦوڳ جو ھلڪو ٿيڻ:

جڏھن صفرا کي پٿري بلاڪ ڪري ٿي تہ غذا مان چرٻي ھضم نٿي ٿئي نتيجي طور پيٽان نڪتل ڦوڳ سڻڀو ۽ ترندي نظر اچي ٿو ۽ پيشاب جي رنگت گھري ڦڪي ٿي وڃي ٿي.


چمڙي يا اکين تي پيلاڻ اچڻ:

اکين يا چمڙي ۾ پيلاڻ پتي جي پٿريء جي نشاني آھي، ھي اھو وقت ٿئي ٿو جڏھن پٿري پتي مان نڪري صفناڙ (صفرا نالي) Bile duct يا لبناڙ (لبلبي جي نالي) کي بلاڪ ڪري ٿي. ھي پيلي رنگت رنگت مختلف مرضن سائي يا رت جي کوٽ جي علامت ٿي سگهي ٿي.


سبب:

جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوء سڻڀ ۽ خاص طور تي حيواني ذريعن مان حاصل ڪيل شين ۾ پت Cholesterol پاتي وڃي ٿو جيڪا پاڻي ۾ حل نہ ٿئي ٿو پر پت صفرا ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جڏھن جگر صفرا بنائي ٿو تہ ان ۾ پت جو ھڪ حصو موجود ٿئي ٿو جيڪو مرڪب جي شڪل ۾ پتي ۾ گڏ ٿئي ٿو پر پتي جي ڪجھ بيمارين جي ڪري صفرا جي پيدائش جو عمل غلط ٿي وڃي ٿو. ائين بہ ٿئي ٿو جو صفرا ۾ پت Cholesterol گهڻو اچي وڃي ٿو جو اھو صفرا ۾ حل نہ ٿئي ٿو نتيجي طور قلم ٺھڻ لڳن ٿا ۽ پٿريون ٺھڻ شروع ٿي وڃن ٿيون. صحتمندي ۾ پٿرين جي ٺھڻ جا امڪان نٿا رھن. پتيڙ (پتي ۾ سوزش) اچڻ ڪري پت ڄمي ٿو. انهي ڳالھ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ 80 سيڪڙو ماڻهن کي نہ صرف سوزش ٿئي ٿي پر پٿريون بہ ٺھن ٿيون.

پتي جي پٿري جا ٻہ قسم آھن جن ۾ رنگدار پٿري ۽ پتدار پٿري شامل آھن. رنگدار پٿري تڏھن جڙي ٿي جڏھن صفرا ۾ سرخ صفرا Bilirubin پاتي وڃي ٿي ھي پٿريون ڪاريون يا گھريون ڪٿئي رنگ جون ٿين ٿيون. پتدار پٿري مختلف جزن سان ملي ٺھي ٿي پر ھن جو گڏيل جزو پت تحليل نٿو ٿئي. ھي پٿري اسي سيڪڙو مريضن کي ٿئي ٿي ھي  پٿريون خاص ڪري پيلي رنگ جون ٿين ٿيون. ھي پٿريون معالج کي سمجھ ۾ نہ ٿيون اچن پر ڪجھ ڳالهين مان رھنمائي وٺي سگهجي ٿي.

صفرا ۾ وڌيڪ پت Cholesterol ھجڻ

پتو پت Cholesterol سان ڀرجي وڃي ٿو.

صفرا ۾ وڌيڪ سرخ صفرا Bilirubin اچڻ پٿرين بنجڻ جي علامت آھن ھن ۾ گهڻيون پٿريون ٺھن ٿيون جن جي وڌڻ جا خطرا ھنن ۾ رھن ٿا.

عورت ھجڻ.

ٿولھ جو شڪار ٿيڻ.

تاندوري غذا گهٽ کائڻ.

سڪر جو شڪار ٿيڻ.

پت گهٽائڻ جو دوائون کائڻ.

سٺ سال يا سٺ سال جي عمر کان مٿي پھچڻ.

تيزي سان وزن گهٽجڻ.

اھڙين دوائن جو استعمال ڪرڻ جن ۾ ايسٽروجن شامل ھجي.


رک ڪرڻ:

ڪجھ ماڻهو وڌيڪ رک ڪري وزن گهٽ ڪن ٿا مگر نتيجي طور جيري ۾ پت Cholesterol جي وڌڻ جي ڪري پتي جا مسئلا ڪر کڻن ٿا ڇوجو بکئي پيٽ رھڻ سان پتي جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي.


عورت ۾ وڌيڪ امڪان:

طبي ماھرن مطابق بيدرو Estrogen پتي جي پٿري ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. عورتن ۾ وڌيڪ مقدار ۾ پائڻ وارو ھي حرڪيرو صفرا ۾ پت کي وڌائي ٿو جڏھن تہ زچگي دوران اھو ڪٺو ٿئي ٿو، ھي اھڙي ڳاڙھي پاڻيٺ آھي جنھن کي  جسم آساني سان جذب ڪري نٿو پائي.


خانداني تاريخ:

جيڪڏھن خاندان ۾ ڪنھن کي پتي جي پٿري جي شڪايت رھي چڪي آھي تہ توھان کي ھي عارضو ٿي سگهي ٿو. محققن جي خيال ۾ مخصوص جين Gene صفرا ۾ پت Cholesterol جي مقدار وڌائڻ جو سبب بنجن ٿا.


ٿولھ:

جيڪڏھن توھان جو جسماني وزن وڌيڪ آھي تہ توھان جي جسم ۾ پت جي وڌيڪ وڌڻ جا امڪان رھن ٿا جنھن جو مطلب ٿيو پتي جي پٿري ٿيڻ جا امڪان رھن ٿا، خاص طور تي پيٽ نڪرڻ تي 90 سيڪڙو امڪان رھن ٿا.


جسماني وزن ۾ کوٽ:

جيڪڏھن جسماني وزن تمام تيزي سان گهٽ ٿئي ٿو تہ ھي بہ پتي جي پٿري ٿيڻ جو امڪان آھي ڇوجو گهٽ حرارن Calories واريون غذائون پتي لاء سخت ٿين ٿيون.


غذا:

چرٻي ۽ پت Cholesterol واريون ڀرپور غذائون پتي جي پٿري جي خطري جو سبب بنجن ٿيون.


سڪر Sugar:

جيڪڏھن سڪر Sugar ٿي وڃي ۽ بڪيون متاثر ٿي رھيون ھجن تہ رت ۾ چرٻي جي ھڪ قسم جي وڌڻ جا امڪان رھن ٿا جيڪا پتي جي پٿري جي وڌڻ جو امڪان وڌائي ٿي.


عمر:

چاليھ سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ پتي جي پٿري جا وڌيڪ امڪان رھن ٿا.


تشخیص:

معالج جي لاء پٿري جي تشخيص ڪرڻ مشڪل آھي. جسماني معائنو ۔ مريض جي طبي تاريخ ڄاڻڻ ۽ علامتن جي باري ۾ ٻڌائڻ سان گڏ ھيٺيون ٽيسٽون ٿيڻ کپن.


(1) Common Imaging Test

عام عڪسري ٽيسٽ:

پيٽ جو الٽراسائونڊ ۽ سٽي اسڪين سان معالج کي پتي ۽ عضون کي ڏسڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. مختلف جاچن Scans ۽ عڪسرن Images سان پٿري ڏسي سگهجي ٿي.


(2) Blood Testing:

رت جي ٽيسٽ:

پٿري جي ممڪن پيچيدگي کان بچڻ لاء مريض جو رت ورتو وڃي ٿو. انهن ٽيسٽن سان يرقان ۔ ڇوت ۽ لبيڙ (لبلبي جي سوزش) ڏسي سگهجي ٿي جيڪڏھن الٽراسائونڊ ۽ سي ٽي اسڪن سان ڪجھ واضح نظر نہ اچي رھيو ھجي.


(3) Advanced Imaging

اڳيئي عڪسريت:

ضرورت پوڻ تي ڊاڪٽر وڌيڪ اڳيئي عڪسريت وٺي سگهي ٿو تہ جيئن ڏسي سگهي تہ پٿري جي ڪري مريض جي صفرا نالي ۾ رڪاوٽ تہ پيدا ٿي نہ رھي آھي.


(4) Magnetic resonance imaging MRI

چقمقي لاڙي عڪسريت:

ھي عڪسريت جسم جي اندرين عضون کي ڏسڻ ۽ جاچڻ لاء استعمال ٿئي ٿي.


(5) Endoscopic Retrograde Cholangiopancreatography (ERCP)

دوربين ڀرڪي صفنيڙولبوخاڪو:

ھن ٽيسٽ سان صفنيڙ (صفرا نلي جي سوزش) معلوم ڪري سگهجي ٿي.


(6) Hepatobiliary Iminodiacetic Acid Scan (HIDA)

صفراوي امينوسيٽي جاچ:

ھن ٽيسٽ دوران پتي جي پٿري جو پتو پوي ٿو


ممڪن پيچيدگيون:


اھڙا ماڻهو جيڪي پتي جي پٿري جا شڪار ٿين ٿا انهن کي مختلف پيچيدگيون لاحق ٿين ٿيون.


صفرا نالي ۾ رڪاوٽ:

صفرا نالي جيري يا پتي کان ننڍي آنڊي ۾ صفرا کڻي وڃي ٿي ۽ بند ٿيڻ جي صورت ۾ پتي جي سوزش لاحق ٿي سگهي ٿي.


پتي جي سوزش:

جيڪڏھن پٿري پتي کان اچي صفرا نالي ۾ ڦاسجي وڃي تہ پتي جي سوزش ٿي سگهي ٿي.


لبناڙ Pancreatic duct ۾ رڪاوٽ:

ھي اھڙي نالي آھي جيڪا خاص عرقن کي ان منزل تائين پھچائي ٿي جو ھاضمو بحال رھي ٿو. پتي جي پٿري لبناڙ ۾ ڦاسي سگهي ٿي ۽ لبنيڙ Pancreatitis لبلبي کي سوزش ڏيئي سگهي ٿي. اھڙي صورتحال ۾ مريض کي اسپتال ۾ وقت گذارڻو پوي ٿو.


تشخیص

پٿرين ۾ جيڪڏھن چن جي مقدار وڌيڪ ھجي تہ پٿريون ايڪسري ۾ نظر اچن ٿيون نہ تہ ان جي تشخيص جو ذريعو الٽراسائونڊ آھي جنھن جي مدد سان نہ صرف پٿرين جي خبر پوي ٿي پر مقدار پڻ معلوم ٿئي ٿو.


علاج

طب جديد ۾ پتي جي پٿري جو علاج ناھي شديد سوزش دوران الٽي ۔ آت ۔ بدھضمي ۔ معدي جي سوزش ۽ درد جي علامتن مطابق علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ پتي جي ھر بيماري جو علاج آپريشن آھي. جن ماڻهن جو پتو ڪڍيو وڃي ٿو اھي عمر ڀر بدھضمي جو شڪار رھن ٿا ۽ سڻڀ ھضم ڪري نٿا سگهن.


اپاء:

ڪڏھن کاڌو نہ ڇڏجي:

اڳ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ صفرا ان اوقت خارج ٿئي ٿي جڏھن اسان ڪجھ کائون ٿا جڏھن اسان وقت تي کاڌو نٿا کائون تہ ھي پاڻيٺ پتي ۾ جمع ٿيندي رھي ٿي جنھن ۾ پت جي سطح وڌي وڃي ٿي ۽ وقت سان گڏ ھي چرٻيلو مواد ڄمي پٿري جي شڪل اختيار ڪري ٿو.


اناج بھترين دوست:

اناج جيئن ڪڻڪ ۔ جو يا ٻيا ان تاندوريدار ٿين ٿا جيڪي دل کي تحفظ ڏيئي پتي کي پٿري کان دور رکن ٿا تاندوري جو استعمال ھاضمي جي نظام کي متحرڪ ڪري پت کي جسم کان خارج ڪري صفرا جي عمل کي درست رکي ٿو. وڌيڪ تاندورن واريون شيون پتي کي ٺيڪ حالت ۾ رکن ٿيون.


وزن وڌڻ نہ ڏيڻ:

ٿولھ وڌڻ ڪري ٻين مرضن سان گڏ پتي جي پٿري جو خطرو رھي ٿو. ھڪ تحقيق مطابق ٿلھن ماڻهن کي پتي جي پٿري 3 ڀيرا وڌيڪ خطرو رھي ٿو ڇوجو وڌيڪ ٿولھ پتي جي مقدار کي وڌائي ٿي ۔ ان جي فعل کي متاثر ڪري ٿي جنھن سان پت وڌي ٿو.


ميون ۽ سبزين سان رغبت رکڻ:

ميون ۽ پنن وارين سبزين ۾ وٽامن سي ۽ وٽامن اي موجود رھي ٿي جيڪي جسم کي مختلف خطرن کان بچائين ٿيون. ميون ۽ سبزين ۾ تاندوري جو مقدار وڌيڪ ٿئي ٿو جيڪو دير تائين پيٽ کي ڀري رکي ٿو جنھن سان ٿولھ نٿي ٿئي ۽ ٿولھ جي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.


تريل شيون گهٽ استعمال ڪرڻ:

تريل چرٻيدار شيون پتي جي فعل کي مشڪل بنائين ٿيون اھڙين غذائن ۾ سڻڀ وڌيڪ ٿئي ٿي جيڪا جسم ۾ پت جي سطح کي وڌائي ٿي نتيجي طور پتي ۾ پٿري جو خطرو وڌيڪ رھي ٿو. اھڙين غذائن ۾ حرارا وڌيڪ ٿين ٿا جنھن سان ٿولھ جا امڪان رھن ٿا ۽ نقصانن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.


ڀرڀرين Berries جو استعمال:

ڀيريون ۽ سبزرون وٽامن سي سان ڀرپور ٿين ٿيون طبي تحقيق مطابق وٽامن سي پتي جي پٿري جا امڪان گهٽ ڪري ٿي ۽ پت کي گهٽ ڪري ٿي نتيجي طور صفرا وڌي ٿي ۽ پتي جي پٿري جو خطرو نٿو رھي. جسم ۾ وٽامن سي جي کوٽ جي ڪري صفرا ۾ پت وڌي ٿي نتيجو پتي جي پٿري جي صورت ۾ نڪري ٿو.


مناسب مقدار ۾ پاڻي جو استعمال:

زندگي ۾ پاڻي جي اھميت کان انڪار ناھي، ھن جي کوٽ جي ڪري ٻين مرضن سان گڏ پتي کي نقصان پھچي ٿو ڇوجو پاڻي پتي مان وڌيڪ پت کي خارج ڪري ٿو ۽ پٿري سان گڏ ٻين مرضن کان بچائي ٿو.


زيتون:

زيتون جو تيل دل سان گڏ پتي کي متحرڪ رکي ٿو ۔ پتي ۾ پت کي وڌڻ نٿو ڏئي ۽ صفرا نالي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪري ٿو.


جسماني سرگرميون:

جسماني سرگرمين سان حرارا جلن ٿا ۔ مزاج خوشگوار ٿئي ٿو ۽ پتي جا مرض پيدا نٿا ٿين. طبي تحقيق مطابق جسماني سرگرمين سان پتي جا 25 سيڪڙو مرض گهٽائي سگهجن ٿا.


گريون استعمال ڪرڻ:

بادام ۔ اخڙوٽ ۔ گريون تاندوري ۽ صحت بخش چرٻي سان ڀرپور ٿين ٿيون. ھنن ۾ ڪيئي اھڙا جزا ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ پت جي جذب ٿيڻ جي عمل کي بند ڪن ٿا جنھن جي ڪري پتي جي پٿري کان تحفظ ملي وڃي ٿو.


گوشت:

وڏي گوشت ۾ وڌيڪ پروٽين ٿئي ٿي جنھن جي ڪري پتي يا جيري تي سوڄ ٿي سگهي ٿي سن ڪري چرٻيدار گوشت کي پتي جي مرض ۾ کائڻ کان پرھيز ڪجي.


بچاء جون تدبيرون:

جسماني وزن کي صحتمند سطح تي برقرار رکجي.

تاندورن سان ڀتپور غذائون کائجن.

رفائين غذا کان پرھيز ڪجي.

پت وارين شين کان پرھيز ڪجي.

وڏ پروٽيني شين جيئن وڏي گوشت ۔ بيدي ۽ چڻي جو استعمال نہ ڪجي.

تريل شين سان رغبت نہ رکجي.

پيٽ ڀري کاڌي کائڻ کان پرھيز ڪجي.

ڪولا بوتلن پيئڻ کي ڇڏي ڏجي.

تيز کاڌن کي ھٿ نہ لائجي.

پتي جي پٿري جي شڪار ماڻهن کي غذا جو خاص خيال رکڻ کپي جيئن ٿولھ نہ اچي.

چرٻيدار ۽ پتدار کاڌن جيئن بيدو ۔ مکڻ ۔ گوشت ۔ تريل شيون ۽ چڻي کان پرھيز ڪرڻ کپي.

چقندر ۔ کيري ۽ ڳاڙھي گجر جو رس پيئجي تہ جيئن پتي جي پٿري جي قدرتي طور صفائي ٿي وڃي.


علاج

گهڻن ڪيسن ۾ پٿي مسئلن جو سبب نٿي بنجي ان ڪري سرڄري نٿي ڪئي وڃي پر جڏھن علامتون شدت اختيار ڪن ۽ سرڄارو سرڄري جي تجويز ڏئي تہ ھرگز دير نہ ڪجي. ڏٺو ويو آھي تہ اڪثر پتي ڪڍرائڻ کان ڊڄن ٿا انهن کي ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ پتو ڪڍرائڻ بعد جيري ۾ ٺھڻ وارو صفراوي مادو آنڊن ۾ وڃي پنھنجو ڪم آساني سان سرانجام ڏئي ٿو پر سرڄري ۾ دير خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.

Wednesday, 11 November 2020

دماغي ڳڙ Brain tumor 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


دماغي ڳڙ ڪينسر جي پيچيدھ شڪل آھي جيڪا مغز جي ڪنھن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ آھستي آھستي پکڙجي سگهي ٿي. دماغي ڳڙ کي ڪينسر ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جڏھن بي قائدي گهرڙن جي نشونما حد کان وڌيڪ وڌي وڃي تہ گهرڙا ھڪ ھنڌ جمع ٿي ڳڙ جي شڪل اختيار ڪن ٿا. ھن مرض جي جيڪڏھن پھرين تشخيص ٿي وڃي تہ پھرئين مرحلي ۾ ھن جو علاج ٿي سگهي ٿو. دماغي ڳڙ دماغ يا ڪرنگهي جي ھڏي ۾ گهرڙن جي بي قائدي يا غير معمولي ورھاست کي چئبو آھي. دماغي ڳڙ سخت ماس وانگر ٿئي ٿو. دماغ ۽ ڪرنگهي جي ھڏي ۾ دماغي ڳڙ جا 100 قسم ٿين ٿا. ڪجھ دماغي ڳڙن جا قسم دماغ جي قسم ۽ گهرڙن تي خطرناڪ حد تائين اثرانداز ٿين ٿا. ان قسم جا دماغي ڳڙ ھڪ ھنڌ تي نٿا رھن پر وقت سان گڏ پکڙبا رھن ٿا انهن کي اسان ولڳڙ Malignant سڏيون ٿا.

جڏھن تہ دماغي ڳڙ جو ٻيو قسم جسم ۾ ھڪ جڳھ تي موجود رھي ٿو ۽ وڌي نٿو. ڳڀڳڙ Benign آھستي آھستي وڌن ٿا ۽ اصلي جڳھ کان وڌيڪ پکڙجن نٿا. ھي ڳڙ عام ٿئي ٿو. آمريڪن ٽيومر ايسوسيئيشن مطابق ھي ڳڙ دماغ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿين ٿا يعني 2/3 ٿين ٿا.

سي ٽي اسڪن جي مدد سان دماغ ۾ انهن گهرڙن جي بي قائدي تقسيم ڏسي سگهجي ٿي ۽ نشاندھي ڪري سگهجي ٿي ۽ اھو بہ پتو لڳائي سگهجي ٿو تہ ڳڙ تي مبني گهرڙن جي ابتدا ڪٿان شروع ٿي. تابڪاري جي ڪري ايڪسپوز برين ٽيومر جا امڪان وڌن ٿا. گهڻو تڻو دماغي ڳڙ ۾ مبتلا ماڻهن جي دماغي ڳڙ جي ڪا تاريخ نہ ٿي ٿئي، تنھن ھوندي بہ ڪجھ خانداني ڪينسر جا عارضا دماغ جي ڳڙ جي خاص قسمن جو سبب بنجي سگهن ٿا. ڪمزور مدافعتي نظام وارا ماڻهو جيئن ايڊز ۾ مبتلا ماڻهن ۾ دماغي ڳڙ جو خطرو وڌيڪ ٿئي ٿو.


دماغي ڳڙ جا قسم:

دماغي ڳڙن کي نشونما جي حساب سان گريڊ ڏنا وڃن ٿا جنھن ۾ ڏٺو وڃي ٿو تہ ھي ڪيتري تيزي سان نشونما ڪن ٿا ۽ علاج جي بعد ڪيتري حد تائين ٺيڪ ٿي سگهن ٿا.

گريڊ ھڪ ۽ گريڊ ٻہ ھيٺئين درجي جا ڳڙ ٿين ٿا جڏھن تہ گريڊ 3 ۽ گريڊ 4 وڌندڙ ڳڙ جي لاء استعمال ٿين ٿا. ٽيومر معنا ڳوڙھو يا سخت قسم جو ڳوڙھي جھڙو ماس ٿئي ٿو جيڪو جسم جي ڪنھن بہ حصي ۾ گهرڙن جي بي قائدا تقسيم جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. ھي ڦوڙو يا ڳڙ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو.


ڳڀڳڙ   Benign:

مقامي Benign ھي ڳڙ ھڪ جڳھ تائين محدود رھن ٿا. ھن دماغي ڳڙ کي (گريڊ ھڪ ۽ گريڊ 2) ھيٺئين گريڊ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جنھن جو مطلب آھي تہ ان جي نشونما سست روي سان ٿي رھي آھي ۽ علاج بعد شفا ملي سگهي ٿي ۽ آپريشن ذريعي آساني سان ڪڍرائي سگهجن ٿا.


ولڳڙ    Malignant:

ھي ڳڙ (گريڊ 3 ۽ گريڊ چار) مٿئين درجي جو دماغي ڳڙ ٿئي ٿو. ھي يا تہ دماغ ۾ ٿئي ٿو يا جسم جي ڪنھن حصي مان وڌي دماغ تائين پھچي ٿو. ھي دماغي ڳڙ علاج کان پوء اڃان وڌي وڃي ٿو. جيڪڏھن انهن ڳڙن جو بروقت علاج ڪرايو وڃي نہ تہ پوري جسم ۾ پکڙجي سخت تڪليف ڏين ٿا ۽ موت جو سبب بنجن ٿا. ھر ڳڙ ڪينسر نٿو ٿئي پر ھن جي ڪري روز مشڪلون ڪر کڻن ٿيون. ھن ڳڙ جي صورت ۾ لڳاتار مٿي جو سور رھي ٿو ڪڏھن شديد درد پوي ٿو جو الٽيون ۽ بيھوشي جا دورا پون ٿا.


مغزي رسولي جون ابتدائي علامتون:

ڳڙ جي جڳھ ۽ قسم حساب سان مختلف ٿي سگهن ٿا. ڪجھ علامتون آھستي آھستي ظاھر ٿين ٿيون ۽ آھستي آھستي خراب ٿين ٿيون. ڪجھ ماڻهن ۾ علامتون ظاھر نہ ٿيون ٿين. تحقيق مطابق دماغي ڳڙ ۾ مبتلا اڌ ماڻهن کي مستقل مٿي جو سور رھي ٿو. مغزي ڳڙ جي علامتن جو دارومدار دماغ ۾ موجود ڳڙ جي جڳھ تي ٿئي ٿو يعني ڳڙ دماغ جي ڪنھن حصي کي متاثر ڪري رھيو آھي. ان جو عام علامتون ھي آھن.

مٿي ۾ مستقل سور

مٿي ۾ لڳاتار شديد سور پوڻ

وزن ۾ گهٽتائي

دورا پوڻ

جهٽڪا لڳڻ

لڳاتار آت

لڳاتار الٽي

غنودگي جي حالت

ڳالهائيندي توتلو پن

عام ورتاء ۾ تبديلي جھڙيون علامتون

ذھني ڪيفيت ۾ تبديلي جيئن ياداشت ۾ کوٽ يا شخصيت ۾ تبديلي

جسم جو ھڪ حصو ڪمزور يا مفلوج ٿيڻ

ڏسڻ يا ڳالهائڻ ۾ مسئلو ٿيڻ

ڪڏھن ڪڏھن علامتون ظاھر نہ ٿين ٿيون ۽ مڳڙ نشونما پائيندو رھي ٿو.


مٿي جو سور:

مٿي جي سور جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏھن ڪجھ علامتن سان گڏ لاڳيتو مٿي ۾ سور رھي تہ ھي دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو ۽ جلدي ٽيسٽ ڪرائي تسلي ڪرڻ کپي.


بي ھوشي جا دورا:

جيڪڏھن اوچتو ۽ بنا سبب غشي جا دورا پون يا بي ھوشي جھڙي حالت ٿي وڃي تہ ھي دماغي ڳڙ جي نشاني ٿي سگهي ٿي جلدي ڪنھن تانتي سان رابطو ڪجي.


چکڻ ۽ سنگهڻ جي حس ۾ کوٽ:

اوچتو چکڻ ۔ سنگهڻ ۽ بک لڳڻ جي حس ختم ٿي وڃي تہ ھي دماغي ڳڙ جي نشاني ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن مريض چکڻ ۔ سنگهڻ ۽ ٻڌڻ جي حس ۾ خرابي محسوس ڪري تہ ڊاڪٽر سان رابطو رکجي ۽ ٽيسٽون ڪرائجن.


سماعت ۽ بصارت ۾ کوٽ:

بغير ڪنھن ٺوس سبب جي جيڪڏھن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ دقت محسوس ٿئي يا مڪمل طور تي سماعت ۽ بصارت ھلي وڃي تہ ان جو اھم سبب دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو.

اھڙي صورت ۾ دماغي ڳڙ دماغ جي ان حصي کي نقصان پھچائي ٿو جيڪو سماعت ۽ بصارت تي ضابطو رکي ٿو ۽ دماغي ڳڙ جي ڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿو.


چھل قدمي يا توازن رکڻ ۾ دقت:

جيڪڏھن مريض ھلندي دقت محسوس ڪري ۽ بيٺي بيٺي توازن رکي نہ سگهي تہ ان جو مطلب آھي دماغ جي ڪنھن حصي ۾ دماغي ڳڙ آھي.


توتلائڻ:

دماغي ڳڙ جا اثر دماغ جي انهن حصن تي پون ٿا جنھن سان ڳالهائڻ جي سگھ کي نقصان پھچي ٿو ۽ ماڻهو توتلو ٿي وڃي ٿو. ماڻهو ڳالهائڻ ۾ لفظن جي ادائگي مشڪل سان ڪري سگهي ٿو ۽ زبان توتلائڻ شروع ٿي وڃي ٿي.


فالج جو اثر:

چھري جو ھڪ حصو بي حس ٿيڻ يا ھڪ پير يا ھٿ جو حرڪت نہ ڪرڻ ھي فالج جو علامتون آھن پر دماغي ڳڙ جو بہ سبب ٿي سگهن ٿيون. 


مونجھ:

جيئن تہ خوشي ۽ جي جذبات تي ضابطو دماغ جي ڪجھ حصن ۾ ٿئي ٿو ان ڪري دماغي ڳڙ مونجھ جي علامت ٿي سگهي ٿو.


رويي ۾ تبديلي

دماغي ڳڙ جي ابتدائي علامتن ۾ ھڪ علامت رويي جي تبديلي آھي. دماغي ڳڙ وارو ڪڏھن نھايت خوش ٿئي ٿو تہ ڪڏھن وري روئڻ شروع ڪري ٿو. دماغي ڳڙ واري جو سوچڻ سمجهڻ جو انداز تبديل ٿي وڃي ٿو، ھي سبب ان ڪري ٿئي ٿو جو دماغي ڳڙ دماغ جي انهن حصن کي تباھ ڪري ٿو جيڪي جذبن ۽ احساسن کي قابو ۾ رکن ٿا.


 دماغي ڳڙ جي تشخیص: 

دماغ جي ڳڙ جي تشخيص لاء ڊاڪٽر اعصابي نظام جو معائنو ڪن ٿا. ھن تشخيص ۾ دماغ جي ڪارجن ۽ ڳڙ تائين ويندڙ ڪڙين جو تجزيو ڪن ٿا. ھن تشخيص ۾ ڊاڪٽر سماعت ۔ چمڙي جي حساسيت ۔ نظر ۔ ياداشت ۽ ذھني چستي جي جاچ پڙتال ٿئي ٿي.



ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي:

جيڪڏھن مٿيون علامتون نظر اچن ٿيون تہ جلدي ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي خاص طور تي شديد مٿي جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ضروري آھي. ضروري ناھي تہ شديد مٿي جو سور مڳڙ جي علامت نہ ھجي پر پوء بہ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ضروري آھي. جيڪڏھن ڊاڪٽر علامتون سمجهي سگهي تہ ٺيڪ نہ تہ تانتي سان رابطو رکجي جيڪو ٽيسٽن جو مشورو ڏيئي سگهي ٿو.


متاثر ٿيندڙ ماڻهو:

مڳڙ عمر جي ڪنھن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿو جن ۾ ٻار بہ اچي سگهن ٿا پر ھي عارضو عام طور تي پوڙھن ۾ ٿئي ٿو. ھزارين مريض اھڙا آھن جن کي دماغي ڳڙ ٿئي ٿو جن مان اڌ کي ڪينسري دماغي ڳڙ ٿئي ٿو جڏھن تہ باقي ماڻهن کي ٻئي نمبر جو دماغي ڳڙ ٿئي ٿو.


سبب ۽ خطرا:

دماغ ۾ ڳڙ جو اصل سبب معلوم ناھي ٿي سگهيو پر گهڻيون اھڙيون ڳالهيون آھن جن جي مڳڙ ٿي سگهي ٿو.


عمر:

عمر وڌڻ سان مڳڙ جو خطرو وڌي ٿو جڏھن تہ مڳڙ ٻارن کي بہ ٿي سگهي ٿو.


پھرين ڪينسر ٿيڻ:

جن ٻارن يا وڏن کي پھرين کان ڪينسر ٿئي ٿو انهن کي اڳتي ھلي دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو.


تابڪاري:

تابڪاري بہ دماغي ڳڙ جو سبب بنجي سگهي ٿي. اھڙا ماڻهو جن جي مٿي جي ريڊيوٿاپي ۔ سي ٽي اسڪن يا ايڪسري ٿيو ھجي انهن کي دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو.


ايڊز:

عام ماڻهن جي مقابلي ۾ ايڇ آء وي ايڊز جي مريضن ۾ دماغي ڳڙ جو ٻيڻو خطرو رھي ٿو.


تشخيص:

مڦوڙي جي تشخيص سي ٽي اسڪن ۔ ايم آر آئي سان ڪري سگهجي ٿي. سبب ماحولياتي يا جينياتي ٿي سگهن ٿا. اھڙن مريضن کي آسيب يا جنن جو سايو سمجهي درگاھن تي رکڻ سان خطرا اڃان وڌي سگهن ٿا. اسان جي جسم ۾ بي شمار گهرڙا ھر وقت بي ھم آھنگ تقسيم در تقسيم مان گذرن ٿا مطلب ڦوڙي بنجڻ جو خطرو رھي ٿو پر ٻئي طرف اسان جي جسم ۾ بي شمار گهرڙا اھڙا پاتا وڃن ٿا جيڪي نا آھنگ گهرڙن کائي يا ٻين طريقن سان ختم ڪن ٿا ۽ ڦوڙا بنجڻ نٿا ڏين.

جيڪڏھن ڪنھن سبب جي ڪري گهرڙن جي ھي تقسيم وڌي وڃي يا انهن کي ضابطي ۾ رکڻ وارا مدافعتي نظام جا گهرڙا گهٽ ٿي وڃن تہ ڦوڙو بنجڻ شروع ٿي وڃي ٿو. مڦوڙي جي صورت ۾ ڳنڍ ٺھي ٿي ۽ وڌڻ شروع ٿئي ٿي تہ ھي ڳنڍ آسپاس مان گذرندڙ تنتن تي دٻاء وجهي ٿي جنھن جي ڪري جسم جا مختلف تنتن جي تنتي فراھمي متاثر ٿئي ٿي.


علاج:

مڦوڙي جو علاج گهڻي حد تائين ان جي نوعيت ۔ ماپ ۔ جڳھ ۽ ان جي وڌڻ جي رفتار تي دارومدار رکي ٿو. دماغي ڳڙ جيڪڏھن پکڙجڻ وارو ناھي تہ ان جو علاج صرف سرڄري سان سگهي ٿو. جيڪڏھن ڳڙ پکڙجڻ وارو آھي تہ ان جو علاج ڪيموٿاپي يا سرڄري ۽ ڪيموٿاپي کي ملائي ڪيو وڃي ٿو.

Monday, 2 November 2020

شملا مرچ Capsicum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


شملا مرچ ذائقي ۔ رنگ ۽ خوشبو جي ڪري منفرد حيثيت رکن ٿا. ھي مرچن جو اھڙو قسم قسم آھي جيڪو تکاڻ نٿو رکي. ھي سلاد طور استعمال ٿئي ٿو ۔ پيزي جي رونق وڌائي ٿو ۽ صحت برقرار رکي ٿو. ڀاڄين ۽ سبزين ۾ ھن جي استعمال سان جتي سواد وڌي ٿو اتي بيمارين جا خطرا گهٽ ٿين ٿا. شملا مرچ نہ صرف سستا ۽ مزيدار ٿين ٿا پر ڪثير خوبيون رکن ٿا. ھي اھڙا مرچ آھن جن کي ڪچو کائي سگهجي ٿو ۽ پڪائي سگهجي  ٿو گڏوگڏ آمليلٽ ۔ شوربي ۽ ڀاڄي ۾ وجهي سگهجي ٿو ڇوجو ھي ڇوت ختم ڪرڻ ۾ اڪسيري درجو رکي ٿو. جڏھن جسم کي وٽامن سي جي ضرورت پوي ٿي اھڙي حالت ۾ شملي مرچ کي استعمال ڪرڻ کپي.


چمڙي کي جوان رکندڙ:

شملا مرچ وٽامن سي Vitamin C جي وافر مقدار ھئڻ ڪري قوت مدافعت ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ چمڙي کي جوان ۽ خوبصورت رکي ٿو. شملا مرچ بيٽا گجري Beta-carotene  لبريز ۽خوش رنگ جو ڏيک ڏئي ٿو. بيٽا گجرو جسم ۾ وڃي وٽامن سي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ جلدي شفايابي ۾ مدد ڏئي ٿو. ھن ۾ موجود وٽامن اي Vitamin A چمڙي جي اندريين توڙي ٻاھريين تھ جي حفاظت ڪري ٿي ۔ وبائن کان محفوظ رکي ٿي ۽ چمڙي ۾ تراھٽ برقرار رکي ٿي.

شملا مرچ ۾ موجود وٽامن سي جسم ۾ ڪولاڄي Collagen کي بنجڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪو جسم کي بنياد کي فراھم ڪري ٿو ۽ گهنج ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.


قوت بخش غذا:

جيڪڏھن شملا مرچ کي گهٽ پڪايو وڃي تہ ان جي مٺاس ۔ ذائقو ۔ رنگ ۽ خوشبو برقرار رھي ٿي ۽ ھي طاقتور غذا ٿي اڀري ٿو.


چمڙي ۽ وارن جي نشونما ڪندڙ:

شملا مرچ ۾ وٽامن اي Vitamin A ٿئي ٿو جيڪو وارن کي مضبوط ڪري ٿو.


موتيي کان بچائيندڙ:

شملا مرچ ۾ موجود زرد راڱو زرداڱو Lutein اک ۾ موتيي پوڻ ۽ ڌنڌلي پن کان بچائي ٿو.


رت جي کوٽ Anemia کان بچائيندڙ:

رت جي کوٽ ۾ آڪسيجن جذب ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ڪمزوري ۽ ٿڪ محسوس ٿئي ٿو. رت جي کوٽ جو اھم سبب فولاد جي گهٽتائي آھي. ڳاڙھي شملا مرچ ۾ فولاد جي وافر مقدار ٿئي ٿي جڏھن تہ ان ۾ موجود وٽامن سي فولاد کي جذب ٿيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. فولاد واريون غذائون جيئن پالڪ ۽ گوشت سان گڏ ڪچي شملا مرچ کائڻ سان فولاد رت ۾ سٺي ريت جذب ٿئي ٿو ۽ رت جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.


وٽامن بي سان سرشار:

شملا مرچ ۾ موجود وٽامن بي Vitamin B اعصابي نظام کي طاقت ڏئي ٿي ۽ ان لاء نون گهرڙن کي بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.


تڪسيد روڪ Antioxidant :

شملا مرچ ۾ موجود بيٽا گجرو ڪيميائي طور تي تڪسيد روڪ جو ڪم ڏئي ٿو ۽ چمڙي کي جلن ۔ سوزش ۽ سوڄ کان بچائي ٿو.


مدافعتي نظام کي مضبوط ڪندڙ:

شملا مرچ وٽامن سي سان ڀرپور ٿين ٿا ھن ۾ سنگتري کان ٻيڻي وٽامن سي پاتي وڃي ٿي جيڪا اڇن گهرڙن جي نشونما ڪري ٿي ڇوجو ھي ڇوت ختم ڪرڻ ۾ اڪسيري درجو رکي ٿو. جڏھن جسم کي وٽامن سي جي ضرورت پوي ٿي اھڙي حالت ۾ شملي مرچ کي استعمال ڪرڻ کپي.


ڪينسر جي روڪ ڪندڙ:

شملا مرچ ۾ موجود جزا خاص ڪري گنڌڪ Sulphur  جسم ۾ موجود ڪينسر سان جهيڙڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ھن مرچ کائڻ سان جيري ۽ پروسٽيٽ ڪينسر جو خطرو دور ٿي وڃي ٿو. سائنسي تحقيق مطابق جن کاڌن ۾ ٻوھرا Flavonoids سفيد ۽ زرد مادن تي مشتمل جزا شامل ھجن اھي ببن جي ڪينسر جي سبب پيدا ڪندڙ گهرڙن کي روڪڻ ۾ مدد ڏين ٿا.


گهرڙبدليت کي بھتر رکندڙ:

شملا مرچ گهرڙبدليت Metabolism جو سرشتو رکي ٿو جنھن جي ڪري خوراڪ جا جزا جسم جو حصو بنجي وڃن ٿا. شملا مرچ جو استعمال ٻار پيدا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو.

شملا مرچ ۾ ڳاڙھي مرچ کان گهٽ تک ٿئي ٿي ان ڪري گهرڙبدليت ۾ بھتري آڻي ٿو مطلب ھي مرچ گرمي ڏيڻ بغير حرارن کي ڳاري ٿو 


اکين لاء مفيد:

ھي مرچ وٽامن سي سان سرشار ھئڻ ڪري اک جي پتلي جي حفاظت ڪري ٿو ۽ نظر جي اندريين پردي کي بھتر بنائي ٿو ۽ عمر گذرڻ سان گڏ نظر کي گهٽ ٿيڻ نہ ٿو ڏئي.

Saturday, 17 October 2020

سڪر Sugar 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


سڪر ھڪ دائمي مرض آھي، جڏھن لبلبي ۾ پيدا ٿيندڙ حرڪيري نسريڻ (نسر حرڪيري) Insulin جي کوٽ ٿي وڃي ٿي تہ رت ۾ مٺ Glucose جي مطلوبا مقدار وڌي وڃي ٿي ۽ سڪر Sugar پيدا ٿئي ٿي. سڪر Sugar جسم جي اھڙي حالت آھي جيڪا رت ۾ نسريڻ Insulin جي کوٽ سان پيدا ٿئي ٿي يا جڏھن جسم کي پنھنجي پيدا ڪيل نسريڻ Insulin جي استعمال ۾ دقت پيدا ٿئي تہ سڪر Sugar پيدا ٿئي ٿي. انسان جو انحصار سڪر تي ٿئي ٿو جيڪو نسريڻ جي بنياد تي ٿئي ٿو. جسم ۾ نسريڻ جي غير موجودگيء سان جسم ۾ رت جي وھڪ دوران گهرڙن ۾ رت جذب ڪرڻ جي اھليت نٿي رھي. مٺ Glucose کنڊ ناھي جو عام دڪانن ۾ دستياب ٿئي ٿي پر ھي قدرتي نشاستو آھي جنھن سان اسان جو جسم توانائي پيدا ڪري ٿو. رت ۾ مٺ جي سطح کي ضابطي ۾ رکڻ جو ڪم لبلبي Pancreas ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ حرڪيرو Harmone ڪري ٿو جنھن کي اسان نسريڻ (نسر حرڪيرو) Insulin سڏيون ٿا. سڪر جسم جي اھڙي حالت آھي جيڪا رت ۾ نسريڻ Insulin جي پھرين قسم نسريڻ Insulin جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿي جڏھن تہ سڪر جو ٻيو قسم نسريڻ جي گهٽ موٽ جي ڪري ٿئي ٿو، اھي ٻئي سبب ماڻهو کي مٿ مٺرت (دموي سڪر) Hyperglycemia طرف وٺي وڃن ٿا. دموي سڪر جسم ۾ علامتون پيدا ڪري ٿي جنھن ۾ وڌ پيشاب Polyurea جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي جيڪا جسم ۾ وڌ پاڻيٺ جو سبب بنجي ٿي نتيجي طور ڌنڌلاھٽ Blurred vision، ٿڪ Fatigue، نوام Lethargy جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. 1921ع ۾ نسريڻ جي طبي دستيابي کان پوء سڪر Sugar جو علاج موجود آھي پر وسيع بنياد تي ميسر ناھي. سادي سڪر عام سڪر آھي جنھن ۾ ڪثرت سان پٽڙو پيشاب اچي ٿو جيڪا نڪي يا جهاڳ غدود Pituitary gland جي ڪري پيدا ٿئي تي. سادي سڪر مٿپس سڪر Diabetes insipidus پورپس حرڪيري Vasopressin harmone جي کوٽ جي ڪري لاحق ٿئي ٿي جيڪو پيشاب کي ضابطي ۾ رکي ٿو. اڪثر ڪري کنڊ کي سڪر جو سبب ٻڌايو وڃي ٿو. ان جو ڪردار وڏ سڪرت High blood sugar جو وڌيل سبب آھي. سڪر جا 2 سبب آھن.

(1) وڏ سڪرت  High blood sugar

(2) گهٽ سڪرت  Low blood sugar

مٺ Glucose جي سطح مستحڪم ڪرڻ لاء نسريڻ جي ضرورت پوي ٿي جڏھن تہ نسريڻ قدرتي طور تي جسم ۾ موجود ھجڻ کپي.

جسم ۾ سڪر جي سطح کائڻ جي بي ترتيبي سان وڌي ٿي. جسم جي اندروني نظام جي ڪم ڪار مطابق حرڪيرو نسريڻ جسم ۾ مٺ جي سطح کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاء ٿئي ٿي. جڏھن ان ۾ مسلسل رڪاوٽ اچي ٿي تہ سڪر جي مريضن ۾ بي قائدگيون رونما ٿين ٿيون. 

پيشاب ۾ اضافو

بک ۾ اضافو

اڃ ۾ اضافو

لبلبي ۾ نسريڻ Insulin جي کوٽ ٻن سببن جي ڪري ٿئي ٿي.

(1) لبلبي ۾ نسريڻ جي پيداوار يا گهٽ ٿي وڃي ٿي يا ختم ٿي وڃي ٿي.

(2) لبلبي ۾ نسريڻ پيدا ٿئي ٿي پر ڪنھن سبب جي ڪري ان جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو. ھن ڪيفيت کي نسريڻ جي بي اثري چوندا آھن.

 مٺ Glucose اسان جي جسم جو انتھائي لازمي ۽ مستقل جزو آھي. اسان پنھنجي خوراڪ ۾ جيتريون بہ نشاستيدار شيون استعمال ڪيون ٿا، اھي اسان جي آنڊن ۾ وڃي مٺ Glucose ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽ اھا مٺ Glucose اسان جي رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿي. اسان جي جسم جا عضوا مٺ Glucose کي ٻارڻ وانگر استعمال ڪري توانائي حاصل ڪن ٿا. جيڪڏھن رت ۾ مٺ Glucose نہ ھجي يا تمام گهٽ ھجي تہ عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. پر ھڪ ٺيڪ انسان جي رت جي مٺ Glucose جي مقدار قدرت جي طئہ ٿيل حدن جي اندر رھي ٿي جڏھن تہ سڪر Sugar ۾ مٺ ٺيڪ حالت کان وڌي وڃي ٿي. 


سڪر جي تشخيص:

جيڪڏھن ڪنھن کي سڪر Sugar ٿئي تہ ان کي پنھنجي سڪر جي مقدار چيڪ ڪرائڻ کپي. جيڪڏھن ڪنھن جي جسم جي رت ۾ مٺ Glucose مقرر مقدار کان وڌيڪ آھي تہ ان کي شڳر جي علامت ھجي يا نہ ھجي پر ان کي شڳر ٿي چڪي آھي. اھڙي طرح ڪنھن ۾ سڪر جو علامتون پاتيون وڃن ٿيون جڏھن تہ ان جي سڪر پوري پني ھوندي آھي ان کي اڃان سڪر ناھي ٿي.


علامتون:

بار بار ۽ وڌيڪ پيشاب اچڻ خاص ڪري رات جو سمهڻ دوران پيشاب لاء بار بار اٿڻ

بار بار پياس لڳڻ ۽ ڳلو خشڪ ٿيڻ

گهڻي بک لڳڻ ۽ گهڻي کاڌي کائڻ باوجود وزن گهٽ ٿيڻ

ڪمزوري محسوس ٿيڻ ۽ جلدي ٿڪ ٿيڻ

وري وري ڇوتي مرض لڳڻ جن مان مشڪل سان مريض ٺيڪ ٿيو ھجي.

نظر جي ڪمزوري يا ڌنڌلاھٽ

ھٿن پيرن جو سن ٿيڻ ڄڻ تہ چمڙي ۾ ڪيڙا چري پري رھيا ھجن.


سڪر جي تشخيص لاء رت ۾ مٺ Glucose جي مقدار:


ٺيڪ سڪر جي حد 

126 يا وڌيڪ  101 ۔ 125

ٺيڪ سڪر جي حد

140 کان وڌيڪ    141 ۔ 199


سڪر جا قسم:

سڪر ڪيترن قسمن جي ٿي سگهي ٿي، ان جا جيترا قسم ھجن پر ھڪ ڳالھ ساڳي ٿئي ٿي، اھا ڳالھ ھي آھي تہ سڪر جي سڀني قسمن ۾ سڪر سڪرت Blood sugar پوراڻ کان وڌيڪ ٿئي ٿي.

سڪر جا اھم قسم ھي آھن.


(1) سڪر نمونو ھڪ Type One Diabetes:

پراڻي زماني ۾ بہ ھن بيماري کي سڪر چيو ويندو ھيو. انسان جو دارومدار سڪر تي ٿئي ٿو جيڪو نسريڻ جي بنياد تي ٿئي ٿو. جسم ۾ نسريڻ جي غير موجودگيء سان جسم ۾ رت جي وھڪ دوران گهرڙن ۾ رت جذب ڪرڻ جي اھليت نٿي رھي، ھي حالت سڪر نمونو ھڪ ۾ پيدا ٿئي ٿي. ھن حالت ۾ لبلبو نسريڻ ٺاھڻ بند ڪري ٿو ۽ ھي کوٽ ايتري تيزي سان پيدا ٿئي ٿي جو ڪجھ ڏينھن ۾ ئي مريض سڪر جو مريض ٿي وڃي ٿو. ھن بيماري جون علامتون شديد ٿين ٿيون ۽ سڃاڻپ ۾ دير نٿي لڳي. سڪر جو علاج نسريڻ جي ٽڪن تي ھلي ٿو. سڪر نمونو ھڪ جو علاج ھميشہ ڪنھن ماھر کان ڪرائڻ کپي. ھي سڪر پاڪستان ۾ گهٽ آھي. ھي سڪر لبلبي ۾ موجود بيٽا گهرڙن Beta cells جي ڪري جن ۾ نسريڻ جي مقدار ۾ گهٽتائي ٿي وڃي ٿي جنھن ڪري بيٽا گهرڙن جي خرابي T گهرڙن T sells جي حملي جي ڪري ٿئي ٿي. پھرئين قسم جو علاج نسريڻ جي جسم ۾ داخلا ۽ سڪرت (سڪري رت) Blood sugar جي نگراني آھي. نسريڻ جي عدم موجودگي جي ڪري مٺرت تيزابيت (دموي سڪري تيزابيت) Ketoacidosis لاحق ٿي وڃي ٿي. علاج ۾ غذائي ۽ جسماني مشق بہ شامل ڪئي وڃي تہ بہ ھي پيشقدمي بيماري کي روڪي نٿي سگهي.


(2) سڪر نمونو ٻہ Type Two Diabetes:

جسم ۾ قدرتي طور تي نسريڻ جو ھجڻ ضروري آھي. اسان کي ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي تہ اسان جو جسم رت کان مٺ Glucose وٺي ٿو جيڪو سڪر جي عام شڪل آھي. جيڪي ماڻهو ٿولھ جو شڪار ٿيڻ ٿا، انهن ۾ وڌيڪ سڪرت Blood sugar جا امڪان ٿين ٿا. سڪر جو عمل وڌيڪ عورتن کي متاثر ڪري ٿو جيڪي پيٽ سان ھجن ٿيون. پيٽ دوران وڌيڪ عورتن جي سڪر Sugar جي سطح وڌي ٿي ۽ انهن جي جسم جي گهرڙن ۾ مٺ Glucose جي اچ وڃ رکڻ لاء نسريڻ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رھي جنھن جو سبب رت جو چاڙھ آھي.

ھن قسم جي سڪر وڌيڪ ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ھن سڪر مان متاثر ٿيل آھن. ھي سڪر گهڻو ڪري بالغ ماڻهن کي ٿئي ٿي جنھن کي وڏ عمر سڪر سڏيو وڃي ٿو. سڪر جي ٻي قسم نسريڻ جي خلاف مدافعت يا حساسيت ۽ نسريڻ جو گهٽ اخراج آھي. جسماني اوڄن جي نسريڻ کي موٽ ڏيڻ لاء گهرڙجهلي Cell membrane ۾ موجود نسر موصولا Insulin receptor ڪارفرما ٿين ٿا. بيماري جي پھرين مرحلن ۾ گهرڙن ۾ نسريڻ جي موٽ گهٽ ۽ رت ۾ نسريڻ وافر مقدار ۾ ٿئي ٿي. ھي سڪر عمر جي ڪنھن بہ حصي ۾ لڳي سگهي ٿي. ھڪ ڳالھ نوٽ ڪجي تہ ھن بيماري ۾ نسريڻ بي اثر ٿي وڃي ٿي يعني لبلبو نسريڻ ٺاھي ٿو پر اھا اثر نٿي ڏيکاري. نسريڻ جي بي اثري تي لبلبو اڃان وڌيڪ نسريڻ ٺاھڻ لڳي ٿو ۽ پنھنجي وس وت کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿو نتيجي طور لبلبو ٿڪجي پوي ٿو، نسريڻ Insulin جي بي اثري سان گڏ نسريڻ گهٽجڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ رت ۾ مٺ Glucose وڌي وڃي ٿي. نسريڻ جي بي اثري صرف نسريڻ نٿي وڌائي پر ٻيا خطرا کڻي اچي ٿي. اھڙي صورتحال ۾ ڪيئي قدم کڻي سگهجن ٿا جن سان نسريڻ جي موٽ وڌيڪ ۽ لبلبي ۾ پيدا ٿيندڙ نسريڻ جي مقدار ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي جيئن جيئن بيماري پراڻي ٿئي ٿي نسريڻ جي مقدار ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ نيٺ نسريڻ کي طبي طور تي بدل ٿيڻ جي ضرورت پوي ٿي


حملي سڪر Gestational diabetes:

جيڪڏھن ڪنھن عورت کي حمل دوران سڪر ٿي وڃي جنھن کي پھرين سڪر نہ ھئي تہ ھن سڪر کي حملي سڪر سڏيو وڃي ٿو. حملي شڳر Gestational diabetes گهڻن ڳالهين ۾ ھي سڪر سڪر جي ٻئي قسم سان ھڪجھڙائي رکي ٿي. ھن جي نسريڻ يا تہ گهٽ ٺھي ٿي يا گهٽ موٽ ڏئي ٿي. ھي سڪر ٻار جي پيدائش وقت وڌي ٿي يا غائب ٿي وڃي ٿي. حملي سڪر قابل علاج آھي. 20 کان 30 سيڪڙو عورتون ھن شڳر جو سڪر ٿي وڃن ٿيون.


احتياط ۽ اپاء:

جڏھن سڪر جو علامتون اچن ٿيون بلڪل محتاط رھڻ کپي ۽ احتياطن ۽ اپائن کان ڪم وٺڻ کپي. سڪر جي دوا ضرور وٺڻ کپي. جيڪڏھن ناغو ڪبو تہ اعصابي ۽ دلي بيماريون ڪر کڻي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر جي ھدايت مطابق دوا يا نسريڻ وٺڻي پوندي.


(1) تماڪ نوشي ترڪ ڪجي:

تماڪ نوشي نہ صرف سڪر کي وڌائي ٿي پر ان سان منسلڪ ھر مسئلي کي پيچيدھ بنائي ٿي. تماڪ نوشي رت ۾ مٺ Glucose کي وڌائي ٿو. تماڪ رت جي مشڪن کي تنگ ڪري، سوزش جو سبب بنجي ٿو. تماڪ نوشي بڪين جي بيماري ۔ اعصاب ۔ ٽنگ ۽ پيرن جي بيمارين جا خطرا وڌائي ٿي. سڪر جي مريضن کي غذا ۾ توازن رکڻ کپي ۽ تماڪ نوشي کان پاسو ڪجي.


چٽپٽين شين کان پرھيز ڪرڻ:

چٽپٽيون شيون ۽ چٽ پٽا کاڌا مٺ Glucose ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا. جڏھن توھان ڪيئي ڪلاڪ کاڌو نٿا کائو تہ توھان جو جسم ازخود مٺ کي ٻارڻ طور جيري مان خارج ڪري ٿو جنھن سان جسم ۾ ڪمزوري رونما ٿي وڃي ٿي ۽ سڪر Sugar جي ٻي قسم خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ڇوجو جيرو تعين ڪرڻ جي قابل نٿو رھي. جڏھن رت جي وھڪ ۾ جاري ٿيندڙ مٺ Glucose جي ضرورت پوي ٿي تہ ھڪ ننڍو نشاستي وارو مواد ڪجھ کاڌي سان کائڻ سان جيري کي اشارو ڏئي ٿو.


(3) مانجهاندو گهر جو تيار ڪيل کائجي:

منجهند جو کاڌو گهر جو ٺھيل کائجي ڇوجو ھوٽل جو کاڌو تيز کاڌو ٿئي ٿو. گهر جي کاڌي کائڻ سان سڪر وچٿري رھي ٿي. 


(4) باقائدگي سان ورزش ڪرڻ:

جن کي شڳر جو عارضو آھي انهن کي باقائدگي سان ورزش ڪرڻ کپي. ورزش جسم جي ٿولھ کي وڌڻ نٿي ڏئي ۔ چرٻي ۾ کوٽ آڻي ٿي ۔ رت ۾ مٺ Glucose تي قابو رکي ٿي ۽ نسريڻ Insulin لاء بھترين آھي. روز پنڌ ڪرڻ شڳر واري لاء بھترين نتيجا آڻي ٿو.


(5) کاڌي جو رڪارڊ رکڻ:

وزن ۽ رت ۾ سڪر کي پورو پنو رکڻ لاء کاڌي جو رڪارڊ رکڻ کپي. جيڪو کائو ٿا ۔ جيڪو کائيندئو ۽ جيڪو کاڌو آھي، ان کي ڪاپي تي رکڻ کپي جنھن سان اھا خبر پوندي تہ ڪھڙو کاڌو ڪھڙي وقت کائڻو آھي.


(6) ڏندن جي صحت برقرار رکڻ:

شڳر ڏندن لاء مسئلا پيدا ڪري ٿي. جڏھن ٿڪ ۾ مٺ جي مقدار وڌي ٿي تہ سڪر جي بہ مقدار وڌي ٿي. ٿڪ ۾ پوري پني مٺ ڏندن کي ڇوت کان بچائي ٿي پر جڏھن وڌي وڃي ٿي تہ مھارن کي بيماري لڳي وڃي ٿي ۽ ان عارضي کي ختم ڪرڻ لاء مشڪل وقت کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.


(7) ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي:

ڏينھن جو سمهڻ وقت جيڪڏھن ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي يا سھڪو ٿئي تہ ھي نشاني سڪر جو امڪان ٿي سگهي ٿي ۔ نسريڻ جي خطري کي وڌائي ٿي ۽ سڪر تي قابو پائڻ ۾ رڪاوٽ وجهي سگهي ٿي.


(8) پيرن جي سنڀال ڪرڻ:

سڪر اعصابي مرض ٿي سگهي ٿو ھي عارضو اڪثر پيرن کان پيدا ٿئي ٿو ۽ پير جھڙوڪر سن محسوس ٿين ٿا يا سوڄ اچي وڃي ٿي يا ڦلوڪڻا پيدا ٿي وڃن ٿا. ان ڪري ضروري آھي تہ پيرن کي روز ھلڪي گرم پاڻي سان ڌوئڻ کپي ۔ اگهاڙين پيرين نہ ھلڻ کپي ۽ سائيڪل موٽر نہ ھلائڻ کپي ڇوجو انجڻ جي گرمي پيرن کي لھسائي سگهي ٿي.


شراب نوشي:

شراب نوشي کان پاسو ڪرڻ کپي ڇوجو شراب نوشي بڪين تي ھاڃيڪار اثر وجهي ٿي ۽ سڪر واري مريض جي طبيعت بگڙي سگهي ٿي.

Saturday, 3 October 2020

فالج Brain stroke 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


فالج اھڙو مرض آھي جنھن دوران دماغ کي نقصان پھچي ٿو ۽ جسم جو ڪوبہ حصو مفلوج ٿي وڃي ٿو. فالج جي دوري بعد ھر گذرندڙ منٽ ۾ دماغ 19 لک گهرڙن کان محروم ٿئي ٿو. فالج کي جيترو جلد وٺجي اوترو جلدي صحتمندي ملي سگهي ٿي ۽ دير جي نتيجي ۾ ڳالهائڻ ۾ مشڪل ۔ ياداشت کان مرومي ۔ عضون جو ناڪارا ٿيڻ ۽ رويي ۾ تبديلي جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. فالج جي باري ۾ تصور ڪيو وڃي ٿو تہ ھي گرم سرد يا صبح جي پاڳل ھوا لڳڻ سان ٿئي ٿو جيڪو صرف مفروضو آھي. طبي ماھرن مطابق فالج جو نشانيون فالج جي دوري کان ھفتو اڳ ظاھر ٿين ٿيون. جسم جو ڪو حصو سن ٿي وڃي ٿو يا ھلڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو ۔ ڳالهائڻ کان ماڻهو قاصر ٿي وڃي ٿو يا ڳالهيون سمجھ ۾ نہ ٿيون اچن ۔ تمام گهڻي الجهن رھي ٿي ۔ ھڪ طرف منھن لڙڪي پوي ٿو ۔ مرڪڻ جي محرومي ملي وڃي ٿي ۔شديد مٿي جو سور پوي ٿو ۔ قي اچي ٿي ۔ ھڪ يا ٻن اکين سان ڏسڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو ۔ ھلڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۔ ڪجھ ڳيھڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو ۔ جسماني توازن کي برقرار رکڻ ۾ تڪليف اچي ٿي ۔ ھلندي ٿيڙ اچن ٿا ۽ شديد ڪمزوري لاحق ٿي وڃي ٿي.



فالج جا 2 قسم ٿين ٿا جن جون علامتون يڪسان ٿين ٿين ٿيون.

(1) رڳڦاڙ چاڙھ  Hemorrhagic Stroke 

(2) رڳبند چاڙھ Ischaemic Stroke


(1) رڳڦاڙ چاڙھ  Hemorrhagic Stroke

ھن فالج ۾ ڪنھن رت جي شريان مان دماغ جو رت خارج ٿيڻ لڳي ٿو. ھي فالج دماغ ۾ رت جي رڳ ڦاٽڻ سان rupture  of blood vessel سان ٿئي ٿو. ويھ سيڪڙو فالج جا ڪيس ھن نموني جا ٿين ٿا جنھن جو سبب رت جو چاڙھ ٿئي ٿو.

 

(2) رڳبند چاڙھ Ischaemic Stroke

ھن فالج ۾ رت جون رڳون بلاڪ ٿيڻ جي ڪري دماغ کي رت جي فراھمي گهٽ پھچي ٿي. دماغ ۾ رت جي رڳ بند ٿيڻ blockage of blood vessel ٿئي ٿو. 80 سيڪڙو فالج جا قسم ھن نموني جا ٿين ٿا. ھن فالج جو وڏو سبب دل جون بيماريون ٿين ٿيون. ھن فالج جو حملو صبح جي وقت ٿئي ٿو. ڇوجو رات جي وقت بڪيون اڏور مادو Adrenaline خارج ڪن ٿيون جيڪو رت جي رڳن تنگ ھئڻ ڪري رت جو چاڙھ پيدا ڪري ٿو نتيجي طور رت جي شريان ڦاٽي پوي ٿي.

 

فالج جا سبب:

رت جو چاڙھ

تماڪ جو استعمال

مٿ مٺرت

وڏ پروٽيني شيون گوشت ۔ چڻا ۽ بيدا ۽ مٺايون کائڻ

وزن جو وڌڻ

ورزش نہ ڪرڻ

دل جو بيماريون


فالج جون نشانيون:


ھڪ بجاء ٻہ شيون نظر اچڻ:

بينائي جا مسئلا جيئن ھڪ شي ٻہ دفعا نظر اچي ۔ ڌنڌلوپن يا ھڪ اک جي نظر جي محرومي فالج جون علامتون ٿي سگهن ٿيون. گهڻا مانهو ھن کي پوڙھائپ يا ٿڪ جو نتيجو سمجهن ٿا جيڪو غلط نظريو آھي. حقيقت ۾ رت جي بنديل شريان اکين کي درڪار گهٽ آڪسيجن پھچائي ٿي جنھن جي ڪري نظر جو مسئلو ڪر کڻي ٿو. ھن دوران فالج جون ٻيون علامتون ظاھر نہ ٿين ٿيون.


ھٿ يا پير جو سن ٿيڻ:

جيڪڏھن منجهند جي ننڊ کان پوء ھٿ يا پير سن ٿين يا ڪمزور محسوس ٿين تہ ھي فالج جي نشاني آھي ۽ جلدي ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي. ھن حالت ۾ ڪرنگهي جي ھڏي کان دماغ ڏي ويندڙ رت جي رواني جي کوٽ جي نتيجي ۾ 

جسم جو ڪو حصو سن يا ڪمزور ٿي سگهي ٿو.


ڳالهائڻ ۾ مشڪل:

ڪڏھن ڪڏھن دردڪش دوائن کائڻ سان ھڪلاھٽ اچي وڃي ٿي، ماڻهن ليکي ھي دوا جو اثر آھي پر ھي فالج جي نشاني آھي. طبي ماھرن مطابق جيڪڏھن اھڙي قسم جي دوا کائڻ سان سائيڊ افيڪٽ نہ ٿيو ھجي تہ ھي فالج جي علامت سمجهجي ۽ جلدي ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.


سوچڻ ۾ ڏکيائي:

جيڪڏھن درست لفظن جي چونڊ يا ڪنھن شي تي توجھ ٽٽي تہ ھي فالج جي علامت آھي. جڏھن ڪنھن شي تي توجھ نہ بيھي تہ سمجهجي تہ دماغ ڪم ڪري نہ رھيو آھي يا دماغ جي صلاحيت متاثر ٿي رھي آھي.


اڌ مٿي جو سور:

جيڪڏھن اڌ مٿي جو سور پوي ۽ ھي تڪليف توھان کي متاثر نہ ڪري تہ ھي فالج جي علامت ٿي سگهي ٿي ۽ اڌ مٿي جي سور ۾ فالج لڪل ٿي سگهي ٿو. ماھرن مطابق اڌ مٿي جي سور وارن ماڻهن کي پنھنجو علاج فالج نموني ڪرائڻ کپي.


پرھيز Prevention:

چاليھ سالن کان پوء لوڻ ۔ کنڊ جو استعمال گهٽ ڪجي.

وڏ پروٽينن جيئن وڏو گوشت ۔چڻو ۔ بيدي کان پرھيز ڪجي.

روزانو 4 ڪلوميٽر ھلجي.

جن کي رت جو چاڙھ رھي ٿو اھي دوا معمول سان کائيندا رھن.


Monday, 21 September 2020

مونار پوپٽ Monarch butterfly 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


3 ھزار ڪلوميٽرن جي ڊگهي مسافري کان پوء مونار پوپٽ ميڪسيڪو جي جهنگلن ۾ وڻن تي ھڪ پرسڪون ڏينھن گذاري رھيا آھن تہ ڪي اڏري رھيا آھن. ھي پوپٽ ھر سال نومبر جي مھيني ۾ ڪيناڊا ۽ آمريڪا مان لکن جي تعداد ۾ ھجرت ڪري سردين جو مھيني ۾ ميڪسيڪو جي ميچوڪن گرم جهنگلن علائقن ۾ گذارين ٿا جنھن جي ڪري جهنگل جا وڻ بہ نارنگي رنگ ۾ رنگيل نظر اچي رھيا آھن.

مونار پوپٽ خوبصورت ڄاتا وڃن ٿا. انهن کي نارنگي پر ٿين ٿا جن تي ڪارين ليڪن جو سٽاء ھوندو آھي ۽ ڪنارن تي اڇا ٽٻڪا ھوندا آھن. ھي پوپٽ موسم جي لحاظ کان آمريڪا ۽ ڪيناڊا مان ھجرت ڪن ٿا ۽ بھار اچي ڪئليفورنيا ۽ ميڪسيڪو ۾ گذارين ٿا. ھي پوپٽ ھوائي ۔ پورتوگال ۔ اسپين ۔ آسٽريليا ۔ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ پڻ پاتا وڃن ٿا.

ھي پوپٽ ڏينھن ۾ 50 کان 100 ميل سفر ڪن ٿا. ميڪسيڪو جي جنهگلن تائين پھچڻ ۾ ھنن کي 2 مھينا لڳي وڃن ٿا. مونار پوپٽ جي عمر 2 کان 8 ھفتا ٿئي ٿي.

مادي مونار پوپٽ کيرل ٻوٽي جي پنن تي آنا لاھين ٿيون، آنن ۾ لڳلڳدار مادو موجود ھوندو آھي جنھن جي ڪري اھي پنن سان چنبڙيل رھن ٿا. ھڪ مادي مونار پوپٽ ٻن ھفتن کان 5 ھفتن دوران 2 سو کان 3 سو آنا لاھي ٿي. ھفتي کان پوء آنا ٻچ Larva ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا نہ تہ انهن کي سوٻٽ Caterpillars سڏيو وڃي ٿو. سوٻٽن جو ڪم آھي وڌڻ ويجهڻ، ان ڪري اھي گهڻو وقت کائيندي گذارين ٿا. اھي فقط کيرل ٻوٽي Milkweed جا پن کائن ٿا، ان ڪري ئي مادي پوپٽ پنھنجا پھرين آنا کيرل ٻوٽي جي پنن تي لاھين ٿيون. ٻن ھفتن جي کاڌي کان پوء ڪوشواس اسٽيج Pupa stage تي اچي وڃن ٿا جن کي ڪوشيڙا Chrysalis سڏيو وڃي ٿو. ھفتي يا ٻن ھفتن کان پوء اھي پنھنجو روپ بدل Metamorphosis پورو ڪن ٿا ۽ پوري شڪل شبيھ وٺن ٿا ۽ بالغ نارنگي ڪار پٽن پوپٽن جي شڪل وٺن ٿا. ھي پوپٽ مڪمل طور تي زھريلا ٿين ٿا ڇوجو ھي ننڍپڻ کان کيرل جا پن کائن ٿا جيڪي زھريلا ھوندا آھن. ھنن ۾ زھر موجود ھجڻ ڪري پکي پکڻ انهن جي ويجهو نٿا اچن ۽ ھنن کي نٿا کائن، ان ڪري ئي ھي پوپٽ خوف کان آزاد فضائن ۾ جهومن ٿا ۽ بنا ڪنھن خطري جي ھجرت ڪن ٿا.

نومبر ۾ جڏھن ڏينھن ننڍا ٿين ٿا ۽ موسم ٿڌي ٿئي ٿي تہ مونار پوپٽ آمريڪا ۽ ڪيناڊا کي ڇڏين ٿا ۽ اچي ميڪسيڪو جي وچ جبلن جي ميچو جهنگلن ۾ آباد ٿين ٿا. مونار پوپٽ ھن ھجرت ۾ 3 ھزار ميل مسافري ڪن ٿا. جڏھن آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڏينھن وڏا ٿين ٿا ۽ موسم گرم ٿئي ٿي تہ ھي ولرن جي صورت ۾ وري واپس ورن ٿا ۽ مسافري دوران جتي ترسن ٿا اتي آنا لاھين لاھين ٿا ۽ پوء نئين ٽھي ھنن سان سفر ۾ روان دوان رھي ٿي. جڏھن مونار پوپٽ ڪئناڊا يا آمريڪا پھچن ٿا تہ سفر ۾ ھنن جون چار يا پنج پيڙھيون ختم ٿي وڃن ٿيون. مونار پوپٽن جا والد ۔ پڙ ڏاڏا ۔ تڙ ڏاڏا سفر دوران ختم ٿي وڃن ٿا ۽ نئين ٽھي منزل مقصود تي پھچي ٿي. جڏھن مونار پوپٽ ڪئليفورنيا ڏي بھار لاء سفر ڪن ٿا تہ اھي ساحلي جهنگلن تي جڳھون ٺاھي بھار جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا. جيئن بھار اچي ٿي تہ آمريڪا جي جهنگلن ۾ پکڙجي وڃن ٿا.

Sunday, 20 September 2020

ھرٻو Fenugreek 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


ھرٻي جي ساڳ کي پٽاٽن ۽ پالڪ سان ڀاڄي بنايو وڃي يا قيمي سان يا گوشت ۾ شامل ڪيو وڃي، ھي مزيدار شي ٿئي ٿي ۽ ھن جي نرالي خوشبو بک جي احساس کي پيدا ڪري ٿي. ھرٻي جي ساون پنن ۽ ٻج کي ھر گهر ۾ مختلف کاڌن جي زينت بنايو وڃي ٿو. برصغير ۾ ھرٻي کي صدين کان بورچيخانن ۾ کاڌي جو جز بنايو ويو آھي. ھرٻو اھڙي سبزي آھي جنھن جي ماھيت کي سائنس بہ تسليم ڪري ٿي. ھرٻو جتي گهرن ۾ استعمال ٿئي ٿو، اتي جانورن جي علاج ۾ پڻ مڻيا رکي ٿو. جانورن جي طبيعت خراب ھجي يا انهن کي باد ھجي، ھرٻو انهن کي شفا ڏئي ٿو. ھرٻو قبض ڪشا ۽ ھاضم سبزي آھي، ھن ۾ حل پذير تاندورا Fibers ۽ چپڪندڙ مادا ٿين ٿا جيڪي گگ يا پاڻيء سان ملي جڏھن جسم ۾ داخل ٿين ٿا تہ باد کي ٽوڙين ٿا ۽ پنھنجي چڪناھٽ سان آنڊن ۾ موجود ڦوڳ کي ٻاھر ڪڍڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ھرٻو جراثيم ڪش ۽ گرم تاثير وارو مصالحو آھي. ھن ۾ بلغم کي خارج ڪرڻ جون خوبيون پاتيون وڃن ٿيون.

ھرٻو سوزش روڪ ۽ اعصابن کي سڪون ڏيندڙ شي آھي. ماھواري جي تڪليف کي دور ڪري ٿو ۽ بلغمي کنگھ کي ھٽائي ٿو. ھن کي قبض ۔ بدھاضمي ۔ ڦڦڙن جي سوزش ۔ بخار ۔ وڏي پت High cholesterol ۔ اکين جي ٿڪ ۽ ڳلي جي خارش کي دور ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جي ٻجن کي پيھي زخم ۔ داڻن ۽ خارشي حصن تي ليپ ڪيو وڃي ٿو. ھي جسم کي تراھٽ ڏئي ٿو ۽ ٻچيداني کي متحرڪ ڪري ٿو.

جن ماڻهن جو جسماني وزن گهٽ ٿئي ٿو، ھرٻو انهن جو وزن وڌائي ٿو. ھي رت ۾ مٺ Glucose جي حد کي گهٽائي ٿو ۽ پت Cholesterol کي پورو پنو رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھرٻي جي ٻج کي مختلف طريقن سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن کي چانھن ۔ مصالحي ۔ مالش جي تيل ۔ زخم لاء ليپ يا ٽڪور يا پلاسٽر طور ڪتب آندو وڃي ٿو. ھرٻي ۾ بلغم خارج ڪرڻ واري خاصيت موجود ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ڪري دم جي مريضن کي فائدو ڏئي ٿو.


فائدا:


ڳلي جي خارش:

ڳلي جي خارش ھجي تہ ھرٻي کي پاڻي ۾ ڪاڙھي، پاڻي ٿڌو ڪري، ڇاڻي گرڙا ڪجن تہ فائدو پوندو.


سنڌن جو سور:

جيڪڏھن سنڌن ۾ سور ھجي تہ ھرٻي کي پاڻي ۾ ڪاڙھي پاڻي ٿڌو ڪري ڇاڻي روز پيئجي تہ سور گهٽبو ويندو.


حرڪيرن Harmones کي ترتيب ڏيندڙ:

ھرٻو واحد دوا آھي جيڪا حرڪيرن کي ٺيڪ ترتيب ڏئي ٿي خاص ڪري عورتن لاء نعمت کان گهٽ ناھي. ھي عورت جي ھر مرض تي ڪم ڪري ٿو.


حرڪيرن کي ترتيب ڏيندڙ:

اڌ چمچو ننڍو گلاس پاڻي پيئڻ سان حرڪيرن جي بي ترتيبي درست ٿي وڃي ٿي.  جيڪڏھن ھن کي چانھن طور استعمال ڪيو وڃي تہ ھي جادوئي دوا طور ڪم ڪري ٿو.


ڇڪتاڻ جو علاج:

جيڪڏھن ڇڪتاڻ ۽ مونجھ ھروقت رھي ٿي تہ ھرٻي جو ٻج استعمال ڪري ڇڪتاڻ کي ختم ڪري سگهي ٿو.


ماھواري جو درد گهٽائيندڙ:

جيڪڏھن ڪنھن عورت کي ماھواري ۾ درد ٿئي ٿو تہ ھرٻي چپٽي کي روز نيم گرم پاڻي پيئڻ سان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. ان کان علاوا جيڪڏھن ماھواري ۾ بي ترتيبي آھي، اھا ھرٻي جي کائڻ سان درست ٿي سگهي ٿي.


ڪارن داغن جو خاتمو ڪندڙ:

جيڪڏھن چھري تي ڪارا داغ نظر اچن تہ ھرٻو انهن کي دور ڪري ٿو. ھرٻي چمچي کي اڌ گلاس پاڻي ۾ ڪاڙھي، اڌ بچائي، ٿڌي ٿيڻ تي پيسٽ ٺاھجي. ھي پيسٽ چھري کي لائجي. ڪارا داغ ختم ٿيڻ لڳندا.


وارن کي مضبوط ڪندڙ:

ھرٻي جو پاڻيء ۾ پيسٽ ٺاھي رات جو وارن جي پاڙن کي ھڻجي ۽ سڄي رات لڳل ھجي. ھن سان وارن جون پاڙون مضبوط ٿينديون ۽ وار گهاٽا ٿيندا.


مائرن جو کير وڌائيندڙ:

ٻار ڄڻڻ کان پوء گهڻين مائرن جو کير گهٽجي وڃي ٿو ۽ ڪمزور ٿي وڃن ٿيون. انهن کي جيرو ۔ ھرٻو ۽ مصري ھموزن ڪٽي رکڻ کپي. صبح شام چپٽي پاڻي سان پيئڻ گهرجي. کير وڌندو ۔ ليڪوريا ختم ٿيندي ۽ جسم ۾ رطوبت وڌندي.

Tuesday, 1 September 2020

دارچيني Cinnamon Bark 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


نالا:

سنڌي ۾ دارچيني يا دالچيني

عربي ۾ قرفہ

اردو ۾ دارچینی

ھندي ۾ دالچيني


خاص نفعو:

رئيس عضون کي


مضر:

مثاني کي


بدل:

ٽج ڪاٺي


مصلح:

اسارون


مقدار خوراڪ:

ھڪ ماشي کان ٻہ ماشا


فعل:

ھي تعفن روڪ ۔ محرڪ ۔ دردن کي سڪون ڏيندڙ ۔ کائيندڙ ۔ دل کي فرحت ڏيندڙ ۔ دماغ کي متحرڪ ڪندڙ ۔ ساھ کي فائدو ڏيندڙ ۔ بلغم کي فائدو ڏيندڙ ۔ معدي کي طاقت ڏيندڙ ۔ آنڊن کي سخت ڪندڙ ۔ مردانا طاقت وڌائيندڙ ۔ حيض جاري ڪندڙ ۽ اعصابي بيماريون ختم ڪندڙ آھي.


ماھيت:

دارچيني جو وڻ وچولي قد جو ڀريل ٿئي ٿو ۽ ڪمال پٽ وڻ کان ٿورڙو وڏو ٿئي ٿو. ھن جي کل ڳاڙھي ڀوري سنهي ۽ خوشبودار ٿئي ٿي. ھن جا پن چار کان ست انچ ڊگها ۽ ٻہ کان ٽي انچ چوڙيدار نوڪدار ٿين ٿا جن تي چار يا پنج انچ ڊيگهاريون ڌاريون نڪرن ٿيون. گل واڱڻائي ننڍا ۽ گول ٿين ٿا. کل سنهي آساني سان ٽٽڻ واري ٿئي ٿي. کل جي مٿان باريڪ لھردار لڪيرون ٿين ٿيون جيڪي اندران ڪاراڻ مائل ۽ خوشبوار ذائقي واريون ٿين ٿيون. ھن جي کل کي دوا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.



اپٽار:

دارچيني ھڪ مزيدار مصالحو آھي جيڪو ھزار سالن کان نہ صرف ڀاڄي ۾ وڌو وڃي ٿو پر ڪيترين دوائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. حڪيم ھن کي قيمتي شين ۾ قرار ڏين ٿا.

دارچيني کل دارچيني وڻ جي ٿڙ کي ڇلي حاصل ڪئي وڃي ٿي. توھان کي بازار ۾ ٻہ دارچينيون ملن ٿيون

اصلي دارچيني Ceylon Cinnamon

عام دارچيني    Cassia Cinnamon

دارچيني گگ کي خوشبودار بنائڻ ۽ ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاء سفوف ۾ شامل ڪئي وڃي ٿي. بلغمي کنگھ ۽ دم کي ختم ڪرڻ لاء ماکي ۾ ملائي چٽرائي وڃي ٿي يا جوشاندي طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. معدي جي ڪمزوري ۔ دستن ۽ پيچش کي دور ڪرڻ لاء مناسب دوائن سان سفوف طور استعمال ڪئي وڃي ٿي.

ھن کي حيض جاري ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھي سيني کي بلغم کان آجو ڪري ٿي ۔ ويسر کي ختم ڪري ٿي ۔ خصين ۾ پاڻي اچڻ کي ختم ڪري ٿي ۔ رعشي کي ختم ڪري ٿي ۔ بک جي گهٽتائي کي دور ڪري ٿي ۽ ڀرتي ۽ پيٽ جي سور کي ھٽائي ٿي. ٻرھل ذقي ۽ لحمي ۾ ھريڙ ڪابلي سان مفيد آھي. تعفن روڪ ھجڻ ڪري انفلوئنزا ۔ نوبتي تپ ۔ ھيضي ۽ وبا ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ سردي جي ڪري بار بار پيشاب اچڻ ۾ مفيد آھي.


دارچينيء جا فائدا:



(1) تڪسيد روڪ Antioxidant:

دارچيني طاقتور تڪسيد روڪ گهڻ۔ڦيڻن Polyphenols 3، 4، 5 سان ڀرپور ٿئي ٿي ۽ ميڊيڪل سائنس جي تحقيق مطابق گهڻ۔ڦيڻن Polyphenols جي وڌيڪ مقدار دارچيني کي ٿوم ۽ اورڳاني کان وڌيڪ حيثيت ڏئي ٿي.



(2) سوزش روڪ Anti-inflammatory:

دارچيني سوزش روڪ  Anti-inflammatory ٿئي ٿي، ھي سوزش سان وڙھڻ واري صلاحيت پيدا ڪري ٿي ۽ زخم کي جلدي ڀرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.


(3) دل جي بيمارين لاء:

دارچيني رت جي چاڙھ تي ضابطو رکي ٿي جن ماڻهن کي شڳر نمونو ٻہ Sugar type 2 آھي اھي روز اڌ ٽوٽي دارچيني کي استعمال ڪن جنھن سان شڳر جي حد کي وچٿري رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. دارچيني پت Cholesterol کي گهٽ ڪري ٿي جنھن سان دل جون بيماريون گهٽ ٿين ٿيون.


(4) نسرو حرڪيرو Insulin harmone:

سائنسي تحقيق مطابق دارچيني جتي شڳر جي حد کي وچٿرورکي ٿي، اتي ھي نسري حرڪيري Insulin harmone کي توانائي ڏئي ٿي ۽ ھي حرڪيرو رنڊڪن کي ختم ڪري شڳر نمونو ٻہ تي جادوئي اثر ڪري ٿو.


(5) ياداشت درست ڪندڙ:

دارچيني ڪيترين دماغي بيمارين لاء مفيد آھي ۽ ياداشت کي بھتر بنائي ٿي.


(6) ڪينسر کان بچائيندڙ:

طبي تحقيقن مان ثابت ٿي چڪو آھي تہ دارچيني ایکسٹریکٹس کینسر جھڙي خطرناڪ مرض کان بچڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھي ڪينسر جي گهرڙن کي جسم ۾ وڌڻ نٿي ڏئي ۽ ڪينسرزدھ گهرڙن کي ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار دا ڪري ٿي.


(7) فنگي Fungal ختم ڪندڙ:

دارچيني ۾ دارچوھري Cinnamaldehyde جي ھڪ وڏي مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا فنگي جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڇوتن کي ختم ڪري ٿي 


(8) جيوڙن Bacterias کي ختم ڪندڙ:

دارچيني خاص طور تي جيوڙن لسري Listeria ۽ سلومي Salmonella جي خاتمي ۾ مفيد ثابت ٿئي ٿي. ھي ڏند جي درد کي تحليل ڪري ٿي ۽ وات مان بدبو جو خاتمو ڪري ٿي.


(9) ايڇ آء وي وائرس HIV virus کي ختم ڪندڙ:

ماھرن مطابق ايڊز HIV virus جھڙي وائرس سان وڙھڻ ۾ ڪارائتي دوا آھي جيڪا جسم ۾ گهرڙبدليت Metabolism وڌائي ٿي ۽ جسم ۾ قوت مدافعت Immunity پيدا ڪري ٿي.


(10) جسمانی طاقت ڏيندڙ:

دارچيني جو باقائدي استعمال جسم جي اندروني طاقت کي وڌائي ٿو ۽ مرد کي ڪمزور ٿيڻ نٿي ڏئي.


نوٽ:

عام دارچيني يا اصلي دارچيني کي گهڻو استعمال نہ ڪجي ڇوجو جيڪڏھن ھي وڌيڪ استعمال ڪبي تہ جيري ۽ دل کي نقصان پھچندو.

ھن کي ڀاڄي ۾ سڄو استعمال ڪجي جيئن ڀاڄي ۾ ان جو جوھر اچي وڃي.

Sunday, 30 August 2020

برسات جو پاڻي Rainwater 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


برسات کي زندگي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. برسات جو پاڻي ڪڪرن مان وسڻ جا ساٺ ڪري زمين جي رڳن ۾ زندگي وانگر وھڻ لڳي ٿو. برسات جو پاڻي دريائن کي جولان بخشي ٿو ۽ زمين کي رنگ برنگي ساوڪ جي چادر پارائي ان کي دلڪش بنائي ٿو. جتي بارش جون بوندون زمين کي ساواڻ ڏين ٿيون اتي مٽيء ۾ مھڪ پيدا ڪن ٿيون ۽ پوکن کي آباد ڪن ٿيون. برسات وسڻ سان جيڏي ڪيڏي خوشيء جي لھر ڊوڙي ٿي  ۽ بي زبان جانور جهومي اٿن ٿا.

بارش ڪنھن نعمت کان گهٽ ناھي. برسات جو پاڻي عام پاڻي کان مختلف ٿئي ٿو. برسات جي پاڻي کي نرم پاڻي جڏھن تہ عام پاڻيء کي سخت پاڻي چيو وڃي ٿو ڇوجو برسات جو پاڻي ۽ ٻين معدنيات کان پاڪ صاف ٿئي ٿو. ھن پاڻي ۾ ڪجھ ڪيميائي مادا ٿي سگهن ٿا پر انهن جي مقدار عام پاڻي گهٽ ٿئي ٿي. برسات جي پاڻي تي نظر وجهڻ سان حيرت وٺي ٿي تہ ھي اسان جي جسم لاء تڪسيد روڪ Antioxidant آھي، ھن کي پيئڻ سان پيٽ جي تيزابيت سميت ڪافي عارضا ختم ٿي سگهن ٿا.

برسات جو پاڻي وارن ۽ چمڙي لاء مفيد آھي. ماھرن مطابق برسات جي پاڻي ۾ ڌوئڻ سان وار چمڪدار ۽ نرم ٿي وڃن ٿا ڇوجو ھي پاڻي نرم پاڻي آھي جيڪو وارن کي مضبوطي بخشي ٿو. چھري جي ڳالھ تہ برسات جي پاڻي پيئڻ سان چمڙي ۾ موجود داڻا پيدا ڪندا جيوڙا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ چھري جي تراھٽ قائم رکن ٿا جنھن سان چھرو نکري پوي ٿو پر ھي خيال ڪجي تہ برسات جي پاڻي ۾ وھنجڻ کان پرھيز ڪجي ڇوجو پھرين برسات فضا ۾ موجود زھريلين گئسن ۽ جزن کي کڻي اچي ٿي.

بارش جتي فضا جي زھريلن اثرن کي ختم ڪري ٿي اتي ماحولياتي آلودگي جي اثرن کي گهٽ ڪري ٿي. پراڻي زماني ۾ برسات جو پاڻي ماڻهن جي پاڻي پيئڻ جو واحد ذريعو ھيو جيڪي ھن پاڻي کي محفوظ ڪري گذارو ڪندا ھئا. برسات جو پاڻي صاف شفاف ڪيميائي مادن کان پاڪ قلي پي ايڇ سان سرشار ٿئي ٿو جيڪو جسم ۾ رت کي صاف ڪري ٿو ۔ ھاضمي جي نظام کي بھترين ڪري ٿو ۽ ڪافي بيمارين کان بچائي ٿو.

نلڪي جي پاڻي کي صاف ۽ شفاف ڪرڻ لاء پاڻي ۾ ڪوريڻ Chlorine وڌي وڃي ٿي تہ جيئن پاڻي صاف ٿي سگهي. ڪڏھن ڪڏھن پاڻي کي صاف ڪرڻ لاء ايتري تہ ڪوريڻ Chlorine شامل ڪئي وڃي ٿي جو پاڻي مان ڌپ محسوس ٿئي ٿي جڏھن تہ برسات جي پاڻي ۾ ڪوبہ ڪيميائي مادو نٿو ٿئي. ڏسجي تہ عام پاڻي ۾ ڪوريڻ Chlorine ۽ چنيٺو Floride جسم ۾ مدافعتي نظام کي ختم ڪن ٿا نتيجي طور گئس ۽ مٿي جو سور زندگي جو حصو بنجي وڃن ٿا ان جي ڀيٽ ۾ برسات جو پاڻي اھي بيماريون ٿيڻ نٿو ڏئي.


تڪسيد روڪ:

برسات جي پاڻي ۾ تڪسيد روڪ چنيٺو Floride ۽ ڪوريڻ Chlorine موجود ٿين ٿا جيڪي اسان جي رت کي صاف ڪن ٿا. ائين سمجهجي تہ برسات جو پاڻي قدرت طرفان عطا ڪيل اھڙي نعمتي دوا آھي جنھن جو ڪوبہ نعم البدل ناھي ان ڪري ئي برسات جي پاڻي کي تڪسيد روڪ سڏيو وڃي ٿو جيڪو جسم ۾ آزاد آڪسن Free radicals کي پيدا ٿيڻ نٿو ڏئي.

برسات جو پاڻي جسم مان زھرن کي خارج ڪري ٿو ان ڪري ھاضمي تي مثبت اثر مرتب ٿين ٿا نتيجي طور بک لڳي ٿي ۽ کاڌو جلدي ھضم ٿي وڃي ٿو.

  

 ڪينسر جا گهرڙا ختم ڪندڙ:

برسات جي پاڻي ۾ قلي پي ايڇ Alkaline PH جو مقدار ٿئي ٿو جيڪو تڪسيد روڪ ھئڻ ڪري ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪري ٿو. ڪيترائي ملڪ ڪينسر جي مريضن کي برسات جي پيئڻ جي تجويز ڏين ٿا ۽ مون سون جي پھرين برسات صحت لاء بھترين ۔ ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪندڙ آھي


 وارن کي مضبوط ۽ گهاٽو ڪندڙ

جن ماڻهن جا وار ڪمزور ٿين ٿا انهن کي وار برسات جي پاڻي ۾ ضرور ڌوئڻ کپن. سولي ڳالھ آھي تہ وارن لاء ھلڪو ۽ شفاف پاڻي گهرجي ٿو جيڪو ڪنھن بہ قسم جو نقصان نہ پھچائي ۽ برسات جو پاڻي ان معيار تي سو فيصد پورو اتري ٿو.


چمڙي کي صحتمند بنائيندڙ:

بارش جو پاڻي جسم ۾ شامل ٿيندڙ ڪيميائي مادن کي ختم ڪري ٿو جنھن جو اثر چمڙي تي پوڻ شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو موھيڙن جي روڪ ڪري ٿو ۽ چمڙي کي صحتمند بنائي ٿو.


 معدنيات کان پاڪ:

برسات جي پاڻي ۾ قدرتي طور تي معدنيات گهٽ ٿئي ٿي جنھن جي ڪري معدي جي بيمارين ۽ ٻين مرضن کان ماڻهو محفوظ رھي ٿو.


قلي پي ايڇ Alkaline PH سان سرشار:

برسات جو پاڻي اسان جي وارن ۽ چمڙي لاء گهڻو مفيد ٿئي ٿو ڇوجو ھي عام پاڻيء کان مختلف ٿئي ٿو. برسات جو پاڻي نرم ٿئي ٿو جڏھن تہ عام پاڻي کي سخت سڏيو وڃي ٿو. برسات جي پاڻي کي نرم پاڻي ان ڪري نرم سڏيو وڃي ٿو جو اھو لوڻ ۽ معدنيات کان پاڪ صاف ٿئي ٿو.

سائنسي تحقيق مطابق برسات جي پاڻي کي نرم رکڻ ۾ قلي پي ايڇ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي جيڪا پاڻي کي قدرتي طور نرم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي ان ڪري ھي پاڻي وارن جي افزائش لاء بھترين آھي.


توانائي مھيا ڪندڙ:

برسات جو پاڻي اسان جي جسم کي توانائي فراھم ڪري ٿو ۔ اسان کي سرگرم ڪري ٿو ۽ بي پناھ تندرستي ڏئي ٿو. جيڪڏھن جابول ۽ پاڳلپن جي مريض کي ھي پاڻي روز پياريو وڃي تہ انهن جي ديوانگي ڪافي حد تائين ختم ٿي سگهي ٿي.


نوٽ:

 آلودگي جي ڪري اسان جي فضا گدلي ٿي چڪي آھي ان ڪري جيئن برسات پوي ٿي تہ فضا ۾ موجود مٽي ۔ پولن ۔ گئسون ۔ جيوڙا ۽ مولڊ وغيرھ برسات جي پاڻي ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. ان ڪري پھرين برسات جو پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪجي ۽ جڏھن ٻي برسات وسي ان جو پاڻي پيئڻ ۾ ڪو حرج ناھي.

ھڪ تحقيق مطابق بارش جو پاڻي تيزابيت وارو ٿئي ٿو. برسات جي پاڻي ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي ميل جول سان لڳ ڀڳ 5 کان 5.53 تائين قلي پي ايڇ Alkaline PH اچي وڃي ٿو جو خطرناڪ نٿو ٿئي پر ان ۾ معدنيات مليل ٿئي ٿي.

Thursday, 27 August 2020

ريٻو وائرس ۽ ريٻھڙو Rabies virus and hydrophobia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


پاڻي جي ڊڄ جا ٻہ اصطلاح ٿين ٿا جنھن ۾ ماڻهو پاڻي کان ڊڄي ٿو.

(1) آبھڙو  ۔ آبي خبط ۔ آبي ڊڄ Aquaphobia

(2) ريٻھڙو ۔ ريٻي خبط ۔ ريٻي ڊڄ Hydrophobia


(1) آبھڙو  ۔ آبي خبط ۔ آبي ڊڄ Aquaphobia

ھي اھا عام ڪيفيت آھي جنھن ۾ ماڻهو پاڻي کان ڊڄي ٿو. ھي ھڪ نفسياتي بيماري آھي جنھن ۾ مريض کي ڪو خطري جو امڪان نٿو رھي. ھي مريض پاڻي ڏسڻ ۔ پاڻي پيئڻ يا ترڻ کان ڊڄي ٿو ۽ ھن ڪيفيت ۾ پاڻي کان ڊڄندڙ ماڻهو کي آبوھڙو Aquaphobic چئبو آھي.


(2) ريٻھڙو ۔ ريٻي ڊڄ ۔ ريٻي خبط Hydrophobia

ريٻھڙو Hydrophobia ھڪ اھڙو خوف جو اصطلاح آھي جنھن ۾ پاڻي ۔ پاڻي پيئڻ يا ترڻ کان ڊڄ ٿئي ٿو ۽ مريض ريٻوھڙو hydrophobic بڻجي وڃي ٿو. ھي اصطلاح ريٻي وائرس لاء استعمال ٿئي ٿو جيڪو انسان يا جانورن کي لڳي ٿو جنھن جي ڪري پاڻي ۔ پاڻي پيئڻ يا ترڻ کان ڊڄ ٿئي ٿو ۽ پاڻي جا ڪيترائي خوف جنم وٺن ٿا.

عام طور تي پاڻي جو ڊڄ ھڪ وائرس جي ڪري پيدا ٿئي ٿو جنھن کي ريٻو وائرس Rabies virus چئبو آھي. ھي ھڪ ڇوتي بيماري آھي جيڪا وائرس سان پکڙجي ٿي جيڪا انسان جي اعصابي نظام تي حملو ڪري ٿي. ھي وائرس عام طور تي جانورن جي ٿڪ ۾ پاتو وڃي ٿو جو چڪ ڏيڻ يا ننھنڊ ڏيڻ سان پکڙجڻ جو سبب بنجي ٿو. جانور جيڪي جيڪي ريٻا وائرس Rabies viruses پکيڙين ٿا انهن ۾ ڪتو ۔ بندر ۔ چمڙو ۔ بگهڙ ۽ ٻليون شامل آھن ان جي علامت ھي آھي تہ انسان پاڻي کان ڊڄڻ شروع ڪري ٿو ان مرض کي ريٻھڙو Hydrophobia چئجي ٿو.


ريٻھڙي Hydrophobia جون علامتون:

دراصل ھي وائرس پاڻ ڊڄ پيدا نٿو ڪري پر ھن وائرس مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت ۽ سبب آھن. ھن بيماري ۾ پاڻي کان ڊڄ شديد قسم جي سور مان پيدا ٿئي ٿو. جڏھن مريض ٿڪ يا پاڻي کي ڳھڻ چاھي ٿو تہ ان دوران اندر شديد تڪليف محسوس ٿئي ٿي جنھن جي ڪري پاڳل ڪتي کان متاثر ماڻهن ۽ جانورن جي وات مان گگ ٽپڪڻ لڳي ٿي.


سبب:

ھن بيماري جو اصل سبب آھي تہ ھن بيماري دوران ھي وائرس عضون کي اپاھج ڪري ڇڏين ٿا. ان بيماري دوران جڏھن ماڻهو ٿڪ يا پاڻي ڳيھڻ چاھي ٿو تہ عضون ۾ اھا صلاحيت نٿي رھي جو ان کي برداشت ڪري سگهن ۽ ڳيھڻ جي عمل کي جاري رکي سگهي. ٻي ڳالھ ھي آھي تہ ريٻو وائرس دماغ تي ضابطو پائي ٿو جنھن جي ڪري ڳلي ۽ نڙي ۾ مروڙ پيدا ٿي وڃي ٿو. ھي مروڙ ايتري تڪليفدھ ٿئي ٿي جو ساھ کڻندي بہ پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻي پيئڻ دوران ھي مروڙ اڀار کائي ٿي ۽ شديد درد جو سبب بنجي ٿي جنھن جي ڪري انسان منطقي ۽ مثبت سوچ کان محروم ٿي وڃي ٿو ۽ بلڪل ھڪ حيوان بنجي وڃي ٿو. ھن بيماري ۾ مريض جلدي مريض وڃي ٿو ان ڪري اھڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر سان جلد رابطو ڪرڻ کپي.

Wednesday, 26 August 2020

جابُول Schizophrenia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


جابول ھڪ بيماري آھي جيڪا انسان جي سوچڻ ۔ سمجهڻ ۔ ردعمل ڏيڻ ۽ ڏسڻ جي انداز کي متاثر ڪري ٿي. انسان حقيقي ۽ غير حقيقي زندگي جو فرق وساري ڇڏي ٿو ۽ جذبا بي ترتيب ھئڻ ڪري زندگي گذارڻ مشڪل ٿي وڃي ٿي. ھن بيماري جي شرح مردن ۽ عورتن ۾ برابر ٿئي ٿي. ھي بيماري ڳوٺاڻن جي ڀيٽ ۾ شھرين کي وڌيڪ ٿئي ٿي. ھي بيماري لڳ ڀڳ 15 سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي يا بعد ۾ ڪڏھن بہ ٿي سگهي ٿي. ھن بيماري ٿيڻ جو امڪان 15 ۽ 35 سالن دوران رھي ٿو. ھر ڇھن ماڻهن مان ھڪ فرد کي جابول ٿئي ٿو. ڪجھ ماڻهو اھو سوچي کاڌو نہ کائيندا آھن تہ انهن جي جسم ۾ ڪيڙا آھن جيڪي کاڌو کائي متان طاقتور ٿين. انهن کي ھي ڪيڙا جسم جي ھر جڳھ تي نظر اچن ٿا پر آسپاس وارن ماڻهن کي نظر نٿا اچن. ھي مريض روز جي ڪمن کي سرانجام ڏيئي نٿا سگهن جيئن عام ماڻهو ڪن ٿا.

جابولي ماڻهو انتھائي شڪي مزاج ۽ حساس ٿين ٿا. ھن صورتحال جي ڪري ھي ماڻهن کان پري رھن ٿا ۽ تنھائي کي پسند ڪن ٿا.

جن خاندانن ۾ جابول مرض رھي ٿو، اھي ٻين عزيزن لاء خطرو رھن ٿا. ھي عارضو والدين کان ٻارن ۾ جينياتي نظام ذريعي منتقل ٿي وڃي ٿو پر غير فعال ٿئي ٿو ۽ پوء آسپاس جو ماحول ان غير فعال مرض کي فعال ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو ننڍپڻ م صدما سھن ٿا ۔ جسماني ۔ ذھني ۽ جذباتي تشدد مان گذرن ٿا ۔ ذھني دٻاء ۽ غيريقيني صورتحال کي برداشت ڪن ٿا، اھي ڪيفيتون جابول کي متحرڪ ڪن ٿيون. ان کان علاوا ننڍپڻ ۾ ڪو ڇوت Infection ٿي وڃي يا وائرس حملو ڪري يا دماغ م ھڪ مخصوص ڪيميائي مقدار وڌي وڃي تہ جابول جو خطرو وڌو وڃي ٿو.


سبب:

ھن بيماري جي بنيادي ڪا وجھ ناھي پر ڪي بہ سبب ٿي سگهن ٿا.

جينياتي مسئلا

منشيات

دوائن جو غلط استعمال

خانداني مسئلا

ذھني دٻاء

ننڍپڻ جون محروميون


علامتون:

انساني دماغ جي حالت جو اندازو ڪنھن طبي ٽيسٽ يا رت جي ٽيسٽ سان ممڪن ناھي پر ڪجھ نفسياتي ماھر دماغي حالتن جي تشخيص ڪن ٿا. جابول جو 2 حالتون ٿين ٿيون 

(1) مثبت علامتون  Positive symptoms

(2) منفي علامتون   Negative symptoms


(1) مثبت علامتون  Positive symptoms:

ھتي مثبت مان مراد علامتن جي موجودگي آھي. انهن علامتن کي مثبت علامتون ان ڪري چيو وڃي ٿو جو ھي صحت جي حالت ناھن ھونديون ۽ بيماري جي حالت ۾ نظر اچن ٿيون. اھي علامتون ھيٺ بيان ڪجن ٿيون.



(1) وھم  Hallucinations:

وھم بنيادي طور تي غلط عقيدن ۽ ڪوڙن خيالن تي ٻڌل ٿئي ٿو. جابولي ماڻهو ھن وھم ۾ مبتلا ھوندا آھن تہ ڪا خلائي مخلوق انهن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي يا حڪومت انهن کي پڪڙڻ چاھي ٿي. ڪجھ وري پاڻ کي عالم يا اداڪار يا بقراط جو بابو پاڻ کي سمجهندا آھن، ٻئي طرف ڪجھ ماڻهو ائين سمجهندا آھن تہ ڪو ماڻهو انهن جو پيڇو ڪري رھيو آھي يا ھنن کي نشانو بنائي رھيو آھي يا ھنن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ڪجھ ماڻهو وري گانو ٻڌي ائين سمجهندا آھن تہ ھي گانو انهن لاء ٺھيو آھي.

جيڪڏھن توھان کي ڪا شي يا انسان جي غير موجودگي ۾ اھا شي يا انسان نظر اچڻ لڳي يا تنھائي ۾ ڪوبہ آسپاس نہ ھجي ۽ آواز ٻڌڻ ۾ اچي ان عمل کي وھم Hallucinations چئبو آھي. جابول ۾ مريض کي جن وھمن Hallucinations جو تجربو ٿئي ٿو اھو اڪيلي ۾ آواز ٻڌڻ آھي. مريض لاء ھي آواز ايترا حقيقي ٿين ٿا جيترا اسان لاء ماڻهن جا آواز حقيقي ٿين ٿا. انهن کي لڳي ٿو تہ ھي آواز ٻاھر کان اچي رھيا آھن ۽ ڪنن کي ٻڌڻ ۾ اچي رھيا آھن، پوء ڀلي ھي آواز ڪنھن کي ٻڌڻ ۾ نہ اچي رھيا ھجن. ٿي سگهي ٿو تہ ھي آواز توھان سان ڳالهيون ڪري رھيا ھجن يا اوھان انهن سان ڳالهيون ڪري رھيا ھجو.

ڪجھ مريضن کي شيون نظر اچن ٿيون ۔ خوشبو محسوس ٿئي ٿي يا ڪو انهن کي ڇھي رھيو ھجي اھي بہ Hallucinations ۾ اچي وڃن ٿا.



(2) فريب Delusion:

فريب انهن خيالن کي چئجي ٿو جن تي مريض جو مڪمل يقين ھجي پر انهن جي ڪابہ حقيقت نہ ھجي. ڪڏھن  ڪڏھن ڪجھ واقعا خيال ۔ حالتون ۔ واقعا صحيح طور تي سمجھ ۾ نہ اچڻ يا غلط فھمي جو شڪار ٿيڻ جي ڪري رونما ٿين ٿا. مريض کي پنھنجي خيال تي سو فيصد يقين ھوندو آھي جڏھن تہ ٻين ماڻهن کي لڳي ٿو تہ خيال غلط آھي يا عجيب غريب آھي.

فريب ڪيترن نمونن جا ٿين ٿا، ڪڏھن مريض کي لڳي ٿو تہ ماڻهو ان جا دشمن ٿي ويا آھن ۽ ھن کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا. ڪڏھن ڪڏھن مريض کي ائين لڳندو آھي تہ ٽي وي يا ريڊيو تان خاص پروگرام نشر ٿي رھيا آھن. ڪجھ مريض ائين ڀائين ٿا تہ جيڪي خيال انهن جي ذھن مان نڪرن ٿا اھي انهن جا ناھن. ڪجھ مريضن کي ائين لڳي ٿو تہ ڪا غيبي طاقت انهن تي قابو پائي رھي آھي ۽ انهن جي مرضي جي خلاف ڪم ڪري رھي آھي.


(3) خيالن جو بي ربط ٿيڻ:

مريض جو ڪمن يا ڳالهين ۾ ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. مريض نڪو ٽي وي ڏسڻ تي مرڪوز ٿئي ٿو، نڪي اخبار کي پڙھي سگهي ٿو، پنھنجي پڙھائي جاري نٿو رکي ۽ نہ ڪم ۾ دل لائي ٿو. ائين لڳي ٿو ڄڻ مريض جا خيال ڀٽڪندا رھن ٿا ۽ ھن جي سوچن ۾ ربط نٿو رھي. ھڪ ٻن منٽن کان پوء ھن کي ياد نٿو رھي تہ ھي پھرين ڪھڙي خيال ۾ ھيو. گهڻن مريضن کي ائين لڳي ٿو تہ ھنن جي خيالن تي ڌنڌ ڇانيل آھي.


(4) آواز ٻڌڻ:

جابول ۾ مبتلا ماڻهن کي مختلف آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ھي آواز ھڪ بہ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪافي بہ جڏھن تہ حقيقت ۾ ائين ڪجھ ناھي ھوندو.


(5) شيون ڏسڻ:

ھن مرض جي ماڻهن کي اھڙيون شيون يا ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي دراصل سامهون موجود ٿين ٿا.


(6) حساسیت:

جابول ۾ مبتلا ماڻهو جسماني طور تي انتھائي حساس ٿين ٿا انهن کي ھر وقت ائين لڳي ٿو تہ انهن جي جسم جي اندر يا آسپاس ڪا شي رڙھي رھي آھي يا حرڪت ڪري رھي آھي.


(2) منفی علامتون   Negative symptoms:

منفي مان مراد دماغي صلاحيتن جو متاثر ٿيڻ ۽ غير حقيقي خيال اچڻ آھن. جابول جي منفي علامتن ۾ دماغي صلاحيتن جو متاثر ٿيڻ آھي جيئن ٺيڪ نموني سوچي نہ سگهڻ. انهن جو رويو عجيب ۽ نقطہ نظر واضح نظر نٿو اچي.

ھي مريض ماڻهو گهر کان ٻاھر نٿا نڪرن ۔ ميل جول کي پسند نٿا ڪن ۔ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان لھرائن ٿا ۽ اڪيلائي پسند ڪن ٿا. ھي فعل يا لفظن ذريعي جذبن جو اظھار ڪري نٿا سگهن ۔ ڪم کي حل ڪرڻ ۾ الجهن محسوس ڪن ٿا ۔ وھنجن نٿا ۔ ڪپڙا صاف نٿا پائن ۽ صفائي سٿرائي جو خيال ڇڏي ڏين ٿا. 

 منفي علامتون انهن ڳالهين کي چيو وڃي ٿو جيڪي صحت جي حالت ۾ موجود ھجن پر بيماري جي حالت ۾ موجود نہ ٿيون ٿين. ڏسجي تہ منفي علامتون ايتريون نمايان نہ ٿيون ٿين جيتريون مثبت علامتون ٿين ٿيون پر مريض جي زندگي تي گھرو اثر ڇڏين ٿيون مريض کي ائين لڳي ٿو ڄڻ

ھن جي زندگي ۾ دلچسپي ۔ توانائي ۽ احساس ختم ٿي ويا آھن ۔ نڪي خوشي رھي ٿي نڪي ڪجھ ڪرڻ جو جذبو رھي ٿو.

مريض کي ڪنھن ڳالھ يا ڪم تي ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ان کي بستري تان اٿڻ يا گهر کان ٻاھر وڃڻ جي خواھش نٿي رھي.

مريض لاء وھنجڻ ۔ صفائي سٿرائي رکڻ يا ڪپڙا بدلڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. 

 مريض ماڻهن کان ملڻ جلڻ کان ڪترائڻ لڳي ٿو ۽ ڪنھن سان ڳالھ ٻولھ کي ڏکيو ڀائي ٿو.


ڇا مريض ۾ سڀ علامتون ٿي سگهن ٿيون؟

ضروري ناھي تہ جابول جي ھر مريض ۾ تمام علامتون موجود ھجن. ڪجھ ماڻهن کي صرف آواز اچن ٿا پر ھن ۾ منفي علامتون نٿيون ٿين. گهڻن مريضن کي صرف فريب ٿئي ٿو پر انهن جا خيال بي ربط ۽ الجهيل ناھن ھوندا. جيڪڏھن ڪنھن مريض کي صرف منفي علامتون ھجن ۽ بي ربط خيال ھجن تہ ان جي آسپاس جي عزيزن يا دوستن کي سالن تائين احساس نٿو رھي تہ ھي ڪو جابول جو مريض آھي. 


ڇا ھي مرض ٺيڪ ٿي سگهي ٿو؟

جابول جي مريضن کي ڪڏھن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت نٿي رھي ھو ڪم ڪار ڪري سگهن ٿا ۽ سٺي گهريلو زندگي گذاري سگهن ٿا.

تقريبن 100 مان 20 سيڪڙو مريض بيماري جي پھرئين دوري جي پنجن سالن جي اندر ٺيڪ ٿي وڃن ٿا.

تقريبن 100 مان 60 سيڪڙو ماڻهو بھتر ٿي وڃن ٿا پر انهن ۾ ڪجھ نہ ڪجھ علامتون موجود رھن ٿيون. ڪنھن بہ وقت انهن جن علامتون اڃان بہ وڌيڪ بگڙي سگهن ٿيون.

تقريبن 20 سيڪڙو مريضن ۾ شديد علامتون موجود ٿين ٿيون.


اپاء:

ھي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪجي تہ بيماري جي شروع ۾ ڪھڙيون علامتون ٿين ٿيون مثال ننڊ يا بک جو خراب ٿيڻ ۔ گهٻراھٽ رھڻ ۔ وھنجڻ يا ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏيڻ ۔ ٿورو شڪ شبھو ٿيڻ ۔ خوف پيدا ٿيڻ ۽ ڪڏھن اڪيلي ۾ آواز ٻڌڻ لڳڻ ۔ انهن علامتن کي سڃاڻي علاج شروع ڪيو وڃي تہ عام طور تي طبيعت جلدي بھتر ٿي وڃي ٿي ۽ دوا جو گهٽ وزن وٺڻو پوي ٿو.

انهن سببن کان بچڻ کپي جنھن سان طبيعت جي خراب ٿيڻ جو امڪان ھجي مثال اھڙي صورتحال جنھن ۾ ذھني دٻاء وڌي وڃي جيئن ماڻهن سان گهڻي ميل جول ڪرڻ ۔ منشيات يا الڪحل جو استعمال ڪرڻ ۔ گهر وارن ۔ دوستن يا پاڙيسرين سان جهيڙو ڪرڻ.

ھي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي تہ ڪھڙن طريقن سان آواز گهٽ ٿئي ٿي مثال ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۔ مصروف رھڻ ۔ پاڻ کي ياد ڏيارڻ تہ ھي آواز اوھان کي ڪوبہ نقصان ڏيئي نٿا سگهن ۽ توھان کي توھان جي مرضي جي خلاف ڪو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري نٿا سگهن.

ڪنھن اھڙي بااعتماد شخص سان سنگت رکڻ کپي جيڪو بيماري شروع ٿيڻ سان اوھان کي ٻڌائي سگهي تہ اوھان جي طبيعت خراب ٿي رھي آھي.

توھان کي جسماني صحت جو خيال رکڻ کپي.

سٺا کاڌا ۽ ميوا ۽ سبزيون کائڻ کپن.

 تماڪ نوشي کان بچڻ کپي.

روزانو ڪجھ نہ ڪجھ ورزش ڪرڻ کپي صرف 20 منٽ روز ھلڻ سان مزاج بھتر ٿي سگهي ٿو.


علاج:

جابول جي مرض لاء ٻن معروف طريقن ۾ ٿيراپي ۽ دوائون شامل آھن. مختلف مريضن کي مختلف ڊوز ڏنا وڃن ٿا ڪنھن کي گهٽ ۽ ڪنھن کي وڌ. جابول جو دوائون عام طور تي 4 کان 6 ھفتن ۾ اثر ڪن ٿيون. انهن دوائن جاناڪاري اثر بہ ٿين ٿا پر انهن تي ضابطو پائي سگهجي ٿو. ان سان گڏ ٿيراپي ذريعي علاج ممڪن آھي جنھن ذريعي مريض کي ابتدا ۾ ننڍا نشانا ڏنا وڃن ٿا ۽ آھستي آھستي وڏا نشانا ڏنا وڃن ٿا جيئن ڪپڙا پائڻ ۽ وھنجڻ ۔ ڏندڻ ڏيڻ ۔ نوڪري ڪرڻ ۽  پنھنجو ڪم ڪرڻ شامل آھن.


ڇا جابول جو علاج ممڪن آھي؟

ڪوبہ ماھر نفسياتي ڊاڪٽر ھن مرض جي تشخيص ۽ علاج ڪري سگهي ٿو. شھرن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ نفسيات جا وارڊ ٿين ٿا جتي نفسياتي ماھر باقائدگي سان علاج ڪن ٿا ۽ مشورا ڏين ٿا.

Monday, 17 August 2020

رتاب Plasma 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
 
اسان جو رت ٻن جزن تي مشتمل ٿئي ٿو
رت جا گهرڙا  Blood cells
رتاب            Plasma
جڏھن جسم تي زخم يا رھڙ اچي ٿي تہ توھان ڏٺو ھوندو تہ زخم يا رھڙ مان پھرين پاڻي اچي ٿو ۽ ان کان پوء ڳاڙھو رت اچي ٿو، ان پاڻي کي رتاب Plasma چئبو آھي.
رتاب ھڪ شفاف ۽ پيلاڻ مائل پاڻيٺ ٿئي ٿي جنھن ۾ کنڊ Sugar ۔ چرٻي Fats ۔ پروٽين Protein ۽ لوڻ جو ڳار ٿئي ٿو جنھن جي ذريعي رت ۾ موجود گهرڙا سڄي جسم ۾ چڪر لڳائين ٿا. رتاب ۾ 90 سيڪڙو پاڻي ۽ 10 سيڪڙو رت ڄمائيندڙ پروٽين ۽ ٻيا مادا ٿين ٿا. رتاب ۾ ٽن قسمن جا گهرڙا ٿين ٿا.
ڳاڙھا گهرڙا   Red blood cells
اڇا گهرڙا      White blood cells
پرت             Platelets
جڏھن اسان جي جسم ۾ ٻاھريان جراثيم اچن ٿا، رت جي رتاب ۾ ان خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء اجسا Antibodies ٺھڻ شروع ٿي وڃن ٿا. جيڪڏھن جراثيم اسان تي قابو پائن ٿا تہ اسان بيمار ٿي سگهون ٿا.
ائين جڏھن وائرس انساني جسم ۾ وائرس داخل ٿئي ٿو، اھو کڻتو Carrier ٿئي ٿو مطلب ٻين وائرسن جي کڻت ۽ منتقل ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو جنھن سان قوت مدافعت گهٽ ٿئي ٿي ۽ انسان بيمار ٿي وڃي ٿو.
جيڪو کڻتو رھي ٿو يا ھڪ بار وائرسي بيماري کان تندرست ٿي چڪو ھجي، اھو بيماري جو شڪار نٿو ٿئي ان جو سبب اھي اجسا Antibodies آھن جيڪي وائرسي حملي ۾ رت ۾ بنجي چڪا ھئا ۽ ماڻهو تندرست ٿي وڃي ٿو. ان جو رتاب وائرن جو علاج ٿئي ٿو. جڏھن ڪنھن ساڳي قسم جو وائرس لڳي ٿو تہ ان صحتمند شخص جي رت مان رتاب ڪڍيو وڃي ٿو ڇوجو اجسا ان جي رت جي رتاب ۾ موجود ٿين ٿا.
ھاڻي اچون ٿا ھن سوال طرف رتاب نٿو ڏنو وڃي پر رت ڪڍيو وڃي ٿو. رت مان رتاب ڪڍڻ ليباريٽري جو ڪم آھي.
ھي رتاب مريض کي انجيڪٽ ڪيو وڃي ٿو تہ رتاب ۾ موجود اجسا مريض جي رت ۾ اڄڻن Antigens کي ختم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ مريض وائرسن کان آجو ٿي قوت مدافعت ٺاھي ٿو.
ڪورونا وائرس جي مريضن جو علاج صحتمند مريض جي رتاب سان ائين ڪرڻ آھي جيئن نانگ جي زھر سان نانگ جي ڏنگيل جو علاج ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن رت مان رت جا گهرڙا ڪڍيا وڃن باقي ھلڪي رنگ جي زرد پاڻيٺ بچي ٿي جنھن کي رتاب سڏيو وڃي ٿو. جيڪي مريض صحتياب ٿي وڃن ٿا انهن جي رت ۾ وائرس خلاف اجسا ٺھي وڃن ٿا. انهن جو رتاب جيڪڏھن ڪنھن مريض کي انجيڪٽ ڪيو وڃي تہ اھو مريض صحتمند ٿي وڃي ٿو جنھن کي طبي سائنس ۾ Artificial passive immunity مصنوعي ھاڪاري ٻلداري سڏيو وڃي ٿو.
ھڪ ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي تہ رتاب ان ماڻهو کي ڏنو ويندو آھي جيڪو ساڳي رت جي گروپ وارو ھجي. ڪنھن بہ شخص جو رتاب ٻئي شخص ۾ انجيڪٽ ڪري سگهجي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ساڳو گروپ نہ ملڻ ڪري ٻيو رتاب لڳايو وڃي ٿو جيڪو تمام گهٽ لڳايو وڃي ٿو.