Monday 2 November 2020

شملا مرچ Capsicum 💎اصغر ساگر💎


شملا مرچ ذائقي ۔ رنگ ۽ خوشبو جي ڪري منفرد حيثيت رکن ٿا. ھي مرچن جو اھڙو قسم قسم آھي جيڪو تکاڻ نٿو رکي. ھي سلاد طور استعمال ٿئي ٿو ۔ پيزي جي رونق وڌائي ٿو ۽ صحت برقرار رکي ٿو. ڀاڄين ۽ سبزين ۾ ھن جي استعمال سان جتي سواد وڌي ٿو اتي بيمارين جا خطرا گهٽ ٿين ٿا. شملا مرچ نہ صرف سستا ۽ مزيدار ٿين ٿا پر ڪثير خوبيون رکن ٿا. ھي اھڙا مرچ آھن جن کي ڪچو کائي سگهجي ٿو ۽ پڪائي سگهجي  ٿو گڏوگڏ آمليلٽ ۔ شوربي ۽ ڀاڄي ۾ وجهي سگهجي ٿو ڇوجو ھي ڇوت ختم ڪرڻ ۾ اڪسيري درجو رکي ٿو. جڏھن جسم کي وٽامن سي جي ضرورت پوي ٿي اھڙي حالت ۾ شملي مرچ کي استعمال ڪرڻ کپي.


چمڙي کي جوان رکندڙ:

شملا مرچ وٽامن سي Vitamin C جي وافر مقدار ھئڻ ڪري قوت مدافعت ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ چمڙي کي جوان ۽ خوبصورت رکي ٿو. شملا مرچ بيٽا گجري Beta-carotene  لبريز ۽خوش رنگ جو ڏيک ڏئي ٿو. بيٽا گجرو جسم ۾ وڃي وٽامن سي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ جلدي شفايابي ۾ مدد ڏئي ٿو. ھن ۾ موجود وٽامن اي Vitamin A چمڙي جي اندريين توڙي ٻاھريين تھ جي حفاظت ڪري ٿي ۔ وبائن کان محفوظ رکي ٿي ۽ چمڙي ۾ تراھٽ برقرار رکي ٿي.

شملا مرچ ۾ موجود وٽامن سي جسم ۾ ڪولاڄي Collagen کي بنجڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪو جسم کي بنياد کي فراھم ڪري ٿو ۽ گهنج ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.


قوت بخش غذا:

جيڪڏھن شملا مرچ کي گهٽ پڪايو وڃي تہ ان جي مٺاس ۔ ذائقو ۔ رنگ ۽ خوشبو برقرار رھي ٿي ۽ ھي طاقتور غذا ٿي اڀري ٿو.


چمڙي ۽ وارن جي نشونما ڪندڙ:

شملا مرچ ۾ وٽامن اي Vitamin A ٿئي ٿو جيڪو وارن کي مضبوط ڪري ٿو.


موتيي کان بچائيندڙ:

شملا مرچ ۾ موجود زرد راڱو زرداڱو Lutein اک ۾ موتيي پوڻ ۽ ڌنڌلي پن کان بچائي ٿو.


رت جي کوٽ Anemia کان بچائيندڙ:

رت جي کوٽ ۾ آڪسيجن جذب ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ڪمزوري ۽ ٿڪ محسوس ٿئي ٿو. رت جي کوٽ جو اھم سبب فولاد جي گهٽتائي آھي. ڳاڙھي شملا مرچ ۾ فولاد جي وافر مقدار ٿئي ٿي جڏھن تہ ان ۾ موجود وٽامن سي فولاد کي جذب ٿيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. فولاد واريون غذائون جيئن پالڪ ۽ گوشت سان گڏ ڪچي شملا مرچ کائڻ سان فولاد رت ۾ سٺي ريت جذب ٿئي ٿو ۽ رت جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.


وٽامن بي سان سرشار:

شملا مرچ ۾ موجود وٽامن بي Vitamin B اعصابي نظام کي طاقت ڏئي ٿي ۽ ان لاء نون گهرڙن کي بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.


تڪسيد روڪ Antioxidant :

شملا مرچ ۾ موجود بيٽا گجرو ڪيميائي طور تي تڪسيد روڪ جو ڪم ڏئي ٿو ۽ چمڙي کي جلن ۔ سوزش ۽ سوڄ کان بچائي ٿو.


مدافعتي نظام کي مضبوط ڪندڙ:

شملا مرچ وٽامن سي سان ڀرپور ٿين ٿا ھن ۾ سنگتري کان ٻيڻي وٽامن سي پاتي وڃي ٿي جيڪا اڇن گهرڙن جي نشونما ڪري ٿي ڇوجو ھي ڇوت ختم ڪرڻ ۾ اڪسيري درجو رکي ٿو. جڏھن جسم کي وٽامن سي جي ضرورت پوي ٿي اھڙي حالت ۾ شملي مرچ کي استعمال ڪرڻ کپي.


ڪينسر جي روڪ ڪندڙ:

شملا مرچ ۾ موجود جزا خاص ڪري گنڌڪ Sulphur  جسم ۾ موجود ڪينسر سان جهيڙڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ھن مرچ کائڻ سان جيري ۽ پروسٽيٽ ڪينسر جو خطرو دور ٿي وڃي ٿو. سائنسي تحقيق مطابق جن کاڌن ۾ ٻوھرا Flavonoids سفيد ۽ زرد مادن تي مشتمل جزا شامل ھجن اھي ببن جي ڪينسر جي سبب پيدا ڪندڙ گهرڙن کي روڪڻ ۾ مدد ڏين ٿا.


گهرڙبدليت کي بھتر رکندڙ:

شملا مرچ گهرڙبدليت Metabolism جو سرشتو رکي ٿو جنھن جي ڪري خوراڪ جا جزا جسم جو حصو بنجي وڃن ٿا. شملا مرچ جو استعمال ٻار پيدا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو.

شملا مرچ ۾ ڳاڙھي مرچ کان گهٽ تک ٿئي ٿي ان ڪري گهرڙبدليت ۾ بھتري آڻي ٿو مطلب ھي مرچ گرمي ڏيڻ بغير حرارن کي ڳاري ٿو 


اکين لاء مفيد:

ھي مرچ وٽامن سي سان سرشار ھئڻ ڪري اک جي پتلي جي حفاظت ڪري ٿو ۽ نظر جي اندريين پردي کي بھتر بنائي ٿو ۽ عمر گذرڻ سان گڏ نظر کي گهٽ ٿيڻ نہ ٿو ڏئي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment