Sunday 20 September 2020

ھرٻو Fenugreek 💎اصغر ساگر💎


ھرٻي جي ساڳ کي پٽاٽن ۽ پالڪ سان ڀاڄي بنايو وڃي يا قيمي سان يا گوشت ۾ شامل ڪيو وڃي، ھي مزيدار شي ٿئي ٿي ۽ ھن جي نرالي خوشبو بک جي احساس کي پيدا ڪري ٿي. ھرٻي جي ساون پنن ۽ ٻج کي ھر گهر ۾ مختلف کاڌن جي زينت بنايو وڃي ٿو. برصغير ۾ ھرٻي کي صدين کان بورچيخانن ۾ کاڌي جو جز بنايو ويو آھي. ھرٻو اھڙي سبزي آھي جنھن جي ماھيت کي سائنس بہ تسليم ڪري ٿي. ھرٻو جتي گهرن ۾ استعمال ٿئي ٿو، اتي جانورن جي علاج ۾ پڻ مڻيا رکي ٿو. جانورن جي طبيعت خراب ھجي يا انهن کي باد ھجي، ھرٻو انهن کي شفا ڏئي ٿو. ھرٻو قبض ڪشا ۽ ھاضم سبزي آھي، ھن ۾ حل پذير تاندورا Fibers ۽ چپڪندڙ مادا ٿين ٿا جيڪي گگ يا پاڻيء سان ملي جڏھن جسم ۾ داخل ٿين ٿا تہ باد کي ٽوڙين ٿا ۽ پنھنجي چڪناھٽ سان آنڊن ۾ موجود ڦوڳ کي ٻاھر ڪڍڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ھرٻو جراثيم ڪش ۽ گرم تاثير وارو مصالحو آھي. ھن ۾ بلغم کي خارج ڪرڻ جون خوبيون پاتيون وڃن ٿيون.

ھرٻو سوزش روڪ ۽ اعصابن کي سڪون ڏيندڙ شي آھي. ماھواري جي تڪليف کي دور ڪري ٿو ۽ بلغمي کنگھ کي ھٽائي ٿو. ھن کي قبض ۔ بدھاضمي ۔ ڦڦڙن جي سوزش ۔ بخار ۔ وڏي پت High cholesterol ۔ اکين جي ٿڪ ۽ ڳلي جي خارش کي دور ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جي ٻجن کي پيھي زخم ۔ داڻن ۽ خارشي حصن تي ليپ ڪيو وڃي ٿو. ھي جسم کي تراھٽ ڏئي ٿو ۽ ٻچيداني کي متحرڪ ڪري ٿو.

جن ماڻهن جو جسماني وزن گهٽ ٿئي ٿو، ھرٻو انهن جو وزن وڌائي ٿو. ھي رت ۾ مٺ Glucose جي حد کي گهٽائي ٿو ۽ پت Cholesterol کي پورو پنو رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھرٻي جي ٻج کي مختلف طريقن سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن کي چانھن ۔ مصالحي ۔ مالش جي تيل ۔ زخم لاء ليپ يا ٽڪور يا پلاسٽر طور ڪتب آندو وڃي ٿو. ھرٻي ۾ بلغم خارج ڪرڻ واري خاصيت موجود ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ڪري دم جي مريضن کي فائدو ڏئي ٿو.


فائدا:


ڳلي جي خارش:

ڳلي جي خارش ھجي تہ ھرٻي کي پاڻي ۾ ڪاڙھي، پاڻي ٿڌو ڪري، ڇاڻي گرڙا ڪجن تہ فائدو پوندو.


سنڌن جو سور:

جيڪڏھن سنڌن ۾ سور ھجي تہ ھرٻي کي پاڻي ۾ ڪاڙھي پاڻي ٿڌو ڪري ڇاڻي روز پيئجي تہ سور گهٽبو ويندو.


حرڪيرن Harmones کي ترتيب ڏيندڙ:

ھرٻو واحد دوا آھي جيڪا حرڪيرن کي ٺيڪ ترتيب ڏئي ٿي خاص ڪري عورتن لاء نعمت کان گهٽ ناھي. ھي عورت جي ھر مرض تي ڪم ڪري ٿو.


حرڪيرن کي ترتيب ڏيندڙ:

اڌ چمچو ننڍو گلاس پاڻي پيئڻ سان حرڪيرن جي بي ترتيبي درست ٿي وڃي ٿي.  جيڪڏھن ھن کي چانھن طور استعمال ڪيو وڃي تہ ھي جادوئي دوا طور ڪم ڪري ٿو.


ڇڪتاڻ جو علاج:

جيڪڏھن ڇڪتاڻ ۽ مونجھ ھروقت رھي ٿي تہ ھرٻي جو ٻج استعمال ڪري ڇڪتاڻ کي ختم ڪري سگهي ٿو.


ماھواري جو درد گهٽائيندڙ:

جيڪڏھن ڪنھن عورت کي ماھواري ۾ درد ٿئي ٿو تہ ھرٻي چپٽي کي روز نيم گرم پاڻي پيئڻ سان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. ان کان علاوا جيڪڏھن ماھواري ۾ بي ترتيبي آھي، اھا ھرٻي جي کائڻ سان درست ٿي سگهي ٿي.


ڪارن داغن جو خاتمو ڪندڙ:

جيڪڏھن چھري تي ڪارا داغ نظر اچن تہ ھرٻو انهن کي دور ڪري ٿو. ھرٻي چمچي کي اڌ گلاس پاڻي ۾ ڪاڙھي، اڌ بچائي، ٿڌي ٿيڻ تي پيسٽ ٺاھجي. ھي پيسٽ چھري کي لائجي. ڪارا داغ ختم ٿيڻ لڳندا.


وارن کي مضبوط ڪندڙ:

ھرٻي جو پاڻيء ۾ پيسٽ ٺاھي رات جو وارن جي پاڙن کي ھڻجي ۽ سڄي رات لڳل ھجي. ھن سان وارن جون پاڙون مضبوط ٿينديون ۽ وار گهاٽا ٿيندا.


مائرن جو کير وڌائيندڙ:

ٻار ڄڻڻ کان پوء گهڻين مائرن جو کير گهٽجي وڃي ٿو ۽ ڪمزور ٿي وڃن ٿيون. انهن کي جيرو ۔ ھرٻو ۽ مصري ھموزن ڪٽي رکڻ کپي. صبح شام چپٽي پاڻي سان پيئڻ گهرجي. کير وڌندو ۔ ليڪوريا ختم ٿيندي ۽ جسم ۾ رطوبت وڌندي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment