Saturday 3 October 2020

فالج Brain stroke 💎اصغر ساگر💎


فالج اھڙو مرض آھي جنھن دوران دماغ کي نقصان پھچي ٿو ۽ جسم جو ڪوبہ حصو مفلوج ٿي وڃي ٿو. فالج جي دوري بعد ھر گذرندڙ منٽ ۾ دماغ 19 لک گهرڙن کان محروم ٿئي ٿو. فالج کي جيترو جلد وٺجي اوترو جلدي صحتمندي ملي سگهي ٿي ۽ دير جي نتيجي ۾ ڳالهائڻ ۾ مشڪل ۔ ياداشت کان مرومي ۔ عضون جو ناڪارا ٿيڻ ۽ رويي ۾ تبديلي جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. فالج جي باري ۾ تصور ڪيو وڃي ٿو تہ ھي گرم سرد يا صبح جي پاڳل ھوا لڳڻ سان ٿئي ٿو جيڪو صرف مفروضو آھي. طبي ماھرن مطابق فالج جو نشانيون فالج جي دوري کان ھفتو اڳ ظاھر ٿين ٿيون. جسم جو ڪو حصو سن ٿي وڃي ٿو يا ھلڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو ۔ ڳالهائڻ کان ماڻهو قاصر ٿي وڃي ٿو يا ڳالهيون سمجھ ۾ نہ ٿيون اچن ۔ تمام گهڻي الجهن رھي ٿي ۔ ھڪ طرف منھن لڙڪي پوي ٿو ۔ مرڪڻ جي محرومي ملي وڃي ٿي ۔شديد مٿي جو سور پوي ٿو ۔ قي اچي ٿي ۔ ھڪ يا ٻن اکين سان ڏسڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو ۔ ھلڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۔ ڪجھ ڳيھڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو ۔ جسماني توازن کي برقرار رکڻ ۾ تڪليف اچي ٿي ۔ ھلندي ٿيڙ اچن ٿا ۽ شديد ڪمزوري لاحق ٿي وڃي ٿي.



فالج جا 2 قسم ٿين ٿا جن جون علامتون يڪسان ٿين ٿين ٿيون.

(1) رڳڦاڙ چاڙھ  Hemorrhagic Stroke 

(2) رڳبند چاڙھ Ischaemic Stroke


(1) رڳڦاڙ چاڙھ  Hemorrhagic Stroke

ھن فالج ۾ ڪنھن رت جي شريان مان دماغ جو رت خارج ٿيڻ لڳي ٿو. ھي فالج دماغ ۾ رت جي رڳ ڦاٽڻ سان rupture  of blood vessel سان ٿئي ٿو. ويھ سيڪڙو فالج جا ڪيس ھن نموني جا ٿين ٿا جنھن جو سبب رت جو چاڙھ ٿئي ٿو.

 

(2) رڳبند چاڙھ Ischaemic Stroke

ھن فالج ۾ رت جون رڳون بلاڪ ٿيڻ جي ڪري دماغ کي رت جي فراھمي گهٽ پھچي ٿي. دماغ ۾ رت جي رڳ بند ٿيڻ blockage of blood vessel ٿئي ٿو. 80 سيڪڙو فالج جا قسم ھن نموني جا ٿين ٿا. ھن فالج جو وڏو سبب دل جون بيماريون ٿين ٿيون. ھن فالج جو حملو صبح جي وقت ٿئي ٿو. ڇوجو رات جي وقت بڪيون اڏور مادو Adrenaline خارج ڪن ٿيون جيڪو رت جي رڳن تنگ ھئڻ ڪري رت جو چاڙھ پيدا ڪري ٿو نتيجي طور رت جي شريان ڦاٽي پوي ٿي.

 

فالج جا سبب:

رت جو چاڙھ

تماڪ جو استعمال

مٿ مٺرت

وڏ پروٽيني شيون گوشت ۔ چڻا ۽ بيدا ۽ مٺايون کائڻ

وزن جو وڌڻ

ورزش نہ ڪرڻ

دل جو بيماريون


فالج جون نشانيون:


ھڪ بجاء ٻہ شيون نظر اچڻ:

بينائي جا مسئلا جيئن ھڪ شي ٻہ دفعا نظر اچي ۔ ڌنڌلوپن يا ھڪ اک جي نظر جي محرومي فالج جون علامتون ٿي سگهن ٿيون. گهڻا مانهو ھن کي پوڙھائپ يا ٿڪ جو نتيجو سمجهن ٿا جيڪو غلط نظريو آھي. حقيقت ۾ رت جي بنديل شريان اکين کي درڪار گهٽ آڪسيجن پھچائي ٿي جنھن جي ڪري نظر جو مسئلو ڪر کڻي ٿو. ھن دوران فالج جون ٻيون علامتون ظاھر نہ ٿين ٿيون.


ھٿ يا پير جو سن ٿيڻ:

جيڪڏھن منجهند جي ننڊ کان پوء ھٿ يا پير سن ٿين يا ڪمزور محسوس ٿين تہ ھي فالج جي نشاني آھي ۽ جلدي ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي. ھن حالت ۾ ڪرنگهي جي ھڏي کان دماغ ڏي ويندڙ رت جي رواني جي کوٽ جي نتيجي ۾ 

جسم جو ڪو حصو سن يا ڪمزور ٿي سگهي ٿو.


ڳالهائڻ ۾ مشڪل:

ڪڏھن ڪڏھن دردڪش دوائن کائڻ سان ھڪلاھٽ اچي وڃي ٿي، ماڻهن ليکي ھي دوا جو اثر آھي پر ھي فالج جي نشاني آھي. طبي ماھرن مطابق جيڪڏھن اھڙي قسم جي دوا کائڻ سان سائيڊ افيڪٽ نہ ٿيو ھجي تہ ھي فالج جي علامت سمجهجي ۽ جلدي ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.


سوچڻ ۾ ڏکيائي:

جيڪڏھن درست لفظن جي چونڊ يا ڪنھن شي تي توجھ ٽٽي تہ ھي فالج جي علامت آھي. جڏھن ڪنھن شي تي توجھ نہ بيھي تہ سمجهجي تہ دماغ ڪم ڪري نہ رھيو آھي يا دماغ جي صلاحيت متاثر ٿي رھي آھي.


اڌ مٿي جو سور:

جيڪڏھن اڌ مٿي جو سور پوي ۽ ھي تڪليف توھان کي متاثر نہ ڪري تہ ھي فالج جي علامت ٿي سگهي ٿي ۽ اڌ مٿي جي سور ۾ فالج لڪل ٿي سگهي ٿو. ماھرن مطابق اڌ مٿي جي سور وارن ماڻهن کي پنھنجو علاج فالج نموني ڪرائڻ کپي.


پرھيز Prevention:

چاليھ سالن کان پوء لوڻ ۔ کنڊ جو استعمال گهٽ ڪجي.

وڏ پروٽينن جيئن وڏو گوشت ۔چڻو ۔ بيدي کان پرھيز ڪجي.

روزانو 4 ڪلوميٽر ھلجي.

جن کي رت جو چاڙھ رھي ٿو اھي دوا معمول سان کائيندا رھن.


هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment