Thursday 27 August 2020

ريٻو وائرس ۽ ريٻھڙو Rabies virus and hydrophobia 💎اصغر ساگر💎

 


پاڻي جي ڊڄ جا ٻہ اصطلاح ٿين ٿا جنھن ۾ ماڻهو پاڻي کان ڊڄي ٿو.

(1) آبھڙو  ۔ آبي خبط ۔ آبي ڊڄ Aquaphobia

(2) ريٻھڙو ۔ ريٻي خبط ۔ ريٻي ڊڄ Hydrophobia


(1) آبھڙو  ۔ آبي خبط ۔ آبي ڊڄ Aquaphobia

ھي اھا عام ڪيفيت آھي جنھن ۾ ماڻهو پاڻي کان ڊڄي ٿو. ھي ھڪ نفسياتي بيماري آھي جنھن ۾ مريض کي ڪو خطري جو امڪان نٿو رھي. ھي مريض پاڻي ڏسڻ ۔ پاڻي پيئڻ يا ترڻ کان ڊڄي ٿو ۽ ھن ڪيفيت ۾ پاڻي کان ڊڄندڙ ماڻهو کي آبوھڙو Aquaphobic چئبو آھي.


(2) ريٻھڙو ۔ ريٻي ڊڄ ۔ ريٻي خبط Hydrophobia

ريٻھڙو Hydrophobia ھڪ اھڙو خوف جو اصطلاح آھي جنھن ۾ پاڻي ۔ پاڻي پيئڻ يا ترڻ کان ڊڄ ٿئي ٿو ۽ مريض ريٻوھڙو hydrophobic بڻجي وڃي ٿو. ھي اصطلاح ريٻي وائرس لاء استعمال ٿئي ٿو جيڪو انسان يا جانورن کي لڳي ٿو جنھن جي ڪري پاڻي ۔ پاڻي پيئڻ يا ترڻ کان ڊڄ ٿئي ٿو ۽ پاڻي جا ڪيترائي خوف جنم وٺن ٿا.

عام طور تي پاڻي جو ڊڄ ھڪ وائرس جي ڪري پيدا ٿئي ٿو جنھن کي ريٻو وائرس Rabies virus چئبو آھي. ھي ھڪ ڇوتي بيماري آھي جيڪا وائرس سان پکڙجي ٿي جيڪا انسان جي اعصابي نظام تي حملو ڪري ٿي. ھي وائرس عام طور تي جانورن جي ٿڪ ۾ پاتو وڃي ٿو جو چڪ ڏيڻ يا ننھنڊ ڏيڻ سان پکڙجڻ جو سبب بنجي ٿو. جانور جيڪي جيڪي ريٻا وائرس Rabies viruses پکيڙين ٿا انهن ۾ ڪتو ۔ بندر ۔ چمڙو ۔ بگهڙ ۽ ٻليون شامل آھن ان جي علامت ھي آھي تہ انسان پاڻي کان ڊڄڻ شروع ڪري ٿو ان مرض کي ريٻھڙو Hydrophobia چئجي ٿو.


ريٻھڙي Hydrophobia جون علامتون:

دراصل ھي وائرس پاڻ ڊڄ پيدا نٿو ڪري پر ھن وائرس مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت ۽ سبب آھن. ھن بيماري ۾ پاڻي کان ڊڄ شديد قسم جي سور مان پيدا ٿئي ٿو. جڏھن مريض ٿڪ يا پاڻي کي ڳھڻ چاھي ٿو تہ ان دوران اندر شديد تڪليف محسوس ٿئي ٿي جنھن جي ڪري پاڳل ڪتي کان متاثر ماڻهن ۽ جانورن جي وات مان گگ ٽپڪڻ لڳي ٿي.


سبب:

ھن بيماري جو اصل سبب آھي تہ ھن بيماري دوران ھي وائرس عضون کي اپاھج ڪري ڇڏين ٿا. ان بيماري دوران جڏھن ماڻهو ٿڪ يا پاڻي ڳيھڻ چاھي ٿو تہ عضون ۾ اھا صلاحيت نٿي رھي جو ان کي برداشت ڪري سگهن ۽ ڳيھڻ جي عمل کي جاري رکي سگهي. ٻي ڳالھ ھي آھي تہ ريٻو وائرس دماغ تي ضابطو پائي ٿو جنھن جي ڪري ڳلي ۽ نڙي ۾ مروڙ پيدا ٿي وڃي ٿو. ھي مروڙ ايتري تڪليفدھ ٿئي ٿي جو ساھ کڻندي بہ پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻي پيئڻ دوران ھي مروڙ اڀار کائي ٿي ۽ شديد درد جو سبب بنجي ٿي جنھن جي ڪري انسان منطقي ۽ مثبت سوچ کان محروم ٿي وڃي ٿو ۽ بلڪل ھڪ حيوان بنجي وڃي ٿو. ھن بيماري ۾ مريض جلدي مريض وڃي ٿو ان ڪري اھڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر سان جلد رابطو ڪرڻ کپي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment