Monday 17 August 2020

رتاب Plasma 💎اصغر ساگر💎

 
اسان جو رت ٻن جزن تي مشتمل ٿئي ٿو
رت جا گهرڙا  Blood cells
رتاب            Plasma
جڏھن جسم تي زخم يا رھڙ اچي ٿي تہ توھان ڏٺو ھوندو تہ زخم يا رھڙ مان پھرين پاڻي اچي ٿو ۽ ان کان پوء ڳاڙھو رت اچي ٿو، ان پاڻي کي رتاب Plasma چئبو آھي.
رتاب ھڪ شفاف ۽ پيلاڻ مائل پاڻيٺ ٿئي ٿي جنھن ۾ کنڊ Sugar ۔ چرٻي Fats ۔ پروٽين Protein ۽ لوڻ جو ڳار ٿئي ٿو جنھن جي ذريعي رت ۾ موجود گهرڙا سڄي جسم ۾ چڪر لڳائين ٿا. رتاب ۾ 90 سيڪڙو پاڻي ۽ 10 سيڪڙو رت ڄمائيندڙ پروٽين ۽ ٻيا مادا ٿين ٿا. رتاب ۾ ٽن قسمن جا گهرڙا ٿين ٿا.
ڳاڙھا گهرڙا   Red blood cells
اڇا گهرڙا      White blood cells
پرت             Platelets
جڏھن اسان جي جسم ۾ ٻاھريان جراثيم اچن ٿا، رت جي رتاب ۾ ان خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء اجسا Antibodies ٺھڻ شروع ٿي وڃن ٿا. جيڪڏھن جراثيم اسان تي قابو پائن ٿا تہ اسان بيمار ٿي سگهون ٿا.
ائين جڏھن وائرس انساني جسم ۾ وائرس داخل ٿئي ٿو، اھو کڻتو Carrier ٿئي ٿو مطلب ٻين وائرسن جي کڻت ۽ منتقل ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو جنھن سان قوت مدافعت گهٽ ٿئي ٿي ۽ انسان بيمار ٿي وڃي ٿو.
جيڪو کڻتو رھي ٿو يا ھڪ بار وائرسي بيماري کان تندرست ٿي چڪو ھجي، اھو بيماري جو شڪار نٿو ٿئي ان جو سبب اھي اجسا Antibodies آھن جيڪي وائرسي حملي ۾ رت ۾ بنجي چڪا ھئا ۽ ماڻهو تندرست ٿي وڃي ٿو. ان جو رتاب وائرن جو علاج ٿئي ٿو. جڏھن ڪنھن ساڳي قسم جو وائرس لڳي ٿو تہ ان صحتمند شخص جي رت مان رتاب ڪڍيو وڃي ٿو ڇوجو اجسا ان جي رت جي رتاب ۾ موجود ٿين ٿا.
ھاڻي اچون ٿا ھن سوال طرف رتاب نٿو ڏنو وڃي پر رت ڪڍيو وڃي ٿو. رت مان رتاب ڪڍڻ ليباريٽري جو ڪم آھي.
ھي رتاب مريض کي انجيڪٽ ڪيو وڃي ٿو تہ رتاب ۾ موجود اجسا مريض جي رت ۾ اڄڻن Antigens کي ختم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ مريض وائرسن کان آجو ٿي قوت مدافعت ٺاھي ٿو.
ڪورونا وائرس جي مريضن جو علاج صحتمند مريض جي رتاب سان ائين ڪرڻ آھي جيئن نانگ جي زھر سان نانگ جي ڏنگيل جو علاج ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن رت مان رت جا گهرڙا ڪڍيا وڃن باقي ھلڪي رنگ جي زرد پاڻيٺ بچي ٿي جنھن کي رتاب سڏيو وڃي ٿو. جيڪي مريض صحتياب ٿي وڃن ٿا انهن جي رت ۾ وائرس خلاف اجسا ٺھي وڃن ٿا. انهن جو رتاب جيڪڏھن ڪنھن مريض کي انجيڪٽ ڪيو وڃي تہ اھو مريض صحتمند ٿي وڃي ٿو جنھن کي طبي سائنس ۾ Artificial passive immunity مصنوعي ھاڪاري ٻلداري سڏيو وڃي ٿو.
ھڪ ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي تہ رتاب ان ماڻهو کي ڏنو ويندو آھي جيڪو ساڳي رت جي گروپ وارو ھجي. ڪنھن بہ شخص جو رتاب ٻئي شخص ۾ انجيڪٽ ڪري سگهجي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ساڳو گروپ نہ ملڻ ڪري ٻيو رتاب لڳايو وڃي ٿو جيڪو تمام گهٽ لڳايو وڃي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment