Sunday 30 August 2020

برسات جو پاڻي Rainwater 💎اصغر ساگر💎

 


برسات کي زندگي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. برسات جو پاڻي ڪڪرن مان وسڻ جا ساٺ ڪري زمين جي رڳن ۾ زندگي وانگر وھڻ لڳي ٿو. برسات جو پاڻي دريائن کي جولان بخشي ٿو ۽ زمين کي رنگ برنگي ساوڪ جي چادر پارائي ان کي دلڪش بنائي ٿو. جتي بارش جون بوندون زمين کي ساواڻ ڏين ٿيون اتي مٽيء ۾ مھڪ پيدا ڪن ٿيون ۽ پوکن کي آباد ڪن ٿيون. برسات وسڻ سان جيڏي ڪيڏي خوشيء جي لھر ڊوڙي ٿي  ۽ بي زبان جانور جهومي اٿن ٿا.

بارش ڪنھن نعمت کان گهٽ ناھي. برسات جو پاڻي عام پاڻي کان مختلف ٿئي ٿو. برسات جي پاڻي کي نرم پاڻي جڏھن تہ عام پاڻيء کي سخت پاڻي چيو وڃي ٿو ڇوجو برسات جو پاڻي ۽ ٻين معدنيات کان پاڪ صاف ٿئي ٿو. ھن پاڻي ۾ ڪجھ ڪيميائي مادا ٿي سگهن ٿا پر انهن جي مقدار عام پاڻي گهٽ ٿئي ٿي. برسات جي پاڻي تي نظر وجهڻ سان حيرت وٺي ٿي تہ ھي اسان جي جسم لاء تڪسيد روڪ Antioxidant آھي، ھن کي پيئڻ سان پيٽ جي تيزابيت سميت ڪافي عارضا ختم ٿي سگهن ٿا.

برسات جو پاڻي وارن ۽ چمڙي لاء مفيد آھي. ماھرن مطابق برسات جي پاڻي ۾ ڌوئڻ سان وار چمڪدار ۽ نرم ٿي وڃن ٿا ڇوجو ھي پاڻي نرم پاڻي آھي جيڪو وارن کي مضبوطي بخشي ٿو. چھري جي ڳالھ تہ برسات جي پاڻي پيئڻ سان چمڙي ۾ موجود داڻا پيدا ڪندا جيوڙا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ چھري جي تراھٽ قائم رکن ٿا جنھن سان چھرو نکري پوي ٿو پر ھي خيال ڪجي تہ برسات جي پاڻي ۾ وھنجڻ کان پرھيز ڪجي ڇوجو پھرين برسات فضا ۾ موجود زھريلين گئسن ۽ جزن کي کڻي اچي ٿي.

بارش جتي فضا جي زھريلن اثرن کي ختم ڪري ٿي اتي ماحولياتي آلودگي جي اثرن کي گهٽ ڪري ٿي. پراڻي زماني ۾ برسات جو پاڻي ماڻهن جي پاڻي پيئڻ جو واحد ذريعو ھيو جيڪي ھن پاڻي کي محفوظ ڪري گذارو ڪندا ھئا. برسات جو پاڻي صاف شفاف ڪيميائي مادن کان پاڪ قلي پي ايڇ سان سرشار ٿئي ٿو جيڪو جسم ۾ رت کي صاف ڪري ٿو ۔ ھاضمي جي نظام کي بھترين ڪري ٿو ۽ ڪافي بيمارين کان بچائي ٿو.

نلڪي جي پاڻي کي صاف ۽ شفاف ڪرڻ لاء پاڻي ۾ ڪوريڻ Chlorine وڌي وڃي ٿي تہ جيئن پاڻي صاف ٿي سگهي. ڪڏھن ڪڏھن پاڻي کي صاف ڪرڻ لاء ايتري تہ ڪوريڻ Chlorine شامل ڪئي وڃي ٿي جو پاڻي مان ڌپ محسوس ٿئي ٿي جڏھن تہ برسات جي پاڻي ۾ ڪوبہ ڪيميائي مادو نٿو ٿئي. ڏسجي تہ عام پاڻي ۾ ڪوريڻ Chlorine ۽ چنيٺو Floride جسم ۾ مدافعتي نظام کي ختم ڪن ٿا نتيجي طور گئس ۽ مٿي جو سور زندگي جو حصو بنجي وڃن ٿا ان جي ڀيٽ ۾ برسات جو پاڻي اھي بيماريون ٿيڻ نٿو ڏئي.


تڪسيد روڪ:

برسات جي پاڻي ۾ تڪسيد روڪ چنيٺو Floride ۽ ڪوريڻ Chlorine موجود ٿين ٿا جيڪي اسان جي رت کي صاف ڪن ٿا. ائين سمجهجي تہ برسات جو پاڻي قدرت طرفان عطا ڪيل اھڙي نعمتي دوا آھي جنھن جو ڪوبہ نعم البدل ناھي ان ڪري ئي برسات جي پاڻي کي تڪسيد روڪ سڏيو وڃي ٿو جيڪو جسم ۾ آزاد آڪسن Free radicals کي پيدا ٿيڻ نٿو ڏئي.

برسات جو پاڻي جسم مان زھرن کي خارج ڪري ٿو ان ڪري ھاضمي تي مثبت اثر مرتب ٿين ٿا نتيجي طور بک لڳي ٿي ۽ کاڌو جلدي ھضم ٿي وڃي ٿو.

  

 ڪينسر جا گهرڙا ختم ڪندڙ:

برسات جي پاڻي ۾ قلي پي ايڇ Alkaline PH جو مقدار ٿئي ٿو جيڪو تڪسيد روڪ ھئڻ ڪري ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪري ٿو. ڪيترائي ملڪ ڪينسر جي مريضن کي برسات جي پيئڻ جي تجويز ڏين ٿا ۽ مون سون جي پھرين برسات صحت لاء بھترين ۔ ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪندڙ آھي


 وارن کي مضبوط ۽ گهاٽو ڪندڙ

جن ماڻهن جا وار ڪمزور ٿين ٿا انهن کي وار برسات جي پاڻي ۾ ضرور ڌوئڻ کپن. سولي ڳالھ آھي تہ وارن لاء ھلڪو ۽ شفاف پاڻي گهرجي ٿو جيڪو ڪنھن بہ قسم جو نقصان نہ پھچائي ۽ برسات جو پاڻي ان معيار تي سو فيصد پورو اتري ٿو.


چمڙي کي صحتمند بنائيندڙ:

بارش جو پاڻي جسم ۾ شامل ٿيندڙ ڪيميائي مادن کي ختم ڪري ٿو جنھن جو اثر چمڙي تي پوڻ شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو موھيڙن جي روڪ ڪري ٿو ۽ چمڙي کي صحتمند بنائي ٿو.


 معدنيات کان پاڪ:

برسات جي پاڻي ۾ قدرتي طور تي معدنيات گهٽ ٿئي ٿي جنھن جي ڪري معدي جي بيمارين ۽ ٻين مرضن کان ماڻهو محفوظ رھي ٿو.


قلي پي ايڇ Alkaline PH سان سرشار:

برسات جو پاڻي اسان جي وارن ۽ چمڙي لاء گهڻو مفيد ٿئي ٿو ڇوجو ھي عام پاڻيء کان مختلف ٿئي ٿو. برسات جو پاڻي نرم ٿئي ٿو جڏھن تہ عام پاڻي کي سخت سڏيو وڃي ٿو. برسات جي پاڻي کي نرم پاڻي ان ڪري نرم سڏيو وڃي ٿو جو اھو لوڻ ۽ معدنيات کان پاڪ صاف ٿئي ٿو.

سائنسي تحقيق مطابق برسات جي پاڻي کي نرم رکڻ ۾ قلي پي ايڇ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي جيڪا پاڻي کي قدرتي طور نرم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي ان ڪري ھي پاڻي وارن جي افزائش لاء بھترين آھي.


توانائي مھيا ڪندڙ:

برسات جو پاڻي اسان جي جسم کي توانائي فراھم ڪري ٿو ۔ اسان کي سرگرم ڪري ٿو ۽ بي پناھ تندرستي ڏئي ٿو. جيڪڏھن جابول ۽ پاڳلپن جي مريض کي ھي پاڻي روز پياريو وڃي تہ انهن جي ديوانگي ڪافي حد تائين ختم ٿي سگهي ٿي.


نوٽ:

 آلودگي جي ڪري اسان جي فضا گدلي ٿي چڪي آھي ان ڪري جيئن برسات پوي ٿي تہ فضا ۾ موجود مٽي ۔ پولن ۔ گئسون ۔ جيوڙا ۽ مولڊ وغيرھ برسات جي پاڻي ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. ان ڪري پھرين برسات جو پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪجي ۽ جڏھن ٻي برسات وسي ان جو پاڻي پيئڻ ۾ ڪو حرج ناھي.

ھڪ تحقيق مطابق بارش جو پاڻي تيزابيت وارو ٿئي ٿو. برسات جي پاڻي ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي ميل جول سان لڳ ڀڳ 5 کان 5.53 تائين قلي پي ايڇ Alkaline PH اچي وڃي ٿو جو خطرناڪ نٿو ٿئي پر ان ۾ معدنيات مليل ٿئي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment