Monday 21 September 2020

مونار پوپٽ Monarch butterfly 💎اصغر ساگر💎

 


3 ھزار ڪلوميٽرن جي ڊگهي مسافري کان پوء مونار پوپٽ ميڪسيڪو جي جهنگلن ۾ وڻن تي ھڪ پرسڪون ڏينھن گذاري رھيا آھن تہ ڪي اڏري رھيا آھن. ھي پوپٽ ھر سال نومبر جي مھيني ۾ ڪيناڊا ۽ آمريڪا مان لکن جي تعداد ۾ ھجرت ڪري سردين جو مھيني ۾ ميڪسيڪو جي ميچوڪن گرم جهنگلن علائقن ۾ گذارين ٿا جنھن جي ڪري جهنگل جا وڻ بہ نارنگي رنگ ۾ رنگيل نظر اچي رھيا آھن.

مونار پوپٽ خوبصورت ڄاتا وڃن ٿا. انهن کي نارنگي پر ٿين ٿا جن تي ڪارين ليڪن جو سٽاء ھوندو آھي ۽ ڪنارن تي اڇا ٽٻڪا ھوندا آھن. ھي پوپٽ موسم جي لحاظ کان آمريڪا ۽ ڪيناڊا مان ھجرت ڪن ٿا ۽ بھار اچي ڪئليفورنيا ۽ ميڪسيڪو ۾ گذارين ٿا. ھي پوپٽ ھوائي ۔ پورتوگال ۔ اسپين ۔ آسٽريليا ۔ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ پڻ پاتا وڃن ٿا.

ھي پوپٽ ڏينھن ۾ 50 کان 100 ميل سفر ڪن ٿا. ميڪسيڪو جي جنهگلن تائين پھچڻ ۾ ھنن کي 2 مھينا لڳي وڃن ٿا. مونار پوپٽ جي عمر 2 کان 8 ھفتا ٿئي ٿي.

مادي مونار پوپٽ کيرل ٻوٽي جي پنن تي آنا لاھين ٿيون، آنن ۾ لڳلڳدار مادو موجود ھوندو آھي جنھن جي ڪري اھي پنن سان چنبڙيل رھن ٿا. ھڪ مادي مونار پوپٽ ٻن ھفتن کان 5 ھفتن دوران 2 سو کان 3 سو آنا لاھي ٿي. ھفتي کان پوء آنا ٻچ Larva ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا نہ تہ انهن کي سوٻٽ Caterpillars سڏيو وڃي ٿو. سوٻٽن جو ڪم آھي وڌڻ ويجهڻ، ان ڪري اھي گهڻو وقت کائيندي گذارين ٿا. اھي فقط کيرل ٻوٽي Milkweed جا پن کائن ٿا، ان ڪري ئي مادي پوپٽ پنھنجا پھرين آنا کيرل ٻوٽي جي پنن تي لاھين ٿيون. ٻن ھفتن جي کاڌي کان پوء ڪوشواس اسٽيج Pupa stage تي اچي وڃن ٿا جن کي ڪوشيڙا Chrysalis سڏيو وڃي ٿو. ھفتي يا ٻن ھفتن کان پوء اھي پنھنجو روپ بدل Metamorphosis پورو ڪن ٿا ۽ پوري شڪل شبيھ وٺن ٿا ۽ بالغ نارنگي ڪار پٽن پوپٽن جي شڪل وٺن ٿا. ھي پوپٽ مڪمل طور تي زھريلا ٿين ٿا ڇوجو ھي ننڍپڻ کان کيرل جا پن کائن ٿا جيڪي زھريلا ھوندا آھن. ھنن ۾ زھر موجود ھجڻ ڪري پکي پکڻ انهن جي ويجهو نٿا اچن ۽ ھنن کي نٿا کائن، ان ڪري ئي ھي پوپٽ خوف کان آزاد فضائن ۾ جهومن ٿا ۽ بنا ڪنھن خطري جي ھجرت ڪن ٿا.

نومبر ۾ جڏھن ڏينھن ننڍا ٿين ٿا ۽ موسم ٿڌي ٿئي ٿي تہ مونار پوپٽ آمريڪا ۽ ڪيناڊا کي ڇڏين ٿا ۽ اچي ميڪسيڪو جي وچ جبلن جي ميچو جهنگلن ۾ آباد ٿين ٿا. مونار پوپٽ ھن ھجرت ۾ 3 ھزار ميل مسافري ڪن ٿا. جڏھن آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڏينھن وڏا ٿين ٿا ۽ موسم گرم ٿئي ٿي تہ ھي ولرن جي صورت ۾ وري واپس ورن ٿا ۽ مسافري دوران جتي ترسن ٿا اتي آنا لاھين لاھين ٿا ۽ پوء نئين ٽھي ھنن سان سفر ۾ روان دوان رھي ٿي. جڏھن مونار پوپٽ ڪئناڊا يا آمريڪا پھچن ٿا تہ سفر ۾ ھنن جون چار يا پنج پيڙھيون ختم ٿي وڃن ٿيون. مونار پوپٽن جا والد ۔ پڙ ڏاڏا ۔ تڙ ڏاڏا سفر دوران ختم ٿي وڃن ٿا ۽ نئين ٽھي منزل مقصود تي پھچي ٿي. جڏھن مونار پوپٽ ڪئليفورنيا ڏي بھار لاء سفر ڪن ٿا تہ اھي ساحلي جهنگلن تي جڳھون ٺاھي بھار جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا. جيئن بھار اچي ٿي تہ آمريڪا جي جهنگلن ۾ پکڙجي وڃن ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment