Tuesday 1 September 2020

دارچيني Cinnamon Bark 💎اصغر ساگر💎


نالا:

سنڌي ۾ دارچيني يا دالچيني

عربي ۾ قرفہ

اردو ۾ دارچینی

ھندي ۾ دالچيني


خاص نفعو:

رئيس عضون کي


مضر:

مثاني کي


بدل:

ٽج ڪاٺي


مصلح:

اسارون


مقدار خوراڪ:

ھڪ ماشي کان ٻہ ماشا


فعل:

ھي تعفن روڪ ۔ محرڪ ۔ دردن کي سڪون ڏيندڙ ۔ کائيندڙ ۔ دل کي فرحت ڏيندڙ ۔ دماغ کي متحرڪ ڪندڙ ۔ ساھ کي فائدو ڏيندڙ ۔ بلغم کي فائدو ڏيندڙ ۔ معدي کي طاقت ڏيندڙ ۔ آنڊن کي سخت ڪندڙ ۔ مردانا طاقت وڌائيندڙ ۔ حيض جاري ڪندڙ ۽ اعصابي بيماريون ختم ڪندڙ آھي.


ماھيت:

دارچيني جو وڻ وچولي قد جو ڀريل ٿئي ٿو ۽ ڪمال پٽ وڻ کان ٿورڙو وڏو ٿئي ٿو. ھن جي کل ڳاڙھي ڀوري سنهي ۽ خوشبودار ٿئي ٿي. ھن جا پن چار کان ست انچ ڊگها ۽ ٻہ کان ٽي انچ چوڙيدار نوڪدار ٿين ٿا جن تي چار يا پنج انچ ڊيگهاريون ڌاريون نڪرن ٿيون. گل واڱڻائي ننڍا ۽ گول ٿين ٿا. کل سنهي آساني سان ٽٽڻ واري ٿئي ٿي. کل جي مٿان باريڪ لھردار لڪيرون ٿين ٿيون جيڪي اندران ڪاراڻ مائل ۽ خوشبوار ذائقي واريون ٿين ٿيون. ھن جي کل کي دوا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.



اپٽار:

دارچيني ھڪ مزيدار مصالحو آھي جيڪو ھزار سالن کان نہ صرف ڀاڄي ۾ وڌو وڃي ٿو پر ڪيترين دوائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. حڪيم ھن کي قيمتي شين ۾ قرار ڏين ٿا.

دارچيني کل دارچيني وڻ جي ٿڙ کي ڇلي حاصل ڪئي وڃي ٿي. توھان کي بازار ۾ ٻہ دارچينيون ملن ٿيون

اصلي دارچيني Ceylon Cinnamon

عام دارچيني    Cassia Cinnamon

دارچيني گگ کي خوشبودار بنائڻ ۽ ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاء سفوف ۾ شامل ڪئي وڃي ٿي. بلغمي کنگھ ۽ دم کي ختم ڪرڻ لاء ماکي ۾ ملائي چٽرائي وڃي ٿي يا جوشاندي طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. معدي جي ڪمزوري ۔ دستن ۽ پيچش کي دور ڪرڻ لاء مناسب دوائن سان سفوف طور استعمال ڪئي وڃي ٿي.

ھن کي حيض جاري ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھي سيني کي بلغم کان آجو ڪري ٿي ۔ ويسر کي ختم ڪري ٿي ۔ خصين ۾ پاڻي اچڻ کي ختم ڪري ٿي ۔ رعشي کي ختم ڪري ٿي ۔ بک جي گهٽتائي کي دور ڪري ٿي ۽ ڀرتي ۽ پيٽ جي سور کي ھٽائي ٿي. ٻرھل ذقي ۽ لحمي ۾ ھريڙ ڪابلي سان مفيد آھي. تعفن روڪ ھجڻ ڪري انفلوئنزا ۔ نوبتي تپ ۔ ھيضي ۽ وبا ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ سردي جي ڪري بار بار پيشاب اچڻ ۾ مفيد آھي.


دارچينيء جا فائدا:



(1) تڪسيد روڪ Antioxidant:

دارچيني طاقتور تڪسيد روڪ گهڻ۔ڦيڻن Polyphenols 3، 4، 5 سان ڀرپور ٿئي ٿي ۽ ميڊيڪل سائنس جي تحقيق مطابق گهڻ۔ڦيڻن Polyphenols جي وڌيڪ مقدار دارچيني کي ٿوم ۽ اورڳاني کان وڌيڪ حيثيت ڏئي ٿي.



(2) سوزش روڪ Anti-inflammatory:

دارچيني سوزش روڪ  Anti-inflammatory ٿئي ٿي، ھي سوزش سان وڙھڻ واري صلاحيت پيدا ڪري ٿي ۽ زخم کي جلدي ڀرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.


(3) دل جي بيمارين لاء:

دارچيني رت جي چاڙھ تي ضابطو رکي ٿي جن ماڻهن کي شڳر نمونو ٻہ Sugar type 2 آھي اھي روز اڌ ٽوٽي دارچيني کي استعمال ڪن جنھن سان شڳر جي حد کي وچٿري رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. دارچيني پت Cholesterol کي گهٽ ڪري ٿي جنھن سان دل جون بيماريون گهٽ ٿين ٿيون.


(4) نسرو حرڪيرو Insulin harmone:

سائنسي تحقيق مطابق دارچيني جتي شڳر جي حد کي وچٿرورکي ٿي، اتي ھي نسري حرڪيري Insulin harmone کي توانائي ڏئي ٿي ۽ ھي حرڪيرو رنڊڪن کي ختم ڪري شڳر نمونو ٻہ تي جادوئي اثر ڪري ٿو.


(5) ياداشت درست ڪندڙ:

دارچيني ڪيترين دماغي بيمارين لاء مفيد آھي ۽ ياداشت کي بھتر بنائي ٿي.


(6) ڪينسر کان بچائيندڙ:

طبي تحقيقن مان ثابت ٿي چڪو آھي تہ دارچيني ایکسٹریکٹس کینسر جھڙي خطرناڪ مرض کان بچڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھي ڪينسر جي گهرڙن کي جسم ۾ وڌڻ نٿي ڏئي ۽ ڪينسرزدھ گهرڙن کي ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار دا ڪري ٿي.


(7) فنگي Fungal ختم ڪندڙ:

دارچيني ۾ دارچوھري Cinnamaldehyde جي ھڪ وڏي مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا فنگي جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڇوتن کي ختم ڪري ٿي 


(8) جيوڙن Bacterias کي ختم ڪندڙ:

دارچيني خاص طور تي جيوڙن لسري Listeria ۽ سلومي Salmonella جي خاتمي ۾ مفيد ثابت ٿئي ٿي. ھي ڏند جي درد کي تحليل ڪري ٿي ۽ وات مان بدبو جو خاتمو ڪري ٿي.


(9) ايڇ آء وي وائرس HIV virus کي ختم ڪندڙ:

ماھرن مطابق ايڊز HIV virus جھڙي وائرس سان وڙھڻ ۾ ڪارائتي دوا آھي جيڪا جسم ۾ گهرڙبدليت Metabolism وڌائي ٿي ۽ جسم ۾ قوت مدافعت Immunity پيدا ڪري ٿي.


(10) جسمانی طاقت ڏيندڙ:

دارچيني جو باقائدي استعمال جسم جي اندروني طاقت کي وڌائي ٿو ۽ مرد کي ڪمزور ٿيڻ نٿي ڏئي.


نوٽ:

عام دارچيني يا اصلي دارچيني کي گهڻو استعمال نہ ڪجي ڇوجو جيڪڏھن ھي وڌيڪ استعمال ڪبي تہ جيري ۽ دل کي نقصان پھچندو.

ھن کي ڀاڄي ۾ سڄو استعمال ڪجي جيئن ڀاڄي ۾ ان جو جوھر اچي وڃي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment