Wednesday, 19 December 2018

Witches wind ڏائڻيون ھوائون | علي مردان راھوجو

MyDairyAsgharSagar
 ڏائڻيون هوائون   Witches winds
علي مردان راھوجو
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
منھنجو هڪ پوليس آفيسر دوست منهنجي آبائي ضلعي خيرپور ۾ ٻہ سال پوسٽنگ تي رهيو. هڪ ڀيرو ملاقات دوران ٻڌايائين تہ هونء تہ خيرپور ضلعو امن امان جي معاملي ۾ بدنام آهي پر گرمين جي مهينن خاص طور تي جڏهن جهولو لڳندو آهي تہ جهيڙا ، فساد، چوريون ، اغوائون وڌي وينديون آهن.. مان چيومانس تہ ظاهر آ جيڪڏهن زمين تپندي مزاج تہ گرم ٿيندو نہ..

پر مان گهڻن ملڪ ۾ وڃي ڪري ۽ اتان جي موسمن ۽ مزاجن   جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري ڏٺو تہ اتي بہ سال جي ڪجه مھينن ۾ اهڙي هوا گهلندي آهي جو ماڻهو زندگي مان بيزار ٿي يا خودڪشيون ڪندا آهن يا تمام گهڻو جذباتي aggressive ٿي پاڙي اوڙي جو سڪون ڦٽائي ڇڏيندا آهي. اهڙين موسمي تبديلين کي عالمي اصطلاح ۾ ڏائڻيون هوائون witches winds چوندا آهن.  

اهڙي هوا سئزرلينڊ جي الپ Alps جبلن مان جرمني ۽ سئزرليڊ جي ميداني علائقن ڏانهن  بهار جي آمد دوران گهلندي آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ اتي جهيڙا ، فساد، خودڪشيون، ٽرئفڪ حادثا معمول کان وڌي ويندا آهن. ان هوا کي Foehen Blows چوندا آهن ۽ جيڪي ماڻهون ان مان متاثر ٿيندا آهن انهن کي Foehen patient چوندا آهن.

اهڙي ڏائڻ هوا فرانس ۾ سخت سياري ۾ گهلندي آهي جنھن کي Mistral Wind چوندا آهن. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ بہ اهڙي هوا بهار جي شروعات ۾ گهلندي آھي جنھن کي Chinook چوندا آهي. اٽلي ۾ اهڙي هوا کي Sirocco ۽ وچ اڀر ۾ اهڙي هوا کي Sharav چوندا آهن.

اھڙن هوائن گهلڻ سان ماڻهن جا موڊ ۽ مزاج بلڪل تبديل ٿي ويندا آهن ۽  هرڪو پيو جهيڙو جهيڙو ڪندو آهي..
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/12/witches-wind.html

Tuesday, 18 December 2018

Milk tea - a remedy for Glaucoma. کير واري چانھن ڪاري موتيي جو علاج | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
Milk tea - a remedy for Glaucoma.
کير واري چانھن ڪاري موتيي جو علاج
اصغر ساگر
-------------
چانھن جسم تي بھترين اثر مرتب ڪري ٿي جيڪڏھن روز ماڻھو ٻن ڪوپن کان وڌيڪ نہ پيئجي ۽ چانھن ڪڙڪ نہ ھجي ڇوجو ڪڙڪ چانھن فائدي بجاء بيمارين جي ور چاڙھي سگهي ٿي ايتري قدر جو شڳر بيماري ڏيئي سگهي ٿي ۽ اولاد وارن جزن کي ختم ڪري سگهي ٿي. نيراني خالي چانھن نہ پيئجي نڪي بسڪيٽن يا ڊبل روٽي سان استعمال ڪجي ڇوجو پيٽ ۾ ڪيڙا ٿي سگهن ٿا ۽ اڳتي ھلي معدي جا مسئلا پيدا ٿيندا. صبح جو بھترين طريقو آھي تہ چانھن ماني سان کائجي يا ماني کان پوء چانھن پيئجي ائين جسم کي ٻل رھندو ۽ چستي ڦڙتي رھندي. ڪوشش ڪري ھوٽلن جي چانھن کان پرھيز ڪجي ڇوجو اھي ملاوٽدار پتي استعمال ڪن ٿا ۽ ھنڍي سڄو ڏينھن ٻڙڪندي رھي ٿي نتيجي طور ان مان نڪرندڙ زھريلا مادا ۽ زھريلا ڌاتو بيمار ڪري سگهن ٿا.
آمريڪا جي طبي ماھرن جي تحقيق مطابق روزانو گرم چانھن پيئڻ سان ڪاري موتيي جي مرض ٿيڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا. آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي تحقيق ۾ ھي ڳالھ سامهون آئي آھي تہ جيڪي روزانو گرم چانھن پيئن ٿا اھي ٻين ماڻھن جي مقابلي ۾ اکين جي وڏن مرضن جيئن انڌائپ ۽ ڪاري موتيي جي مرض ۾ مبتلا تمام گهٽ ٿين ٿا. تحقيق ۾ چانھن پيئندڙ ماڻھن کي شامل ڪيو ويو. ماھرن مطابق اھڙن ماڻھن ۾ ڪاري موتيي جا امڪان 74 سيڪڙو گهٽ نظر آيا. پروفيسر ڪولمين مطابق ڪارو موتيو خطرناڪ مرض آھي جنھن جو ھن مھل تائين ڪوبہ علاج دريافت ناھي ٿي سگهيو پر گرم چانھن جي پيئڻ جا فائدا ڏسي خود ٽيم دنگ ٿي وئي.
چانھن ٺاھڻ جو طريقو :-
کير ۾ پاڻي ملائي گرم ڪجي. ان ۾ پوري پتي وجهجي. جڏھن چار کن ٻڙڪا اچن تہ کنڊ ملائجي. گهمائي چانھن کي جلد لاھجي. ھي چانھن ذائقي ۾ بھترين ٿئي ٿي. ھڪ وقت چانهن جي پتي ۔ کير ۽ کنڊ ملائي چانھن ٺاھڻ سان بي مزو ٿي وڃي ٿي ۽ صحت کي نقصان ڏئي ٿي.

Botox بوٺوک | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 Botox     بوٺوک ۔ بوٺ زھر
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
بوٺ زھر Botulinum toxin جنھن کي بوٺوک Botox بہ چيو وڃي ٿو. اھو دنيا جو مشھور ترين ۽ سڀ کان خطرناڪ زھر آھي جيڪو Clostridium botulinum  بوٺول بيڪٽيريا مان پاتو وڃي ٿو. ان جا اٺ حصا ڪري يعني اي کان ايڇ تائين تقسيم ڪيو وڃي ٿو. بوٺوک Botox کي ميڊيڪل ۾ مشڪن جي حالتن muscular condition ۔ گهنجن wrinkles کي ختم ڪرڻ ۽ فالجي مشڪن paralyzing muscles لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهي کي عصبي زھر Neurotoxin مان ٺاھيو وڃي ٿو جنھن کي بوٺ زھر Botulinum toxin سڏجي ٿو جنھن کي ھڪ بوٺول بيڪيٽيريا  Bacterium Clostridium botulinum مان جوڙيو وڃي ٿو. پھرين ڪجھ حصن مان دوائون ٺاھيون وڃن ٿيون پر سڀ کان خطرناڪ حصو ايڇ آھي.
جيڪڏھن بوٺوک Botox رت ۾ شامل ٿي وڃي يا ساھ ذريعي ڦڦڙن ۾ شامل ٿي وڃي تہ موت يقيني ٿي وڃي ٿي. بوٺوک Botox عصبي زھرن Neurotoxin  جي سگنلن کي روڪي ٿو جنھن جي ڪري عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا. ڪاسميٽڪ ۾ بوٺوک Botox جو تحليلي بنيادن تي تمام گهٽ کان گهٽ مقدار انجيڪشن ذريعي لڳايو وڃي ٿو جنھن سان چھري جا گهنج ختم ٿي وڃن ٿا پر ھي ايتري مقدار گهٽ ھوندو آھي جو ان عضوي تائين محدود ھوندو آھي ۽ سڄي جسم ۾ نٿو پکڙجي، ان ڪري بوٺوک Botox کي ڪاسميٽڪس ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت آھي.
 بوٺ زھر Botulinum toxin ايڇ جو محض 4 گرام 40 لک انسانن کي فنا ڪرڻ لاء ڪافي آھي. جيڪي چون ٿا تہ 4 گرام بوٺوک Botox سان سڄي دنيا جا انسان مري سگهن ٿا اھي مغالطي ۾ آھن. جيڪڏھن بوٺوک جي ھڪ گرام جا 1000حصا ڪيا وڃن تہ ھر ھڪ حصو ملي گرام سڏرائيندو ۔ جيڪڏھن ھڪ ملي گرام جا 1000 حصا ڪيا وڃن تہ ھر ھڪ حصو نينو گرام سڏرائيندو. 2 نينو گرام ھڪ ماڻهو کي مارڻ لاء ڪافي آھن.
بوٺوک Botox سڌو سنئون اعصاب تي اثر ڪري ٿو ۽ اعصاب ۾ داخل ٿي اھم پروٽينن کي تباھ ڪري ٿو جنھن جي ڪري عصبن Neurons ۽ اوڄن Tissues ۾ رابطو ڪٽجي وڃي ٿو ۽ انسان موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ان ڪري بوٺوک Botox جو پاڻي ۾ اربون حصو ڪري ھڪ حصي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. بوٺوک Botox ست قسمن جي خوبين تي ٻڌل ٿئي ٿو ۽ ان جي استعمال جا مقصد بہ الڳ آھن. ھي ايترو خطرناڪ آھي جو صرف عسڪري ادارن ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ ھن جي ھڪ ڪلوگرام جي قيمت ھڪ ھزار کرب پائونڊ آھي.ان ھوندي بہ بوٺوک Botox جي گهرج ۾ کوٽ ناھي آئي ۽ ماڻهو اڄ بہ چھري تي سئي لڳرائڻ لاء وڏي رقم ڏيڻ کان مڙن نٿا.

بوٺوڪ انجيڪشن :-
بوٺوک اعصابي نظام تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ پٺاڙن تائين اعصاب کان اچڻ وارا پيغام نٿا پھچن جنھن جي ڪري چھري جا پٺا پرسڪون ٿي وڃن ٿا ۽ آھستي آھستي انهن جي فعاليت وڌي وڃي ٿي. بوٺوڪ جو اثر ٻن يا ستن ڏينھن ۾ نظر اچڻ لڳي ٿو. متاثر جڳھ ھموار ٿيڻ لڳي ٿي ۽ گهنج آھستي آھستي ختم ٿيڻ لڳن ٿا. دوائن جي مقابلي ۾ بوٺوڪ انجڪشن زيادھ اثردار ۽ ڪامياب آھي.
ھي انجيڪشن چھري جي گهنجن کي دور ڪري خوبصورتي بخشي ٿي. ھن جي استعمال سان چھري تي نظر ايندڙ وڏي عمر وارا اثر ختم ٿي وڃن ٿا ۽ توھان دلڪش ۽ حسين نظر اچڻ لڳو ٿا. بوٺوک کي گهڻي قدر مٿي تي پيل لڪيرن ۽ اکين جي چوڌاري لڪيرن کي ختم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن کي ڀرن جي وچ ۾ پيل گهنجن کي دور ڪرڻ لاء پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سج جي روشني يا ڪشش ثقل جي ڪري پوندڙ گهنج بوٺوک جي استعمال سان ختم نٿا ٿين پر چپن ويجهو پوندڙ لڪيرن کي ۽ چيلھ جي گهنجن کي ختم ڪرڻ لاء بوٺوک مفيد آھي.
بوٺوک لڳرائڻ جو عمل سادو آھي ھن کي لڳرائڻ لاء متاثر جڳھ کي سن ڪرائڻ جي ضرورت نٿي پوي ھڪ انتھائي باريڪ ٽڪي ذريعي بوٺوک کي پٺن ۾ لڳايو وڃي ٿو جتي گهنج ٿين ٿا ۽ لڳرائڻ کان پوء تڪليف بہ برداشت جھڙي ٿئي ٿي ۽ 7 ڏينھن ۾ اثر ظاھر ٿي وڃي ٿو.

ھن جي استعمال کان پھرين ڪھڙين ڳالهين جو خيال ڪرڻ کپي :-

جيڪڏھن ڪو ماڻھو اسپرين يا آئبوپروفين کائيندڙ ھجي تہ ان ڳالھ جو امڪان آھي تہ انجڪشن واري جڳھ تي زخم يا رڳڙ جو نشان پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اتان رت وھڻ لڳي ٿو ڇوجو ھي دوا خون کي پٽڙو ڪري ٿي ۽ وھڪ ۾ تيزي پيدا ڪري ٿي. ان ڪري رت جي وھڻ جا امڪان رھن ٿا. جيڪڏھن ڪو ماڻھو بوٺوک جي انجيڪشن لڳرائڻ چاھي ٿو ان کي کپي تہ 2 ھفتا پھرين انهن دوائن جو استعمال روڪي ڇڏي.
جيڪڏھن ڪو ماڻھو مڇي جي تيل جا ڪيپسول يا وٽامن اي کائي رھيو آھي تہ ان کي کپي تہ پھرين پنھنجي معالج سان مشورو ضرور ڪري.
ھن انجيڪشن کي لڳرائڻ کان پھرين گهٽ ۾ گهٽ ھفتو اڳ نشي وارين شين ۽ نشي وارين شين کان پري رھڻ کپي. پيٽ وارين عورتن ۽ کير پيئاريندڙ مائرن کي انجيڪشن لڳرائڻ کان پرھيز ڪرڻ کپي.
بوٺوک کي لڳرائڻ کان پھرين چمڙي جي ماھر کان مشورو وٺجي.

بوٺوڪ انجيڪشن لڳڻ کان پوء جو اثر :-

ھن انجيڪشن جو اثر 4 کان 6 مھينا اثر ھلي ٿو. ھن انجيڪشن کان پوء وقت سان گڏ پٺن ۾ وري ڇڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ گهنج وري ظاھر ٿي سگهن ٿا. ھي گهنج پھرين کان گهٽ ٿي وڃن ٿا. بوٺوک جو اثر ھر ماڻھو جي چمڙي مطابق ٿئي ٿو ڇوجو ھر ماڻھو جي چمڙي مختلف ٿئي ٿي ان ڪري ھر ماڻھو وٽ الڳ نموني اثر ٿئي ٿو ۽ ٻيھر بوٺوک انجيڪشن لڳرائڻ جو فيصلو ماڻھو تي ٿئي ٿو. انجيڪشن لڳڻ کان پوء پٺن جو مفلوج ٿيڻ ۔ چھري جو فالج ۔ مٿي جو سور ۔ ڳيھڻ جي تڪليف ۔ حساسيت ۔ اکين جي ڳاڙھاڻ ۔ ماڻڪين جو ڍرڪي پوڻ ۔ اکين جي خشڪي جھڙا عارضا ڪر کڻي سگهن ٿا ان سان گڏ انجيڪشن لڳڻ کان پوء جڳھ تي ڳاڙھاڻ ۔ زخم جو ٺھڻ ۔ زخم مان رت وھڻ ۔ سوزش ۽ درد جھڙا عارضا پيدا ٿي سگهن ٿا.

ھلندڙ
بوٺوک                                                       Botox
بوٺ زھر                                 Botulinum toxin
Clostridium botulinum        بوٺول بيڪٽيريا 
مشڪن جون حالتون           Muscular condition
گهنجن                                               Wrinkles
فالجي مشڪون                  Paralyzing muscles
Bacterium Clostridium botulinum
بوٺول بيڪيٽيريا
Neurotoxin                          عصبي زھر
عص                                           Neurons
اوڄن                                             Tissues

https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/11/botox-by-asghar-saghar.html?m=1

ورقي غدود Thyroid Gland | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

ورقي غدود         Thyroid Gland
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسان جي جسم ۾ مختلف غدود ٿين ٿا جيڪي اسان جي صحت ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ھڪ غدود اسان جي ڳلي ۾ ٿئي ٿو جنھن کي ورقي غدود Thyroid Gland چيو وڃي ٿو. ٻين غدودن وانگر مخصوص قسم جو ھارمون تيار ڪري ٿو جنھن جو بنيادي ڪم غذائن مان حاصل ٿيندڙ جسماني توانائي کي مخصوص حد تائين اندر رکي ٿو. ٻين لفظن ۾ ورقي غدود پنھنجي ھارمون جي پيداوار ذريعي گهرڙ بدلائيت Metabolism کي جسم جو حصو بنائڻ جي عمل کي ضابطي ۾ رکي ٿو.
ورقي غدود Thyroid gland  ڀنڀوري وانگر ھڪ ننڍو غدود ٿئي ٿو جيڪو ڳلي جي اڳئين حصي ۾ ڪنٺ وانگر ھيٺ پاتو وڃي ٿو. ٻن حصن تي مشتمل ھي غدود ھوا جي نالي جي چوپاسي پاتو وڃي ٿو. غدود جو وزن ھڪ اونس کان گهٽ ٿئي ٿو. ھي ورقي غدود جسم جي ورقي سرشتي Endocrine system جو حصو آھي جيڪو مختلف عضون ۽ بافتن تي مشتمل ٿئي ٿو جن جو ڪم ھارمون يا ڪيميائي مرڪب تيار ڪرڻ ۔ جمع ڪرڻ ۽ انهن کي سڌو سنئون رت ۾ منتقل ڪرڻ آھي.
ورقي غدود ننڍن ننڍن ڳوڙھن وانگر غدودن تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو گهاٽي رس سان ڀريل ھوندو آھي جن ۾ ورقي ھارمون ٿين ٿا انهن ھارمونن ۾ وافر مقدار ۾ آيوڊين Iodine  ٿئي ٿو. ائين سمجهجي تہ اسان جي جسم ۾ آيوڊين جي 80 سيڪڙو مقدار ورقي غدود ۾ پاتي وڃي ٿي. غذا ۾ آيوڊين جي کوٽ ورقي غدود جي وڌڻ يعني ڳوڙھن جو سبب بنجي ٿي. ٻارن ۾ آيوڊين جي کوٽ ھارمون جي ڪارڪردگي متاثر ڪري ٿي. ان کي آيوک يا آيوڊين جي کوٽ (عدم نمو) Cretinism جي بيماري ٿي وڃي ٿي جنھن ڪري جسماني ۔ ذھني ۽ جنسي نظام پوري طرح نشونما نٿو پائي.
جھڙي طرح ايڪسيلريٽر انجڻ جي رفتار کي قابو ۾ رکي ٿو اھڙي طرح ورقي ھارمون انساني بدن ۾ گهرڙ بدل ڪيميائي رد عمل Metabolic chemical reaction جي شرح برقرار رکن ٿا. ھي ھڪ ڪيميائي رد عمل آھي جنھن جي ذريعي غذا نہ صرف توانائي پر نون اوڄن (بافتن) Tissues ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ورقي ھارمون بافتن جي تعمير ڪندي ۔ پراڻن بافتن جي تعمير ڪندي ۔ دل جي ڌڙڪن تي اثرانداز ٿيندي ۔ ڏورن ۾ توانائي ۽ جسم ۾ گرمي جي پيداوار کي برقرار رکن ٿا.
 ورقي غدود اسان جي جسم ۾ ٻيا بہ اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿو مثال طور ھي جيري کي خون جي رطوبت مان چرٻاڻ Triglyceride  جي وافر مقدار ۽ چرٻ پت (شحمي لحميہ) يعني لپروٽين LDL جنھن کي خراب پروٽين سڏيو وڃي ٿو ان کي خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
پت Cholesterol  پھرين صفرا ۾ منتقل ٿئي ٿي ۽ ان کان پوء پائخاني ۾ شامل ٿي وڃي ٿي ان ڪري ورقي ھارمون جي تمام گهٽ مقدار چرٻ پت (خراب پت) LDL جي اضافي ۽ ٺوس پت (سٺي پت) HDL جي ڪمي جو سبب بنجي ٿي.
ورقي ھارمون غذائي نالي ۾ ھضم ٿيندڙ رسن جي نيڪال کي تيز ڪرڻ ۽ عضلاتي (دلي) ريشن ۾ ٿيندڙ پاڻ پڻ حرڪت (حرڪت دودي) يعني غير ارادي حرڪتن کي وڌائن ٿا. ان ڪري ورقي ھارمونن جي گهڻائي آنڊن کي مسلسل حرڪت ڏيڻ جي ڪري دست لڳڻ ۽ ان جي کوٽ قبض جو سبب بنجي ٿي.
ورقي غدود کي قابو ۾ رکڻ جو عمل دماغ جي پوئين حصي
مغزي مرڪزي يا تنتي مرڪزي Hypothalamus کان شروع ٿئي ٿو. جڏھن مغزي مرڪزي کي خبر پوي ٿي تہ رت ۾ ورقي ھارمون جي ضرورت آھي تہ ھي دماغ جي کار (اساس) ۽ مٿئين حصي ۾ واقع جهاڳ غدود Pituitary gland کي پيغام ڏئي ٿو نتيجي ۾ اھو ڪيترائي ھارمون جوڙي ٿو جيڪي جسم ۾ سفر ڪن ٿا ۽ يقيني مرحلن کي اڳڀرو ڪن ٿا يا ٻين غدودن کي ٻيا ھارمون ٺاھڻ لاء اڀار ڏين ٿا.

ورقي ھارمونن جي ڪارڪردگي :- 
ورقي ھارمونن کي T3، T3 (ريورس T3) ۽ T4 جو نالو ڏنو ويو آھي. T3 ۽ RT3 ٻئي ھارمون T4 ھارمون مان حاصل ڪيا وڃن ٿا. ھارمونن جي ھي منتقلي بنيادي طور تي ورقي غدود کان ٻاھر جسم جي بافتن Tissues ۾ واقع ٿئي ٿي. ان لاء جڏھن اسان جي جسم کي ورقي ھارمونن جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي تہ ورقي ھارمون رت ۾ T4 ھارمون خارج ڪري ٿو. اھڙي طرح T4 ۽ ان مان بنجندڙ ٻيا ھارمون جسم جي مختلف گهرڙن تائين پھچي وڃن ٿا.

ورقي غدود جو وڌ يا گهٽ ٿيڻ :-
ورقي غدود ڪڏھن ڪڏھن وڌيڪ فعال ٿي وڃن ٿا ۽ وڌيڪ مقدار ۾ ھارمون تيار ڪرڻ لڳن ٿا ان صورتحال کي ورقي چاڙھپڻو Hyperthyroidism چيو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن ورقي غدود گهٽ ھارمون خارج ڪري ان ڪيفيت کي ورقي لاٿپڻو Hypothyroidism چئبو آھي. پھرين ڪيفيت ۾ 2 سيڪڙو مرد ۽ عورتون مبتلا ٿين ٿيون ۽ آخري ڪيفيت ۾ 2 سيڪڙو عورتون ۽ مرد مبتلا ٿين ٿا. ھارمونن جي وڌيڪ پيدا ٿيڻ يا ھارمونن جي گهٽ پيدا ٿيڻ جي ڪري ورقي غدود ٻن بيمارين جو شڪار ٿئي ٿو.
(1) ورقي چاڙھ                         Hyperthyroid
(2) ورقي لاٿ                            Hypothyroid

(1) ورقي چاڙھ                         Hyperthyroid
جيڪڏھن ورقي ھارمون پاڻ پڻ سرشتي تحت وڌيڪ ھارمون ٺاھي ان بيماري کي ورقي چاڙھ Hyperthyroid چئبو آھي. ورقي چاڙھ Hyperthyroid کان 50 ماڻھن مان ھڪ متاثر ٿئي ٿو ۽ ھي خرابي عمر جي ڪنھن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿي. ورقي غدود جي وڌيڪ فعال ٿيڻ سان ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا. دراصل سببن کي جاچڻ لاء رت جي جاچ ۽ اسڪيننگ جي ضرورت پوي ٿي. ھن بيماري جي اصلي وجھ ھي آھي تہ ورقي غدود خود پنھنجو ٽشو کي ڪو ٻاھريون حملي آور وائرس يا بيڪيٽيريا سمجهي ان تي حملو ڪري ٿو. ماھر ھن مھل تائين اھو سمجهي نہ سگهيا آھن تہ اسان جو جسماني نظام اھڙي قسم جي غلطي ڇو ٿو ڪري. دفاعي نظام جي ھن غلطي جي ڪري ڪيتريون بيماريون لاحق ٿي وڃن ٿيون جن کي اسان پاڻ پڻ بيماري Autoimmune disease چئون ٿا. ان بيمارين جي ڪري ورقي غدود وڌيڪ متحرڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ھارمون جي پيداوار حد کان وڌي وڃي ٿي. جيڪڏھن ورقي غدود سان ڳڙ يا ڳوڙھو ھجي تہ اھڙي صورت ۾ ورقي غدود وڌيڪ ھارمون ٺاھڻ شروع ڪري ٿو. ڪڏھن ڪڏھن دوائن کائڻ سان ھي شڪايت ٿي وڃي ٿي.

ورقي چاڙھ جون نشانيون :-
جسماني وزن جو گهٽ ٿيڻ.
دل جي ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ.
جسم ۾ ٿرٿراھٽ يا ڏڪڻي.
گهڻو پگهر اچڻ.
گرمي ناقابل برداشت ھجڻ.
بي چيني فڪر تشويش ۾ مبتلا ٿيڻ.
ڏورن جو ڪمزور ٿيڻ.
ڳلي ۾ ڳڙ ٿيڻ.
ڪپڙن ۾ بي قائدگي.

(2) ورقي لاٿ                            Hypothyroid
جيڪڏھن ورقي ھارمون پاڻ پڻ سرشتي تحت گهٽ ھارمون ٺاھي ان بيماري کي ورقي لاٿ Hypothyroid چئبو آھي. 
جيستائين ورقي لاٿ Hypothyroid جو تعلق آھي ھي خرابي مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ھي بيماري 40 سالن جي عمر کان پوء ڏٺي وئي آھي. ھن جي ڪري رت ۾ پت Cholesterol جي سطح وڌي وڃي ٿي جنھن جي ڪري دل جي بيماري جو خطرو وڌي وڃي ٿو. جيئن عمر ۾ اضافو ٿئي ٿو ھن بيماري جا اھڃاڻ ڪر کڻن ٿا. ضرورت کان وڌيڪ ورقي ھارمون جي پيداوار خاص ڪري انهن عورتن ۾ ٿئي ٿي جيڪي سن ياس جي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃن ٿيون. جسم کي بيمارين کان بچائڻ وارو قدرتي مدافعتي نظام ڪمزور ھجي يا ان جي ڪري جسم کي بيمارين کان بچائڻ وارو قدرتي مدافعتي نظام ڪمزور ھجي يا ان جي ڪري ورقي غدود جي قريب  يا ان کان پري جا عضوا متاثر ٿين تہ ورقي غدود مان تمام گهٽ ھارمون خارج ٿين ٿا. ورقي غدود جي غير فعال ٿيڻ جي ٻين سببن ۾ ضرورت کان وڌيڪ فعال ورقي غدود جي علاج ۾ بي اعتدالي ۽ جينياتي بيماريون مثال ڊائونس يا  ٽرنرز سنڊروم شامل آھن.

ورقي لاٿ جون نشانيون :-
ٿوري دير کان پوء ٿڪ محسوس ڪرڻ.
ننڊ اڏري وڃڻ.
ويسر ٿيڻ.
ڪنھن ڳالھ تي ذھن مرڪوز نہ ٿيڻ.
وارن ۔ چمڙي ۽ ننھن جو خشڪ ٿيڻ.
جسماني وزن ۾ اضافو.
دل ٻڏڻ.
افسوس ۾ رھڻ.
ماندگي ھجڻ.
قبض.
صنفي خواھش جي کوٽ.
ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي.
پيرن ۾ سوڄ ٿيڻ.
ڳلو ويھڻ.
ٿڌ برداشت ڪري نہ سگهڻ.
چھري ۽اکين تي سوڄ.
حيض وڌيڪ اچڻ.

ورقي غدود جي ٽيسٽ :-
غذا ۾ آيوڊين جي کوٽ - جسماني ۽ ذھني دٻاء موروثي نقص - وبائي مرض - جسم جي مدافعت کي سست ڪندڙ بيمارين - دوائن جي مضر اثر ۽ ڳلي جي ڳوڙھ تي ڌيان ڏيڻ کپي جيڪو ڪينسر جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿو.
ماڻھو راء رکن ٿا ورقي غدود جي مرض جي تشخيص لاء ڪيتري دير بعد ٽيسٽ ڪرائڻ کپي پر ٻار جي جلد ٽيسٽ ڪرائڻ کپي ڇو جو ٻار جي ٽيسٽ اھميت رکي ٿي. جيڪڏھن طبي معائنو ظاھر ڪري ٿو تہ ورقي غدود جي ڪارڪردگي ناقص آھي تہ عام طور تي رت جي پاڻيٺي حصي يا سيرم ۾ پاتي ويندڙ پروٽين جي ٽيسٽ ڪئي وڃي ٿي جيڪا ورقي غدود تي حملو ڪري ٿي. پر جي ٽيسٽ مان پتو پوي ٿو تہ ورقي ھارمون جي افزائش وڌيڪ ٿي رھي آھي تہ ٿائيرائيڊ جي اسڪيننگ ڪرائي وڃي ٿي پر ھي ٽيسٽ پيٽ واري عورت ۽ کير پياريندڙ عورت ڪرائي نٿي سگهي. ورقي غدود ۾ ننڍڙن ننڍڙن ڳوڙھن جو موجودگي جي صورت ۾ ڳوڙھن جو مواد کڻي ان جي بائي اوپسي ٽيسٽ ڪرائي وڃي ٿي تہ جيئن معلوم ٿئي تہ ڳوڙھو خطرناڪ تہ  ناھي.

علاج :-

(1) نسخو :-
سرنھن وڻ جو ٻج     100 گرام
ماکي                  50 گرام
سرنھن جي ٻج کي ڪٽي پائوڊر ڪري ماکي ملائي رکجي.
چمچو صبح شام
2 مھينن تائين استعمال ڪجي.
ھي ورقي غدود جو بھترين نسخو آھي بقول حڪيم شھزاد ملڪ ھي نسخو ھن جو ڪيترائي دفعا آزمايل آھي. ڳلي تي ڳوڙھا ڇا بدن جا ڳوڙھا بہ لھي وڃن ٿا انهن مان ڪي اھڙا مريض ھئا جن کي ڊاڪٽرن آپريشن جو مشورو ڏنو پر ھن دوا انهن کي مڪمل فائدو ڏنو.
ھلندڙ

Monday, 17 December 2018

Vitamin D وٽامن ڊي | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 ”وٽامن ڊي    Vitamin Dylan
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسان جو جسم 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو رھي ٿو. گڏ گڏ اسان جي جسم ڪروڙين گهرڙا سرگرم رھن ٿا جن کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي وٽامن انهن گهرڙن جون خوراڪ پوريون ڪن ٿيون. وٽامن انهن گهرڙن کي توانائي مھيا ڪن ٿيون جن جي ڪري جسم جو فعل جاري رھي ٿو ۽ زندگي جو ڪاروھنوار ھلي ٿو. وٽامن ڪيميائي مرڪب ۽ اھم غذائي ضرورت آھن جيڪي گهرڙن جي ضرورت پوري ڪنديون رھن ٿيون. جيڪڏھن جسم ۾ وٽامنن جي کوٽ ٿي وڃي تہ انساني جسم بيمارين جي ور چڙھي سگهي ٿو. جسم ۾ جتي ھر وٽامن ڪم ڪري ٿي اتي وٽامن ڊي بہ پنھنجو ڪردار نڀائي ٿي. وٽامن ڊي جسم جي عضون ۔ پٺن ۔ ھڏين ۽ ڏندن کي مضبوط ڪري ٿي اتي دل ۔ بڪين ۔ ڦڦڙن ۔ تلي ۽ جيري کي مضبوطي ۽ تحفظ فراھم ڪري ٿي.
وٽامن ڊي ھڪ خاص قسم جي ڪيلٺو ھارمون calcitriol ۾ تبديل ٿي اسان جي جسم جي مدافعتي سرشتي کي متحرڪ ڪري ٿي. وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ وٽامن سي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. وٽامن ڊي جي غيرموجودگي ۾ وٽامن سي بغير جذب ٿيڻ جي جسم مان نڪري وڃي ٿي.
وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ ھارمون وانگر ڪم ڪري ٿو ۽ جسم جي ھر گهرڙي پنھنجي پھچ کي يقيني بنائي ٿي ۔ وارن ۔ اکين ۔ دل ۔ بڪين جيري ۽ ھڏيون ھي سڀ وٽامن ڊي گهرن ٿيون.
هي حياتين اسان جي هڏن جي بناوت لاءِ نھايت ضروري آهي. اها مڇي، کير، ڏهي ڪريم، پنير، مکڻ ۽ آنن ۾ ملي ٿي.
اها حياتين اسان جي کل کي اس جي بنفشي شعاعن Ultra violete Rays  جي عمل سان ٺاهي ٿي.
وٽامن ڊي ننڍڙي ٻار کان وٺي پوڙهي ماڻهو تائين هر عمر لاءِ ضروري آهن. وٽامن ڊي ٻارن ۾ هڏين جي نشونما ڪري ٿي. جديد تحقيق موجب وٽامن ڊي انساني هر حصي جي نشونما لاءِ ضروري آهي. هن جي وڌيڪ مقدار اسان کي ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچائي سگهي ٿي. وٽامن ڊي گھڻي ڄمار تائين هَڏَ مضبوط ۽ صحيح سلامت رکي ٿي. جيڪڏھن ماڻھو پاڻ کي مضبوط رکڻ چاھي تہ پنهنجي غذا ۾ ڪئلشم ۽ وٽامن ڊي جو گھربل مقدار حاصل ڪندو رھي. وٽامن ڊي جا وسيلا ھي آھن جن جي ذريعي وٽامن ڊي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
اُسَ (سج جي روشني)
چرٻي يا تيل واري مڇي
وٽامن ڊي مليل کاڄرو شيون
وٽامن ڊي واريون غذائي دوائون
19 کان 70 سالن جي ڄمار جي فردن کي روزانو 600 انٽرنيشنل يونٽ (600 IU) وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ کپن.
جسم ۾ ڪئلشيم جي سرشتي لاءِ وٽامن ڊي جو هئڻ بہ لازمي اهي. جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، هڏين ۾ ڪئلشيم جو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري انهن ۾ لچڪ گهٽجي ويندي اهي. انهيءَ ڪري پوڙهن جا هڏا آسانيءَ سان ٽٽي پوندا آهن. پوڙھائپ ۾ پوڙھن کي ڪئلشم جو استعمال ضروري ڪرڻ کپي.
طبي ماهرن جي تحقيقي رپورٽ ۾ ٿولھ جو شڪار ماڻهو وٽامن ڊي جي گهٽتائي جو شڪار ٿين ٿا. ماهرن مطابق جڏهن رت ۾ وٽامن ڊي جو مقدار مناسب هوندو آهي ته هارمونز "ليپي ٽن" پيدا ٿيندي آهي، جيڪو دماغ کي معدي جي خالي هجڻ يا ڀريل هجڻ بابت آگاهي ڏيندو آهي، ٿولھ جو شڪار ماڻهو ان هارمونز جي گهٽتائي سبب هر وقت کائڻ چاهيندا آهن جنھن جي ڪري هو وڌيڪ ٿلها ٿي ويندا آهن.
عورتن ۾ وٽامن ڊي جي ڪمي پوري ٿيڻ سان هڏين ۽ سنڌن ۾ سور ۾ واقعي گهٽتائي ٿي وڃي ٿي. عورت Memo pause غير رسمي وقفي ۾ معمولي مطابق زندگي گذاري سگهي ٿي ۽ هڏين ۽ سنڌن جي بيمارين کا بہ بچي سگهي ٿي. وٽامن ڊي جي ڪمي جو شڪار اڪثر ڪري اهي عورتون جيڪي شهرن اندر اونداهين گهٽين ۾ بند گهرن ۾ رهن ٿيون يا اهي ٻار جن کي بار بار انفيڪشن يا دستن جي بيماري ٿئي ٿي، گهٽ وزن وارا ٻار بہ وٽامن ڊي جي ڪمي جو شڪار رهن ٿا.وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري بدھاضمو ۔ موسمي ذھني مونجھ ۔ ٿولھ ۔ مدافعتي ڪمزوري ۔ ڊيمينشيا ۔ خارش ۽ چمڙي جون بيماريون ٿين ٿيون جڏھن تہ شڳر ۔ دم ۽ ڪينسر جھڙا مرض لاحق ٿي سگهن ٿا. 
وٽامن ڊي جي کوٽ سان Parkinson’s Disease رعشو يا هٿ ڏڪڻ فالج جي بيماري بہ پيدا ٿيندي آهي. اها بيماري دماغ brain ۽  Nervous system تنتي نظام کي متاثر ڪري ٿي. وٽامن ڊي Nerve cells تنتي گهرڙن کي تباھ ٿيڻ کان بچائي ٿو. نئين تحقيق موجب وٽامن ڊي انساني قوت مدافعت Immune System کي هلائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. جسم ۾ وٽامن ڊي هجڻ جي ڪري ڪينسرن کان بچاء ٿئي ٿو نہ تہ غدودي ڪينسر ، ڇاتي جو ڪينسر ۽ آنيدانين  جو ڪينسر جنم وٺي ٿو.

يورپي ماڻھن جا وار ڪڪا ڪيئن ٿيا :-
توهان اڪثر اھا ڳالھ نوٽ ڪئي هوندي تہ مغربي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن جا وار سنھري (ڪڪا)  هوندا آهن ان جي پويان هڪ تمام دلچسپ راز آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ يورپي ملڪن ۾ سج جي روشني زمين جي ٻين حصن جي نسبت گهٽ پوندي آهي جنھن جي ڪري هتان جي رهندڙ ماڻهن ۾ وٽامن ڊي جي ڪمي ٿيندي وئي. ٽين جاپاني يونيورسٽين حال ۾ ئي ان ڳالھ تي تحقيقات ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سج جي روشني گهٽ ظاهر ٿيڻ جي ڪارڻ هتان جي رهڻ وارن ماڻهن ۾  يارنهن(11)  هزار سال پھريان وٽامن ڊي جي ڪمي پيدا ٿي وئي ۽ ان کان پو انهن مردن ۽ عورتن جي وارن جو رنگ سونھري(ڪڪا) کان اڇا ۽ مختلف رنگن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا.

وٽامن ڊي جا اثر :۔

سج جي روشني :-
سج جي روشني ۾ وٽامن ڊي نٿي ٿئي. سج جي روشني جڏھن چمڙي تي پوي ٿي تہ اھا چرٻاڻ کي وٽامن ڊي ۾ تبديل ڪري ٿي. سج جون Ultraviolet B view length جون شعائون وٽامن ڊي ٺاھن ٿيون. ان جي ڏيک ڊيگھ 290 کان 320 نينو ميٽر تائين ھوندي آھي.

ھڏين جي نشونما ڪندڙ :-
ھي ھڏين ۽ ڏندن جي نشونما ڪري ٿي ۔ انهن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ ھڏن کي ڇوت Infection کان بچائي ٿي.

ڪئلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪندڙ :-
ھي جسم ۾ ڪيلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪري ٿي ۽ کين ترڪيب ڏئي ٿي. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن.
ھڏين جي ڪمزوري جو ھڪ سبب ڪيلشم سان گڏ وٽامن ڊي جي کوٽ ٿئي ٿي ان کان پوء جسم جي ٻين عضون جو وارو اچي ٿو.

انفيڪشن ختم ڪندڙ :-
وٽامن ڊي جو اھم ڪم مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ آھي ۽ انفيڪشن کي ختم ڪرڻ آھي. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري انفيڪشن جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳي وڃي ٿو ۽ ساھ جي نالي جھڙا انفيڪشن جيئن نزلو ۔ زڪام ۽ نمونيا جھڙا عارضا جنم وٺن ٿا.

ڪنگي روڪيندڙ :-
ھي ٻارن جي ڪنگي (ھڏين جي ٽيڏي پن) Rickets کي روڪي ٿي. وٽامن ڊي جي گهٽتائي سان هڏا نرم ويندا آهن ۽ ڦڏا ٿي ويندا آهن. عضوا ڍلا ٿي ويندا آهن. قدبت جي واڌ بيھي ويندي آهي ۽ انجي ڪمي سان سوڪ جو مرض پيدا ٿئي ٿو. هن وٽامن جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڪئلشم جو کاڌي مان رت ۾ جذب ٿيڻ ۽ هڏين ۾ پهچڻ اڻ مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ ٻارن ۾ نرم ھڏ Rickets ۽ وڏن ۾ ڪچ ھڏ Osteomlacia جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنھن ۾ هڏيون نرم ٿي پونديون آهن ۔ وزن جي داٻ سان مڙي پونديون آهن ۽ معمولي داٻ يا وزن سان ڀڄي سگهن ٿيون.

ڪيلشم جذب ڪندڙ :-
ڪئلشم جذب ڪرڻ لاءِ ججهي مقدار ۾ وٽامن ڊي جو هجڻ ضروري ٿئي ٿو، جيڪڏهن وٽامن ڊي نہ هوندي تہ جسم بہ اها جذب ڪري نہ سگهندو، جنھن سبب وٽامن ڊيءَ جا واڌو وزن کائڻ بيڪار ثابت ٿيندا.

خاص خامرن Enzymes جي مدد سان ھاضمي جي نظام کي درست ڪندڙ :-
خون ۾ خاص خامري الڪلي فاس Alkaline phosphate کي مناسب مقدار ۾ قائم رکي ٿي ۽ ان جي مدد سان ھڏين ۔ سنڌن ۽ ڏندن ۾ ڪئلشم جي اضافي مقدار کي ڄمڻ کان روڪي ٿي.
تحقيق مطابق صحتمند ماڻھن کي وٽامن ڊي جي ضرورت نٿي پوي.

وٽامن ڊي جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون :-

بار بار بيمار ٿيڻ :-
وٽامن ڊي جسماني قوت مدافعت کي مضبوط ڪري ٿي جنھن جي ڪري اسان جو جسم بيڪيٽيريا ۽ وائرسن سان وڙھڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بار بار انفيڪشن ٿيڻ ۔ نزلو ٿيڻ ۔ زڪام ٿيڻ ۔ جلدي فلو ٿيڻ اھي عارضا وٽامن ڊي کي ظاھر ڪن ٿا.

چڙچڙوپن :-
ڊپريشن ۽ چڙچڙي پن جو پاڻ ۾ تعلق آھي جنھن جي پويان ڪيئي جسماني ۽ نفسياتي اثر ٿين ٿا. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ڊپريشن جنم وٺي ٿي. جن عورتن ۽ مردن ۾ ڊپريشن رھي ٿي اھي وٽامن ڊي استعمال ڪن.

شڳر 2 :-
وٽامن ڊيءَ جي کوٽ سبب ذيابيطس2 جي حالت بدتر تہ شيردان (pancreas)  جي انسولن پيدا ڪرڻ جي قابليت متاثر ٿي پوي ٿي.

چيلھ جو سور :-
وٽامن ڊي ھڏين جي صحت لاء ضروري آھي ڇوجو جسم کي ڪئلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ ڪرنگهي جي نظام کي مضبوط ڪن ٿيون. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ھڏين جا مسئلا ۽ چيلھ جو سور جنم وٺي ٿو. ھڪ تحقيق مطابق وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري 9 ھزار عورتن کي شديد چيلھ جي سور کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.

ٿڪ ۔ پيڙ ۽ جسم ۾ سور :-
جيڪڏھن ڪو ماڻھو ننڊ پوري ڪري پوء بہ ان کي ٿڪ رھي ۔ جسم ۾ درد ۽ پيڙ ٿئي ائين محسوس ٿئي ڄڻ تہ ھڏ ٽٽن ٿا پيا ۔ اھي نشانيون وٽامن ڊي جون آھن. تحقيق مطابق مٿي جو سور ۽ ٿڪ وٽامن ڊي سان واسطو رکن ٿا. اھي عورتون جن ۾ ھروقت ٿڪ رھي اھو بہ وٽامن ڊي جي کوٽ ڏي اشارو ڪري ٿو.

مشڪن جو سور :-
وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري مشڪن جي ڪمزوري ۽ درد سان ٻہ چار ٿيڻو پوي ٿو. وٽامن ڊي اعصابي گهرڙن جي صحت ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي جيڪي دماغ تائين سور جو احساس پھچائين ٿا. مشڪن جا سبب مشڪل ٿي سگهن ٿا. ھڪ تحقيق مطابق 71 سيڪڙو ماڻھن ۾ مشڪن جو سور وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿو.

ھڏين جو سور :-
وٽامن ڊي جو وڏو ڪم ھڏين ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ آھي جنھن جي ڪري ھڏيون مضبوط ٿين ٿيون. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ھڏين جي درد جي شڪايت عام ٿي وڃي ٿي خاص ڪري چيلھ سور وغيرھ، انهي حالت ۾ وٽامن ڊي تي ڌيان ڏجي.

شيروفيزينا :-
جسم ۾ وٽامن ڊيءَ جي اڻاٺ سبب شيزوفيرينا جي بيماري ٿي پوي ٿي.

زخم جو دير سان ڀرجڻ :-
سرجري يا ڌڪ جو زخم دير سان ڀرجي تہ اھو وٽامن ڊي جي کوٽ طرف اشارو آھي ڇوجو وٽامن ڊي جسم ۾ اھڙا مرڪب تيار ڪري ٿي جيڪي چمڙي جي مرمت ڪن ٿا. جيڪڏھن ڏندن جا زخم بہ دير سان ڀرجن تہ بھتر آھي تہ وٽامن ڊي جي ٽيسٽ ڪرائجي.

ھڏين جو ڀرڀرو ٿيڻ ۽ ٽٽڻ :-
ڪچ ھڏ يا ھڏين جو ڀرڀرو ٿيڻ مردن توڙي عورتن ۾ ان جي شڪايت رھي ٿي. پر اڪثيت ڪيلشم کي واپرائي ٿي جڏھن تہ وٽامن ڊي جي کوٽ بہ ٿي سگهي ٿي ڇوجو جسم ۾ موجود ڪيلشم ھڏين ۾ جذب ڪرڻ وٽامن ڊي جو ڪم آھي.

سورياس :-
سڄيءَ دنيا ۾ چنبل Psoriasis  جي علاج لاءِ وٽامن ڊي استعمال ڪئي وڃي ٿي.

وارن جو ٽٽڻ يا ڪرڻ :-
ڪڏھن ڪڏھن وارن ڪرندا آھن ۔ جسم ۾ ڪمزوري اچي ويندي آھي ۔ خشڪي اچي ويندي آھي اھي وٽامن ڊي جي کوٽ آھن.

پٺاڙن ۾ درد :-
جيڪڏھن پٺاڙن ۾ بار بار درد ٿئي اھا علامت وٽامن ڊي جي کوٽ کي ظاھر ڪري ٿي.

ذھني دٻاء :-
بار بار چڙ ۔ روئڻ لاء دل چوڻ ۔ ڳالھ ڪندي بر ٿيڻ اھي سڀ شيون ڊپريشن کي ظاھر ڪن ٿيون ۽ ڊپريشن وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب ٿي سگهي ٿي.بار بار چڙ ۔ روئڻ لاء دل چوڻ ۔ ڳالھ ڪندي بر ٿيڻ اھي سڀ شيون ڊپريشن کي ظاھر ڪن ٿيون ۽ ڊپريشن وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب ٿي سگهي ٿي.

Seasonal Affective Disorder        موسمي بي ترتيبي
سج جي روشنيءَ ۾ وائکي نہ ٿيڻ سبب ميلان Melatonin  هارمون بي توازن ٿي موسمي بي ترتيبي Seasonal Affective Disorder  بيماري پيدا ڪري ٿو.

 گهڻو پگهر اچڻ :-
جڏھن ماڻھو ڪو ڪم نہ ڪري رھيو ھجي ۽ پگهر تيزي سان خارج ٿئي ۽ پگهر جي موسم بہ نہ ھجي اھا وٽامن ڊي جي کوٽ آھي. جيڪڏھن چھري تي پگهر اڪثر چمڪي تہ ان کي وٽامن ڊي جي کوٽ سمجهجي.

مشڪن جي ڪمزوري :-
مشڪن جي ڪمزوري صرف فولاد جي کوٽ ناھي پر وٽامن ڊي جي کوٽ پڻ آھي. ھڪ تحقيق مطابق وٽامن ڊي مشڪن جي ضابطي وڌائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ پوڙھائپ ۾ فريڪچر جا امڪان نٿا رھن.

شدید درد
جيڪڏھن اڪثر ھڏين ۾ درد ھجي ۔ سنڌن ۽ مشڪن ۾ لڳاتار تڪليف ھجي ۽ اھا تڪليف ھفتن تائين جاري ھجي تہ وٽامن ڊي جي کوٽ طرف اشارو آھي. مناسب مقدار ۾ ورزش ڪرڻ سان دردن کان بچي سگهجي ٿو ۽ مشڪن ۾ لچڪ اچڻ ڪري مشڪون ٺيڪ ٿي وڃن ٿيون.

Fibromyalgia                                          ڏورن جو درد
وٽامن ڊي جي ڪُھني يا پراڻي اڻاٺ عام طور غلط تشخيص جو ڪارڻ بنجي، تہ ان کي فيبروميلايا Fibromyalgia  جي بيماري سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جون ساڳيون نشانيون جهڙوڪ: مشڪن جي ڪمزوري، ڏکڻ ۽ سُور ٿئي ٿو.

رھڙ يا رڳڙ اچڻ :-
معمولي رھڙ يا رڳڙ کان نجات ۾ ڪافي ڏينھن لڳي وڃن تہ سمجهجي تہ وٽامن ڊي جي کوٽ آھي. وٽامن ڊي چمڙي جي جڙڻ لاء نوان مرڪب فراھم ڪري ٿي ۽ سوڄ ۽ ڇوت Infection سان جهيڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

مردانا ڪمزوري :-
تحقيقن مطابق وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري مردانا ڪمزوري جنم وٺي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ Erectile dysfunction جو خطرو وڌي ٿو.

ومن ڊي جا فائدا :-

ھڏن ۔ تنتي سرشتي ۽ اعصابي سرشتي لاء :-
جيئن تہ جسم ۾ وٽامن ڊيءَ جي شديد کوٽ کي هڪ رات ۾ پورو ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري اهڙيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ ۾ ڪيترا مھينا لڳي وڃن ٿا جنھن لاءِ وٽامن ڊي جا واڌو وزن کائڻا پون ٿا ۽ سج ۾ وائکو ٿيڻو پوي ٿو تہ جيئن جسم جا هڏا ۽ تنتي يا اعصابي سرشتو سگهارو ٿي سگهي.
اهڙين حالتن ۾ جسم لاءِ رڳو سج ۾ وائکي ٿيڻ سان ايتري گهڻي مقدار ۾ وٽامن ڊي پيدا ڪرڻ ناممڪن ٿئي ٿي، ڇوتہ جسم پنھنجي لحاظ کان رڳو پنھنجيءَ ضرورت آهر وٽامن ڊي پيدا ڪري سگهندو آھي.

سيني جي تاڪي لاء :-
جيڪڏهن سيني جي تاڪي Sternum  کي زور ڏيڻ سان سور محسوس ٿئي تہ ممڪن آهي تہ هن وقت توهان وٽامن ڊيءَ جي شديد اڻاٺ ۾ مبتلا هجو. جسم جي وٽامن ڊيءَ کي استعمال ڪرڻ کان اڳ بڪيون ۽ جيرو ان کي فعال ڪرڻ کپي ڇوجو جيڪڏهن بڪين جو روڳ يا جيري جي تڪليف هوندي تہ جسم جي وٽامن ڊيءَ جي فعال ٿيڻ جي لياقت گهڻي متاٿر ٿيندي، جنهن سبب اها جسم ۾ گردش ڪري نہ سگهندي.

دل جي شريانين کي صحتمند رکندڙ :-
وٽامن ڊي سپليمنٽ وڌيڪ مقدار استعمال ڪرڻ سان دل جون رڳون لچڪدار ۽ تندرست رهن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ فالج ۽ دل جي دوري پوڻ جو بہ خطرو گهٽ رھي ٿو.
امريڪي رياست جاريجا جي شھر آگسٽا ۾ هن حوالي سان تحقيق ڪئي وئي جنھن ۾ اهو ثابت ٿيو تہ وٽامن ڊي دل لاء بھتر ثابت ٿي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي تہ وٽامن ڊي جي استعمال سان دل جو رڳن جي لچڪ وڌي ٿي ۽ رڳن ۾ سختي گهٽ ٿي وڃي ٿي. وٽامن ڊي سان رڳون نرم ۽ لچڪدار ٿينديون آهن  ۽ وٽامن ڊي هڏين لاء بھتري ۽ مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ڪمزور ٻارن لاء مفيد :-
خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي جيڪڏهن خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي مقدار ۾ کارائي وڃي تہ هو تيزي سان تندرست ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ۾ زبان ڄاڻڻ ۽ جسماني حرڪتن وارو نظام (موٽر سسٽم) تيزي سان بهتر ٿي وڃي ٿو. خوراڪ جي سخت کوٽ يا سيويئراڪيوٽ ميل نيوٽريشن خوراڪ جي گهٽتائي جي هڪ اهڙي شڪل آهي جيڪا بلڪل واضح نموني نظر ايندي آهي، جنھن جي ڪري ٻارن جو قد ننڍڙو ٿيندو آهي، اهي تمام گهڻو ڪمزور هوندا آهن ۽ انهن جي جسمن تي گوشت جي گهٽتائي هوندي آهي.انکاسواءِ انهن جي منھن تي، پيرن ۽ ٻين عضون تي سوڄ نمايان نظر ايندي آھي. انهن ٻارن ۾ عام طور تي وٽامن ڊي جي کوٽ هوندي آهي، جيڪا هڏن ۽ پٺن جي لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندي آهي ۽ جسم جي دفائي نظام کي مضبوط بڻائيندي آهي. جيڪڏهن خوراڪ جي گهٽتائي وارن ٻارن ۾ وٽامن ڊي پڻ گهٽ ٿي وڃي تہ ان سان پُٺا ڳرڻ لڳندا آهن.  انڪري ماهرن جو خيال آهي تہ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي مناسب خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي جو مناسب مقدار کارايو وڃي تہ ان جا فوري طور تي بھتر نتيجا نڪرندا.

ساھ جي تڪليفن کي ختم ڪندڙ :-
برطانيا ۾ ڪيل هڪ تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيو آهي تہ وٽامن ڊي وارا کاڌا کائڻ يا وٽامن ڊي جون گوريون باقائدگي سان استعمال ڪرڻ تي ساھ کڻڻ واري تڪليف واري بيماري جا خطرا گهٽ ٿي ويندا آهن. ان تحقيق دوران ڪجھ سالن ۾ ساھ کڻڻ جي تڪليف ۾ ورتل بيمار ٻارن ۽ وڏن تي ڪيل تحقيق تي بيمارن جي کاڌن جي عادتن جي حوالي سان جاچ ڪئي وئي. تحقيق کانپوءِ اها ڳالھ گهٽ ۾ گهٽ يقيني ٿي وئي تہ اهي بالغ ماڻهو جن پنهنجي روزاني جي کاڌي ۾ وٽامن ڊي وارين خوراڪن کي شامل رکيو، انهن کي ساھ کڻڻ جي تڪليف واري خطرن جي دورن کان گهٽ واسطو پيو. ٻارن ۾ بہ ڪجھ اهڙي صورتحال ڏسڻ لاءِ ملي، پر ان تحقيق ۾ شامل ماهرن جو چوڻ آهي تہ اڃا هنن کي ٻارن ۾ ساھ کڻڻ جي تڪليف جي دورن ۽ وٽامن ڊي ۾ لاڳاپي کي ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

ھڏين کي مضبوط ڪندڙ :-
وٽامن ڊي جي جسم ۾ کوٽ ٿيندي هڏين جي ڪمزور ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. ھڏين جي بيماري ۾ مبتلا مريضن کي بيماري جي تصديق کانپوءِ وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ لاءِ مڇي، آني جي زردي، تازيون ڀاڄيون واپرائڻ کپي. سردين جي موسم شروع ٿيندي ئي کير، ڏهي، ڊراءِ فروٽ ۽ سبزيون واپرائي وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ سان ھڏين جي ڪمزوري کان محفوظ رهي سگهجي ٿو.

شڳر کان بچائيندڙ :-
هڪ تحقيق موجب وٽامن ڊي جي سطح جسم ۾ بھتر هئڻ سان جگر بھتر نموني انسولين پيدا ڪندو آهي، تنھن ڪري پنھنجي جسم ۾ وٽامن ڊي جي گهرج ڄاڻڻ لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪرائيندا رهجي.

ڇاتي جو ڪينسر ختم ڪندڙ :-
وٽامن ڊي ڇاتيءَ جو ڪينسر گهٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. وٽامن ڊي هَڏن جي مضبوطيءَ لاءِ ضروري آهي جيڪو ڪراڙپ ۾ بہ ڪمزوري سبب پيدا ٿيندڙ ڪيترين ئي بيمارين کان حفاظت فراهم ڪندو آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي تہ وٽامن ڊي عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر کي بہ گهٽائي ٿو. آمريڪي طبي ماهرن جي تازي ڪيل تحقيق موجب ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتون وٽامن ڊي جي استعمال سان نہ رڳو موت جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن ٿيون پر انهن ۾ ڪينسر وڌڻ جو خطرو بہ گهٽجي ويندو آهي. ان حوالي سان آمريڪي طبي تحقيقي اداري جي ڊاڪٽر لارنس جو چوڻ تہ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شڪار عورتون، جيڪي وٽامن ڊي جو ڀرپور استعمال ڪنديون آهن، انهن ۾ ڪينسر وڌڻ ۽ موت جو خطرو 30 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي. سندس موجب وٽامن ڊي ڇاتيءَ ۾ ڪينسر جي خلين خلاف مزاحمت ڪندو آهي ۽ ان جي واڌ ويجھ کي بہ روڪيندو آهي. ماهرن واضح ڪيو آهي تہ وٽامن ڊي جي گهٽتائي ٻين قسمن جي ڪينسر ۾ بہ مبتلا ڪري سگهي ٿي. سندن تجويز موجب ان لاءِ کير، مڇي ۽ وٽامن ڊي جي سپليمنٽس جو استعمال ڪيو وڃي.

فالج کان بچائيندڙ :-
هفتي ۾ ٻہ ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو دورو پوڻ جو خطرو هنن ماڻهن کان گهٽ آهي جيڪي مڇي نہ کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن. اِها ڳالھ سويڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهرن سوزانہ لارسن، نڪولا ۽ سني جي سائنسي اخبار ”اسٽروڪ“ ۾ ڇپيل تازي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ مڇي ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان رت جي داٻ ۽ ڪولسٽرول تي سُٺو اثر پوي ٿو جنھن سان فالج جو خطرو پڻ گهٽجي ٿو. اِهو نتيجو آمريڪا، يورپ، جاپان ۽ چين ۾ جاري 15 تحقيقن جو آهي. هنن مان هر ريسرچ ۾ ماڻهن کان پڇيو ويو تہ اُهي هفتي ۾ ڪيترا ڀيرا مڇي کائيندا آهن. بعد ۾ 4 کان 30 سالن ۾ اِهو ڏٺو ويو تہ هنن مان ڪيترن ماڻهن کي فالج جو اٽيڪ ٿيو.
آمريڪا جي هاورڊ اسڪول ۾ وچڙندڙ بيمارين جي ماھرن مطابق مڇي ۾ ڪل اوميگا ٿري سان گڏ اضافي غذائي خاصيتون موجود آهن جنھن سان فالج جو خطرو گهٽجي ٿو، مڇي ۾ موجود وٽامن ڊي، سلينيم سان گڏ مختلف پروٽينن سان فالج کان بچاءُ ٿيندو آهي. تحقيق جا انگ اکر 30 کان 103 سالن جي عمر جي 4 لک ماڻهن کان گڏ ڪيا ويا. نتيجي مان پتو پيو تہ هر هفتي ٻہ ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو 6 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو. تحقيق ۾ ڪثرت سان مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو هنن ماڻهن کان 12 سيڪڙو گهٽ آهي جيڪي تمام گهٽ مڇي کائيندا آهن.  تحقيق مطابق تريل مڇي يا فش سينڊوچ کائيندڙ ماڻهن کي فالج ۾ فائدو نہ ٿيو پر  بنا تريل مڇي کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽيو. فالج جو خطرو گهٽائڻ لاءِ صحتمند خوراڪ کائڻ، وڌيڪ ورزش ڪرڻ سان گڏ معمول مطابق چيڪ اپ ڪرائڻ جو شعور بيدار ڪرڻ هنن ماڻهن لاءِ بہ فائديمند آهي جيڪي مڇي هرگز نہ کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/12/vitamin-d_17.html
By Asghar Ali Chandio

Sunday, 16 December 2018

وٽامن پي Vitamin P | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 وٽامن پي       Vitamin P
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن پي 1930ع جي ڏھاڪي ۾ دريافت ٿي پر ھن جو ذڪر تمام گهٽ ٿئي ٿو. ھي وٽامن جسم جي دفاعي نظام کي مضبوط ڪري ٿو ۽ ان جا ڪيئي فائدا آھن. اسان ڄاڻون ٿا تہ وٽامن سي جي روزانو خوراڪ چمڙي کي خوبصورت بنائي ٿي ۽ وٽامن ڊي ھڏين کي مضبوط ڪري ٿي پر وٽامن پي نظرانداز ڪيل جسم جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪري ٿي ۽ شڳر خلاف لڙي ٿي.
ماھرن وٽامن پي کي دل جي مرضن سان لڙندڙ اثرانگيز ھٿيار قرار ڏنو آھي پر وٽامن پي کي درحقيقت فلوڏ Flavonoids جھڙن ڪيمياڻ جي مجموعن کي سڏجي ٿو جن جي تعداد 6000 کان وڌيڪ آھي. ميوا ۽ سبزيون ان ۾ اچي وڃن ٿا. 
غذائيت سان ڀرپور ھي وٽامن بي رنگ ڪولاڄن پيدا ڪري ٿي جنھن سان رت جي شريانين ۔ ڏورن ۽ چمڙي کي تاندوري مواد فراھم ٿئي ٿو ۔ چمڙي تازي تواني ۽ جوان رھي ٿي گڏوگڏ وٽامن پي ھڏين ۽ ڏندن کي مضبوط بنائي انهن کي بھتر حالت ۾ رکي ٿي. ان کان علاوا ڪينسر ۽ دل جي مرضن کي دور ڪري ٿو. وٽامن پي ۽ فلوڏ Flavonoids تمام رسدار ميون ۾ پاتا وڃن ٿا جن ۾ سنگترو ۔ نارنگي ۔ ليمو ۽ ان قبيلي جا ميوا اچي وڃن ٿا.
انگريزي جريدي د جنرل آف نيوٽريشن جي تحقيق مطابق ميون يا رس سان ڀرپور غذا وٽامن پي يا فلوڏ flavonoids جي حصول جو مرڪزي ذريعو آھن. ھن جو استعمال ڪندڙ ماڻھن ۾ 31 سيڪڙو فالج جو خطرو گهٽ رھي ٿو. اھڙي طرح فلوڏ جسم ۾ رت جي گردش ۔ بي پي ۽ پت جي سطح کي بھتر بنائن ٿا. ڏينھن ۾ 2 ڪوپ چانھن سليماني يا سبز پيئڻ جي صورت ۾ انهن ۾ پاتو ويندڙ فلوڏ دل جي صحت کي بھتر بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.
روزانو ھڪ گلاس نارنگي جو رس پيئڻ سان بي پي معمول تي رھي ٿو ۽ پت بہ قابو رھي ٿي. نيري اسٽرابيري ۽ ٻيون اسٽرابيريون فلوڏ Flavonoids سان ڀرپور ٿين ٿيون.
ٻئي طرف سليماني چانھن ۾ پاتا ويندڙ فلوڏ Flavonoids شريانين جي سختي دور ڪن ٿا. اھي سڀ وٽامن پي جي زمري ۾ اچن ٿا. ماھرن مطابق فلوڏ Flavonoids جي استعمال سان جسم کي بي پناھ طاقت ملي ٿي.
وٽامن پي کٽن ميون جيئن ليمي ۔ ڏاڙھون ۔ نارنگي ۔ مالٽا ۔ الوبخارا - مالٽا ۽ ڳاڙھين گجرن - انگور ۽ املوڪ - اسٽرابيري ۔ انناس - سائي زيتون - بادام - اخڙوٽ ۔ آنو ۔ زيتون جو تيل - زردالو ۽ مڪئي وغيرھ ۾ ملي ٿي. ان کان علاوا ڳاڙھي بصر ۔ ڦڪي بصر - گل گوبي ۔ بند گوبي ۔ پالڪ - ساون مرچن ۔ شملا مرچن ۔ ڳاڙھن مرچن ۔ مڇي - گوشت ۔ مٺن پٽاٽن ۽ ايڪڏو وغيرھ ۾ پاتي وڃي ٿي.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/12/vitamin-p.html
ھلندڙ

Saturday, 15 December 2018

وٽامن ايف Vitamin F | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

Vitamin F  وٽامن ايف
By Asghar Sagar

ھي اھا وٽامن آھي جيڪا روايتي وٽامن جي نالي سان ٺھڪي نٿي. ھن جو شمار چرٻيء ۾ ڪري سگهجي ٿو اھڙي چرٻي جيڪا حياتياتي مرحلي لاء ضروري آھي پر اسان جا جسم ان کي ترڪيب نٿا ڏين.
چرٻي سان وابستہ ھئڻ ڪري وٽامن ايف کي لينو کٽ چيو وڃي ٿو جيڪو اوميڳا۔6 ھڪ سڻڀو تيزاب ايفيز آھي جيڪو اوميڳا۔3 سان دماغ جي ڪم - پوري واڌ ويجھ - وارن ۽ چمڙي جي وري اپت - ھڏي جي صحت ۽ گهرڙ بدل ڪمن ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. وٽامن ايف لينو کٽ طور چمڙي کي فروغ ڏئي ٿو. ھي زخمن کي ڀري ٿو ۔ چمڙي کي تر رکي ٿو ۽ چمڙي جي لساڻ کي برقرار رکي ٿو.
EFAs                    ايفيز

سڻڀائين تيزاب جا 2 قسم آھن.
(1) Alpha-linolenic acid (ALA), an omega-3 EFA
الفا ليڻوڪ تيزاب يا اوميڳا۔3 اي ايف اي
(2) Linoleic acid (LA), an omega-6 EFA
لينو کٽ يا اوميڳا۔6 اي ايف اي

اھي اھم تيزاب ليکيا وڃن ٿا پر جسم انهن کي ترڪيب ڏيئي نٿا سگهن. لينو کٽ جرمني لفظ لينون تان ورتل آھي جنھن جي معنا آھي مطلب السي ۽ اوليئڪ جي معنا تيل آھي.
Linon            السي
Oleic              تيل
سڀ سڻڀاوان تيزاب سڌن ڪڙيدار ھيڊوڪاربان ۽ لينو آھن جيڪي 18 ڪاربانن ۽ ۽ ٻن بندن تي مشتمل آھن. اھي اڻ چڪيل حيواني سڻڀاوان تيزاب آھن جيڪو حيات سازي ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ اھي جسم ۾ گهرڙ جهلي جا لحمي مادا ٺاھن ٿا. سڻڀاوان تيزاب صحتمند گهرڙن جي ڪمن ۽ رواجي واڌ ويجھ لاء ضروري آھن. اھي اوڄي چرٻن جي ترڪيب ۽ عضلاتي گهرڙن جي موت ۽ زندگي ۾ اھم آھن. اھي خصوصيتون ايفيز جوڙن ٿيون جيڪي صحتمند ۽ مضبوط وارن لاء لازم آھن. چمڙي ۾ لينو کٽ چمڙي کي سوزش روڪ، تراھٽي ۽ ڇٽائيندڙ مدد ڪن ٿا.
وٽامن ايف پت ۔ آراين ۔ داڻن ۽ موھيڙن سان وڙھي ٿو ۔ چمڙي کي لسو ڪري ٿو ۽ ان کي نوجوان رکي ٿو. ايفيز چمڙي جي رڪاوٽن ۾ پھچڻ جي اھليت جي ڪري ٻين جزن جيئن تڪسيد روڪ جزن جي نفوذ ۾ مدد ڪري ٿو.

Thursday, 13 December 2018

وٽامن ڪي Vitamin K | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

وٽامن ڪي رت جي ذرن ٺاھڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ رتھيري کان بچائي ٿو. وٽامن ڪي کي رت دڳي وٽامن يا سڻڀ ۾ حل ٿيندڙ وٽامن سڏيو وڃي ٿو. K جرمن لفظ koagulation تان ورتل آھي. ٻين وٽامنن وانگر وٽامن ڪي کي غذائي سپليمينٽ طور استعمال نٿو ڪيو وڃي. وٽامن ڪي دراصل مرڪبن جو گروپ آھي. انهن مرڪبن جي اھميت وٽامن ڪي1 ۽ وٽامن ڪي2 ۾ ظاھر ٿئي ٿي. وٽامن ڪي1 پندار سبزين ۽ ڪجھ ٻين ڀاڄين مان ملي ٿو ۽ وٽامن ڪي ٽو بيدن ۔ گوشت ۔ ڦرين ۽ بيڪيٽيريا جي چڪاڻ مان ملي ٿو.
وٽامن ڪي جي کوٽ جي ڪري اڻ رڪ رتھيري ٿي سگهي ٿي. وٽامن ڪي جي کوٽ بالغن ۾ گهٽ پر ڄاول ٻارن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. وٽامن ڪي جي ھڪ سئي ٻار جو پوراء ڪري سگهي ٿي.
وٽامن ڪي جسم جي صحتمند ھڏن ۽ تاندورن لاء پروٽين ٺاھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اھو رت کي ٻاھر وھڻ کان بچائڻ لاء رت جا دڳ ٺاھي ٿو. جيڪڏھن جسم ۾ وٽامن جي کوٽ آھي جسم مان گهڻو رت وھي سگهي ٿو. جڏھن جسم مان رت وھي ٿي ان وقت وٽامن کي استعمال نہ ڪجي ڇوجو اڃان نقصان جو انديشو اڀري سگهي ٿو. جيڪڏھن رت ڇڊاڻ اچي وڃي ۽ جسم مان ڪٿان وھي وھي پوي ان حالت ۾ وٽامن ڪليدي ڪردار ادا ڪري ٿي.
ھارورڊ اسڪول آف پبلڪ ھيلٿ مطابق رتي دڳن جي ضرورت لاء 13 پروٽينن مان 4 پروٽين ٺاھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. وٽامن ڪي ٻين وٽامن سان گڏجي ڪم ڪري ٿو ۽ ھڏن جي واڌ ويجھ لاء وٽامن ڊي سان گڏجي ھڏن تائين ڪيلشم پھچائڻ کي يقيني بنائي ٿو. توھان جي آنڊي ۾ بيڪيٽيريا ٿين ٿا جيڪي وٽامن ڪي جي ٻين نمونن جي ٿوري اپت ڪن ٿا.
وٽامن ڪي ھڏي ۾ گهاٽائي تي مثبت اثر ڇڏي ٿو ۽ ھڏي جي ڏار جي جوکن کي گهٽائي ٿو. وٽامن ڪي جي گهٽ سطح جي ڪري ھڏن جي مايي جي گهاٽائي متاثر ٿئي ٿي ۽ عورتن جي ھڏن ۾ ڌڪ سان ڏار اچي وڃن ٿا.
يونيورسٽي آف ميري لينڊ ميڊيڪل سينٽر مطابق ٻار ان بيڪٽيريا سان پيدا نٿا ٿين جيڪو وٽامن ڪي پيدا ڪري ٿو ۽ ٿڃ وٽامن ڪي جو ذريعو ناھي. ان ڪري اسريل ملڪن ۾ اندرين ۽ ٻاھرين رتھيري کان بچڻ لاء وٽامن ڪي جا وزن ڏنا وڃن ٿا.
ھلندڙ

Wednesday, 12 December 2018

پنھنجو مثال پاڻ ٿي Be yourself | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

A monkey climbed the roof of a house and entertained the people who had gathered below to watch it, with its antics. After it had gone, an ass who craved popularity climbed the roof and tried to perform the same tricks.
ڀولڙو گهر جي ڇت تي چڙھي ويو ۽ ماڻھن کي کلائي وندرايو جيڪي ان کي ڏسڻ لاء ھيٺ گڏ ٿيا ھئا. ھن جي وڃڻ کان پوء، گڏھ جنھن کي مشھوري جو ڀوت چڙھيل ھو اھو ڇت تي چڙھيو ۽ ساڳيون اٽڪلون ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.
In the process, it dislodged and broke several tiles. The owner of the house was furious.
His servants went up, drove the ass down, and beat it black and blue.
انهي عمل دوران، اھو ٿڙيو ۽ ڪيترا ٽائيل ڀڳا. گهر جو مالڪ تپي باھ ٿي ويو. ھن جا نوڪر مٿي ويا ۔ انهن گڏھ کي ھيٺ لاٿو ۽ ان کي ڏاڍي مار ڏني.
Moral:
Actions that suit others may not suit you. Be yourself.
عمل جيڪي ٻين کي زيب ڏين ٿا اھي توکي زيب نٿا ڏين.