Wednesday 19 December 2018

Witches wind ڏائڻيون ھوائون | علي مردان راھوجو

 ڏائڻيون هوائون   Witches winds
علي مردان راھوجو
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
منھنجو هڪ پوليس آفيسر دوست منهنجي آبائي ضلعي خيرپور ۾ ٻہ سال پوسٽنگ تي رهيو. هڪ ڀيرو ملاقات دوران ٻڌايائين تہ هونء تہ خيرپور ضلعو امن امان جي معاملي ۾ بدنام آهي پر گرمين جي مهينن خاص طور تي جڏهن جهولو لڳندو آهي تہ جهيڙا ، فساد، چوريون ، اغوائون وڌي وينديون آهن.. مان چيومانس تہ ظاهر آ جيڪڏهن زمين تپندي مزاج تہ گرم ٿيندو نہ..

پر مان گهڻن ملڪ ۾ وڃي ڪري ۽ اتان جي موسمن ۽ مزاجن   جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري ڏٺو تہ اتي بہ سال جي ڪجه مھينن ۾ اهڙي هوا گهلندي آهي جو ماڻهو زندگي مان بيزار ٿي يا خودڪشيون ڪندا آهن يا تمام گهڻو جذباتي aggressive ٿي پاڙي اوڙي جو سڪون ڦٽائي ڇڏيندا آهي. اهڙين موسمي تبديلين کي عالمي اصطلاح ۾ ڏائڻيون هوائون witches winds چوندا آهن.  

اهڙي هوا سئزرلينڊ جي الپ Alps جبلن مان جرمني ۽ سئزرليڊ جي ميداني علائقن ڏانهن  بهار جي آمد دوران گهلندي آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ اتي جهيڙا ، فساد، خودڪشيون، ٽرئفڪ حادثا معمول کان وڌي ويندا آهن. ان هوا کي Foehen Blows چوندا آهن ۽ جيڪي ماڻهون ان مان متاثر ٿيندا آهن انهن کي Foehen patient چوندا آهن.

اهڙي ڏائڻ هوا فرانس ۾ سخت سياري ۾ گهلندي آهي جنھن کي Mistral Wind چوندا آهن. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ بہ اهڙي هوا بهار جي شروعات ۾ گهلندي آھي جنھن کي Chinook چوندا آهي. اٽلي ۾ اهڙي هوا کي Sirocco ۽ وچ اڀر ۾ اهڙي هوا کي Sharav چوندا آهن.

اھڙن هوائن گهلڻ سان ماڻهن جا موڊ ۽ مزاج بلڪل تبديل ٿي ويندا آهن ۽  هرڪو پيو جهيڙو جهيڙو ڪندو آهي..
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/12/witches-wind.html

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment