Monday 17 December 2018

Vitamin D وٽامن ڊي | اصغر ساگر

 ”وٽامن ڊي    Vitamin Dylan
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسان جو جسم 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو رھي ٿو. گڏ گڏ اسان جي جسم ڪروڙين گهرڙا سرگرم رھن ٿا جن کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي وٽامن انهن گهرڙن جون خوراڪ پوريون ڪن ٿيون. وٽامن انهن گهرڙن کي توانائي مھيا ڪن ٿيون جن جي ڪري جسم جو فعل جاري رھي ٿو ۽ زندگي جو ڪاروھنوار ھلي ٿو. وٽامن ڪيميائي مرڪب ۽ اھم غذائي ضرورت آھن جيڪي گهرڙن جي ضرورت پوري ڪنديون رھن ٿيون. جيڪڏھن جسم ۾ وٽامنن جي کوٽ ٿي وڃي تہ انساني جسم بيمارين جي ور چڙھي سگهي ٿو. جسم ۾ جتي ھر وٽامن ڪم ڪري ٿي اتي وٽامن ڊي بہ پنھنجو ڪردار نڀائي ٿي. وٽامن ڊي جسم جي عضون ۔ پٺن ۔ ھڏين ۽ ڏندن کي مضبوط ڪري ٿي اتي دل ۔ بڪين ۔ ڦڦڙن ۔ تلي ۽ جيري کي مضبوطي ۽ تحفظ فراھم ڪري ٿي.
وٽامن ڊي ھڪ خاص قسم جي ڪيلٺو ھارمون calcitriol ۾ تبديل ٿي اسان جي جسم جي مدافعتي سرشتي کي متحرڪ ڪري ٿي. وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ وٽامن سي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. وٽامن ڊي جي غيرموجودگي ۾ وٽامن سي بغير جذب ٿيڻ جي جسم مان نڪري وڃي ٿي.
وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ ھارمون وانگر ڪم ڪري ٿو ۽ جسم جي ھر گهرڙي پنھنجي پھچ کي يقيني بنائي ٿي ۔ وارن ۔ اکين ۔ دل ۔ بڪين جيري ۽ ھڏيون ھي سڀ وٽامن ڊي گهرن ٿيون.
هي حياتين اسان جي هڏن جي بناوت لاءِ نھايت ضروري آهي. اها مڇي، کير، ڏهي ڪريم، پنير، مکڻ ۽ آنن ۾ ملي ٿي.
اها حياتين اسان جي کل کي اس جي بنفشي شعاعن Ultra violete Rays  جي عمل سان ٺاهي ٿي.
وٽامن ڊي ننڍڙي ٻار کان وٺي پوڙهي ماڻهو تائين هر عمر لاءِ ضروري آهن. وٽامن ڊي ٻارن ۾ هڏين جي نشونما ڪري ٿي. جديد تحقيق موجب وٽامن ڊي انساني هر حصي جي نشونما لاءِ ضروري آهي. هن جي وڌيڪ مقدار اسان کي ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچائي سگهي ٿي. وٽامن ڊي گھڻي ڄمار تائين هَڏَ مضبوط ۽ صحيح سلامت رکي ٿي. جيڪڏھن ماڻھو پاڻ کي مضبوط رکڻ چاھي تہ پنهنجي غذا ۾ ڪئلشم ۽ وٽامن ڊي جو گھربل مقدار حاصل ڪندو رھي. وٽامن ڊي جا وسيلا ھي آھن جن جي ذريعي وٽامن ڊي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
اُسَ (سج جي روشني)
چرٻي يا تيل واري مڇي
وٽامن ڊي مليل کاڄرو شيون
وٽامن ڊي واريون غذائي دوائون
19 کان 70 سالن جي ڄمار جي فردن کي روزانو 600 انٽرنيشنل يونٽ (600 IU) وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ کپن.
جسم ۾ ڪئلشيم جي سرشتي لاءِ وٽامن ڊي جو هئڻ بہ لازمي اهي. جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، هڏين ۾ ڪئلشيم جو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري انهن ۾ لچڪ گهٽجي ويندي اهي. انهيءَ ڪري پوڙهن جا هڏا آسانيءَ سان ٽٽي پوندا آهن. پوڙھائپ ۾ پوڙھن کي ڪئلشم جو استعمال ضروري ڪرڻ کپي.
طبي ماهرن جي تحقيقي رپورٽ ۾ ٿولھ جو شڪار ماڻهو وٽامن ڊي جي گهٽتائي جو شڪار ٿين ٿا. ماهرن مطابق جڏهن رت ۾ وٽامن ڊي جو مقدار مناسب هوندو آهي ته هارمونز "ليپي ٽن" پيدا ٿيندي آهي، جيڪو دماغ کي معدي جي خالي هجڻ يا ڀريل هجڻ بابت آگاهي ڏيندو آهي، ٿولھ جو شڪار ماڻهو ان هارمونز جي گهٽتائي سبب هر وقت کائڻ چاهيندا آهن جنھن جي ڪري هو وڌيڪ ٿلها ٿي ويندا آهن.
عورتن ۾ وٽامن ڊي جي ڪمي پوري ٿيڻ سان هڏين ۽ سنڌن ۾ سور ۾ واقعي گهٽتائي ٿي وڃي ٿي. عورت Memo pause غير رسمي وقفي ۾ معمولي مطابق زندگي گذاري سگهي ٿي ۽ هڏين ۽ سنڌن جي بيمارين کا بہ بچي سگهي ٿي. وٽامن ڊي جي ڪمي جو شڪار اڪثر ڪري اهي عورتون جيڪي شهرن اندر اونداهين گهٽين ۾ بند گهرن ۾ رهن ٿيون يا اهي ٻار جن کي بار بار انفيڪشن يا دستن جي بيماري ٿئي ٿي، گهٽ وزن وارا ٻار بہ وٽامن ڊي جي ڪمي جو شڪار رهن ٿا.وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري بدھاضمو ۔ موسمي ذھني مونجھ ۔ ٿولھ ۔ مدافعتي ڪمزوري ۔ ڊيمينشيا ۔ خارش ۽ چمڙي جون بيماريون ٿين ٿيون جڏھن تہ شڳر ۔ دم ۽ ڪينسر جھڙا مرض لاحق ٿي سگهن ٿا. 
وٽامن ڊي جي کوٽ سان Parkinson’s Disease رعشو يا هٿ ڏڪڻ فالج جي بيماري بہ پيدا ٿيندي آهي. اها بيماري دماغ brain ۽  Nervous system تنتي نظام کي متاثر ڪري ٿي. وٽامن ڊي Nerve cells تنتي گهرڙن کي تباھ ٿيڻ کان بچائي ٿو. نئين تحقيق موجب وٽامن ڊي انساني قوت مدافعت Immune System کي هلائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. جسم ۾ وٽامن ڊي هجڻ جي ڪري ڪينسرن کان بچاء ٿئي ٿو نہ تہ غدودي ڪينسر ، ڇاتي جو ڪينسر ۽ آنيدانين  جو ڪينسر جنم وٺي ٿو.

يورپي ماڻھن جا وار ڪڪا ڪيئن ٿيا :-
توهان اڪثر اھا ڳالھ نوٽ ڪئي هوندي تہ مغربي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن جا وار سنھري (ڪڪا)  هوندا آهن ان جي پويان هڪ تمام دلچسپ راز آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ يورپي ملڪن ۾ سج جي روشني زمين جي ٻين حصن جي نسبت گهٽ پوندي آهي جنھن جي ڪري هتان جي رهندڙ ماڻهن ۾ وٽامن ڊي جي ڪمي ٿيندي وئي. ٽين جاپاني يونيورسٽين حال ۾ ئي ان ڳالھ تي تحقيقات ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سج جي روشني گهٽ ظاهر ٿيڻ جي ڪارڻ هتان جي رهڻ وارن ماڻهن ۾  يارنهن(11)  هزار سال پھريان وٽامن ڊي جي ڪمي پيدا ٿي وئي ۽ ان کان پو انهن مردن ۽ عورتن جي وارن جو رنگ سونھري(ڪڪا) کان اڇا ۽ مختلف رنگن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا.

وٽامن ڊي جا اثر :۔

سج جي روشني :-
سج جي روشني ۾ وٽامن ڊي نٿي ٿئي. سج جي روشني جڏھن چمڙي تي پوي ٿي تہ اھا چرٻاڻ کي وٽامن ڊي ۾ تبديل ڪري ٿي. سج جون Ultraviolet B view length جون شعائون وٽامن ڊي ٺاھن ٿيون. ان جي ڏيک ڊيگھ 290 کان 320 نينو ميٽر تائين ھوندي آھي.

ھڏين جي نشونما ڪندڙ :-
ھي ھڏين ۽ ڏندن جي نشونما ڪري ٿي ۔ انهن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ ھڏن کي ڇوت Infection کان بچائي ٿي.

ڪئلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪندڙ :-
ھي جسم ۾ ڪيلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪري ٿي ۽ کين ترڪيب ڏئي ٿي. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن.
ھڏين جي ڪمزوري جو ھڪ سبب ڪيلشم سان گڏ وٽامن ڊي جي کوٽ ٿئي ٿي ان کان پوء جسم جي ٻين عضون جو وارو اچي ٿو.

انفيڪشن ختم ڪندڙ :-
وٽامن ڊي جو اھم ڪم مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ آھي ۽ انفيڪشن کي ختم ڪرڻ آھي. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري انفيڪشن جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳي وڃي ٿو ۽ ساھ جي نالي جھڙا انفيڪشن جيئن نزلو ۔ زڪام ۽ نمونيا جھڙا عارضا جنم وٺن ٿا.

ڪنگي روڪيندڙ :-
ھي ٻارن جي ڪنگي (ھڏين جي ٽيڏي پن) Rickets کي روڪي ٿي. وٽامن ڊي جي گهٽتائي سان هڏا نرم ويندا آهن ۽ ڦڏا ٿي ويندا آهن. عضوا ڍلا ٿي ويندا آهن. قدبت جي واڌ بيھي ويندي آهي ۽ انجي ڪمي سان سوڪ جو مرض پيدا ٿئي ٿو. هن وٽامن جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڪئلشم جو کاڌي مان رت ۾ جذب ٿيڻ ۽ هڏين ۾ پهچڻ اڻ مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ ٻارن ۾ نرم ھڏ Rickets ۽ وڏن ۾ ڪچ ھڏ Osteomlacia جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنھن ۾ هڏيون نرم ٿي پونديون آهن ۔ وزن جي داٻ سان مڙي پونديون آهن ۽ معمولي داٻ يا وزن سان ڀڄي سگهن ٿيون.

ڪيلشم جذب ڪندڙ :-
ڪئلشم جذب ڪرڻ لاءِ ججهي مقدار ۾ وٽامن ڊي جو هجڻ ضروري ٿئي ٿو، جيڪڏهن وٽامن ڊي نہ هوندي تہ جسم بہ اها جذب ڪري نہ سگهندو، جنھن سبب وٽامن ڊيءَ جا واڌو وزن کائڻ بيڪار ثابت ٿيندا.

خاص خامرن Enzymes جي مدد سان ھاضمي جي نظام کي درست ڪندڙ :-
خون ۾ خاص خامري الڪلي فاس Alkaline phosphate کي مناسب مقدار ۾ قائم رکي ٿي ۽ ان جي مدد سان ھڏين ۔ سنڌن ۽ ڏندن ۾ ڪئلشم جي اضافي مقدار کي ڄمڻ کان روڪي ٿي.
تحقيق مطابق صحتمند ماڻھن کي وٽامن ڊي جي ضرورت نٿي پوي.

وٽامن ڊي جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون :-

بار بار بيمار ٿيڻ :-
وٽامن ڊي جسماني قوت مدافعت کي مضبوط ڪري ٿي جنھن جي ڪري اسان جو جسم بيڪيٽيريا ۽ وائرسن سان وڙھڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بار بار انفيڪشن ٿيڻ ۔ نزلو ٿيڻ ۔ زڪام ٿيڻ ۔ جلدي فلو ٿيڻ اھي عارضا وٽامن ڊي کي ظاھر ڪن ٿا.

چڙچڙوپن :-
ڊپريشن ۽ چڙچڙي پن جو پاڻ ۾ تعلق آھي جنھن جي پويان ڪيئي جسماني ۽ نفسياتي اثر ٿين ٿا. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ڊپريشن جنم وٺي ٿي. جن عورتن ۽ مردن ۾ ڊپريشن رھي ٿي اھي وٽامن ڊي استعمال ڪن.

شڳر 2 :-
وٽامن ڊيءَ جي کوٽ سبب ذيابيطس2 جي حالت بدتر تہ شيردان (pancreas)  جي انسولن پيدا ڪرڻ جي قابليت متاثر ٿي پوي ٿي.

چيلھ جو سور :-
وٽامن ڊي ھڏين جي صحت لاء ضروري آھي ڇوجو جسم کي ڪئلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ ڪرنگهي جي نظام کي مضبوط ڪن ٿيون. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ھڏين جا مسئلا ۽ چيلھ جو سور جنم وٺي ٿو. ھڪ تحقيق مطابق وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري 9 ھزار عورتن کي شديد چيلھ جي سور کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.

ٿڪ ۔ پيڙ ۽ جسم ۾ سور :-
جيڪڏھن ڪو ماڻھو ننڊ پوري ڪري پوء بہ ان کي ٿڪ رھي ۔ جسم ۾ درد ۽ پيڙ ٿئي ائين محسوس ٿئي ڄڻ تہ ھڏ ٽٽن ٿا پيا ۔ اھي نشانيون وٽامن ڊي جون آھن. تحقيق مطابق مٿي جو سور ۽ ٿڪ وٽامن ڊي سان واسطو رکن ٿا. اھي عورتون جن ۾ ھروقت ٿڪ رھي اھو بہ وٽامن ڊي جي کوٽ ڏي اشارو ڪري ٿو.

مشڪن جو سور :-
وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري مشڪن جي ڪمزوري ۽ درد سان ٻہ چار ٿيڻو پوي ٿو. وٽامن ڊي اعصابي گهرڙن جي صحت ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي جيڪي دماغ تائين سور جو احساس پھچائين ٿا. مشڪن جا سبب مشڪل ٿي سگهن ٿا. ھڪ تحقيق مطابق 71 سيڪڙو ماڻھن ۾ مشڪن جو سور وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿو.

ھڏين جو سور :-
وٽامن ڊي جو وڏو ڪم ھڏين ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ آھي جنھن جي ڪري ھڏيون مضبوط ٿين ٿيون. وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ھڏين جي درد جي شڪايت عام ٿي وڃي ٿي خاص ڪري چيلھ سور وغيرھ، انهي حالت ۾ وٽامن ڊي تي ڌيان ڏجي.

شيروفيزينا :-
جسم ۾ وٽامن ڊيءَ جي اڻاٺ سبب شيزوفيرينا جي بيماري ٿي پوي ٿي.

زخم جو دير سان ڀرجڻ :-
سرجري يا ڌڪ جو زخم دير سان ڀرجي تہ اھو وٽامن ڊي جي کوٽ طرف اشارو آھي ڇوجو وٽامن ڊي جسم ۾ اھڙا مرڪب تيار ڪري ٿي جيڪي چمڙي جي مرمت ڪن ٿا. جيڪڏھن ڏندن جا زخم بہ دير سان ڀرجن تہ بھتر آھي تہ وٽامن ڊي جي ٽيسٽ ڪرائجي.

ھڏين جو ڀرڀرو ٿيڻ ۽ ٽٽڻ :-
ڪچ ھڏ يا ھڏين جو ڀرڀرو ٿيڻ مردن توڙي عورتن ۾ ان جي شڪايت رھي ٿي. پر اڪثيت ڪيلشم کي واپرائي ٿي جڏھن تہ وٽامن ڊي جي کوٽ بہ ٿي سگهي ٿي ڇوجو جسم ۾ موجود ڪيلشم ھڏين ۾ جذب ڪرڻ وٽامن ڊي جو ڪم آھي.

سورياس :-
سڄيءَ دنيا ۾ چنبل Psoriasis  جي علاج لاءِ وٽامن ڊي استعمال ڪئي وڃي ٿي.

وارن جو ٽٽڻ يا ڪرڻ :-
ڪڏھن ڪڏھن وارن ڪرندا آھن ۔ جسم ۾ ڪمزوري اچي ويندي آھي ۔ خشڪي اچي ويندي آھي اھي وٽامن ڊي جي کوٽ آھن.

پٺاڙن ۾ درد :-
جيڪڏھن پٺاڙن ۾ بار بار درد ٿئي اھا علامت وٽامن ڊي جي کوٽ کي ظاھر ڪري ٿي.

ذھني دٻاء :-
بار بار چڙ ۔ روئڻ لاء دل چوڻ ۔ ڳالھ ڪندي بر ٿيڻ اھي سڀ شيون ڊپريشن کي ظاھر ڪن ٿيون ۽ ڊپريشن وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب ٿي سگهي ٿي.بار بار چڙ ۔ روئڻ لاء دل چوڻ ۔ ڳالھ ڪندي بر ٿيڻ اھي سڀ شيون ڊپريشن کي ظاھر ڪن ٿيون ۽ ڊپريشن وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب ٿي سگهي ٿي.

Seasonal Affective Disorder        موسمي بي ترتيبي
سج جي روشنيءَ ۾ وائکي نہ ٿيڻ سبب ميلان Melatonin  هارمون بي توازن ٿي موسمي بي ترتيبي Seasonal Affective Disorder  بيماري پيدا ڪري ٿو.

 گهڻو پگهر اچڻ :-
جڏھن ماڻھو ڪو ڪم نہ ڪري رھيو ھجي ۽ پگهر تيزي سان خارج ٿئي ۽ پگهر جي موسم بہ نہ ھجي اھا وٽامن ڊي جي کوٽ آھي. جيڪڏھن چھري تي پگهر اڪثر چمڪي تہ ان کي وٽامن ڊي جي کوٽ سمجهجي.

مشڪن جي ڪمزوري :-
مشڪن جي ڪمزوري صرف فولاد جي کوٽ ناھي پر وٽامن ڊي جي کوٽ پڻ آھي. ھڪ تحقيق مطابق وٽامن ڊي مشڪن جي ضابطي وڌائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ پوڙھائپ ۾ فريڪچر جا امڪان نٿا رھن.

شدید درد
جيڪڏھن اڪثر ھڏين ۾ درد ھجي ۔ سنڌن ۽ مشڪن ۾ لڳاتار تڪليف ھجي ۽ اھا تڪليف ھفتن تائين جاري ھجي تہ وٽامن ڊي جي کوٽ طرف اشارو آھي. مناسب مقدار ۾ ورزش ڪرڻ سان دردن کان بچي سگهجي ٿو ۽ مشڪن ۾ لچڪ اچڻ ڪري مشڪون ٺيڪ ٿي وڃن ٿيون.

Fibromyalgia                                          ڏورن جو درد
وٽامن ڊي جي ڪُھني يا پراڻي اڻاٺ عام طور غلط تشخيص جو ڪارڻ بنجي، تہ ان کي فيبروميلايا Fibromyalgia  جي بيماري سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جون ساڳيون نشانيون جهڙوڪ: مشڪن جي ڪمزوري، ڏکڻ ۽ سُور ٿئي ٿو.

رھڙ يا رڳڙ اچڻ :-
معمولي رھڙ يا رڳڙ کان نجات ۾ ڪافي ڏينھن لڳي وڃن تہ سمجهجي تہ وٽامن ڊي جي کوٽ آھي. وٽامن ڊي چمڙي جي جڙڻ لاء نوان مرڪب فراھم ڪري ٿي ۽ سوڄ ۽ ڇوت Infection سان جهيڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

مردانا ڪمزوري :-
تحقيقن مطابق وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري مردانا ڪمزوري جنم وٺي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ Erectile dysfunction جو خطرو وڌي ٿو.

ومن ڊي جا فائدا :-

ھڏن ۔ تنتي سرشتي ۽ اعصابي سرشتي لاء :-
جيئن تہ جسم ۾ وٽامن ڊيءَ جي شديد کوٽ کي هڪ رات ۾ پورو ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري اهڙيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ ۾ ڪيترا مھينا لڳي وڃن ٿا جنھن لاءِ وٽامن ڊي جا واڌو وزن کائڻا پون ٿا ۽ سج ۾ وائکو ٿيڻو پوي ٿو تہ جيئن جسم جا هڏا ۽ تنتي يا اعصابي سرشتو سگهارو ٿي سگهي.
اهڙين حالتن ۾ جسم لاءِ رڳو سج ۾ وائکي ٿيڻ سان ايتري گهڻي مقدار ۾ وٽامن ڊي پيدا ڪرڻ ناممڪن ٿئي ٿي، ڇوتہ جسم پنھنجي لحاظ کان رڳو پنھنجيءَ ضرورت آهر وٽامن ڊي پيدا ڪري سگهندو آھي.

سيني جي تاڪي لاء :-
جيڪڏهن سيني جي تاڪي Sternum  کي زور ڏيڻ سان سور محسوس ٿئي تہ ممڪن آهي تہ هن وقت توهان وٽامن ڊيءَ جي شديد اڻاٺ ۾ مبتلا هجو. جسم جي وٽامن ڊيءَ کي استعمال ڪرڻ کان اڳ بڪيون ۽ جيرو ان کي فعال ڪرڻ کپي ڇوجو جيڪڏهن بڪين جو روڳ يا جيري جي تڪليف هوندي تہ جسم جي وٽامن ڊيءَ جي فعال ٿيڻ جي لياقت گهڻي متاٿر ٿيندي، جنهن سبب اها جسم ۾ گردش ڪري نہ سگهندي.

دل جي شريانين کي صحتمند رکندڙ :-
وٽامن ڊي سپليمنٽ وڌيڪ مقدار استعمال ڪرڻ سان دل جون رڳون لچڪدار ۽ تندرست رهن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ فالج ۽ دل جي دوري پوڻ جو بہ خطرو گهٽ رھي ٿو.
امريڪي رياست جاريجا جي شھر آگسٽا ۾ هن حوالي سان تحقيق ڪئي وئي جنھن ۾ اهو ثابت ٿيو تہ وٽامن ڊي دل لاء بھتر ثابت ٿي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي تہ وٽامن ڊي جي استعمال سان دل جو رڳن جي لچڪ وڌي ٿي ۽ رڳن ۾ سختي گهٽ ٿي وڃي ٿي. وٽامن ڊي سان رڳون نرم ۽ لچڪدار ٿينديون آهن  ۽ وٽامن ڊي هڏين لاء بھتري ۽ مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ڪمزور ٻارن لاء مفيد :-
خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي جيڪڏهن خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي مقدار ۾ کارائي وڃي تہ هو تيزي سان تندرست ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ۾ زبان ڄاڻڻ ۽ جسماني حرڪتن وارو نظام (موٽر سسٽم) تيزي سان بهتر ٿي وڃي ٿو. خوراڪ جي سخت کوٽ يا سيويئراڪيوٽ ميل نيوٽريشن خوراڪ جي گهٽتائي جي هڪ اهڙي شڪل آهي جيڪا بلڪل واضح نموني نظر ايندي آهي، جنھن جي ڪري ٻارن جو قد ننڍڙو ٿيندو آهي، اهي تمام گهڻو ڪمزور هوندا آهن ۽ انهن جي جسمن تي گوشت جي گهٽتائي هوندي آهي.انکاسواءِ انهن جي منھن تي، پيرن ۽ ٻين عضون تي سوڄ نمايان نظر ايندي آھي. انهن ٻارن ۾ عام طور تي وٽامن ڊي جي کوٽ هوندي آهي، جيڪا هڏن ۽ پٺن جي لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندي آهي ۽ جسم جي دفائي نظام کي مضبوط بڻائيندي آهي. جيڪڏهن خوراڪ جي گهٽتائي وارن ٻارن ۾ وٽامن ڊي پڻ گهٽ ٿي وڃي تہ ان سان پُٺا ڳرڻ لڳندا آهن.  انڪري ماهرن جو خيال آهي تہ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي مناسب خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي جو مناسب مقدار کارايو وڃي تہ ان جا فوري طور تي بھتر نتيجا نڪرندا.

ساھ جي تڪليفن کي ختم ڪندڙ :-
برطانيا ۾ ڪيل هڪ تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيو آهي تہ وٽامن ڊي وارا کاڌا کائڻ يا وٽامن ڊي جون گوريون باقائدگي سان استعمال ڪرڻ تي ساھ کڻڻ واري تڪليف واري بيماري جا خطرا گهٽ ٿي ويندا آهن. ان تحقيق دوران ڪجھ سالن ۾ ساھ کڻڻ جي تڪليف ۾ ورتل بيمار ٻارن ۽ وڏن تي ڪيل تحقيق تي بيمارن جي کاڌن جي عادتن جي حوالي سان جاچ ڪئي وئي. تحقيق کانپوءِ اها ڳالھ گهٽ ۾ گهٽ يقيني ٿي وئي تہ اهي بالغ ماڻهو جن پنهنجي روزاني جي کاڌي ۾ وٽامن ڊي وارين خوراڪن کي شامل رکيو، انهن کي ساھ کڻڻ جي تڪليف واري خطرن جي دورن کان گهٽ واسطو پيو. ٻارن ۾ بہ ڪجھ اهڙي صورتحال ڏسڻ لاءِ ملي، پر ان تحقيق ۾ شامل ماهرن جو چوڻ آهي تہ اڃا هنن کي ٻارن ۾ ساھ کڻڻ جي تڪليف جي دورن ۽ وٽامن ڊي ۾ لاڳاپي کي ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

ھڏين کي مضبوط ڪندڙ :-
وٽامن ڊي جي جسم ۾ کوٽ ٿيندي هڏين جي ڪمزور ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. ھڏين جي بيماري ۾ مبتلا مريضن کي بيماري جي تصديق کانپوءِ وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ لاءِ مڇي، آني جي زردي، تازيون ڀاڄيون واپرائڻ کپي. سردين جي موسم شروع ٿيندي ئي کير، ڏهي، ڊراءِ فروٽ ۽ سبزيون واپرائي وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ سان ھڏين جي ڪمزوري کان محفوظ رهي سگهجي ٿو.

شڳر کان بچائيندڙ :-
هڪ تحقيق موجب وٽامن ڊي جي سطح جسم ۾ بھتر هئڻ سان جگر بھتر نموني انسولين پيدا ڪندو آهي، تنھن ڪري پنھنجي جسم ۾ وٽامن ڊي جي گهرج ڄاڻڻ لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪرائيندا رهجي.

ڇاتي جو ڪينسر ختم ڪندڙ :-
وٽامن ڊي ڇاتيءَ جو ڪينسر گهٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. وٽامن ڊي هَڏن جي مضبوطيءَ لاءِ ضروري آهي جيڪو ڪراڙپ ۾ بہ ڪمزوري سبب پيدا ٿيندڙ ڪيترين ئي بيمارين کان حفاظت فراهم ڪندو آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي تہ وٽامن ڊي عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر کي بہ گهٽائي ٿو. آمريڪي طبي ماهرن جي تازي ڪيل تحقيق موجب ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتون وٽامن ڊي جي استعمال سان نہ رڳو موت جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن ٿيون پر انهن ۾ ڪينسر وڌڻ جو خطرو بہ گهٽجي ويندو آهي. ان حوالي سان آمريڪي طبي تحقيقي اداري جي ڊاڪٽر لارنس جو چوڻ تہ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شڪار عورتون، جيڪي وٽامن ڊي جو ڀرپور استعمال ڪنديون آهن، انهن ۾ ڪينسر وڌڻ ۽ موت جو خطرو 30 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي. سندس موجب وٽامن ڊي ڇاتيءَ ۾ ڪينسر جي خلين خلاف مزاحمت ڪندو آهي ۽ ان جي واڌ ويجھ کي بہ روڪيندو آهي. ماهرن واضح ڪيو آهي تہ وٽامن ڊي جي گهٽتائي ٻين قسمن جي ڪينسر ۾ بہ مبتلا ڪري سگهي ٿي. سندن تجويز موجب ان لاءِ کير، مڇي ۽ وٽامن ڊي جي سپليمنٽس جو استعمال ڪيو وڃي.

فالج کان بچائيندڙ :-
هفتي ۾ ٻہ ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو دورو پوڻ جو خطرو هنن ماڻهن کان گهٽ آهي جيڪي مڇي نہ کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن. اِها ڳالھ سويڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهرن سوزانہ لارسن، نڪولا ۽ سني جي سائنسي اخبار ”اسٽروڪ“ ۾ ڇپيل تازي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ مڇي ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان رت جي داٻ ۽ ڪولسٽرول تي سُٺو اثر پوي ٿو جنھن سان فالج جو خطرو پڻ گهٽجي ٿو. اِهو نتيجو آمريڪا، يورپ، جاپان ۽ چين ۾ جاري 15 تحقيقن جو آهي. هنن مان هر ريسرچ ۾ ماڻهن کان پڇيو ويو تہ اُهي هفتي ۾ ڪيترا ڀيرا مڇي کائيندا آهن. بعد ۾ 4 کان 30 سالن ۾ اِهو ڏٺو ويو تہ هنن مان ڪيترن ماڻهن کي فالج جو اٽيڪ ٿيو.
آمريڪا جي هاورڊ اسڪول ۾ وچڙندڙ بيمارين جي ماھرن مطابق مڇي ۾ ڪل اوميگا ٿري سان گڏ اضافي غذائي خاصيتون موجود آهن جنھن سان فالج جو خطرو گهٽجي ٿو، مڇي ۾ موجود وٽامن ڊي، سلينيم سان گڏ مختلف پروٽينن سان فالج کان بچاءُ ٿيندو آهي. تحقيق جا انگ اکر 30 کان 103 سالن جي عمر جي 4 لک ماڻهن کان گڏ ڪيا ويا. نتيجي مان پتو پيو تہ هر هفتي ٻہ ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو 6 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو. تحقيق ۾ ڪثرت سان مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو هنن ماڻهن کان 12 سيڪڙو گهٽ آهي جيڪي تمام گهٽ مڇي کائيندا آهن.  تحقيق مطابق تريل مڇي يا فش سينڊوچ کائيندڙ ماڻهن کي فالج ۾ فائدو نہ ٿيو پر  بنا تريل مڇي کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽيو. فالج جو خطرو گهٽائڻ لاءِ صحتمند خوراڪ کائڻ، وڌيڪ ورزش ڪرڻ سان گڏ معمول مطابق چيڪ اپ ڪرائڻ جو شعور بيدار ڪرڻ هنن ماڻهن لاءِ بہ فائديمند آهي جيڪي مڇي هرگز نہ کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/12/vitamin-d_17.html
By Asghar Ali Chandio

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment