Tuesday 18 December 2018

ورقي غدود Thyroid Gland | اصغر ساگر


ورقي غدود         Thyroid Gland
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسان جي جسم ۾ مختلف غدود ٿين ٿا جيڪي اسان جي صحت ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ھڪ غدود اسان جي ڳلي ۾ ٿئي ٿو جنھن کي ورقي غدود Thyroid Gland چيو وڃي ٿو. ٻين غدودن وانگر مخصوص قسم جو ھارمون تيار ڪري ٿو جنھن جو بنيادي ڪم غذائن مان حاصل ٿيندڙ جسماني توانائي کي مخصوص حد تائين اندر رکي ٿو. ٻين لفظن ۾ ورقي غدود پنھنجي ھارمون جي پيداوار ذريعي گهرڙ بدلائيت Metabolism کي جسم جو حصو بنائڻ جي عمل کي ضابطي ۾ رکي ٿو.
ورقي غدود Thyroid gland  ڀنڀوري وانگر ھڪ ننڍو غدود ٿئي ٿو جيڪو ڳلي جي اڳئين حصي ۾ ڪنٺ وانگر ھيٺ پاتو وڃي ٿو. ٻن حصن تي مشتمل ھي غدود ھوا جي نالي جي چوپاسي پاتو وڃي ٿو. غدود جو وزن ھڪ اونس کان گهٽ ٿئي ٿو. ھي ورقي غدود جسم جي ورقي سرشتي Endocrine system جو حصو آھي جيڪو مختلف عضون ۽ بافتن تي مشتمل ٿئي ٿو جن جو ڪم ھارمون يا ڪيميائي مرڪب تيار ڪرڻ ۔ جمع ڪرڻ ۽ انهن کي سڌو سنئون رت ۾ منتقل ڪرڻ آھي.
ورقي غدود ننڍن ننڍن ڳوڙھن وانگر غدودن تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو گهاٽي رس سان ڀريل ھوندو آھي جن ۾ ورقي ھارمون ٿين ٿا انهن ھارمونن ۾ وافر مقدار ۾ آيوڊين Iodine  ٿئي ٿو. ائين سمجهجي تہ اسان جي جسم ۾ آيوڊين جي 80 سيڪڙو مقدار ورقي غدود ۾ پاتي وڃي ٿي. غذا ۾ آيوڊين جي کوٽ ورقي غدود جي وڌڻ يعني ڳوڙھن جو سبب بنجي ٿي. ٻارن ۾ آيوڊين جي کوٽ ھارمون جي ڪارڪردگي متاثر ڪري ٿي. ان کي آيوک يا آيوڊين جي کوٽ (عدم نمو) Cretinism جي بيماري ٿي وڃي ٿي جنھن ڪري جسماني ۔ ذھني ۽ جنسي نظام پوري طرح نشونما نٿو پائي.
جھڙي طرح ايڪسيلريٽر انجڻ جي رفتار کي قابو ۾ رکي ٿو اھڙي طرح ورقي ھارمون انساني بدن ۾ گهرڙ بدل ڪيميائي رد عمل Metabolic chemical reaction جي شرح برقرار رکن ٿا. ھي ھڪ ڪيميائي رد عمل آھي جنھن جي ذريعي غذا نہ صرف توانائي پر نون اوڄن (بافتن) Tissues ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ورقي ھارمون بافتن جي تعمير ڪندي ۔ پراڻن بافتن جي تعمير ڪندي ۔ دل جي ڌڙڪن تي اثرانداز ٿيندي ۔ ڏورن ۾ توانائي ۽ جسم ۾ گرمي جي پيداوار کي برقرار رکن ٿا.
 ورقي غدود اسان جي جسم ۾ ٻيا بہ اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿو مثال طور ھي جيري کي خون جي رطوبت مان چرٻاڻ Triglyceride  جي وافر مقدار ۽ چرٻ پت (شحمي لحميہ) يعني لپروٽين LDL جنھن کي خراب پروٽين سڏيو وڃي ٿو ان کي خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
پت Cholesterol  پھرين صفرا ۾ منتقل ٿئي ٿي ۽ ان کان پوء پائخاني ۾ شامل ٿي وڃي ٿي ان ڪري ورقي ھارمون جي تمام گهٽ مقدار چرٻ پت (خراب پت) LDL جي اضافي ۽ ٺوس پت (سٺي پت) HDL جي ڪمي جو سبب بنجي ٿي.
ورقي ھارمون غذائي نالي ۾ ھضم ٿيندڙ رسن جي نيڪال کي تيز ڪرڻ ۽ عضلاتي (دلي) ريشن ۾ ٿيندڙ پاڻ پڻ حرڪت (حرڪت دودي) يعني غير ارادي حرڪتن کي وڌائن ٿا. ان ڪري ورقي ھارمونن جي گهڻائي آنڊن کي مسلسل حرڪت ڏيڻ جي ڪري دست لڳڻ ۽ ان جي کوٽ قبض جو سبب بنجي ٿي.
ورقي غدود کي قابو ۾ رکڻ جو عمل دماغ جي پوئين حصي
مغزي مرڪزي يا تنتي مرڪزي Hypothalamus کان شروع ٿئي ٿو. جڏھن مغزي مرڪزي کي خبر پوي ٿي تہ رت ۾ ورقي ھارمون جي ضرورت آھي تہ ھي دماغ جي کار (اساس) ۽ مٿئين حصي ۾ واقع جهاڳ غدود Pituitary gland کي پيغام ڏئي ٿو نتيجي ۾ اھو ڪيترائي ھارمون جوڙي ٿو جيڪي جسم ۾ سفر ڪن ٿا ۽ يقيني مرحلن کي اڳڀرو ڪن ٿا يا ٻين غدودن کي ٻيا ھارمون ٺاھڻ لاء اڀار ڏين ٿا.

ورقي ھارمونن جي ڪارڪردگي :- 
ورقي ھارمونن کي T3، T3 (ريورس T3) ۽ T4 جو نالو ڏنو ويو آھي. T3 ۽ RT3 ٻئي ھارمون T4 ھارمون مان حاصل ڪيا وڃن ٿا. ھارمونن جي ھي منتقلي بنيادي طور تي ورقي غدود کان ٻاھر جسم جي بافتن Tissues ۾ واقع ٿئي ٿي. ان لاء جڏھن اسان جي جسم کي ورقي ھارمونن جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي تہ ورقي ھارمون رت ۾ T4 ھارمون خارج ڪري ٿو. اھڙي طرح T4 ۽ ان مان بنجندڙ ٻيا ھارمون جسم جي مختلف گهرڙن تائين پھچي وڃن ٿا.

ورقي غدود جو وڌ يا گهٽ ٿيڻ :-
ورقي غدود ڪڏھن ڪڏھن وڌيڪ فعال ٿي وڃن ٿا ۽ وڌيڪ مقدار ۾ ھارمون تيار ڪرڻ لڳن ٿا ان صورتحال کي ورقي چاڙھپڻو Hyperthyroidism چيو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن ورقي غدود گهٽ ھارمون خارج ڪري ان ڪيفيت کي ورقي لاٿپڻو Hypothyroidism چئبو آھي. پھرين ڪيفيت ۾ 2 سيڪڙو مرد ۽ عورتون مبتلا ٿين ٿيون ۽ آخري ڪيفيت ۾ 2 سيڪڙو عورتون ۽ مرد مبتلا ٿين ٿا. ھارمونن جي وڌيڪ پيدا ٿيڻ يا ھارمونن جي گهٽ پيدا ٿيڻ جي ڪري ورقي غدود ٻن بيمارين جو شڪار ٿئي ٿو.
(1) ورقي چاڙھ                         Hyperthyroid
(2) ورقي لاٿ                            Hypothyroid

(1) ورقي چاڙھ                         Hyperthyroid
جيڪڏھن ورقي ھارمون پاڻ پڻ سرشتي تحت وڌيڪ ھارمون ٺاھي ان بيماري کي ورقي چاڙھ Hyperthyroid چئبو آھي. ورقي چاڙھ Hyperthyroid کان 50 ماڻھن مان ھڪ متاثر ٿئي ٿو ۽ ھي خرابي عمر جي ڪنھن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿي. ورقي غدود جي وڌيڪ فعال ٿيڻ سان ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا. دراصل سببن کي جاچڻ لاء رت جي جاچ ۽ اسڪيننگ جي ضرورت پوي ٿي. ھن بيماري جي اصلي وجھ ھي آھي تہ ورقي غدود خود پنھنجو ٽشو کي ڪو ٻاھريون حملي آور وائرس يا بيڪيٽيريا سمجهي ان تي حملو ڪري ٿو. ماھر ھن مھل تائين اھو سمجهي نہ سگهيا آھن تہ اسان جو جسماني نظام اھڙي قسم جي غلطي ڇو ٿو ڪري. دفاعي نظام جي ھن غلطي جي ڪري ڪيتريون بيماريون لاحق ٿي وڃن ٿيون جن کي اسان پاڻ پڻ بيماري Autoimmune disease چئون ٿا. ان بيمارين جي ڪري ورقي غدود وڌيڪ متحرڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ھارمون جي پيداوار حد کان وڌي وڃي ٿي. جيڪڏھن ورقي غدود سان ڳڙ يا ڳوڙھو ھجي تہ اھڙي صورت ۾ ورقي غدود وڌيڪ ھارمون ٺاھڻ شروع ڪري ٿو. ڪڏھن ڪڏھن دوائن کائڻ سان ھي شڪايت ٿي وڃي ٿي.

ورقي چاڙھ جون نشانيون :-
جسماني وزن جو گهٽ ٿيڻ.
دل جي ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ.
جسم ۾ ٿرٿراھٽ يا ڏڪڻي.
گهڻو پگهر اچڻ.
گرمي ناقابل برداشت ھجڻ.
بي چيني فڪر تشويش ۾ مبتلا ٿيڻ.
ڏورن جو ڪمزور ٿيڻ.
ڳلي ۾ ڳڙ ٿيڻ.
ڪپڙن ۾ بي قائدگي.

(2) ورقي لاٿ                            Hypothyroid
جيڪڏھن ورقي ھارمون پاڻ پڻ سرشتي تحت گهٽ ھارمون ٺاھي ان بيماري کي ورقي لاٿ Hypothyroid چئبو آھي. 
جيستائين ورقي لاٿ Hypothyroid جو تعلق آھي ھي خرابي مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ھي بيماري 40 سالن جي عمر کان پوء ڏٺي وئي آھي. ھن جي ڪري رت ۾ پت Cholesterol جي سطح وڌي وڃي ٿي جنھن جي ڪري دل جي بيماري جو خطرو وڌي وڃي ٿو. جيئن عمر ۾ اضافو ٿئي ٿو ھن بيماري جا اھڃاڻ ڪر کڻن ٿا. ضرورت کان وڌيڪ ورقي ھارمون جي پيداوار خاص ڪري انهن عورتن ۾ ٿئي ٿي جيڪي سن ياس جي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃن ٿيون. جسم کي بيمارين کان بچائڻ وارو قدرتي مدافعتي نظام ڪمزور ھجي يا ان جي ڪري جسم کي بيمارين کان بچائڻ وارو قدرتي مدافعتي نظام ڪمزور ھجي يا ان جي ڪري ورقي غدود جي قريب  يا ان کان پري جا عضوا متاثر ٿين تہ ورقي غدود مان تمام گهٽ ھارمون خارج ٿين ٿا. ورقي غدود جي غير فعال ٿيڻ جي ٻين سببن ۾ ضرورت کان وڌيڪ فعال ورقي غدود جي علاج ۾ بي اعتدالي ۽ جينياتي بيماريون مثال ڊائونس يا  ٽرنرز سنڊروم شامل آھن.

ورقي لاٿ جون نشانيون :-
ٿوري دير کان پوء ٿڪ محسوس ڪرڻ.
ننڊ اڏري وڃڻ.
ويسر ٿيڻ.
ڪنھن ڳالھ تي ذھن مرڪوز نہ ٿيڻ.
وارن ۔ چمڙي ۽ ننھن جو خشڪ ٿيڻ.
جسماني وزن ۾ اضافو.
دل ٻڏڻ.
افسوس ۾ رھڻ.
ماندگي ھجڻ.
قبض.
صنفي خواھش جي کوٽ.
ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي.
پيرن ۾ سوڄ ٿيڻ.
ڳلو ويھڻ.
ٿڌ برداشت ڪري نہ سگهڻ.
چھري ۽اکين تي سوڄ.
حيض وڌيڪ اچڻ.

ورقي غدود جي ٽيسٽ :-
غذا ۾ آيوڊين جي کوٽ - جسماني ۽ ذھني دٻاء موروثي نقص - وبائي مرض - جسم جي مدافعت کي سست ڪندڙ بيمارين - دوائن جي مضر اثر ۽ ڳلي جي ڳوڙھ تي ڌيان ڏيڻ کپي جيڪو ڪينسر جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿو.
ماڻھو راء رکن ٿا ورقي غدود جي مرض جي تشخيص لاء ڪيتري دير بعد ٽيسٽ ڪرائڻ کپي پر ٻار جي جلد ٽيسٽ ڪرائڻ کپي ڇو جو ٻار جي ٽيسٽ اھميت رکي ٿي. جيڪڏھن طبي معائنو ظاھر ڪري ٿو تہ ورقي غدود جي ڪارڪردگي ناقص آھي تہ عام طور تي رت جي پاڻيٺي حصي يا سيرم ۾ پاتي ويندڙ پروٽين جي ٽيسٽ ڪئي وڃي ٿي جيڪا ورقي غدود تي حملو ڪري ٿي. پر جي ٽيسٽ مان پتو پوي ٿو تہ ورقي ھارمون جي افزائش وڌيڪ ٿي رھي آھي تہ ٿائيرائيڊ جي اسڪيننگ ڪرائي وڃي ٿي پر ھي ٽيسٽ پيٽ واري عورت ۽ کير پياريندڙ عورت ڪرائي نٿي سگهي. ورقي غدود ۾ ننڍڙن ننڍڙن ڳوڙھن جو موجودگي جي صورت ۾ ڳوڙھن جو مواد کڻي ان جي بائي اوپسي ٽيسٽ ڪرائي وڃي ٿي تہ جيئن معلوم ٿئي تہ ڳوڙھو خطرناڪ تہ  ناھي.

علاج :-

(1) نسخو :-
سرنھن وڻ جو ٻج     100 گرام
ماکي                  50 گرام
سرنھن جي ٻج کي ڪٽي پائوڊر ڪري ماکي ملائي رکجي.
چمچو صبح شام
2 مھينن تائين استعمال ڪجي.
ھي ورقي غدود جو بھترين نسخو آھي بقول حڪيم شھزاد ملڪ ھي نسخو ھن جو ڪيترائي دفعا آزمايل آھي. ڳلي تي ڳوڙھا ڇا بدن جا ڳوڙھا بہ لھي وڃن ٿا انهن مان ڪي اھڙا مريض ھئا جن کي ڊاڪٽرن آپريشن جو مشورو ڏنو پر ھن دوا انهن کي مڪمل فائدو ڏنو.
ھلندڙ

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment