Tuesday 18 December 2018

Milk tea - a remedy for Glaucoma. کير واري چانھن ڪاري موتيي جو علاج | اصغر ساگر

Milk tea - a remedy for Glaucoma.
کير واري چانھن ڪاري موتيي جو علاج
اصغر ساگر
-------------
چانھن جسم تي بھترين اثر مرتب ڪري ٿي جيڪڏھن روز ماڻھو ٻن ڪوپن کان وڌيڪ نہ پيئجي ۽ چانھن ڪڙڪ نہ ھجي ڇوجو ڪڙڪ چانھن فائدي بجاء بيمارين جي ور چاڙھي سگهي ٿي ايتري قدر جو شڳر بيماري ڏيئي سگهي ٿي ۽ اولاد وارن جزن کي ختم ڪري سگهي ٿي. نيراني خالي چانھن نہ پيئجي نڪي بسڪيٽن يا ڊبل روٽي سان استعمال ڪجي ڇوجو پيٽ ۾ ڪيڙا ٿي سگهن ٿا ۽ اڳتي ھلي معدي جا مسئلا پيدا ٿيندا. صبح جو بھترين طريقو آھي تہ چانھن ماني سان کائجي يا ماني کان پوء چانھن پيئجي ائين جسم کي ٻل رھندو ۽ چستي ڦڙتي رھندي. ڪوشش ڪري ھوٽلن جي چانھن کان پرھيز ڪجي ڇوجو اھي ملاوٽدار پتي استعمال ڪن ٿا ۽ ھنڍي سڄو ڏينھن ٻڙڪندي رھي ٿي نتيجي طور ان مان نڪرندڙ زھريلا مادا ۽ زھريلا ڌاتو بيمار ڪري سگهن ٿا.
آمريڪا جي طبي ماھرن جي تحقيق مطابق روزانو گرم چانھن پيئڻ سان ڪاري موتيي جي مرض ٿيڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا. آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي تحقيق ۾ ھي ڳالھ سامهون آئي آھي تہ جيڪي روزانو گرم چانھن پيئن ٿا اھي ٻين ماڻھن جي مقابلي ۾ اکين جي وڏن مرضن جيئن انڌائپ ۽ ڪاري موتيي جي مرض ۾ مبتلا تمام گهٽ ٿين ٿا. تحقيق ۾ چانھن پيئندڙ ماڻھن کي شامل ڪيو ويو. ماھرن مطابق اھڙن ماڻھن ۾ ڪاري موتيي جا امڪان 74 سيڪڙو گهٽ نظر آيا. پروفيسر ڪولمين مطابق ڪارو موتيو خطرناڪ مرض آھي جنھن جو ھن مھل تائين ڪوبہ علاج دريافت ناھي ٿي سگهيو پر گرم چانھن جي پيئڻ جا فائدا ڏسي خود ٽيم دنگ ٿي وئي.
چانھن ٺاھڻ جو طريقو :-
کير ۾ پاڻي ملائي گرم ڪجي. ان ۾ پوري پتي وجهجي. جڏھن چار کن ٻڙڪا اچن تہ کنڊ ملائجي. گهمائي چانھن کي جلد لاھجي. ھي چانھن ذائقي ۾ بھترين ٿئي ٿي. ھڪ وقت چانهن جي پتي ۔ کير ۽ کنڊ ملائي چانھن ٺاھڻ سان بي مزو ٿي وڃي ٿي ۽ صحت کي نقصان ڏئي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment