Tuesday 18 December 2018

Botox بوٺوک | اصغر ساگر

 Botox     بوٺوک ۔ بوٺ زھر
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
بوٺ زھر Botulinum toxin جنھن کي بوٺوک Botox بہ چيو وڃي ٿو. اھو دنيا جو مشھور ترين ۽ سڀ کان خطرناڪ زھر آھي جيڪو Clostridium botulinum  بوٺول بيڪٽيريا مان پاتو وڃي ٿو. ان جا اٺ حصا ڪري يعني اي کان ايڇ تائين تقسيم ڪيو وڃي ٿو. بوٺوک Botox کي ميڊيڪل ۾ مشڪن جي حالتن muscular condition ۔ گهنجن wrinkles کي ختم ڪرڻ ۽ فالجي مشڪن paralyzing muscles لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهي کي عصبي زھر Neurotoxin مان ٺاھيو وڃي ٿو جنھن کي بوٺ زھر Botulinum toxin سڏجي ٿو جنھن کي ھڪ بوٺول بيڪيٽيريا  Bacterium Clostridium botulinum مان جوڙيو وڃي ٿو. پھرين ڪجھ حصن مان دوائون ٺاھيون وڃن ٿيون پر سڀ کان خطرناڪ حصو ايڇ آھي.
جيڪڏھن بوٺوک Botox رت ۾ شامل ٿي وڃي يا ساھ ذريعي ڦڦڙن ۾ شامل ٿي وڃي تہ موت يقيني ٿي وڃي ٿي. بوٺوک Botox عصبي زھرن Neurotoxin  جي سگنلن کي روڪي ٿو جنھن جي ڪري عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا. ڪاسميٽڪ ۾ بوٺوک Botox جو تحليلي بنيادن تي تمام گهٽ کان گهٽ مقدار انجيڪشن ذريعي لڳايو وڃي ٿو جنھن سان چھري جا گهنج ختم ٿي وڃن ٿا پر ھي ايتري مقدار گهٽ ھوندو آھي جو ان عضوي تائين محدود ھوندو آھي ۽ سڄي جسم ۾ نٿو پکڙجي، ان ڪري بوٺوک Botox کي ڪاسميٽڪس ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت آھي.
 بوٺ زھر Botulinum toxin ايڇ جو محض 4 گرام 40 لک انسانن کي فنا ڪرڻ لاء ڪافي آھي. جيڪي چون ٿا تہ 4 گرام بوٺوک Botox سان سڄي دنيا جا انسان مري سگهن ٿا اھي مغالطي ۾ آھن. جيڪڏھن بوٺوک جي ھڪ گرام جا 1000حصا ڪيا وڃن تہ ھر ھڪ حصو ملي گرام سڏرائيندو ۔ جيڪڏھن ھڪ ملي گرام جا 1000 حصا ڪيا وڃن تہ ھر ھڪ حصو نينو گرام سڏرائيندو. 2 نينو گرام ھڪ ماڻهو کي مارڻ لاء ڪافي آھن.
بوٺوک Botox سڌو سنئون اعصاب تي اثر ڪري ٿو ۽ اعصاب ۾ داخل ٿي اھم پروٽينن کي تباھ ڪري ٿو جنھن جي ڪري عصبن Neurons ۽ اوڄن Tissues ۾ رابطو ڪٽجي وڃي ٿو ۽ انسان موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ان ڪري بوٺوک Botox جو پاڻي ۾ اربون حصو ڪري ھڪ حصي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. بوٺوک Botox ست قسمن جي خوبين تي ٻڌل ٿئي ٿو ۽ ان جي استعمال جا مقصد بہ الڳ آھن. ھي ايترو خطرناڪ آھي جو صرف عسڪري ادارن ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ ھن جي ھڪ ڪلوگرام جي قيمت ھڪ ھزار کرب پائونڊ آھي.ان ھوندي بہ بوٺوک Botox جي گهرج ۾ کوٽ ناھي آئي ۽ ماڻهو اڄ بہ چھري تي سئي لڳرائڻ لاء وڏي رقم ڏيڻ کان مڙن نٿا.

بوٺوڪ انجيڪشن :-
بوٺوک اعصابي نظام تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ پٺاڙن تائين اعصاب کان اچڻ وارا پيغام نٿا پھچن جنھن جي ڪري چھري جا پٺا پرسڪون ٿي وڃن ٿا ۽ آھستي آھستي انهن جي فعاليت وڌي وڃي ٿي. بوٺوڪ جو اثر ٻن يا ستن ڏينھن ۾ نظر اچڻ لڳي ٿو. متاثر جڳھ ھموار ٿيڻ لڳي ٿي ۽ گهنج آھستي آھستي ختم ٿيڻ لڳن ٿا. دوائن جي مقابلي ۾ بوٺوڪ انجڪشن زيادھ اثردار ۽ ڪامياب آھي.
ھي انجيڪشن چھري جي گهنجن کي دور ڪري خوبصورتي بخشي ٿي. ھن جي استعمال سان چھري تي نظر ايندڙ وڏي عمر وارا اثر ختم ٿي وڃن ٿا ۽ توھان دلڪش ۽ حسين نظر اچڻ لڳو ٿا. بوٺوک کي گهڻي قدر مٿي تي پيل لڪيرن ۽ اکين جي چوڌاري لڪيرن کي ختم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن کي ڀرن جي وچ ۾ پيل گهنجن کي دور ڪرڻ لاء پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سج جي روشني يا ڪشش ثقل جي ڪري پوندڙ گهنج بوٺوک جي استعمال سان ختم نٿا ٿين پر چپن ويجهو پوندڙ لڪيرن کي ۽ چيلھ جي گهنجن کي ختم ڪرڻ لاء بوٺوک مفيد آھي.
بوٺوک لڳرائڻ جو عمل سادو آھي ھن کي لڳرائڻ لاء متاثر جڳھ کي سن ڪرائڻ جي ضرورت نٿي پوي ھڪ انتھائي باريڪ ٽڪي ذريعي بوٺوک کي پٺن ۾ لڳايو وڃي ٿو جتي گهنج ٿين ٿا ۽ لڳرائڻ کان پوء تڪليف بہ برداشت جھڙي ٿئي ٿي ۽ 7 ڏينھن ۾ اثر ظاھر ٿي وڃي ٿو.

ھن جي استعمال کان پھرين ڪھڙين ڳالهين جو خيال ڪرڻ کپي :-

جيڪڏھن ڪو ماڻھو اسپرين يا آئبوپروفين کائيندڙ ھجي تہ ان ڳالھ جو امڪان آھي تہ انجڪشن واري جڳھ تي زخم يا رڳڙ جو نشان پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اتان رت وھڻ لڳي ٿو ڇوجو ھي دوا خون کي پٽڙو ڪري ٿي ۽ وھڪ ۾ تيزي پيدا ڪري ٿي. ان ڪري رت جي وھڻ جا امڪان رھن ٿا. جيڪڏھن ڪو ماڻھو بوٺوک جي انجيڪشن لڳرائڻ چاھي ٿو ان کي کپي تہ 2 ھفتا پھرين انهن دوائن جو استعمال روڪي ڇڏي.
جيڪڏھن ڪو ماڻھو مڇي جي تيل جا ڪيپسول يا وٽامن اي کائي رھيو آھي تہ ان کي کپي تہ پھرين پنھنجي معالج سان مشورو ضرور ڪري.
ھن انجيڪشن کي لڳرائڻ کان پھرين گهٽ ۾ گهٽ ھفتو اڳ نشي وارين شين ۽ نشي وارين شين کان پري رھڻ کپي. پيٽ وارين عورتن ۽ کير پيئاريندڙ مائرن کي انجيڪشن لڳرائڻ کان پرھيز ڪرڻ کپي.
بوٺوک کي لڳرائڻ کان پھرين چمڙي جي ماھر کان مشورو وٺجي.

بوٺوڪ انجيڪشن لڳڻ کان پوء جو اثر :-

ھن انجيڪشن جو اثر 4 کان 6 مھينا اثر ھلي ٿو. ھن انجيڪشن کان پوء وقت سان گڏ پٺن ۾ وري ڇڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ گهنج وري ظاھر ٿي سگهن ٿا. ھي گهنج پھرين کان گهٽ ٿي وڃن ٿا. بوٺوک جو اثر ھر ماڻھو جي چمڙي مطابق ٿئي ٿو ڇوجو ھر ماڻھو جي چمڙي مختلف ٿئي ٿي ان ڪري ھر ماڻھو وٽ الڳ نموني اثر ٿئي ٿو ۽ ٻيھر بوٺوک انجيڪشن لڳرائڻ جو فيصلو ماڻھو تي ٿئي ٿو. انجيڪشن لڳڻ کان پوء پٺن جو مفلوج ٿيڻ ۔ چھري جو فالج ۔ مٿي جو سور ۔ ڳيھڻ جي تڪليف ۔ حساسيت ۔ اکين جي ڳاڙھاڻ ۔ ماڻڪين جو ڍرڪي پوڻ ۔ اکين جي خشڪي جھڙا عارضا ڪر کڻي سگهن ٿا ان سان گڏ انجيڪشن لڳڻ کان پوء جڳھ تي ڳاڙھاڻ ۔ زخم جو ٺھڻ ۔ زخم مان رت وھڻ ۔ سوزش ۽ درد جھڙا عارضا پيدا ٿي سگهن ٿا.

ھلندڙ
بوٺوک                                                       Botox
بوٺ زھر                                 Botulinum toxin
Clostridium botulinum        بوٺول بيڪٽيريا 
مشڪن جون حالتون           Muscular condition
گهنجن                                               Wrinkles
فالجي مشڪون                  Paralyzing muscles
Bacterium Clostridium botulinum
بوٺول بيڪيٽيريا
Neurotoxin                          عصبي زھر
عص                                           Neurons
اوڄن                                             Tissues

https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/11/botox-by-asghar-saghar.html?m=1

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment