Monday, 19 November 2018

Every fruit says what type of person you are while you like one of them. ھر ھڪ ميوو ٻڌائي ٿو تہ توھان ڪھڙي قسم جا ماڻھو آھيو جڏھن توھان انهن مان ھڪ کي پسند ڪريو ٿا.

MyDairyAsgharSagar

ھي ميوا توھان جي طبيعت کي ظاھر ڪن ٿا.توھان چئني ميون ڏي ڏسو جيڪو ميوو اوھان کي وڻي ٿو اھو ميوو اوھان جي مزاج کي ظاھر ڪري ٿو.
1) نارنگي (2) صوف (3) ڪيلو (4) ناريل

نارنگي                             Orange
توهان ۾ بي انتھا صبر ۽ ذهني قوت آهي. توهان شين کي آهستگيءَ سان ڪيو ٿا پر انهن ۾ ڳُوڙهي نموني شامل ٿي ڪنھن بہ شئي ڏانھن ڌيان نٿا ڏيو. توهان شرميلا آهيو، پر بااعتماد ۽ ڀروسي جوڳا دوست بہ آهيو. توهان جو ذهن بہ ڏاڍو نفيس آهي ۽ توهان پنھنجي ساٿيءَ جي چونڊ سوچي سمجهي ڪندا آهيو. توهان سچي دل سان پيار ڪندا آهيو ۽ هر قيمت تي جهيڙي کي ٽارڻ گهرندا آهيو.

صوف                                 Apple
توهان هٿ جا ڇُوٽَ، پورالا ۽ بي ڌڙڪ راءِ ڏيندڙ آهيو ۽ ڪجھ جذباتي بہ آهيو. اهو ٿي سگهي ٿو تہ توهان بھترين منتظم نہ هجو، پر توهان بهتر اڳواڻ ثابت ٿي سگهو ٿا ۽ شين کي اڳيان وڌائڻ ۾ بھتر نموني سان پنھنجو حصو ادا ڪري سگهو ٿا. انيڪ صورتحالن ۾ اوهان تڪڙو قدم کڻي سگهو ٿا. توهان کي سفر ڪندي مزو اچي ٿو. توهان جڏهن پنهنجي دوستن سان گڏ هوندا آهيو تہ بيحد فرحت ۾ هوندا آهيو. اوهان کي زندگيءَ سان اڻ ميو چاھ هوندو آهي، جيڪو گهڻن وٽ نہ هوندو آهي.

ڪيلو                               Banana
طبيعت جي حوالي سان اوهان نرم مزاج، محبت ڪندڙ ۽ پُرخلوص آهيو، توهان گهڻو ڪري خوداعتماديءَ جي کوٽ جو شڪار هوندا آهيو ۽ فطرتن ڊڄڻا هوندا آهيو. گهڻا ماڻهو خاص طور اوهان جي مٺي طبيعت ۽ صورتحال اڳيان مُنجهڻ مان فائدو وٺندا آهن. توهان پنهنجي ساٿيءَ جي جسماني ۽ ذهني سونهن جي لاڳيتي تعريف ڪندا آهيو ۽ توهان جي اهڙي طبيعت جي ڪري توهان جي تعلقاتن ۾ سدائين هم آهنگي رهندي آهي.

ناريل                              Coconut
ناريل کي پسند ڪندڙ بيحد سنجيده، ڳُوڙهي سوچ وارا ۽ گيان ڌيان ڪرڻ وارا هوندا آهن. جيتوڻيڪ توهان کي ماڻهن سان ملڻ پسند آهي، پر اوهان پنهنجي ساٿين جي چونڊ بابت ڏاڍا محتاط هوندا آهيو. توهان ضدي بڻجڻ گهرندا آهيو، پر ان ۾ عقل جو دامن نہ وڃائيندا آهيو. حاضر دماغ، هوشيار ۽ فھميدو هئڻ جي ڪري، توهان جي سدائين اها ڪوشش هوندي آهي، تہ هر صورتحال ۾ ۽ پاڻ کي ڏنل هر ڪم ۾ اوهان مٿاهين مقام تي هجو. توهان کي هڪ عقلمند ساٿيءَ جي گهرج هوندي آهي ۽ جيتوڻيڪ صبر خاص اهميت رکي ٿو، پر اهو اوهان لاءِ سڀ ڪجھ ناهي.

مڇيءَ جا ڪباب

MyDairyAsgharSagar

 "زاھد آرائین "

⏪ترڪيب :-
⏪هيٺيون گھربل شيون تيار ڪري رکو:

◀مڇي                                اڌ ڪلو
◀ڊبل روٽيءَ جا سلائيس       چار
◀بصر                                  هڪڙي ڳنڍ
◀ٿُومَ جو پائُوڊر                   هڪ چانهہ جو چمچو
◀گرم مصالحو                      هڪ چمچو
◀سُڪَل ماني                      ھڪڙي
◀ادرڪ جو پائوڊر                هڪ چمچو
◀ڪوتمير
◀لُوڻ
◀ساوا مرچ                          ٻہ عدد
◀بيدا                                  ٻہ عدد
◀تيل هڪ پاءُ

⏪طريقو

🌟هڪڙي هنڊيءَ ۾ ڳچ پاڻي ڀري چلھ تي رکو.
🌟مڇيءَ کي پرڻ ۾ رکو ۽ پرڻ کي هنڊيءَ تي رکو.
🌟چلھ چالُو ڪريو.
🌟مڇي ڳري وڃڻ کان پوءِ چلھ بند ڪريو.

🌟تيسين ساون مرچن کي ڪُتريو.

🌟سُڪَل مانيءَ کي ڪُٽي چورو ڪريو.

🌟هاڻي بصر جي ڳنڍ کي سنهو ڪٽيو.

🌟ڊبل روٽيءَ جي چئن سلائيسن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ۽ پوءِ نپُوڙيو.

🌟بيدن کي ٽوڙي انهن جي اڇاڻ کي هڪ پياليءَ ۾ وجھو، جڏهن تہ ٽڪيون الڳ ڪري ڇڏيو.

🌟ڪوتمير کي سنهو ڪُتريو.

🌟هاڻي مڇي ڳري چڪي هوندي. چلھ کي بند ڪريو ۽ مڇيءَ جي گوشت مان ڪنڊا وغيرہ الگ ڪري ڪنهن ٿانو ۾ رکي ھلڪو ڪُٽيو.

🌟هاڻي مڇيءَ ۾ لوڻ، ڪُتريل ساوا مرچ، ڪوتمير، ادرڪ جو پائوڊر ۽ ڊبر روٽيءَ جا نپوڙيل سلائيس ملايو ۽ چڱي نموني مڪس ڪريو.

🌟هاڻي ٿوري ٿوري مڇي کڻي ان جا گول ڪباب ٺاهي انھن جي مٿان ٻنھين پاسن کان سڪل روٽي جو پائوڏر لڳائي هڪ پليٽ ۾ رکندا وڃو.

🌟هاڻي چلھ تي تَئِي کي رکو ۽ ان ۾ تيل وجھو.

🌟مڇيءَ جي ڪبابن کي بيدي جي اڇاڻ ۾ ٻوڙي تَئِي ۾ وجھي تريندا وڃو.

🌟ترڻ مھل مڇيءَ جي ڪبابن کي سڙڻ کان اڳ تَئِي مان ڪڍڻ نہ وساريندا.

تَئِي مان ڪڍي پليٽ ۾ رکندا وڃو.
مڇيُ جا ڪواب کائڻ لاء تيار آھن

Prohibited things in winter سياري ۾ منع ڪيل شيون

MyDairyAsgharSagar


"ا"صغر ساگر

سردي جو آغاز ٿيڻ سان ماڻھن جي کائڻ جو رجحان وڌي وڃي ٿو. ھن موسم اونهاري جي ڀيٽ ۾ کائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي. ماھر ھن موسم ۾ خشڪ ميون جي کائڻ کي بھتر تصور ڪن ٿا. سياري ۾ ڪھڙيون شيون گهٽ کائجن ان جي باري ۾ معلومات ڏجي ٿي.

کير :-
ڏسجي تہ کير کي مڪمل غذا مڃيو وڃي ٿو پر سياري ۾ بھتر آھي تہ ھن جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي. ماھرن مطابق سياري ۾ کير بلغم کي وڌائي ڳلي جي خارش جو سبب بنجي ٿو.

مشروب :-
ھر شخص ھن موسم ۾ کير ۽ چانھن جي استعمال کي پسند ڪري ٿو پر انهن مشروبن ۾ موجود چرٻي ۽ ڪيفين کي ذھن ۾ رکڻ جي ضرورت آھي. ھي مشروب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب ٿي سگهن ٿا. ان ڪري انهن کي وڌيڪ نہ پيئجي ۽ پاڻي کي ترجيح ڏجي.

گوشت :-
گوشت پروٽين جي حاصل ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھي. پر گهڻو پروٽين بي پي ۽  ڳلي جي مرضن جو سبب ٿي سگهي ٿو خاص ڪري وڏو گوشت. ان ڪري بھتر آھي تہ ھن موسم ۾ ڪڪڙ ۽ مڇي کي ترجيح ڏجي.

تريل شيون :-
تريل شيون Transfat چرٻ کان بہ ڀرپور ٿين ٿيون غذائي فائدي بجاء اڃان جسم ۾ ڪيلريون وڌائن ٿيون نتيجي طور بدھضمي بي پي ۽ معدي جا مسئلا ڪر کڻن ٿا.

مٺيون شيون کائڻ :-
ماھرن مطابق سياري ۾ مٺيون شيون کائڻ سان جسماني نظام ڪمزور ٿي سگهي ٿو ۽ مختلف مرض جسم کي پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهن ٿا.

لوڻ وار کاڌا کائڻ :-
سياري جي موسم بي پي ۽ فالج جي موسم آھي. ھن موسم ۾ جيترو ٿي سگهي اوترو لوڻ جو گهٽ استعمال ڪجي ڇوجو لوڻ جسم ۾ گڏ ٿيندو رھي ٿو ۽ لوڻ جو نيڪال جسم مان گهٽ ٿئي ٿو نتيجي طور ھن موسم ۾ بي پي ۽ فالج اڀار کائن ٿا ۽ گهڻا موت واقع ٿين ٿا.

بيدو کائڻ :-
جن ماڻهن کي بي پي جو عارضو رھي ٿو اھي سياري ۾ بيدي کائڻ کان پرھيز ڪن ڇوجو بيدي ۾ گهڻي چرٻاڻ ٿئي ٿي ۽ بي پي کي وڌائي سگهي ٿي.

Saturday, 17 November 2018

Blue Java Banana نيرو ڪيلو

MyDairyAsgharSagar

By Asghar Sagar اصغر ساگر


دنيا ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڪيلن جا قسم آھن ھر ڪيلو پنھنجي مناسبت سان افاديت ۽ اھميت رکي ٿو ھر ڪيلو پنھنجو ذائقو رکي ٿو. نيرنج ڪيلو بہ انهن مان ھڪ آھي. يورپي ملڪن ۾ ھن ڪيلي کي محبت جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي ان ڪري اڪثر يورپي ھن ڪيلي کي پيار Love چوندا آھن. واقعي جڏھن ھن ڪيلي کي ڏسبو آھي تہ دل کي ازخود ھن جو منظر وڻندو آھي ايتري قدر جو ھي ڪيلو ھر گهر جي اڱڻ ۾ پوکيو ويندو آھي ۽ ھن کي ڏسي سڪ جي آسيس کي سڪون ملندو آھي.
نيرنج ڪيلن کي نيرو چاندي جھڙو رنگ ھوندو آھي جڏھن اھي اڃان ننڍا ۽ اوسر ۾ ھوندا آھن پر پچڻ کان پوء پيلا ٿي ويندا آھن. اھي عام ڪيلن جي ڀيٽ ۾ ننڍا ۔ مستطيل نموني ۽ گڪا plump  ھوندا آھن. ھن جو ذائقو ماکي ۽ ونيلا ڪسٽرڊ جھڙو ھوندو آھي. ھن جو ذائقو ونيلا آئسڪريم سان ملي ٿو ۽ ونيلا آئسڪريم جيترو بھترين ذائقو رکي ٿو.
نيرنج ڪيلي جو نباتات ۾ نالو موسا اڪيومنيٽا Musa acuminata آھي. نيري ڪيلي کي فجي ۾ پاڪا ۔ وچ آمريڪا ۽ اوڀر انڊيا ۾ ڪينزو ۽ فلپين ۾ ڪرائي ۽ حوائي ۾ حوائي ڪيلو يا آئسڪريم ڪيلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
موسا بلبسيانا Musa balbisiana ۽ موسا ايڪيومنٽا Musa acuminata کي پيوند ڪري ھڪ نئون ڪيلو ٺاھيو ويو جنھن کي نيري ڪيلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ھي ڪيلو چرٻي گهٽائيندڙ ۽ دل لاء متوازن غذا Heart-healthy diet آھي. ھي توانائي ڏيڻ کان سوا ٻيا ڪيترائي فائدا رکي ٿو. ھن ۾ پوٽيشم ۔ وٽامن ۔ معدنيات ۔ غذا وارا خامرا ۽ نباتي متوازن جزا Phytonutrients ٿين ٿا. نيرو ڪيلو ھر کاڌي ۾ استعمال ٿئي ٿو ۔ ڪسٽرڊ ۾ پوي ٿو ۔ مانين ۾ شامل ٿي ان کي ذائقيدار ڪري ٿو ۔ ڪيڪن جي زينت بنجي ٿو ۔ آئس ڪريم جي سواد کي وڌائي ٿو ۽ ڪريمن جي ذائقي کي وڌائي ٿو.
نيري ڪيلي مان ڪافي ذائقيدار شيون ٺھن ٿيون. ھي اخڙوٽ ۔ چاڪليٽ ۽ تازن ميون سان گڏجي غذادار ڏھي يو ڪريم جي سواد کي وڌائي ٿو.  Blue Banana Frozen Yogurt کي جنوري 2011ع ۾ ايجاد ڪيو ويو جنھن کي کائڻ سان وڏو لطف اچي وڃي ٿو ۽ دل ان کي وري وري کائڻ لاء چوي ٿي.
نيري ڪيلي سان 2 ڪھاڻيون منسوب آھن. پھرين ھن کي يورپ جي بليو بنانا ڊسٽرڪٽ سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آھي. ٻيو ھن بابت رايو آھي تہ اھو ڏکڻ برطانيہ مان شروع ٿيو پوء اتر فرانس ڏي وڌيو. ان کان پوء اوڀر کان ٿي جرمني ڏي ۽ آخر ۾ ڏکڻ کان اٽلي ڏي. مڙيل ھئڻ ڪري ھن تي بليو بنانا ضلعي جو نالو پيو.
بليو ڇو؟
ھي بليو بنانا ڊسٽرڪٽ اٽلي وارو علائقو يورپ جي معاشي ۽ سماجي ڪرنگهي کي ظاھر ڪري ٿو جتي ڪيلي کي ٻن ڪيلن کي پيوند ڪري تخليق ڪيو ويو. نيري ڪيلي مان ٺاھيل ڏھي تمام سواد واري ٿئي ٿي جنھن کي اڃان بہ کائڻ لاء دل چوندي آھي. ھن مان ٺھيل حوائي واري آئسڪريم تمام مشھور آھي. حوائي ملڪ ۾ 100 کان وڌيڪ ڪيلن جا قسم اپايا وڃن ٿا سڀ جا سڀ ذائقيدار.
ھن ڪيلي ۾ نشاستو ۽ کنڊ ٿئي ٿي. نشاستو کنڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. جڏھن ھي ميوو پچي ٿو، ھن ڪيلي ۾ حقيقي مٺاڻ ۽ سواد اچي وڃي ٿو. حوائي ۾ ھن ڪيلي کي آئسڪريم ڪيلو چيو وڃي ٿو. ھي 15 کان 20 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ھن جون ٽاريون ننڍيون ٿين ٿيون ھي 7 کان 9 ھٿ رکي ٿو. شڪل ۾ ڪٻو يا گڪو Plump نظر اچي ٿو. ھن ڪيلي جي کل سخت ٿئي ٿي ان ڪري ٿڌ برداشت ڪرڻ جي وڏي سھپ آھي ڀلي طوفان اچن پر ھي ڪيلي جو وڻ لکا محسوس نٿو ڪري.
نيرنج ڪيلا مشھور ڪيلا آھن ڇوجو انهن کي رڌي يا تازو کائي سگهجي ٿو. ھي ذائقي جي حساب سان مقبول آھن جن جو ذائقو ونيلا آئسڪريم سان ٺھڪي ٿو. ھي ڪيلو کائڻ وقت آئسڪريم ۾ 14 چنڊ لڳائي ٿو.
نيري ڪيلي کي صوف ڪيلو يا منانو ڪيلو بہ سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪيلي ۾ 8 امينو ايسڊ ٿين ٿا جن کي اسان جو جسم پاڻ پيدا ڪري نٿو سگهي.
نيرنج ڪيلي جا فائدا :-
◀ھي ڪيلو ٻين ڪيلن وانگر پوٽيشم جو بھترين ذريعو آھي
◀ترت توانائي مھيا ڪري ٿو
◀ٿڪ جي احساس کي جلدي ختم ڪري ٿو
◀پاڻ ۾ قدرتي مٺاڻ رکي ٿو
◀ھڏين جي نشونما ڪري ٿو
◀دستن ۾ مفيد آھي
◀ڀاڄي طور استعمال ٿئي ٿو جنھن کي کائڻ سان ذائقي جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا
◀ڏھي کي ڄمائي ٿو
◀ڏھي ۾ پنھنجي بھترين آميزش سان ان جي سواد کي بھترين بنائي ٿو
◀ذائقي ڀلي ھئڻ ڪري وڌيڪ کائڻ جي رغبت ڏئي ٿو.
By Asghar Ali Chandio

Boo Ali Sina بو علي سينا

MyDairyAsgharSagar
By Rawal Rasheed 

بو علي سينا جو پٽ بيمار هو. هن ڪافي علاج ڪيو پر بچي نہ سگهيو..
پٽ جي لاش کي ڏسندو رهيو ته اوچتو هڪ غمخوار پڇي ورتو
”حڪيم! هن جي موت جو سبب ڇا هو!؟“
بو علي سينا جواب ڏنو
آئون تہ هن جي زندگيءَ جو سبب پيو ڳوليان!
موت تہ بعد ۾ آيو آهي
.

Goodness returns to you نيڪي توڏي واپس وري ٿي

MyDairyAsgharSagar
By Asghar Sagar اصغر ساگر

A Father lost his loving and caring wife.She died of cancer.He has five dafatherughters.Four men came to ask for their hands in marriage, but the father wanted to marry the eldest first.The eldest daughter refused as she wanted to look after him.So the father married the four girls.
والد پياري ۽ سنڀال ڪندڙ زال کي وڃايو. ھوء ڪينسر وگهي مري وئي. ھن کي پنج ڌيئرون ھيون. 4 ماڻھو انهن جي سنڱ لاء آيا پر والد پنھنجي وڏي ڌي جي شادي چاھي پئي. وڏي ڌي انڪار ڪيو ڇوجو ھن جي سنڀال ڪرڻ چاھي پئي. ان ڪري پي پنھنجي 4 ڌيئرن جي شادي ڪرائي.
The eldest daughter waited on her father until he passed away.
They opened a letter he left and it read" Do not divide the house or sell it until your eldest sister gets married.She sacrificed her happiness for me".
وڏي ڌي پنھنجي پي جو سھارو بڻي جيستائين ھو گذاري ويو. ھن جي وڃڻ کان پوء انهن خط کوليو ۽ ان ۾ لکيل ھيو
”جيستائين وڏي ڀيڻ شادي ڪري تيستائين گهر کي نہ ورھائجو ۽ نہ کپائجو. ھن مون لاء پنھنجي خوشي قربان ڪئي آھي.“
The four daughters turned the blind eye to the letter and decided to sell the house so that everyone would take her share.Without Taking into account the situation of the eldest daughter, they sold the house to a rich man.
چئن ڀينرن خط کي نظر انداز ڪيو ۽ گهر کي کپائڻ جو فيصلو ڪيو تہ جيئن ھرڪو پنھنجو حصو کڻي. وڏي ڀيڻ جي موقعي کي ڏسڻ بنا انهن ھڪ شاھوڪار کي گهر کپايو.
When the eldest daughter realised that there would be no turning back,she phoned him and told him about her situation.She explained to him that she would have nowhere to go and asked him to give her some time to look for a suitable place.The man agreed.
جڏھن وڏي ڀيڻ محسوس ڪيو تہ واپسي جي ڪابہ واٽ نہ نڪرندي ۔ ھن ھن کي فون ڪئي ۽ ان کي پنھنجي حالت ٻڌائي. ھن ھن آڏو وضاحت ڪئي تہ ھن وٽ وڃڻ لاء ڪابہ جڳھ ناھي ۽ ھن کي موزون جڳھ ڏسڻ لاء ڪجھ وقت ھن کي ڏيڻ لاء چيائين. ماڻھو راضي ٿيو.
The house was sold and the money was equally split.The four married daughters went back to their husbands' houses.Two of them bought a holiday in an exotic location.One bought a brand-new car and the other purchased a new flat in a more beautiful neighbourhood.
گهر ورھايو ويو ۽ دولت برابر ورھائي وئي. چارئي ڀينرون پنھنجي مڙسن جي گهرن ڏي واپس ويون. انهن مان ٻن ھڪ ڀلي جڳھ تي موڪل گذاري. ھڪ نئين برانڊ ڪار ورتي ۽ ٻي خوبصورت پاڙي ۾ ھڪ نئون فليٽ ورتو.
The eldest daughter trusted sincerity and had very strong faith in goodness that it would return back to her. She knew that she would never be let down as she was an obedient daughter.
وڏي ڌي خلوص تي ڀروسو ڪيو ۽ پنھنجي ڀلائي ۾ مضبوط يقين رکيو تہ اھا ھن ڏي واپس ورندي. ھن ڄاتو پئي تہ ھوء ڪڏھن بہ نہ ڪرندي ڇوجو ھي وفادار ڌي آھي. 
A few months had gone by when she received a call from the owner of the house.She panicked. She thought he would kick her out of the house.
ڪجھ مھينا گذري چڪا ھئا تہ ھن کي گهر جي مالڪ جي فون آئي. ھن کي جهٽڪو لڳو. ھن سوچيو تہ ھي ھن کي گهران ڪڍندو.
the girl stuttered “so r r r y.i still have not found a place."
"Do not worry.I have not called you for that.I called you to tell you that I'd come and hand  you a document from the court .it had offered you the house as a dowry.if you accept,I will be more than happy to be your husband.In both cases,the house is yours.it is your lawful possession."
the girl cried and cried and learned and was reassured when you do good it will return back to you.
She married the man and they lived happily forever after.
ڇوڪري ھٻڪي. ”گهڻو ا ا ا ا ا فسوس! مون کي اڃان تائين جڳھ نہ ملي آھي.“
”ڳڻتي نہ ڪريو ۔ مون توھان کي انهي لاء ڪال نہ ڪئي آھي. مون توھان کي اھو ٻڌائڻ لاء ڪال ڪئي تہ مان ايندس ۽ توھان کي ڪورٽ جو ڪاغذ ڏيندس. اھو توھان کي ڏاج جي صورت ۾ ڏنو ويو آھي. جيڪڏھن توھان قبول ڪندئو توھان جي مڙس ٿيڻ ۾ مون بيحد خوشي ملندي. ٻنهي صورتن ۾ گهر توھان جو آھي. اھو توھان جي قانوني ملڪيت رھندو.“
ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙھا وھي آيا ۽ روئي ڏنائين ۽ سکيائين ۽ پڪ ڪيائين تہ توھان نيڪي ڪندو اھا واپس توھان ڏي ايندي. ھن شادي ڪئي ۽ اھي ان کان پوء سدائين خوش رھيا.

Newton's laws of motion نيوٽن جي حرڪت جا قائدا

MyDairyAsgharSagar
تحرير :- رئوف آزاد
ترتيب ۽ واڌارو :- اصغر ساگر

نيوٽن جا حرڪت جا قانون فزڪس جا قانون آھن جيڪي ڪلاسيڪل ميڪينڪس جو بنياد آھن جيڪي جسم ۽ انھن تي اثرانداز ٿيندڙ طاقتن جي وچ ۾ تعلق ۽ انھن طاقتن جي اثر سان پيدا ٿيندڙ حرڪت جي باري ۾ بيان ڪن ٿا. نيوٽن جي حرڪت جا ٽي قانون آھن.

⏩(1) Newton's First Law of Motion
نيوٽن جو  پھريون قائدو.

⏩(2) Newton's second law of Motion
نيوٽن  ٻيو  قائدو.

⏩(3) Newton's third law of Motion
نيوٽن  جو ٽيون قائدو.

⏩(1) Newton's First Law of Motion
⏪(1) نيوٽن جو  پھريون قائدو :-

جيڪو جسم سڪون واري حالت ۾ آهي، اُهو هميشہ سڪون واري حالت ۾ رهي ٿو، جيستائين اُن تي ڪو ٻاهريون زور اثر نٿو ڪري. زور هڪ اهڙو ذريعو آهي جيڪو جسم جي سڪون واري حالت يا يڪسان حرڪت واري حالت کي تبديل ڪري ٿو. هڪ جسم هميشہ هڪ طرف ئي حرڪت ڪندو جيستائين اُن تي ڪو زور عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن اسين بال اُڇلائيندا آهيون تہ اُهو يڪسان حرڪت ڪندو رهي ٿو ۽ ڪجھ فاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ رڪجي ويندو آهي ڇاڪاڻ تہ گاٺ جو زور اُن بال کي حرڪت ڪندو رهڻ کان روڪي ٿو. نيوٽن جي پھرئين قائدي کي انرشا وارو قائدو بہ چئبو آهي. جيترو ڪنھن جسم جو مايو وڌيڪ هوندو، اوترو اُن تي انرشا وڌيڪ هوندو، ڇاڪاڻ تہ ڪنھن جسم جي حالت کي تبديل ڪرڻ لاءِ ايترو ئي زور گهربل هوندو آهي. فرض ڪيو تہ اوهان ڪنھن بس ۾ ويٺا آهيو، جڏهن بس هلڻ شروع ڪندي آهي تہ اوهان پاڻ کي پوئتي ڪرندي محسوس ڪندا آهيو ۽ جڏهن بس هلڻ بند ڪندي آهي تہ اوهان پاڻ کي اڳتي ڪرندي محسوس ڪندا آهيو. انرشا اسان کي ساڳي ئي حالت ۾ رکندي آهي انهي  ڪري جڏهن بس هلڻ شروع ڪري ٿي تہ اسان جو بدن پوئتي ئي رهڻ جي ڪري پوئتي ڪري ٿو ۽ بس جي اوچتو بيھڻ جي ڪري اسان جا پير تہ بس جي بيھڻ سان هڪدم بيھي رهندا آهن پر اسان جو مٿيون جسم اڳتي هليو ويندو آھي ان ڪري اسان جو جسم اڳئين طرف ڪري ٿو. سيٽ بيلٽ بہ انهي قائدي جي بنياد تي ٺاهيا وڃن ٿا.
پھريون قانون ٻڌائي ٿو تہ جيڪڏهن نيٽ فورس يا طاقت (net force) زيرو ھوندي تہ جسم جي رفتار (velocity) يڪسان ٿي ويندي آهي. رفتار اصل ۾ مقدار جو ويڪٽر آهي جيڪو جسم جي تيزي ۽ طرف ظاهر ڪري ٿو تنھن ڪري ايئن چئبو ته ڪنھن جسم جي رفتار يڪسان آھي تہ ان جو مطلب اھو ٿيندو تہ ان جسم جي ڪنھن رخ ۾ تيزي بہ يڪسان آھي.

⏩(2)Newton's second law of Motion :-
⏪نيوٽن  ٻيو  قائدو :-
 
نيوٽن جي پھرئين قاعدي ۾ آهي تہ جيڪو جسم سڪون واري حالت ۾ آهي، اهو هميشہ سڪون واري حالت ۾ رهي ٿو، جيستائين ان تي ڪو ٻاهريون زور اثر نٿو ڪري. پر ٻاهرين زور کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ اهو وري نيوٽن جي ٻئي قائدي ۾ بيان ٿيل آهي.
 نيوٽن جو حرڪت جو ٻيون قاعدو دراصل زور کي بيان ڪري ٿو جيڪو جسم جي سڪون واري حالت کي تبديل ڪري، اهو زور آهي. جڏهن ڪنهن بہ جسم تي زور لڳائجي ٿو تہ اهو انهيءَ جسم ۾ تيزي پيدا ڪري ٿو. ٻن مختلف جسم جن ۾ هڪ هلڪو ۽ ٻيو ڳورو آهي، ٻنهي تي ساڳيو زور لڳائجي ٿو تہ هلڪي جسم ۾ پيدا ٿيل تيزي ڳري جسم جي تيزي کان وڌيڪ هوندي آهي. ڪنھن بہ جسم جي تيزي ان تي لڳايل زور جي مقدار سان سڌي نسبت رکي ٿي. جڏهن ڪنهن جسم تي مسلسل زور لڳائجي ٿو تہ ان جسم جي تيزي ۽ ان جي رخ ۾ فرق اچي ٿو. جيڪڏهن هڪ جسم اڳ ۾ ئي حرڪت ۾ آهي تہ ٿي سگهي ٿو ان جسم جي تيزي وڌي وڃي يا  آهستي  ٿي وڃي يا وري ان جو رخ تبديل ٿئي، اهو ان جسم تي لڳايل زور جي رخ تي منحصر آهي. زور کي ”F“ ، مايي کي ”m“ ۽ لڳايل زور جي تيزي کي ”a“ سان بيان ڪيو وڃي ٿو. رياضي مطابق تيزي ۽ زور جي تعلق کي هيٺين فارمولا ذريعي ظاهر ڪيو وڃي ٿو.
F = ma

⏩(3)Newton's third law of Motion :-
⏪نيوٽن  جو ٽيون قائدو :-

ٻن جسمن جي باهمي عمل ۾ ٻہ زور شامل ٿين ٿا، هڪ کي عمل جو زور چئبو آهي ۽ ٻئي کي ردعمل جو زور چئبو آهي. نيوٽن جي حرڪت جي ٽئين قاعدي ۾ هر عمل ۾ برابر ۽ مخالف ردعمل ٿئي ٿو. مثال طور، جيڪڏهن اوهان ڪنھن ڀت کي ڌڪو ڏيو ٿا تہ اها ڀت بہ اوهان کي اوترو ئي زور سان واپس ڌڪيندي. ڪنهن بہ جسم تي عمل ٿيندڙ زور ان جي مخالف ٿيندڙ ردعمل جي برابر هوندو. جيئن هڪ هموار ميز تي هڪ ڪتاب سڪون واري حالت ۾ آهي، زمين جي ڪشش ثقل وارو زور ان ڪتاب کي هيٺاهين طرف ڌڪي رهيو آهي، ساڳئي ريت ميز ڪتاب کي مٿئين طرف ڌڪي رهي آهي. اهي ٻئي زور متوازن هجڻ جي ڪري ڪتاب سڪون واري حالت ۾ آهي ۽ ان تي عمل ڪندڙ زور جو حاصل ٻڙي آهي.
راڪيٽ جو مٿي آسمان طرف وڃڻ بہ نيوٽن جي ٽئين قاعدي کي بيان ڪري ٿو. راڪيٽ جي انجڻ ۾ ٻارڻ جي ٻرڻ سبب ڪيتريون ئي گيسون پيدا ٿين ٿيون. اهي گئسون ڦوهاري جي صورت ۾ تمام گهڻي تيزي سان راڪيٽ جي پوئين پاسي کان ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ ان جي ردعمل ۾ راڪيٽ ساڳي تيزي سان مٿين طرف حرڪت ڪري ٿو.
نيوٽن جو ٽيون قاعدو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن A زور B مٿان لڳائي ۽ B وري ساڳيو زور A مٿان لڳائي تہ پھريون زور ايڪشن يا عمل سڏبو ۽ ۽ ٻيون زور وري ري ايڪشن يا رد عمل سڏبو. ياد رھي تہ زور کي انگريزي ۾ فورس چوندا `ھن پر پراڻي انگريزي ۾ فورس کي لفظ ايڪشن سان ظاهر ڪندا ھئا تنھنڪري نيوٽن جو فورس جو ٽيون قائدو ايڪشن جو ٽيون قاعدو سڏبو آهي. فزڪس جي ڊڪشنريءَ مطابق رد عمل جو ڪڏھن ڪڏھن ھڪ محدود حالت ۾ بہ استعمال ٿيندو آھي يعني ڪنھن ٽيڪ جو ڪنھن شئي تي ٽيڪ ڏيڻ سان ٿيندو آهي. ان صورت ۾ عمل ان شئي تي ٽيڪ جي وزن جو نتيجو ھوندو آھي.

وڪيپيڊيا تي نيوٽن جي حرڪت جي قانونن کي پڙھيو وڃي جتان ڪجھ معلومات کنئي وئي آھي ۽ وڪيپيڊيا جي مضمونن کي پڙھيو وڃي جيئن مڪمل معلومات ملي سگهي.
نيوٽن جي حرڪت جا قانون - وڪيپيڊيا


Numerical chart عددي چارٽ

MyDairyAsgharSagar
By Asghar Sagar        اصغر ساگر

ايڪو                                                     1
One                                                ايڪو


ڏھاڪو                                                  10
Ten                                                     ڏھ


سو                                                     100
Hundred                                           سو


ھزار                                                 1000
Thousand                                        ھزار


ڏھ ھزار                                             10000
Ten thousand                               ڏھ ھزار


لک                                              100000
Hundred thousand                        لک


 ڏھ لک                                     1000000
Million                                        ڏھ لک


ڪروڙ                                     10000000
Ten million                                 ڪروڙ


ڏھ ڪروڙ                             100000000
Hundred Million                  ڏھ ڪروڙ 


ارب                                   1000000000
Billion                                             ارب


ڏھ ارب                            10000000000
Ten billion                                 ڏھ ارب


کرب                              100000000000
Hundred billion                           کرب


ڏھ کرب                      1000000000000
Trillion                                     ڏھ کرب


نيلم                          10000000000000
Ten trillion                                    نيلم


ڏھ نيلم                  100000000000000
Hundred Trillion                   ڏھ نيلم


پدم                      1000000000000000
Quadrillion                                   پدم


ڏھ پدم              10000000000000000
Ten quadrillion                       ڏھ پدم


سنک               100000000000000000
Hundred quadrillion                سنک


ڏھ سنک        1000000000000000000
Quitillion                               ڏھ سنک


ڏسنک         10000000000000000000
Ten quintillion                         ڏسنک


ڏھ ڏسنک   100000000000000000000
Hundred quintillion             ڏھ ڏسنک
               

Friday, 16 November 2018

مَيرِي ڪِيوري Mary Curie

MyDairyAsgharSagar
ليکڪ :- قاضي منظر حيات
چونڊ :- اصغر ساگر

سائنس جي تاريخ ۾ ريڊيم ۽ تابڪاريءَ جي ڳولا هڪ وڏي اهميت رکي ٿي. ريڊيم سان ڪيترن ئي مرضن جي علاج ۾ اهم خدمتون انجام ڏنيون ويون آهن. عورت سائنسدان، جنھن انساني عالم کي هِن اڻلڀ شيءِ جي واقفيت ڏني، اُها ميڊم مَيري ڪِيوري هئي ۽ پائر سندس گهروارو هو. ٻنهي گڏجي ريڊيم حاصل ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ جا وري خاص جُزا بہ ڳوليا.
سن 1870ع جي ڳالھ آهي تہ وارسا ۾ ڪجھ ٻارَ هڪ هنڌ کيڏي رهيا هئا. آسمان صاف هو ۽ تيز اُس چوڌاري ڦھليل هئي. ايتري ۾ هڪ ٻُڍڙي خانہ بدوش عورت اُتان لانگهائو ٿي ۽ هُن هڪ سونھري وارن واري ڇوڪريءَ جو هٿ پڪڙي چيو
”پياري نِينگري! ڇا مان تنهنجو هَٿ ڏِسي سگهان ٿي؟“
ٻارڙي بنا ڪنهن ڊپَ جي پنھنجو هَٿ ڏانھسُ وڌايو ۽ حيرت مان پوڙهي عورت کي ڏِسندي رهي.
”هلي آءٌ مرجا!“
ٻين ٻارن کيس سَڏيندي چيو:
”هِن عورت جي ڳالهين تي نہ لڳُ.“
ڪُراڙيءَ ننڍڙي مَرجا جو هٿ نہ ڇڏيو. هن جي اکين ۾ چَمڪ هئي ۽ گَد گَد پئي ٿي.
”ڪيڏو نہ سُٺو هَٿُ آهي، ڪيتريون تہ سٺيون لڪيرون آهن!“ ٻُڍڙيءَ وڌيڪ ڀُڻڪندي چيو
”تون هڪ ڏينھن ضرور مشهور ٿينديين.“
پوڙهي عورت اِهو چئي اڳتي وڌي ۽ اڄ تائين ڪنھن کي بہ ڪا خبر ڪانهي تہ هو ڪير هئي ۽ ڪيڏانھن ھلي وئي، پر سندس اڳڪَٿي اکر اکر سچي ثابت ٿي. مرجا اسڪلڊ وسڪا جيڪا اڳتي هلي ميڊم ڪيوريءَ جي نالي سان سچي جڳَ ۾ مشهور ٿي. ھن ريڊيم جي ڳولا ڪري نوبل انعام حاصل ڪري خاص سڃاڻپ حاصل ڪئي. هِن جو اهو نالو سندس مڙس پائر ڪيوريءَ جي نالي پٺيان پيو. ريڊيم سائنسي دنيا، خاص طور طِب جي ميدان ۾ وڏو انقلاب آندو.

Thursday, 15 November 2018

وري ڪوشش ڪر Try again

MyDairyAsgharSagar
وري ڪوشش ڪر
"اصغر ساگر"
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
زندگي جھد جو نالو آھي ۔ اڳتي وڌڻ جو عزم آھي ۔ راھن ۾ ڪري سنڀلجڻ جو حوصلو آھي ۽ جنھن جھد ۽ عزم سلهاڙيو منزل انهن جي آھي. اھڙن ماڻھن جا مثال اسان وٽ موجود آھن جن جي واٽ اپنايون تہ ڪڏھن بہ ڀٽڪي نٿا سگهون ۽ ڪاميابي سان ھمڪنار ٿي سگهون ٿا.

مائيڪل جارڊن
ھن کي اسڪول جي باسڪيٽ ٽيم مان ڪڍيو ويو ۔ گهر ۾ اچي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪيائين ۽ ڪلاڪن تائين روئيندو رھيو. بعد ۾ اھو ئي ڇوڪرو 6 ڀيرا باسڪيٽ بال چيمپين بنيو جنھن کي دنيا مائيڪل جارڊن جي نالي سان سڏي ٿي.
۔
۔
۔
۔
البرٽ آئنسٽائين
چئن سالن تائين والد اھو سوچيندا رھيا تہ ھي گونگو آھي. چئن سالن جي عمر ۾ ھن پھريون ڀيرو ڳالهايو. ھن جي والدين کي فڪر ھوندي ھئي تہ ھي ھن دنيا ۾ ڪيئن گذاري سگهندو. اھو ئي ڇوڪرو البرٽ آئنسٽائن ھيو جنھن کي دنيا جو عظيم سائنسدان مڃيو وڃي ٿو.
۔
۔
۔
والٽ ڊزني
ھن کي اخباري نوڪري مان اھو چئي ڪڍيو ويو تہ ھن وٽ ڪابہ تخليقي صلاحيت ناھي ھن وٽ ڪي بہ اصلي خيال ناھن. اھو ئي شخص اڳتي ھلي والٽ ڊزني بنيو جيڪو مڪي مائوس جي ڪرادرن کي جوڙڻ وارو ھيو.
۔
۔
۔
ليونل ميسي
11 سالن جي عمر ۾ ٽيم مان ڪڍيو ويو ان ڪري جو ھي ھڪ بيماري جو شڪار ھيو جنھن مطابق انسان جو قد وڌڻ رڪجي وڃي ٿو. ھي ٻين ٻارن کان گهڻو ننڍو نظر ايندو ھيو. معاشري ۾ انوقت ھن جومذاق اڏاريو ويندو ھو. اھو ئي ڇوڪرو فٽ بال ۾ اڄ ليونل ميسي جي نالي سان مشھور آھي.
۔
۔
۔
اسٽيو جابز
30 سالن ۾ ھن تباھ حال حالت ۾ تنھا ڇڏيو ويو. ھن جي شيئر ھولڊر ھن کي ڪمپني مان ڪڍي ڇڏيو جنھن کي ھن ٺاھيو ھو. ان ئي شخص دنيا ۾ ٽچ اسڪرين ٽيڪنالاجي کان واقف ڪيو ۽ دنيا ان کي ايپل جي باني اسٽيو جابز جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
۔
۔
۔
سر ٿامسن ايڊيسن
استاد ھن کي اسڪول مان ڪڍيو اھو چئي توکي ڪجھ بہ سمجھ ۾ نٿو اچي تون نالائق آھين...اھو ئي جڏو ڇوڪرو اڳتي ھلي بجلي جي بلب سان گڏ 1000 ايجادن جو مالڪ بنيو جنھن کي سر ٿامس ايڊيسن چيو وڃي ٿو.

۔
۔
۔
ڊاڪٽر سيس
ھن جي پھرئين ڪتاب 27 پبلشرن رد ڪيو ۽ ڇاپڻ کان انڪار ڪيو.... اڳتي ھلي اھو ڊاڪٽر سيس انگلش ادب جي تاريخ ۾ ٻارن ۾ وڌيڪ پڙھيو ويندڙ مصنف بنيو.
۔
۔
۔
ابراھيم لنڪن
مڱيندي جي موت ٿي وئي ۔ ڌنڌو ناڪام ٿيو ۔تعليم بيھي رھي ۔ اٺ  دفعا اليڪشن ۾ شڪست ملي. اھوئي شخص اڳتي ھلي آمريڪا جو صدر بنيو جنھن کي دنيا ابراھيم لنڪن جي نالي سان سڏي ٿي.
ياد رکو توھان ڪڏھن بہ ناڪام نہ ٿيئو ان جو مطلب آھي توھان ڪڏھن بہ ڪوشش نہ ڪئي آھي.


Wednesday, 14 November 2018

10 benefits of honey ماکيء جا 10 فائدا | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

⏩(1) Honey as natural skin moisture :-
⏪ماکي قدرتي چمڙي جي رطوبت طور :-

▶Many women who inspire people with their shiny glowing skin use honey for it. Honey can be used as a natural skin moisturizer, skin exfoliant and anti aging agent. Most skin products manufacturers use honey in their products.
It helps us achieve a clearer, soft, shining and smooth skin.
It not only saves from dangerous Ultraviolet rays of the sun but also confers fresh and liveliness to a dull skin.
◀ڪيتريون عورتون جيڪي پنھنجي چمڪندڙ دلڪش چمڙي سان ماڻھن کي متاثر ڪن ٿيون اھي ان لاء ماکي استعمال ڪنديون آھن. ماکي کي قدرتي چمڙي جي رطوبت طور ۔ ٽڙڪائيندڙ چمڙي طور ۽ پيري روڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. گهڻيون چمڙي جي پراڊڪٽ ٺاھيندڙ ڪمپنيون پنھنجي پراڊڪٽ ۾ ماکي استعمال ڪن ٿيون. اھا اسان جي صاف ۔ نرم ۔ شفاف ۽ ھموار چمڙي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اھا نہ فقط خطرناڪ تابڪاري شعائن کان بچائي ٿي پر ڀڏي چمڙي کي تازگي ۽ جانداريت بخشي ٿي.

⏩(2) An Effective Remedy For Acnes And Freckles :-
⏪موھيڙن ۽ مسن جو اثرائتو علاج :-

▶Acne and freckles is a common problem with girls. They are not just limited to face but also appear on other parts of body. Honey is a very effective remedy for acnes and freckles. It revives the dead skin cells, removes dust inside and re-lives it. Honey is also an excellent anti-septic which keeps skin protected from pollution and dirt which is a usual cause of acnes.
◀موھيڙا ۽ تر ڇوڪرين جو عام مسئلو آھي. اھي رڳو منھن تائين محدود نہ ٿين ٿا پر جسم جي ٻين حصن تي پڻ ظاھر ٿين ٿا. ماکي موھيڙن ۽ ترن جو اثرائتو علاج آھي. اھا مئل گهرڙن کي ھٽائي ٿي ۔ اندران ڌوڙ ڪڍي ٿي ۽ ان کي ٻيھر جاندار ڪري ٿي. ماکي جراثيم روڪ پڻ آھي جيڪا چمڙي کي آلودگي ۽ ڌوڙ کان بچايل رکي ٿي جيڪا اڪثر طور موھيڙن جو سبب آھي.

⏩(3) Infusing Life To Hair :-
⏪وارن ۾ ساھ ڀريندڙ :-

▶When your hair become dull, dry and lifeless, don't worry, Honey is there for you!
It removes dryness and keeps them moistened. Often hairs become dry after washing but use of honey keeps them soft and moist. It helps hair maintain their color for long. Honey has amazing results for white and falling hair. Those who dye their hair should also use honey as it counters the hazardous chemicals in dyes and keep them in their original shape for long time.
◀جڏھن توھان جا وار خشڪ ۽ بي ساھا بنجي وڃن ٿا گهٻرائڻ نہ کپي ماکي توھان لاء موجود آھي. اھا خشڪي ھٽائي ٿي ۽ وارن کي رطوبت ڏئي ٿي. اڪثر طور وھنجڻ کان پوء وار خشڪ ٿي وڃن ٿا پر ماکي جو استعمال انهن کي نرم ۽ تازو رکي ٿو. اھا وارن جي رنگ کي گهڻي عرصي تائين برقرار رکي ٿي. ماکي ۾ اڇن ۽ ڪرندڙ وارن لاء عجيب نتيجو آھي. اھي جيڪي پنھنجي وارن ۾ ڊائي ڪن ٿا اھي پڻ ماکي استعمال ڪن  ڇوجو اھا ڊائي جي نقصانڪار ڪيمياڻ جو گهيراء ڪري ٿي ۽ انهن کي گهڻي وقت تائين اصلي روپ ۾ رکن ٿا.

⏩(4) Sparkling Bright Eyes :-
⏪اکين کي جڳ مڳ جرڪائيندڙ :-

▶Old Egyptians believed that honey can fight many eye diseases. Applying honey in eyes can not only protects them from different diseases but also improves the vision. People with weak eyesight can take benefit with honey.
Honey can save from various eye infections, red eyes as well as conjunctivitis problem. Diabetes patients can use honey to prevent cataract and glaucoma problems.
◀پراڻن مصرين جو عقيدو ھو تہ ماکي ڪيترين اک جي بيمارين سان جهيڙي سگهي ٿي اکين ۾ ماکي ھڻڻ نہ فقط انهن کي بيمارين کان بچائي ٿي پر نظر کي سڌاري ٿي. گهٽ نظر وارا ماڻھو ماکي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ماکي مختلف اکين جي ڇوتن ۔ ڳاڙھين اکين ۽ منجهيل مسئلن کان بچائي ٿي. شاڳر مريض موتيي ۽ گلوڪوما جي مسئلن کان بچڻ لاء ماکي استعمال ڪري سگهن ٿا.

 ⏩(5) Natural Sugar
⏪قدرتي کنڊ :-

▶Honey is the best way to obtain natural sugar and that's why it can be used instead of white sugar. It not only keeps our body active but it is also harm free like white sugar is. However, diabetic patients should use it in a limit and keep monitoring their blood sugar level along.
◀ماکي قدرتي کنڊ حاصل ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھي ۽ ان ڪري ان کي اڇي کنڊ جي بدران استعمال ڪري سگهجي ٿو. اھا نہ فقط اسان جي جسم کي سرگرم رکي ٿي پر اڇي کنڊ وانگر بي ضرر آھي. ان ڪري شاڳر مريض انهي کي حد اندر استعمال ڪن ۽ گڏ گڏ پنھنجي رت جي شڳر جي سطح جي نگراني ڪن.

⏩(6) Reducing Heart Disease risk :-
⏪دل جي بيمارين جي جوکي کي ختم ڪندڙ :-

▶Honey can help control cholesterol levels. It increases HDL (good cholesterol) in our blood. Expectorants and soothing properties of honey are very helpful to protect from various kinds of aspiratory infections.
Here is another benefit of honey and water. Add some honey and cardamom to water. Drink this mixture everyday.
It will reduce your cholesterol up to 10%.
◀ماکي چرٻاڻ جي سطح تي ضابطو پائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اھا اسان جي رت ۾ ايڇ ڊي ايل  سٺي چرٻاڻ HDL کي وڌائي ٿي. ماکي جون بلغم ڪڍندڙ ۽ نرم ڪندڙ خوبيون ساھن جي ڇوت جي مختلف قسمن کان بچائڻ ۾ تمام مددگار آھن. ھتي ماکي ۽ پاڻي جو ٻيو فائدو آھي. پاڻي ۾ ماکي ۽ ننڍا ڦوٽا ملايو. ھي محلول روز پيئو. اھو توھان جو 10 سيڪڙو چرٻي گهٽائيندو.

⏩(7) Reducing Belly fat :-
⏪پيٽ جي چرٻي گهٽ ڪندڙ :-

▶Using mere honey cannot fight obesity. We need balanced diet, exercise and change in our lifestyles for that. However it is one of the best detox agents which significantly help for losing weight. It cleanses liver and also dissolves extra fats inside the liver. Honey is good for our digestive system as well.
◀ٿوري ماکي استعمال ڪرڻ سان ٿولھ سان وڙھي نٿو سگهجي. اسان کي پنھنجي زندگي جي نمونن ۾ انهي لاء متوازن غذا ۔ ورزش ۽ تبديلي جي ضرورت آھي. ان ڪري ھي بھترين دافع زھر ايجنٽ آھي جيڪا خاص طور تي وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اھو جيري کي صاف ڪري ٿو ۽ اسان جي واڌو چرٻي کي پڻ جيري اندر ڳاري ٿو. ماکي ھاضمي جي سرشتي لاء پڻ سٺي آھي.

⏩(8) Fulfilling the requirement of sugar :-
⏪کنڊ جي ضرورت پوري ڪندڙ :-

▶Drink honey plus lemon with water empty stomach decreases weight!
It should be remembered that 1 spoon of honey contains 63 calories and so it must be used carefully. However, it certainly can be used in replacement of white sugar. Even a very little amount of honey fulfils the requirement of sugar and moreover it is not harmful too. Instead of sugar, use honey in your tea cup for better taste and nutrition.
◀پاڻي سان خالي پيٽ ماکي ليمو پيئڻ وزن کي گهٽ ڪري ٿو. اھو ياد رکڻ کپي تہ ھڪ ماکي جي چمچي ۾ 63 ڪيلريون اچي وڃن ٿيون ۽ ان ڪري ان کي خبرداري سان استعمال ڪرڻ گهرجي. ان ڪري انهي کي پڪ سان کنڊ جي جڳھ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. توڙي جو ماکي جو ٿورو مقدار کنڊ جي طلب پوري ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ نقصانڪار بہ ناھي. کنڊ جي بدران بھتر ذائقي ۽ اکڌن لاء توھان کي پنھنجي ڪوپ ۾ ماکي استعمال ڪرڻ گهرجي.

⏩(8) Fighting Germs :-
⏪جراثيمن سان وڙھندڙ :-

▶Anti germs properties are actually the thing which fights acnes. Honey also works as a means of boosting immunity power. Being an antibacterial and antioxidant, it strengthens the defense mechanism of the body. And that is the reason why people use honey to stay away from cold, flu and allergies.
◀جيوڙا روڪ خوبيون درحقيقت اھي خوبيون آھن جيڪي موھيڙن سان مزاحمت ڪن ٿيون. ماکي قوت مدافعت کي فروغ ڏيڻ جي سرچشمي طور ڪم ڪري ٿو. بيڪيٽيريا روڪ ۽ تڪسيد روڪ ھجڻ ڪري اھو جسم جي ميڪانيات کي مضبوط ڪري ٿو. ۽ ان ڪري ماڻھو ايلرڄين ۔ ليس ۽ ٿڌ کان دور رھڻ لاء ماکي استعمال ڪن ٿا.

⏩(9) Protecting From Chest And Throat Infection :-
⏪ڇاتي ۽ ڳلي جي ڇوت کان بچائيندڙ :-

▶To protect yourself from throat and chest infection, take two spoons of honey before sleeping. It also reduces the throat inflammation and improves quality of sleep as well. You can also use honey in tea for protection against allergy and throat infections.
◀سيني ۽ ڳلي جي ڇوت کان بچڻ لاء  سمهڻ کان اڳ ماکي جا 2 چمچا استعمال ڪريو. اھا ڳلي جي سوزش کي پڻ ختم ڪري ٿي ۽ ننڊ جي خاصيت کي پڻ سڌاري ٿي. توھان ڳلي جي سوزش ۽ ايلرڄي کان بچڻ لاء چانھن ۾ ماکي پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا.

⏩(10) Best Anti bacteria  Agent :-
⏪بھترين بيڪيٽيريا روڪ ايجنٽ :-

▶Another important characteristic of honey is that it heals wounds fast. For breastfeeding mothers, honey is very useful. It can fight chest infection; honey is a wonderful pain killer too. Breastfeeding women can use honey as medication to protect themselves and their babies from all kinds of bacteria.
Honey is like a blessing for humans. With addition of honey to water, tea and with other dishes, you can not only improve the taste but also avail the mental and physical benefits hidden inside the honey.
◀ماکي جي ھڪ ٻي اھم افاديت اھا آھي تہ اھا جلد زخم ڇٽائي ٿي. کير ڌارائيندڙ مائرن لاء ماکي تمام ڪمائي آھي. اھا سيني جي ڪينسر جي مزاحمت ڪري ٿي. ماکي حيرت انگيز درد ماريندڙ پڻ آھي. کير ڌارائيندڙ مائرون پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجن ٻارن کي بيڪيٽيريا جي سڀني قسمن کان بچائڻ لاء ماکي کي دوا طور استعمال ڪري سگهن ٿيون.
ماکي انسانن لاء ڄڻ رحمت آھي.
پاڻي ۔ چانھن ۽ ٻين طعامن سان گڏ ماکي سان توھان نہ فقط ذائقي کي سڌاري سگهو ٿا پر ماکي ۾ لڪل ذھني ۽ جسماني فائدا حاصل ڪري سگهو ٿا.

By Asghar Ali chandio
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1081498672004560&id=649790728508692

Sunday, 11 November 2018

Knowledge about scientific terms from English to Sindhi انگريزي مان سنڌي ۾ سائنسي اصطلاحن بابت ڄاڻ.|اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

(1) Melanocyte                                           ميلاڻو

Through a process called melanogenesis, melanocytes produce melanin, which is a pigment found in the skin, eyes, and hair. ... Typically, between 1000 and 2000 melanocytes per square millimeter of skin are found. Melanocytes comprise from 5% to 10% of the cells in the basal layer of epidermis.
مرحلي دوران جنھن کي ميلانڪاري سڏجي ٿو ميلاڻا ميلان کي پيدا ڪن ٿا جيڪا رنگت آھي چمڙي - اکين ۽ وارن ۾ نموني طور پاتي وڃي ٿي. 1000 کان 2000 جي وچ ۾ ميلاڻا چمڙي جي في چورس ملي ميٽر پاتا وڃن ٿا. ميلاڻا کوپٽ جي بنيادي تھ ۾ 5 کان 10 سيڪڙو گهرڙن تي مشتمل ھوندا آھن.

Epidermis                                    کوپٽ - مٿي جي کل

Melanocyte       ميلاڻو - ميلان گهرڙا ٺاھيندڙ

Melanogenesis
ميلانڪاري - ميلان گهرڙن جي ٺھڻ جو عمل

Melanin              ميلان - ڳنڍ گهرڙن کي رنگ ڏيندڙ

Pegment cell - Pigment
رنگي گهرڙو - راڱو - راسيارو - رنگڻو - رڱڻو

(2) Melanogenesis                                 ميلانڪاري

Melanogenesis is a process through which melanocytes produce melanin, which is a pigment found in the skin, eyes, and hair. ...
ميلانڪاري مرحلو آھي جنھن ذريعي ميلاڻا ميلان کي پيدا ڪن ٿا جيڪا رنگت آھي چمڙي - اکين ۽ وارن ۾ نموني طور پاتي وڃي ٿي.

(3) Hypopigmention                رنگي ڦيٽ - رنگي بگيڙ

Melanogenesis is a complex process with different stages. When disturbed, it may determine different types of pigmentation defects, which are classified as hypo or hyperpigmentation ...
Hypopigmentation is the loss of skin color. It is caused by melanocyte or melanin depletion, or a decrease in the amino acid tyrosine, which is used by melanocytes to make melanin.

ميلانڪاري مختلف اسٽيجن  جو پيچيدھ مرحلو آھي. دخل پوڻ جي صورت ۾ اھا رنگت جي مختلف نمونن کي ظاھر ڪري ٿي جيڪي رنگي ڦيٽ جي ڪري درجہ بندي ۾ اچن ٿا.
رنگي ڦيٽ چمڙي جي رنگن جو نقصان آھي. اھو ميلاڻن ۽ ميلان جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي يا امينو ايسڊ ٽرائيسون جي گهٽجڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي جنھن کي ميلاڻا ميلان کي ٺاھڻ لاء استعمال ڪن ٿا.

(4) Melanin                                                     ميلان

Melanin is a broad term for a group of natural pigments found in most organisms. Melanin is produced by the oxidation of the amino acid tyrosine, followed by polymerization. Wikipedia
Hair follicles have pigment cells known as melanin. These cells give your hair its color. But over time, hair follicles can lose pigment, resulting in white hair.
ميلان گهڻين حياتين ۾ پايو ويندڙ فطري رڱڻن جي ميڙ جو وسيع اصطلاح آھي. ميلان گهڻ ترڪيبي عمل رستي امينو ايسڊ ٽرائيسون جي تڪسيد سان پيدا ٿئي ٿو.
وارن جي ڳنڍن ۾ راڱا ٿين ٿا جن کي ميلان چئبو آھي.اھي گهرڙا وارن کي پنھنجو رنگ ڏين ٿا پر وقت گذرڻ بعد وارن جون ڳنڍيون رڱت وڃائڻ لڳن ٿيون ۽ اڇا وار اچي وڃن ٿا.

Polimerization         گهڻ ترڪيبي عمل - گهڻ جزي عمل
Hair follicles             وارن جون ڳنڍيون - وارن جا ڳوٿ
Follicle                                            ڳنڍ - ڳوٿ - ڳوٿري
Pigment cells                           راڱا گهرڙا - رنگي گهرڙا
Pigment                                                   رنگت - رڱت

(5)
Radical                          تڪسيدي جز - آڪسيڪار جز

In chemistry, a radical is an atom, molecule, or ion that has an unpaired valence electron. With some exceptions, these unpaired electrons make free radicals highly chemically reactive towards other ... Wikipedia
علم ڪيميا ۾ تڪسيدي جز ھڪ اڻو - پرماڻو يا آئڻو آھي جنھن کي اڻ جوڙ جوھري ڪاٽاڻو ٿئي ٿو. ڪجھ بغير قائدن جي، اھي اڻ جوڙ ڪاٽاڻا وڏي ڪيميائي ردعمل سان ٻين سامهون آزاد تڪسيدي جز ٺاھن ٿا.

(6)
Free radical                                    آزاد تڪسيدي جز

A free radical is an atom or group of atoms that has an unpaired electron and is therefore unstable and highly reactive. ... Free radicals form when one of these weak bonds between electrons is broken and an uneven number of electrons remain. This means the electron is unpaired, making it chemically reactive.
آزاد تڪسيدي جز ھڪ اڻو يا اڻن جو مجموعو آھي جنھن ۾ اڻ جوڙ ڪاٽاڻو ٿئي ٿو ۽ اھو ان ڪري غيرسالم ۽ وڏو رديباز ٿئي ٿو. تڪسيدي جز تڏھن ٺھن ٿا جڏھن ڪاٽاڻن جي وچ ۾ انهن ڪمزور بندن مان ھڪ بند ٽٽي پوي ٿو ۽ ڪاٽاڻن جو غيرمتوازن نمبر رھجي وڃي ٿو. ھن جو مطلب آھي تہ ڪاٽاڻو اڻ جوڙ ٿئي ٿو جيڪو ان کي ڪيميائي طور تي رديباز بنائي ٿو.

(7)
Antioxident                       دافع تڪسيد - تڪسيد روڪ

An antioxidant is a molecule that inhibits the oxidation of other molecules. Oxidation is a chemical reaction that can produce free radicals, leading to chain reactions that may damage cells. Antioxidants such as thiols or ascorbic acid (vitamin C) terminate these chain reactions.
دافع تڪسيد پراڻو آھي جيڪو ٻين پراڻن جي تڪسيد روڪي ٿو. تڪسيد ھڪ ڪيميائي ردعمل آھي جيڪا آزاد تڪسيدي جز پيدا ڪري سگهي ٿي جيڪي چين کي ردعمل ڏين ٿا ۽ گهرڙن کي نقصان پھچائن ٿا. دافع تڪسيد جھڙوڪ ٿايول يا ماخذي تيزاب (وٽامن سي) انهن چينن جي ردعمل کي تھس نھس ڪري ٿو.
Molecule                                                           پراڻو
Ion                                                                آئڻو ۔ آئن
Atom                                                                     اڻو
Radical                              تڪسيدي جز -آڪسيڪار جز
Valence                                                     جوھر - ست
Unpaired valence electron     اڻ جوڙ جوھري ڪاٽاڻو
Antioxident                       دافع تڪسيد - تڪسيد روڪ
Oxidation                           تڪسيد - آڪسيڪاري
Molecule                            پرماڻو
Chemical reaction           ڪيميائي ردعمل
Free radical                       آزاد تڪسيدي جز
Bond                                   بند
Ascorbic acid                   ماخذي تيزاب - وٽامن سي
Highly reactive                  وڏو رديباز
Uneven                              غيرمتوازن
Unpaired electron            اڻ جوڙ ڪاٽاڻو
Antibiotic

(8) Antibiotic
حيات روڪ ۔ دافع حيات ۔ جيوڙا روڪ
An antibiotic is a type of antimicrobial substance active against bacteria and is the most important type of antibacterial agent for fighting bacterial infections. Antibiotic medications are widely used in the treatment and prevention of such infections. They may either kill or inhibit the growth of bacteria.
 حيات روڪ بيڪيٽريائي ڇوت کي روڪڻ لاء چست خورد جيو روڪ مواد آھي ۽ بيڪيٽريائي ڇوتن سان وڙھڻ لاء بيڪيٽريا روڪ ايجنٽ جو قسم آھي. حيات روڪ دوائون علاج طور ۽ اھڙن انفيڪشنن کان بچاء طور وسيع نموني استعمال ٿين ٿيون. اھي بيڪيٽريا کي يا مارن ٿيون يا بيڪيٽيريا جي واڌ کي روڪن ٿا.

Antibiotic
حيات روڪ ۔ دافع حيات ۔ جراثيم روڪ
Antimicrobial
خورد جيو روڪ
Substance
مواد
Antibacterial agent
بيڪيٽيريا روڪ ايجنٽ
Bacterial infection
بيڪيٽيريائي ڇوت

Infection
ڇوت ۔ وچيڙ

By Asghar Ali Chandio (Asghar Sagar)