⏩(1) Honey as natural skin moisture :-
⏪ماکي قدرتي چمڙي جي رطوبت طور :-
▶Many women who inspire people with their shiny glowing skin use honey for it. Honey can be used as a natural skin moisturizer, skin exfoliant and anti aging agent. Most skin products manufacturers use honey in their products.
It helps us achieve a clearer, soft, shining and smooth skin.
It not only saves from dangerous Ultraviolet rays of the sun but also confers fresh and liveliness to a dull skin.
◀ڪيتريون عورتون جيڪي پنھنجي چمڪندڙ دلڪش چمڙي سان ماڻھن کي متاثر ڪن ٿيون اھي ان لاء ماکي استعمال ڪنديون آھن. ماکي کي قدرتي چمڙي جي رطوبت طور ۔ ٽڙڪائيندڙ چمڙي طور ۽ پيري روڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. گهڻيون چمڙي جي پراڊڪٽ ٺاھيندڙ ڪمپنيون پنھنجي پراڊڪٽ ۾ ماکي استعمال ڪن ٿيون. اھا اسان جي صاف ۔ نرم ۔ شفاف ۽ ھموار چمڙي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اھا نہ فقط خطرناڪ تابڪاري شعائن کان بچائي ٿي پر ڀڏي چمڙي کي تازگي ۽ جانداريت بخشي ٿي.
⏩(2) An Effective Remedy For Acnes And Freckles :-
⏪موھيڙن ۽ مسن جو اثرائتو علاج :-
▶Acne and freckles is a common problem with girls. They are not just limited to face but also appear on other parts of body. Honey is a very effective remedy for acnes and freckles. It revives the dead skin cells, removes dust inside and re-lives it. Honey is also an excellent anti-septic which keeps skin protected from pollution and dirt which is a usual cause of acnes.
◀موھيڙا ۽ تر ڇوڪرين جو عام مسئلو آھي. اھي رڳو منھن تائين محدود نہ ٿين ٿا پر جسم جي ٻين حصن تي پڻ ظاھر ٿين ٿا. ماکي موھيڙن ۽ ترن جو اثرائتو علاج آھي. اھا مئل گهرڙن کي ھٽائي ٿي ۔ اندران ڌوڙ ڪڍي ٿي ۽ ان کي ٻيھر جاندار ڪري ٿي. ماکي جراثيم روڪ پڻ آھي جيڪا چمڙي کي آلودگي ۽ ڌوڙ کان بچايل رکي ٿي جيڪا اڪثر طور موھيڙن جو سبب آھي.
⏩(3) Infusing Life To Hair :-
⏪وارن ۾ ساھ ڀريندڙ :-
▶When your hair become dull, dry and lifeless, don't worry, Honey is there for you!
It removes dryness and keeps them moistened. Often hairs become dry after washing but use of honey keeps them soft and moist. It helps hair maintain their color for long. Honey has amazing results for white and falling hair. Those who dye their hair should also use honey as it counters the hazardous chemicals in dyes and keep them in their original shape for long time.
◀جڏھن توھان جا وار خشڪ ۽ بي ساھا بنجي وڃن ٿا گهٻرائڻ نہ کپي ماکي توھان لاء موجود آھي. اھا خشڪي ھٽائي ٿي ۽ وارن کي رطوبت ڏئي ٿي. اڪثر طور وھنجڻ کان پوء وار خشڪ ٿي وڃن ٿا پر ماکي جو استعمال انهن کي نرم ۽ تازو رکي ٿو. اھا وارن جي رنگ کي گهڻي عرصي تائين برقرار رکي ٿي. ماکي ۾ اڇن ۽ ڪرندڙ وارن لاء عجيب نتيجو آھي. اھي جيڪي پنھنجي وارن ۾ ڊائي ڪن ٿا اھي پڻ ماکي استعمال ڪن ڇوجو اھا ڊائي جي نقصانڪار ڪيمياڻ جو گهيراء ڪري ٿي ۽ انهن کي گهڻي وقت تائين اصلي روپ ۾ رکن ٿا.
⏩(4) Sparkling Bright Eyes :-
⏪اکين کي جڳ مڳ جرڪائيندڙ :-
▶Old Egyptians believed that honey can fight many eye diseases. Applying honey in eyes can not only protects them from different diseases but also improves the vision. People with weak eyesight can take benefit with honey.
Honey can save from various eye infections, red eyes as well as conjunctivitis problem. Diabetes patients can use honey to prevent cataract and glaucoma problems.
◀پراڻن مصرين جو عقيدو ھو تہ ماکي ڪيترين اک جي بيمارين سان جهيڙي سگهي ٿي اکين ۾ ماکي ھڻڻ نہ فقط انهن کي بيمارين کان بچائي ٿي پر نظر کي سڌاري ٿي. گهٽ نظر وارا ماڻھو ماکي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ماکي مختلف اکين جي ڇوتن ۔ ڳاڙھين اکين ۽ منجهيل مسئلن کان بچائي ٿي. شاڳر مريض موتيي ۽ گلوڪوما جي مسئلن کان بچڻ لاء ماکي استعمال ڪري سگهن ٿا.
⏩(5) Natural Sugar
⏪قدرتي کنڊ :-
▶Honey is the best way to obtain natural sugar and that's why it can be used instead of white sugar. It not only keeps our body active but it is also harm free like white sugar is. However, diabetic patients should use it in a limit and keep monitoring their blood sugar level along.
◀ماکي قدرتي کنڊ حاصل ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھي ۽ ان ڪري ان کي اڇي کنڊ جي بدران استعمال ڪري سگهجي ٿو. اھا نہ فقط اسان جي جسم کي سرگرم رکي ٿي پر اڇي کنڊ وانگر بي ضرر آھي. ان ڪري شاڳر مريض انهي کي حد اندر استعمال ڪن ۽ گڏ گڏ پنھنجي رت جي شڳر جي سطح جي نگراني ڪن.
⏩(6) Reducing Heart Disease risk :-
⏪دل جي بيمارين جي جوکي کي ختم ڪندڙ :-
▶Honey can help control cholesterol levels. It increases HDL (good cholesterol) in our blood. Expectorants and soothing properties of honey are very helpful to protect from various kinds of aspiratory infections.
Here is another benefit of honey and water. Add some honey and cardamom to water. Drink this mixture everyday.
It will reduce your cholesterol up to 10%.
◀ماکي چرٻاڻ جي سطح تي ضابطو پائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اھا اسان جي رت ۾ ايڇ ڊي ايل سٺي چرٻاڻ HDL کي وڌائي ٿي. ماکي جون بلغم ڪڍندڙ ۽ نرم ڪندڙ خوبيون ساھن جي ڇوت جي مختلف قسمن کان بچائڻ ۾ تمام مددگار آھن. ھتي ماکي ۽ پاڻي جو ٻيو فائدو آھي. پاڻي ۾ ماکي ۽ ننڍا ڦوٽا ملايو. ھي محلول روز پيئو. اھو توھان جو 10 سيڪڙو چرٻي گهٽائيندو.
⏩(7) Reducing Belly fat :-
⏪پيٽ جي چرٻي گهٽ ڪندڙ :-
▶Using mere honey cannot fight obesity. We need balanced diet, exercise and change in our lifestyles for that. However it is one of the best detox agents which significantly help for losing weight. It cleanses liver and also dissolves extra fats inside the liver. Honey is good for our digestive system as well.
◀ٿوري ماکي استعمال ڪرڻ سان ٿولھ سان وڙھي نٿو سگهجي. اسان کي پنھنجي زندگي جي نمونن ۾ انهي لاء متوازن غذا ۔ ورزش ۽ تبديلي جي ضرورت آھي. ان ڪري ھي بھترين دافع زھر ايجنٽ آھي جيڪا خاص طور تي وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اھو جيري کي صاف ڪري ٿو ۽ اسان جي واڌو چرٻي کي پڻ جيري اندر ڳاري ٿو. ماکي ھاضمي جي سرشتي لاء پڻ سٺي آھي.
⏩(8) Fulfilling the requirement of sugar :-
⏪کنڊ جي ضرورت پوري ڪندڙ :-
▶Drink honey plus lemon with water empty stomach decreases weight!
It should be remembered that 1 spoon of honey contains 63 calories and so it must be used carefully. However, it certainly can be used in replacement of white sugar. Even a very little amount of honey fulfils the requirement of sugar and moreover it is not harmful too. Instead of sugar, use honey in your tea cup for better taste and nutrition.
◀پاڻي سان خالي پيٽ ماکي ليمو پيئڻ وزن کي گهٽ ڪري ٿو. اھو ياد رکڻ کپي تہ ھڪ ماکي جي چمچي ۾ 63 ڪيلريون اچي وڃن ٿيون ۽ ان ڪري ان کي خبرداري سان استعمال ڪرڻ گهرجي. ان ڪري انهي کي پڪ سان کنڊ جي جڳھ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. توڙي جو ماکي جو ٿورو مقدار کنڊ جي طلب پوري ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ نقصانڪار بہ ناھي. کنڊ جي بدران بھتر ذائقي ۽ اکڌن لاء توھان کي پنھنجي ڪوپ ۾ ماکي استعمال ڪرڻ گهرجي.
⏩(8) Fighting Germs :-
⏪جراثيمن سان وڙھندڙ :-
▶Anti germs properties are actually the thing which fights acnes. Honey also works as a means of boosting immunity power. Being an antibacterial and antioxidant, it strengthens the defense mechanism of the body. And that is the reason why people use honey to stay away from cold, flu and allergies.
◀جيوڙا روڪ خوبيون درحقيقت اھي خوبيون آھن جيڪي موھيڙن سان مزاحمت ڪن ٿيون. ماکي قوت مدافعت کي فروغ ڏيڻ جي سرچشمي طور ڪم ڪري ٿو. بيڪيٽيريا روڪ ۽ تڪسيد روڪ ھجڻ ڪري اھو جسم جي ميڪانيات کي مضبوط ڪري ٿو. ۽ ان ڪري ماڻھو ايلرڄين ۔ ليس ۽ ٿڌ کان دور رھڻ لاء ماکي استعمال ڪن ٿا.
⏩(9) Protecting From Chest And Throat Infection :-
⏪ڇاتي ۽ ڳلي جي ڇوت کان بچائيندڙ :-
▶To protect yourself from throat and chest infection, take two spoons of honey before sleeping. It also reduces the throat inflammation and improves quality of sleep as well. You can also use honey in tea for protection against allergy and throat infections.
◀سيني ۽ ڳلي جي ڇوت کان بچڻ لاء سمهڻ کان اڳ ماکي جا 2 چمچا استعمال ڪريو. اھا ڳلي جي سوزش کي پڻ ختم ڪري ٿي ۽ ننڊ جي خاصيت کي پڻ سڌاري ٿي. توھان ڳلي جي سوزش ۽ ايلرڄي کان بچڻ لاء چانھن ۾ ماکي پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا.
⏩(10) Best Anti bacteria Agent :-
⏪بھترين بيڪيٽيريا روڪ ايجنٽ :-
▶Another important characteristic of honey is that it heals wounds fast. For breastfeeding mothers, honey is very useful. It can fight chest infection; honey is a wonderful pain killer too. Breastfeeding women can use honey as medication to protect themselves and their babies from all kinds of bacteria.
Honey is like a blessing for humans. With addition of honey to water, tea and with other dishes, you can not only improve the taste but also avail the mental and physical benefits hidden inside the honey.
◀ماکي جي ھڪ ٻي اھم افاديت اھا آھي تہ اھا جلد زخم ڇٽائي ٿي. کير ڌارائيندڙ مائرن لاء ماکي تمام ڪمائي آھي. اھا سيني جي ڪينسر جي مزاحمت ڪري ٿي. ماکي حيرت انگيز درد ماريندڙ پڻ آھي. کير ڌارائيندڙ مائرون پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجن ٻارن کي بيڪيٽيريا جي سڀني قسمن کان بچائڻ لاء ماکي کي دوا طور استعمال ڪري سگهن ٿيون.
ماکي انسانن لاء ڄڻ رحمت آھي.
پاڻي ۔ چانھن ۽ ٻين طعامن سان گڏ ماکي سان توھان نہ فقط ذائقي کي سڌاري سگهو ٿا پر ماکي ۾ لڪل ذھني ۽ جسماني فائدا حاصل ڪري سگهو ٿا.
By Asghar Ali chandio
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1081498672004560&id=649790728508692
0 comments:
Post a Comment