"زاھد آرائین "
⏪ترڪيب :-
⏪هيٺيون گھربل شيون تيار ڪري رکو:
◀مڇي اڌ ڪلو
◀ڊبل روٽيءَ جا سلائيس چار
◀بصر هڪڙي ڳنڍ
◀ٿُومَ جو پائُوڊر هڪ چانهہ جو چمچو
◀گرم مصالحو هڪ چمچو
◀سُڪَل ماني ھڪڙي
◀ادرڪ جو پائوڊر هڪ چمچو
◀ڪوتمير
◀لُوڻ
◀ساوا مرچ ٻہ عدد
◀بيدا ٻہ عدد
◀تيل هڪ پاءُ
⏪طريقو
🌟هڪڙي هنڊيءَ ۾ ڳچ پاڻي ڀري چلھ تي رکو.
🌟مڇيءَ کي پرڻ ۾ رکو ۽ پرڻ کي هنڊيءَ تي رکو.
🌟چلھ چالُو ڪريو.
🌟مڇي ڳري وڃڻ کان پوءِ چلھ بند ڪريو.
🌟تيسين ساون مرچن کي ڪُتريو.
🌟سُڪَل مانيءَ کي ڪُٽي چورو ڪريو.
🌟هاڻي بصر جي ڳنڍ کي سنهو ڪٽيو.
🌟ڊبل روٽيءَ جي چئن سلائيسن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ۽ پوءِ نپُوڙيو.
🌟بيدن کي ٽوڙي انهن جي اڇاڻ کي هڪ پياليءَ ۾ وجھو، جڏهن تہ ٽڪيون الڳ ڪري ڇڏيو.
🌟ڪوتمير کي سنهو ڪُتريو.
🌟هاڻي مڇي ڳري چڪي هوندي. چلھ کي بند ڪريو ۽ مڇيءَ جي گوشت مان ڪنڊا وغيرہ الگ ڪري ڪنهن ٿانو ۾ رکي ھلڪو ڪُٽيو.
🌟هاڻي مڇيءَ ۾ لوڻ، ڪُتريل ساوا مرچ، ڪوتمير، ادرڪ جو پائوڊر ۽ ڊبر روٽيءَ جا نپوڙيل سلائيس ملايو ۽ چڱي نموني مڪس ڪريو.
🌟هاڻي ٿوري ٿوري مڇي کڻي ان جا گول ڪباب ٺاهي انھن جي مٿان ٻنھين پاسن کان سڪل روٽي جو پائوڏر لڳائي هڪ پليٽ ۾ رکندا وڃو.
🌟هاڻي چلھ تي تَئِي کي رکو ۽ ان ۾ تيل وجھو.
🌟مڇيءَ جي ڪبابن کي بيدي جي اڇاڻ ۾ ٻوڙي تَئِي ۾ وجھي تريندا وڃو.
🌟ترڻ مھل مڇيءَ جي ڪبابن کي سڙڻ کان اڳ تَئِي مان ڪڍڻ نہ وساريندا.
تَئِي مان ڪڍي پليٽ ۾ رکندا وڃو.
مڇيُ جا ڪواب کائڻ لاء تيار آھن
0 comments:
Post a Comment