جابول ھڪ بيماري آھي جيڪا انسان جي سوچڻ ۔ سمجهڻ ۔ ردعمل ڏيڻ ۽ ڏسڻ جي انداز کي متاثر ڪري ٿي. انسان حقيقي ۽ غير حقيقي زندگي جو فرق وساري ڇڏي ٿو ۽ جذبا بي ترتيب ھئڻ ڪري زندگي گذارڻ مشڪل ٿي وڃي ٿي. ھن بيماري جي شرح مردن ۽ عورتن ۾ برابر ٿئي ٿي. ھي بيماري ڳوٺاڻن جي ڀيٽ ۾ شھرين کي وڌيڪ ٿئي ٿي. ھي بيماري لڳ ڀڳ 15 سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي يا بعد ۾ ڪڏھن بہ ٿي سگهي ٿي. ھن بيماري ٿيڻ جو امڪان 15 ۽ 35 سالن دوران رھي ٿو. ھر ڇھن ماڻهن مان ھڪ فرد کي جابول ٿئي ٿو. ڪجھ ماڻهو اھو سوچي کاڌو نہ کائيندا آھن تہ انهن جي جسم ۾ ڪيڙا آھن جيڪي کاڌو کائي متان طاقتور ٿين. انهن کي ھي ڪيڙا جسم جي ھر جڳھ تي نظر اچن ٿا پر آسپاس وارن ماڻهن کي نظر نٿا اچن. ھي مريض روز جي ڪمن کي سرانجام ڏيئي نٿا سگهن جيئن عام ماڻهو ڪن ٿا.جابولي ماڻهو انتھائي شڪي مزاج ۽ حساس ٿين ٿا. ھن صورتحال جي ڪري ھي ماڻهن کان پري رھن ٿا ۽ تنھائي کي پسند ڪن ٿا.
جن خاندانن ۾ جابول مرض رھي ٿو، اھي ٻين عزيزن لاء خطرو رھن ٿا. ھي عارضو والدين کان ٻارن ۾ جينياتي نظام ذريعي منتقل ٿي وڃي ٿو پر غير فعال ٿئي ٿو ۽ پوء آسپاس جو ماحول ان غير فعال مرض کي فعال ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو ننڍپڻ م صدما سھن ٿا ۔ جسماني ۔ ذھني ۽ جذباتي تشدد مان گذرن ٿا ۔ ذھني دٻاء ۽ غيريقيني صورتحال کي برداشت ڪن ٿا، اھي ڪيفيتون جابول کي متحرڪ ڪن ٿيون. ان کان علاوا ننڍپڻ ۾ ڪو ڇوت Infection ٿي وڃي يا وائرس حملو ڪري يا دماغ م ھڪ مخصوص ڪيميائي مقدار وڌي وڃي تہ جابول جو خطرو وڌو وڃي ٿو.
سبب:
ھن بيماري جي بنيادي ڪا وجھ ناھي پر ڪي بہ سبب ٿي سگهن ٿا.
جينياتي مسئلا
منشيات
دوائن جو غلط استعمال
خانداني مسئلا
ذھني دٻاء
ننڍپڻ جون محروميون
علامتون:
انساني دماغ جي حالت جو اندازو ڪنھن طبي ٽيسٽ يا رت جي ٽيسٽ سان ممڪن ناھي پر ڪجھ نفسياتي ماھر دماغي حالتن جي تشخيص ڪن ٿا. جابول جو 2 حالتون ٿين ٿيون
(1) مثبت علامتون Positive symptoms
(2) منفي علامتون Negative symptoms
(1) مثبت علامتون Positive symptoms:
ھتي مثبت مان مراد علامتن جي موجودگي آھي. انهن علامتن کي مثبت علامتون ان ڪري چيو وڃي ٿو جو ھي صحت جي حالت ناھن ھونديون ۽ بيماري جي حالت ۾ نظر اچن ٿيون. اھي علامتون ھيٺ بيان ڪجن ٿيون.
(1) وھم Hallucinations:
وھم بنيادي طور تي غلط عقيدن ۽ ڪوڙن خيالن تي ٻڌل ٿئي ٿو. جابولي ماڻهو ھن وھم ۾ مبتلا ھوندا آھن تہ ڪا خلائي مخلوق انهن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي يا حڪومت انهن کي پڪڙڻ چاھي ٿي. ڪجھ وري پاڻ کي عالم يا اداڪار يا بقراط جو بابو پاڻ کي سمجهندا آھن، ٻئي طرف ڪجھ ماڻهو ائين سمجهندا آھن تہ ڪو ماڻهو انهن جو پيڇو ڪري رھيو آھي يا ھنن کي نشانو بنائي رھيو آھي يا ھنن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ڪجھ ماڻهو وري گانو ٻڌي ائين سمجهندا آھن تہ ھي گانو انهن لاء ٺھيو آھي.
جيڪڏھن توھان کي ڪا شي يا انسان جي غير موجودگي ۾ اھا شي يا انسان نظر اچڻ لڳي يا تنھائي ۾ ڪوبہ آسپاس نہ ھجي ۽ آواز ٻڌڻ ۾ اچي ان عمل کي وھم Hallucinations چئبو آھي. جابول ۾ مريض کي جن وھمن Hallucinations جو تجربو ٿئي ٿو اھو اڪيلي ۾ آواز ٻڌڻ آھي. مريض لاء ھي آواز ايترا حقيقي ٿين ٿا جيترا اسان لاء ماڻهن جا آواز حقيقي ٿين ٿا. انهن کي لڳي ٿو تہ ھي آواز ٻاھر کان اچي رھيا آھن ۽ ڪنن کي ٻڌڻ ۾ اچي رھيا آھن، پوء ڀلي ھي آواز ڪنھن کي ٻڌڻ ۾ نہ اچي رھيا ھجن. ٿي سگهي ٿو تہ ھي آواز توھان سان ڳالهيون ڪري رھيا ھجن يا اوھان انهن سان ڳالهيون ڪري رھيا ھجو.
ڪجھ مريضن کي شيون نظر اچن ٿيون ۔ خوشبو محسوس ٿئي ٿي يا ڪو انهن کي ڇھي رھيو ھجي اھي بہ Hallucinations ۾ اچي وڃن ٿا.
(2) فريب Delusion:
فريب انهن خيالن کي چئجي ٿو جن تي مريض جو مڪمل يقين ھجي پر انهن جي ڪابہ حقيقت نہ ھجي. ڪڏھن ڪڏھن ڪجھ واقعا خيال ۔ حالتون ۔ واقعا صحيح طور تي سمجھ ۾ نہ اچڻ يا غلط فھمي جو شڪار ٿيڻ جي ڪري رونما ٿين ٿا. مريض کي پنھنجي خيال تي سو فيصد يقين ھوندو آھي جڏھن تہ ٻين ماڻهن کي لڳي ٿو تہ خيال غلط آھي يا عجيب غريب آھي.
فريب ڪيترن نمونن جا ٿين ٿا، ڪڏھن مريض کي لڳي ٿو تہ ماڻهو ان جا دشمن ٿي ويا آھن ۽ ھن کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا. ڪڏھن ڪڏھن مريض کي ائين لڳندو آھي تہ ٽي وي يا ريڊيو تان خاص پروگرام نشر ٿي رھيا آھن. ڪجھ مريض ائين ڀائين ٿا تہ جيڪي خيال انهن جي ذھن مان نڪرن ٿا اھي انهن جا ناھن. ڪجھ مريضن کي ائين لڳي ٿو تہ ڪا غيبي طاقت انهن تي قابو پائي رھي آھي ۽ انهن جي مرضي جي خلاف ڪم ڪري رھي آھي.
(3) خيالن جو بي ربط ٿيڻ:
مريض جو ڪمن يا ڳالهين ۾ ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. مريض نڪو ٽي وي ڏسڻ تي مرڪوز ٿئي ٿو، نڪي اخبار کي پڙھي سگهي ٿو، پنھنجي پڙھائي جاري نٿو رکي ۽ نہ ڪم ۾ دل لائي ٿو. ائين لڳي ٿو ڄڻ مريض جا خيال ڀٽڪندا رھن ٿا ۽ ھن جي سوچن ۾ ربط نٿو رھي. ھڪ ٻن منٽن کان پوء ھن کي ياد نٿو رھي تہ ھي پھرين ڪھڙي خيال ۾ ھيو. گهڻن مريضن کي ائين لڳي ٿو تہ ھنن جي خيالن تي ڌنڌ ڇانيل آھي.
(4) آواز ٻڌڻ:
جابول ۾ مبتلا ماڻهن کي مختلف آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ھي آواز ھڪ بہ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪافي بہ جڏھن تہ حقيقت ۾ ائين ڪجھ ناھي ھوندو.
(5) شيون ڏسڻ:
ھن مرض جي ماڻهن کي اھڙيون شيون يا ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي دراصل سامهون موجود ٿين ٿا.
(6) حساسیت:
جابول ۾ مبتلا ماڻهو جسماني طور تي انتھائي حساس ٿين ٿا انهن کي ھر وقت ائين لڳي ٿو تہ انهن جي جسم جي اندر يا آسپاس ڪا شي رڙھي رھي آھي يا حرڪت ڪري رھي آھي.
(2) منفی علامتون Negative symptoms:
منفي مان مراد دماغي صلاحيتن جو متاثر ٿيڻ ۽ غير حقيقي خيال اچڻ آھن. جابول جي منفي علامتن ۾ دماغي صلاحيتن جو متاثر ٿيڻ آھي جيئن ٺيڪ نموني سوچي نہ سگهڻ. انهن جو رويو عجيب ۽ نقطہ نظر واضح نظر نٿو اچي.
ھي مريض ماڻهو گهر کان ٻاھر نٿا نڪرن ۔ ميل جول کي پسند نٿا ڪن ۔ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان لھرائن ٿا ۽ اڪيلائي پسند ڪن ٿا. ھي فعل يا لفظن ذريعي جذبن جو اظھار ڪري نٿا سگهن ۔ ڪم کي حل ڪرڻ ۾ الجهن محسوس ڪن ٿا ۔ وھنجن نٿا ۔ ڪپڙا صاف نٿا پائن ۽ صفائي سٿرائي جو خيال ڇڏي ڏين ٿا.
منفي علامتون انهن ڳالهين کي چيو وڃي ٿو جيڪي صحت جي حالت ۾ موجود ھجن پر بيماري جي حالت ۾ موجود نہ ٿيون ٿين. ڏسجي تہ منفي علامتون ايتريون نمايان نہ ٿيون ٿين جيتريون مثبت علامتون ٿين ٿيون پر مريض جي زندگي تي گھرو اثر ڇڏين ٿيون مريض کي ائين لڳي ٿو ڄڻ
ھن جي زندگي ۾ دلچسپي ۔ توانائي ۽ احساس ختم ٿي ويا آھن ۔ نڪي خوشي رھي ٿي نڪي ڪجھ ڪرڻ جو جذبو رھي ٿو.
مريض کي ڪنھن ڳالھ يا ڪم تي ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ان کي بستري تان اٿڻ يا گهر کان ٻاھر وڃڻ جي خواھش نٿي رھي.
مريض لاء وھنجڻ ۔ صفائي سٿرائي رکڻ يا ڪپڙا بدلڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
مريض ماڻهن کان ملڻ جلڻ کان ڪترائڻ لڳي ٿو ۽ ڪنھن سان ڳالھ ٻولھ کي ڏکيو ڀائي ٿو.
ڇا مريض ۾ سڀ علامتون ٿي سگهن ٿيون؟
ضروري ناھي تہ جابول جي ھر مريض ۾ تمام علامتون موجود ھجن. ڪجھ ماڻهن کي صرف آواز اچن ٿا پر ھن ۾ منفي علامتون نٿيون ٿين. گهڻن مريضن کي صرف فريب ٿئي ٿو پر انهن جا خيال بي ربط ۽ الجهيل ناھن ھوندا. جيڪڏھن ڪنھن مريض کي صرف منفي علامتون ھجن ۽ بي ربط خيال ھجن تہ ان جي آسپاس جي عزيزن يا دوستن کي سالن تائين احساس نٿو رھي تہ ھي ڪو جابول جو مريض آھي.
ڇا ھي مرض ٺيڪ ٿي سگهي ٿو؟
جابول جي مريضن کي ڪڏھن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت نٿي رھي ھو ڪم ڪار ڪري سگهن ٿا ۽ سٺي گهريلو زندگي گذاري سگهن ٿا.
تقريبن 100 مان 20 سيڪڙو مريض بيماري جي پھرئين دوري جي پنجن سالن جي اندر ٺيڪ ٿي وڃن ٿا.
تقريبن 100 مان 60 سيڪڙو ماڻهو بھتر ٿي وڃن ٿا پر انهن ۾ ڪجھ نہ ڪجھ علامتون موجود رھن ٿيون. ڪنھن بہ وقت انهن جن علامتون اڃان بہ وڌيڪ بگڙي سگهن ٿيون.
تقريبن 20 سيڪڙو مريضن ۾ شديد علامتون موجود ٿين ٿيون.
اپاء:
ھي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪجي تہ بيماري جي شروع ۾ ڪھڙيون علامتون ٿين ٿيون مثال ننڊ يا بک جو خراب ٿيڻ ۔ گهٻراھٽ رھڻ ۔ وھنجڻ يا ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏيڻ ۔ ٿورو شڪ شبھو ٿيڻ ۔ خوف پيدا ٿيڻ ۽ ڪڏھن اڪيلي ۾ آواز ٻڌڻ لڳڻ ۔ انهن علامتن کي سڃاڻي علاج شروع ڪيو وڃي تہ عام طور تي طبيعت جلدي بھتر ٿي وڃي ٿي ۽ دوا جو گهٽ وزن وٺڻو پوي ٿو.
انهن سببن کان بچڻ کپي جنھن سان طبيعت جي خراب ٿيڻ جو امڪان ھجي مثال اھڙي صورتحال جنھن ۾ ذھني دٻاء وڌي وڃي جيئن ماڻهن سان گهڻي ميل جول ڪرڻ ۔ منشيات يا الڪحل جو استعمال ڪرڻ ۔ گهر وارن ۔ دوستن يا پاڙيسرين سان جهيڙو ڪرڻ.
ھي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي تہ ڪھڙن طريقن سان آواز گهٽ ٿئي ٿي مثال ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۔ مصروف رھڻ ۔ پاڻ کي ياد ڏيارڻ تہ ھي آواز اوھان کي ڪوبہ نقصان ڏيئي نٿا سگهن ۽ توھان کي توھان جي مرضي جي خلاف ڪو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري نٿا سگهن.
ڪنھن اھڙي بااعتماد شخص سان سنگت رکڻ کپي جيڪو بيماري شروع ٿيڻ سان اوھان کي ٻڌائي سگهي تہ اوھان جي طبيعت خراب ٿي رھي آھي.
توھان کي جسماني صحت جو خيال رکڻ کپي.
سٺا کاڌا ۽ ميوا ۽ سبزيون کائڻ کپن.
تماڪ نوشي کان بچڻ کپي.
روزانو ڪجھ نہ ڪجھ ورزش ڪرڻ کپي صرف 20 منٽ روز ھلڻ سان مزاج بھتر ٿي سگهي ٿو.
علاج:
جابول جي مرض لاء ٻن معروف طريقن ۾ ٿيراپي ۽ دوائون شامل آھن. مختلف مريضن کي مختلف ڊوز ڏنا وڃن ٿا ڪنھن کي گهٽ ۽ ڪنھن کي وڌ. جابول جو دوائون عام طور تي 4 کان 6 ھفتن ۾ اثر ڪن ٿيون. انهن دوائن جاناڪاري اثر بہ ٿين ٿا پر انهن تي ضابطو پائي سگهجي ٿو. ان سان گڏ ٿيراپي ذريعي علاج ممڪن آھي جنھن ذريعي مريض کي ابتدا ۾ ننڍا نشانا ڏنا وڃن ٿا ۽ آھستي آھستي وڏا نشانا ڏنا وڃن ٿا جيئن ڪپڙا پائڻ ۽ وھنجڻ ۔ ڏندڻ ڏيڻ ۔ نوڪري ڪرڻ ۽ پنھنجو ڪم ڪرڻ شامل آھن.
ڇا جابول جو علاج ممڪن آھي؟
ڪوبہ ماھر نفسياتي ڊاڪٽر ھن مرض جي تشخيص ۽ علاج ڪري سگهي ٿو. شھرن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ نفسيات جا وارڊ ٿين ٿا جتي نفسياتي ماھر باقائدگي سان علاج ڪن ٿا ۽ مشورا ڏين ٿا.