Wednesday 12 August 2020

سابو داڻا Sabudana 💎اصغر ساگر💎

سابو داڻا ھر دڪان تي ملن ٿا پر اسان جو سماج ان جي افاديت کان اڻڄاڻ آھي. سابو داڻا توانائي سان سرشار آھن جن کي ھر عمر جو ماڻهو کائي ٿو. عام طور تي سابو داڻي کي ماڻهن جي درميان پيٽ جي بيماري کان بچاء يا بيمار يا ڪمزور ٻارن جي خوراڪ جي حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو پر حقيقت ھي آھي تہ سابو داڻو انهن جزن سان ڀرپور ٿئي ٿو جن جي اسان جي جسم کي اشد ضرورت رھي ٿي، پوء بہ سابوداڻا صحت بخش غذا آھن جن جي فائدن کان اڪثريت اڻواقف آھي. سابو داڻي ۾ 84 سيڪڙو نشاستو Carbohydrate ۔ 0.2 پروٽين Protein ۔ 0.5 گرام تاندورا Fibers ۔ 10 ملي گرام چن Calcium ۽ 1.2 ملي گرام فولاد Iron ٿئي ٿو. سابو داڻو ھاضمو ڪندڙ ۽ غذائيت سان ڀرپور ھئڻ ڪري ٻارن ۽ بيمارين لاء بھترين غذا تصور ڪيو وڃي ٿو.

سابو وڻ ڏونگهي جي وڻ وانگر ٿئي ٿو جنھن جي وچئين حصي مان اسفنج نما حصي کي ڪڍيو وڃي ٿو جنھن کي سابو داڻو سڏجي ٿو. سابو وڻ ھڪ خوبصورت وڻ ٿئي ٿو. نيوگني ۾ ھي وڻ ججهي انداز ۾ ملي ٿو ۽ مقامي ماڻهو ھن کي پيھي اٽو ٺاھن ٿا ۽ ھن مان ماني بہ ٺاھن ٿا. صابو داڻا مقامي آبادي جي بنيادي غذا آھي. ھي وڻ انڊونيشيا ۔ سريلنڪا ۽ ملائيشيا ۾ وڌيڪ پاتو وڃي ٿو ۽ انهن ملڪن مان سڄي دنيا کي سابو داڻا برآمد ڪيا وڃن ٿا. جڏھن صابو وڻ ۾ ميوو پچي ٿو تہ ھن وڻ جي حياتي جو دور ختم ٿي وڃي ٿو. ان کان پوء ھي وڻ سڪي مردو ٿي وڃي ٿو ۽ ھن جو وچون حصو سخت ٿي وڃي ٿو جنھن مان صابو داڻو نٿو نڪري، ان ڪري احتياط ۽ اپاء طور گل اچڻ کان پھرين ھن وڻ کي ڪٽيو وڃي ٿو. سابو جو وڻ ست کان پندرنھن سالن تي پھچڻ بعد گل ڏيڻ شروع ڪري ٿو ۽ اھو ئي وقت آھي جو گلن اچڻ کان پھرين ھن وڻ کي ڪٽيو وڃي ٿو. تني جي مٿان ٿلهي کل ۽ ڪاٺي جي وچ ۾ اسفنج نما سابو داڻو ڀريل ٿئي ٿو. ھڪ سابو وڻ مان 8 سو پائونڊ جي قريب سابو داڻو نڪري ٿو. نرم ڳر کي ڪڍي اس ۾ سڪايو وڃي ٿو ۽ ھن کي پيھي ھن مان اٽو ٺاھيو وڃي ٿو. ٻاھرين ملڪن ڏي برآمد ڪرڻ لاء ھڪ خاص طريقي سان ھن جي اٽي مان داڻيدار صابو داڻا بنايا وڃن ٿا جن کي توھان سابو داڻي جي روپ ۾ ڏسو ٿا.

مشڪن کي مضبوط ڪندڙ:

سابوداڻن ۾ پروٽين جي ڪثير مقدار پاتي وڃي ٿي جيڪا جيڪا مشڪن جي افزائش ڪري ٿي ۽ انهن کي مضبوط ڪري ٿي. گڏوگڏ صابوداڻا شفايابي جي عمل کي تيز بنائن ٿا ان ڪري ھر شخص کي سابو داڻي کي پنھنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ کپي.

ھڏين جي افزائش ڪندڙ:

سابو داڻا وٽامن ڪي Vitamin K ۔ چن Calcium ۽ فولاد Iron سان ڀرپور ٿين ٿا، ھي جزا ھڏين جي صحت ۽ انهن کي لچڪدار بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ توانائي جي سطح جي اضافي پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، ان ڪري سابوداڻا انهن ٻارن کي کارائڻ مفيد آھن جيڪي ابتدائي عمر ان گذري رھيا آھن.

رت جي چاڙھ کي روڪيندڙ:

سابوداڻا پوٺي Potassium سان ڀرپور ٿين ٿا جيڪو رت جي دوري کي ضابطي رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. ھي جسم ۾ رت جي دوري کي سطح کي قابو ۾ رکن ٿا ۽ دل جي بيمارين کان محفوظ رکن ٿا.

توانائي سان ڀرپور:

جيڪي ماڻهو پاڻ کي جسماني طور تي فعال رکڻ چاھين ٿا انهن کي سابو داڻن کي پنھنجي غذا ۾ شامل ڪرڻ کپي. صابو داڻن ۾ پاتا ويندڙ نشاستا توانائي ۾ اضافو ڪن ٿا. اھڙا ماڻهو جيڪي سستي ۽ ڪاھلي جي شڪايت ڪن ٿا، انهن کي صابو داڻا ضرور کائڻ کپن.

وزن ۾ اضافو ڪندڙ:

سابو داڻا نشاستي سان مالا مال ٿين ٿا جيڪي وزن ۾ اضافو ڪن ٿا. اھي ماڻهو جيڪي ڪمزور آھن ۽ سنهي ھاٺي رکن ٿا انهن لاء صابو داڻا وڏي اھميت رکن ٿا. سابو داڻا اھڙي بھترين غذا آھن جن ۾ پاتا ويندڙ جزا ھڪ مناسب جسماني وزن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

پيدائشي نقصن کان بچائيندڙ :

جزن جي ڪمي ۽ غلط دوائن جو استعمال اڪثر ٻارن ۾ پيائشي نقص جو سبب بنجي ٿو. صابو داڻن ۾ پنيرو تيزاب Folic acid ۽ وٽامن بي6 Vitamin B6 ٻارن جي نشونما ۾ بھترين ڪردار ادا ڪن ٿا جنھن ڪري طبي ماھر حاملا عورتن کي صابو داڻن کائڻ جو مشورو ڏين ٿا.

ھاضمي کي بھتر ڪندڙ:

اڪثر ماڻهو ھاضمي جي مسئلن جو شڪار رھن ٿا. سابو داڻا ڀاري پن ۔ قبضي ۽ بدھضمي کان بچائن ٿا ۽ صفرا جي سطح کي برقرار رکن ٿا. صابو داڻن ۾ پاتا ويندڙ تاندورا قبضي جي شڪايت کي رفع دفع ڪن ٿا پر قبضي جي اڪثر شڪايت ٻارن ۾ پاتي وڃي ٿي ان ڪري ٻارن کي سابو داڻا کارائبا رھجن جيئن قبضي جو مسئلو ڪر نہ کڻي.

سابو داڻن جي کيرڻي:

بيمارين کان علاوا سابو داڻي جي کيرڻي انتھائي طاقتور ۽ مزيدار مٺي ٿئي ٿي.

ترتيب:

سابو داڻا 25 گرام

چانور     25 گرام

کير         پاء

کنڊ         مٺي آھر

ڪشمش 7 داڻا

ترڪيب:

چانورن کي پاڻيء ۾ پسائجي.

پوء چانورن کي گهوٽي پوڊر ڪجي.

ھاڻي کير کي اٻارجي.

پوء ان ۾ چانور ۽ صابو داڻا وجهي پچائجن.

ھاڻي ڪشمش ۽ کنڊ وجهجي.

کيرڻي وانگر ٿئي تہ لاھجي.

سنهن ماڻهن لاء بھترين آھي. 6 مھينا کائن. قد وڌندو ۽ ٿولھ بہ وڌندي.


هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment