Saturday 1 August 2020

کنڀي Mushroom 💎اصغر ساگر💎

کنڀي ھڪ فنگي آھي جيڪا پاڻ ۾ بي پناھ غذائيت رکي ٿي. کنڀي جا 15 سو قسم ٿين ٿا جيڪي جيڪي تاثير جي لحاظ کان منفرد ۽ خوبين سان سرشار ٿين ٿا ۽ زھر کان پاڪ ٿين ٿا. کنڀي اھڙي شي آھي جنھن کي پڪا پوڙھا ۔ ٻار ۽ عورتون شوق سان کائن ٿيون. ڪافي طعامن ۾ کنڀين جو استعمال ڪيو وڃي ٿو جن جي مقبوليت دنيا ۾ وڌندي پئي وڃي. جتي کنڀين جو رسوب Juice تيار ڪيو وڃي ٿو، اتي ھنن کي ٽماٽر ۔ بصر ۔ سبزي ۽ گوشت سان پچايو وڃي ٿو. دنيا ڀر ۾ 15 لک ٽن کنڀين جي پيداوار ٿئي ٿي. مينھن جي موسم ۾ کنڀين جي ھڪ وڏي مقدار جنگلن ۾ پاتي وڃي ٿي. کنڀين جا 2 حصا ٿين ٿا.
(1) مٿيون ٽوپو
(2) ھيٺيون تنو
ٽوپي جي ھيٺئين تھ ۾ وڏي تعداد ۾ ٻج ٿين ٿا. برسات جي موسم ۾ کنڀين کي جتي ڪٿي سازگار ماحول ملي ٿو جو ھر جڳھ ڦٽن ٿيون. کنڀين جا ڪيئي قسم مقامي طور پاتا وڃن ٿا جن کي مقامي طور تي ڪنڍير ۔ کپو ۔ ھنڍو يا ڳڇي سڏيو وڃي ٿو.
دنيا ڀر ۾ کنڀين جا 15 سو قسم ٿين ٿا جن مان ڪجھ کائڻ جھڙا آھن ۽ ڪي زھريلا ٿين ٿا. کنڀين جا 56 قسم کائڻ جھڙا ٿين ٿا جن مان چار بلوچستان ۔ ٽي سنڌ ۔ پنج پنجاب ۽ 44 قسم خيبرپختونخوا ۾ ٿين ٿا. کنڀين جا 4 مقبول قسم ٿين ٿا.
(1) يورپي کنڀي European Mushroom
(2) جاپاني کنڀي Japanese mushroom
(3) چيني کنڀي   Chinese mushroom
(4) صدفي کنڀي Oyester mushroom
پاڪستان ۾ اعلا درجي جون کنڀيون ملن ٿيون جن ۾ سفيد ۔ سونھري ۔ سرمئي ۽ گلابي کنڀيون شامل آھن. جڏھن مون سون جي موسم شروع ٿئي ٿي تہ کنڀيون دستياب ٿين ٿيون.

پوکي:
کنڀين کي مارچ ۽ آڪٽوبر درميان پوکيو وڃي ٿو. کنڀين جي پوکي لاء وڏي ايراضي جي ضرورت ناھي پر انهن کي جز وقتي لاء ننڍن گهرن ۾ پوکي سگهجي ٿو.
کنڀين کي ٻن طريقن سان پوکيو وڃي ٿو
(1) کليل ميدان ۾ پوکي
(2) ضابطيدار پوکي جنھن ۾ ھڪ خاص گرمي پد ۽ خود مصنوعي ماحول ۾ کنڀين کي پوکيو وڃي ٿو.
کنڀين جي پوکي کان 7 ڏينھن پوء کنڀي عام پنن وانگر ننڍي مٿي سان ڦٽي ٿي جيڪي 3 يا پنجن ڏينھن ۾ کنڀين جي شڪل اختيار ڪن ٿيون. انهن جون ٽاريون جيڪي 5 يا 7 انچ ڊگهيون ٿين ٿيون انهن کي ٻوٽن کان ڪٽي خشڪ ڪيو وڃي ٿو جن کي Flushes سڏيو وڃي ٿو، جن کي پڪايو وڃي ٿو يا مارڪيٽ ۾ کپايو وڃي ٿو. ٽارين ٽوڙڻ کان پوء ڏھن ڏينھن کان پوء انهن ٻوٽن ۾ نيون ٽاريون اچي وڃن ٿيون. ٽاريون تمام گهٽ عرصي ۾ ڦٽي وڏيون ٿين ٿيون ۽ پيداواري صلاحيت گهڻي رکن ٿيون.
ھڪ کنڀي جي ھڪ ٽاريء مان توھان ھر ھفتي کان پوء ٽن مھينن تائين اڌ ڪلو کنڀيون حاصل ڪري سگهو ٿا جڏھن تہ ھڪ سو ھنڌن ۾ کنڀين جي پوکي مان کنڀيون ھڪ ھفتي ۾ 120 ڪلوگرام حاصل ڪري سگهجن ٿيون. 150 روپيا في ڪلوگرام جي حساب سان ھڪ ھفتي ۾ 18 ھزار روپيا جڏھن تہ مھيني جي حساب سان 72 ھزار روپيا ڪمائي سگهجن ٿا.
جيڪڏھن ڪو کنڀين جي پوکي ڪرڻ چاھي ٿو، ان اگريڪلچر يونيورسٽي فيصل آباد سان رابطو ڪرڻ کپي.

زھريلي کنڀي جي سڃاڻپ:
مينھن کان پوء جنگل ۾ خود بخود ڦٽڻ وارين کنڀين مان ڪجھ زھريليون ٿين ٿيون. اھڙين کنڀين کي استعمال نہ ڪرڻ کپي. زھريلي کنڀي جي ٽوپي جي مٿئين ٽوپي جو ھيٺيون حصو اڇو ٿئي ٿو، ٽاري جي مٿئين حصي ۾ منڊي نظر اچي ٿي ۽ ٽاري جي ھيٺئين حصي ۾ ڪوپ جي شڪل نظر اچي ٿي. زھريلي کنڀي چمڪيلي ۽ خوبصورت نظر اچي ٿي.

فائدا:
جديد تحقيق مطابق کنڀي ۾ اھڙا بي شمار غذائي جزا ٿين ٿا جيڪي عورت جي جسم کي فوري طاقت پھچائين ٿا. ھن ۾ وٽامن بي Vitamin B ۔ پروٽين Protein ۽ تاندورن Fibers جي ڪافي مقدار گهرڙبدليت کي تيز ڪري ٿي. کنڀي ۾ ٻين سبزين جي ڀيٽ ۾ پروٽين وڌيڪ ٿئي ٿو. ھن ۾ موجود وٽامن ڊي ھڏن جي مضبوطي جو ضامن آھي. کنڀي اھا سبزي آھي جنھن ۾ لوڻ نٿو پاتو وڃي. کنڀي ۾ وڌ ۾ وڌ پروٽين ملي ٿو. ڀوري کنڀي ۾ وڌيڪ پوٺو Potassium ٿئي ٿو. ھن ۾ قدرتي طور سلڻ Selenium پاتو وڃي ٿي جيڪا جسم جي قدرتي نظام کي مضبوط ڪري ٿي ۽ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين کان بچائي ٿي. کنڀي ۾ موجود جست Zinc مدافعتي نظام ۽ جنسي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو، گڏوگڏ ھن ۾ ھيٺان جزا شامل آھن.
 
ڇليٺي Thiamin
ھي نشاستي مان توانائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.


رٻوھرو Ribofloxin
کنڀي ۾ موجود ھي جزو ڳاڙھن گهرڙن کي صحتمند بنائي ٿو جنھن جي ڪري نظر تيز ۽ چمڙي صحتمند ٿي وڃي ٿي.
 

تمڪ تيزاب  Niacin
ھي پروٽين ۽ چرٻي مان توانائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو تہ جيئن ھاضمي جو نظام ۽ اعصابي نظام درست ھلي سگهي.


فولاد:
مردن جي مقابلي ۾ عورت ۾ رت جي کوٽ ٿئي ٿي. جيڪڏھن عورت کنڀي جي ڀاڄي کائي تہ ان ۾ رت جا جزا وڌي سگهن ٿا. ٻي وڏي ڳالھ تہ کنڀي رت کي جلدي صاف ڪري ٿي. کنڀي ۾ وڌيڪ پروٽين ٿئي ٿي، ان ڪري کنڀي کي گوشت جو متبادل سڏيو وڃي ٿو.

حرڪيرن Harmones جو توازن:
کنڀي ۾ وٽامنون ڪثرت سان پاتيون وڃن ٿيون. ھي وٽامن بي1 Vitamin B1۔ وٽامن بي2 Vitamin B2 ۽ وٽامن ڊي2 Vitamin D2 سان سرشار ھئڻ ڪري اھم غذا بنجي وڃي ٿي. کنڀي ۾ موجود وٽامن ڊي2 جنسي حرڪيرا Sexual harmones پيدا ڪري ٿي ان ڪري ھن کي جنسي ٽانڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ھن ۾ موجود ميلان Melanin عورتاڻي حسن ۾ اضافو ڪري ٿو.

ڪپڙن جي بي قائدگي:
کنڀي جي ھڪ قسم ھوج عورتن جي لاء دوا سمجهي وڃي ٿي. ھن کنڀي کي استعمال ڪرڻ سان عورت ۾ ڪپڙن جي بي قائدگي دور ٿي وڃي تي ۽ چھري تي نڪرندڙ داڻا ۽ ان جا داغ ڌٻا ختم ٿي وڃن ٿا. کنڀي عورت جي رحم جي فعلن کي بھتر بنائي ٿي جنھن ڪري عورتن جا چمڙي جا مرض دور ٿي وڃن ٿا.

چن Calcium سان ڀرپور:
عورتون ٻار پيدا ڪرڻ کان پوء اندروني ڪمزوري جو شڪار ٿي وڃن ٿيون جنھن ڪري انهن جا سنڌ ۽ مشڪون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون. کنڀي عورتن جي ڪمزوري ۔ ھڏين جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ زخم لاء مفيد آھي. عورتون ٻار ڄمڻ کان پوء کنڀي جو رسوب Juice استعمال ڪري چن Calcium جي کوٽ کي پورو ڪري سگهن ٿيون جيڪا عورتن جي ھڏين ۔ مشڪن ۽ اعصابن کي تقويت ڏئي ٿي.

تڪسيد روڪ Antioxidant:
کنڀي ھڪ وقت تڪسيد روڪ Antioxidant ۽ پروٽين Protein سان ڀرپور ٿئي ٿي. ھي ھڪ طرف وائرس روڪ Antivirus ۽ سوزش روڪ Anti-inflammatory آھي تہ ٻئي طرف ھن ۾ موجود جست Zinc حسن نکارڻ ۾ مدد ڪري ٿو ڇوجو ھن ۾ نشاستي Carbohydrate ۔ چرٻي Fats ۽ لوڻ Sodium جو مقدار گهٽ ٿئي ٿو. ھي عورتن لاء مفيد آھي ڇوجو ھي وزن گهٽ ڪري ٿي. جيڪڏھن ھن جو پاڻي وارن کي ھنيو وڃي تہ وارن جي نشونما تيز ٿي وڃي ٿي. کنڀي جو پاڻي ڀروئن کي ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ نظر تيز ڪري ٿو.

بي چيني ۽ چڙچڙاھٽ جو خاتمو:
گهريلو ڪم ڪندڙ عورتون اڪثر چڙ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ان جو سبب لوڻ Sodium جي واڌ ۽ پوٺي Potassium جي گهٽتائي آھي. جسم ۾ لوڻ جي واڌ جي ڪري رت جو چاڙھ رھي ٿو جڏھن تہ کنڀي ۾ پوٺو Potassium ۔ ٽامو Copper ۔ معدنيٺو Magnesium ۔ سفورو Phosphorus ۔ سلڻ Selenium ۽ لٺڻ Latenium پاتو وڃي ٿو جيڪو رت جي چاڙھ تي ضابطو رکي ٿو ۔ اڌ مٿي جو سور Migraine کان بچائي ٿو ۔ ذھني مونجھ کي ختم ڪري ٿو ۔ ويسر کي دور ڪري ٿو ۽ دل جي ڌڙڪن کي مستقل رکي ٿو. ڏينھن ۾ 2 دفعا کنڀي استعمال ڪرڻ سان جسم کي ضروري غذائي جزا ملي وڃن ٿا جيڪو سڄي ڏينھن جي توانائي جو پوراء ڪن ٿا.

ايڊز ۽ ڪينسر کان بچائيندڙ:
کنڀي ۾ بادام جي برابر سلڻ Selenium ۽ وٽامن اي VitaminA پاتي وڃي ٿي جيڪي گهرڙن کي ايڊز ۽ ڪينسر جي جراثيمن خلاف مدد ڪندڙ آھن. کنڀي جو شمار انهن کاڌن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي گهرڙبدليت Metabolism کي درست رکن ٿا.

احتياط:
جنگلي کنڀين کي پٽڻ ۾ خبرداري ڪجي متان ڪا کنڀي زھريلي نڪري پوي. بھتر آھي تہ کنڀيون دڪان تان وٺجن.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment