Saturday 15 August 2020

ڪٺل Jack fruit 💎اصغر ساگر💎

 

نالا:

فارسي ۾ چڪي

مرھٽي ۾ ڦنس

سنڌي ۾ ڪٺل

انگريزي ۾ جيڪ فروٽ


مزاج:

گرم خشڪ پھريون درجو


خاص نفعو:

قوت باھ ۽ مني پيدا ڪندڙ


نقصان:

غليظ رت پيدا ڪري ٿو.


مصلح:

لوڻ ۔ زعفران ۽ مشڪ


قد

10 کان 21 ميٽر


ميوي جي ماپ:

تمام ميوو پيدا ڪندڙ وڻن ۾ ھي ميوو سڀ کان وڏو ٿئي ٿو. ھي ميوو 8 انچن کان 3 فٽ ڊگهو ۽ 6 کان 20 انچ ويڪرو ٿئي ٿو.


ميوي جو وزن:

ڪٺل جو ميوو ھڪ ڪلو کان ويندي 10 ڪلو ۽ 50 ڪلو وزني ٿئي ٿو.


ميوي ۾ ٻجن جو تعداد:

ھڪ ميوي ۾ 100 کان 500 ٻج ٿين ٿا.


ماھيت:

ڪٺل شھتوت جي خاندان جو وڻ آھي جنھن جو اصل وطن جنوبي ۽ جنوبي مشرقي ايشيا آھي. ڪٺل جو وڻ تمام وڏو وڻ ٿئي ٿو جنھن  ۾ گولر وانگر وڻ ۾ ٽاريون ۽ ٿڙن ۾ ميوا نڪرن ٿا. جيتري قدر ٿڙ جي قريب ميوا نڪرندا اھي اوترا شاداب ۽ شيرين ٿيندا.

ھي بنگلاديش جو قومي ڦل آھي. ان کان علاوا يوگنڊا ۔ ڀارت ۔ بنگلاديش ۔ نيپال ۔ سريلنڪا ۔ ڪمبوڊيا ۔ ويٽنام ۔ ماريشس ۽ برازيل ۾ بہ پيدا ٿئي ٿو. عام طور تي ھي ميوو ھڪ ڪلو کان 36 ڪلو وزني ٿئي ٿو ۽ ڪٿي 50 ڪلو جي وزن تائين پھچي ٿو. ھن جي ڊيگھ 36 انچ ۽ قطر 20 انچ تائين ٿئي ٿو. ڀارت جي علائقي دکن ۾ ھن کي ڦنس سڏيو وڃي ٿو. ھن کي کاڌي ۾ ڪچي طور بہ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪچي ھجڻ جي صورت ۾ ميوو سائو ۽ پڪي ھجڻ جي صورت ۾ زردي مائل ٿي وڃي ٿو. انهن داڻن جي اندر پيلي رنگ جا ڳروٽا ٿين ٿا جن کي ميون وانگر کاڌو وڃي ٿو ۽ ڀاڄي طور انهن کي ڀڃي کاڌو وڃي ٿو. ھن کي ڊٻن ۾ محفوظ ڪري برآمد ڪيو وڃي ٿو.

ڪٺل دير سان ھضم ٿئي ٿو ۽ ڀرتي ڪري ٿو پر جيڪڏھن ھضم ٿي وڃي تہ قوت باھ پيدا ڪندڙ ۽ مني پيدا ڪندڙ آھي. قوت باھ لاء ھن جو مربو ۽ حلوو کاڌو وڃي ٿو.

100 گرام ٻج کائڻ سان 184 حرارا حاصل ٿين ٿا.


گل اچڻ جو وقت:

مارچ کان جون تائين ھن وڻ ۾ گل اچن ٿا. ھڪ ئي وڻ ۾ ٻن قسمن جا گل ڦٽن ٿا.


پوکي: 

ھن وڻ کي ٻج ۔ پيوندڪاري ۽ قلم ذريعي پوکي سگهجي ٿو. جڏھن ميوو پچي ٿو تہ ھڪ مھيني اندر ھن جي پوکي ڪئي وڃي ٿي. ڦٽڻ واسطي ھن کي 3 کان 8 ھفتا درڪار ٿين ٿا. ٻج کي پوکڻ واسطي پھرين ٻجن کي 24 ڪلاڪ پاڻيء ۾ پسايو وڃي ٿو ۽ پوء ٻجن کي پوکيو وڃي ٿو. جڏھن ٻج ڦٽي پنيري ٺاھن ٿا تہ ھر ٻج مان 4 پن نڪرن ٿا. پنن نڪرڻ شرط جلدئي پنيري کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪجي. ڪٺل جو ٻوٽو ڊگهي ٿئي ٿو تہ پاڙ سخت ھڻي ٿو  تہ ٻوٽي جي مرڻ جو خدشو رھي ٿو. ان ڪري جڏھن پاڙ نازڪ ھجي تہ اتان پٽي منتقل ڪجي. ھن جي پيوندڪاري بہ موسم مطابق ڪري سگهجي ٿي.


باغ لڳائڻ:

باغ لڳائڻ لاء وڻن جي درميان 30 يا 40 فٽ مفاصلو رکجي. ھن جي ڪجھ قسم جي وڻن ۾ ميوي لڳڻ کي اڍائي کان ساڍا ٽي سال لڳن ٿا جڏھن تہ عام طور تي 4 سال لڳن ٿا.


ميوو پچڻ:

ھن جو ميوو جون کان اگسٽ تائين پچي وڃي ٿو. ڦل پچڻ کان پھرين گلن کي کلڻ کلڻ ۾ 3 کان 8 مھينا درڪار ٿين ٿا.


جڳھ جو انتخاب:

ڪٺل کي تر آبھوا درڪار ٿئي ٿي. ھي ابتدا ۾ ٿڌ ۽ خشڪ سالي برداشت نٿو ڪري. ھن کي سوڪھڙي ۾ سيراب ڪرڻ ضروري آھي. ھي اونهي ۔ درمياني يا کليل زرخيز زمين ۾ نشونما پائي ٿو. جيڪڏھن پاڙ کي پاڻي ڇھي ٿو تہ ھي وڻ مري وڃي ٿو.


نمايان خصوصيت:

ھن جي تمام حصن مان کير جھڙو مواد SAP نڪري ٿو. ھن وڻ جي واڌوتري تيز آھي. ھي 20 سالن ۾ 58 فٽن جي بلندي تي پھچي ٿو. ھي سو سالن جي عمر تي پھچي وڃي ٿو. ھڪ وڻ ۾ سالانا 150 وڏا ميوا لڳن ٿا يا 250 ننڍا ميوا لڳن ٿا.


مسئلا:

ڪٺل جي نون لڳايل ٻوٽن کي جانورن سيھڙ ۔ ٻڪري ۽ ھرڻ کان بچائڻ کپي. ميدان ۾ ھن کي ڪئا بہ کائي سگهن ٿا. ھن جا تمام حصا سفيد ڳروٽن تي مشتمل ٿين ٿا.

 

ڪاٺ:

ھن جو ڪاٺ بيڪيٽيريا روڪ ۽ اڏوھي کي روڪيندڙ آھي. ھن جي ڪاٺ کي تعمير ۔ آلن ۔فرنيچر ۽ موسيقي جي آلن ٺاھڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو.


ڪارج:

ڪٺل ميوي جي کل سخت پر اندر ڳر نرم ۽ مٺي ٿئي ٿي.

گرم ۽ نم موسم ۾ ھن جي ميوي مان جام ۽ مربو ٺاھيو وڃي ٿو. ڪٺل بنگلاديش جو قومي ميوو آھي. ھن جي ڪچي ميوي مان ڀاڄي ٺاھي وڃي ٿي. ماھرن مطابق ڪٺل مان ڪيترين بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو جن ۾ آنڊن جي بيماري اچي وڃي ٿي. ھي وڻ سال ۾ ھڪ دفعو ميوو ميوو ڏئي ٿو، جون ۾ ڪچا ميوا جهلي ٿو ۽ اگسٽ جي آخر ۾ پڪا ميوا ڏئي ٿو. ڪٺل ھڪ اھڙو مفيد ميوو آھي جيڪو صحت لاء بھترين تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ ھن کي مختلف طريقن سان کاڌن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. ھن جي وڏي شڪل ڏسي اسان ھن کان ٽھون ٿا پر ھي غذائيت سان ڀرپور ميوو آھي.

ڪٺل جي ميوي ۾ وٽامن بي1 Vitamin B1 ۽ وٽامن بي2 Vitamin B2 جهجهي ٿئي ٿي. ھن جي ٻج ۾ اعلا نشاستو Carbohydrate ۔ چن Calcium ۽ فولاد Iron ٿئي ٿو. ھن جو ميوو ڪجھ علائقن ۾ جانورن کي کارايو وڃي ٿو. ھن جي پنن کي کاڌي جي لفافي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

 ڪٺل پوٺي Potassium سان ڀرپور ٿئي ٿو ان ڪري رت جي چاڙھ High blood pressure کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڪٺل جي ميوي جو رس جتي بخار لاھي ٿو، اتي دستن کي روڪي ٿو. ڪٺل ڪينسر Cancer کي روڪي ٿو ۔ چمڙي جي مسئلن کي حل ڪري ٿو ۔ پوڙھائپ روڪ Anti-age ھئڻ ڪري پوڙھائپ جي اثرن کي گهٽ ڪري ٿو ۔ دم ۾ مبتلا مريضن کي فائدو ڏئي ٿو ۽ السر کي روڪي ٿو.


مٺرت حد رکندڙ:

کنڊ جي مناسب مقدار رکندڙ ڪٺل گهٽ مٺرت حد Glycemic index رکندڙ ميوو آھي جيڪو رت ۾ کنڊ جي مقدار کي قابو ڪري ٿو جڏھن تہ ھن کي تاندورن Fibers جو خاص ذريعو سمجهيو وڃي ٿو.


وٽامن سي سان ڀرپور:

ڪٺل ۾ وٽامن سي Vitamin C وافر مقدار ۾ ٿئي ٿي جيڪڏھن ڪٺل کي ميوي ۽ سبزي طور استعمال ڪيو وڃي تہ دل جي مرضن ۔ ڪينسر ۽ فالج کان بچي سگهجي ٿو.


رت جي دوري کي پورو پنو رکندڙ:

جيڪڏھن ڪو ماڻهو چاھي ٿو تہ رت جو دورو پورو پنو رھي تہ ان کي پنھنجي رکاڌي ۾ ڪٺل کي استعمال ڪرڻ گهرجي ڇوجو ڪٺل صحت لاء ڏاڍو مفيد آھي ڇوجو ھي رت جي چاڙھ High blood pressure کي روڪي ٿو.


وٽامن اي سان سرشار:

قوت مدافعت سان ڪٺل ۾ وٽامن سي سان گڏ وٽامن اي Vitamin A پاتي وڃي ٿي جيڪا ڇوت جا خطرا گهٽ ڪري ٿي ۽ اسان جي قوت مدافعت کي مضبوط بنائي ٿي.


تڪسيد روڪ:

ڪٺل تڪسيد روڪ Antioxidant پڻ آھي ڇوجو اھو چمڙي کي نکاري ٿو ۽ وقت کان اڳ ايندڙ پوڙھائپ کان بچائي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment