Sunday 9 August 2020

کارڪون Dates 💎اصغر ساگر💎

نالا:

سنڌي ۾       کارڪ

عربي ۾        رطب ھندي

فارسي ۾      خرما

اردو ۾          کجور

بنگالي ۾       کجور

مرھٽي ۾      شندي

سرائڪي ۾   پنڊ


ماھيت:

مشھور ڦل آھي، سنڌي ۔ عربي ۽ عراقي کارڪون مشھور آھن.


پيدائش جو مقام:

عرب ۔ عراق ۽ پاڪستان ۾ سنڌ ۽ پنجاب جون کارڪون مشھور آھن. ان کان علاوا کارڪون ھندستان ۔ ايران ۽ مصر ۾ ڪثرت سان پاتيون وڃن ٿيون.


مزاج:

مزاج :- گرم تر


فعل:

مٺي جو شوق اڪثر ماڻهن کي رھي ٿو پر مٺين شين کي کائڻ جي ڪري ٿولھ جو مسئلو ڪر کڻي ٿو ۽ ٿولھ بيمارين جو سبب بنجي ٿي پر کجور اھڙو مٺو آھي جنھن ۾ ذائقو ۽ لذت موجود آھي گڏوگڏ ٿولھ ٿيڻ نٿو ڏئي. کجور کي غذائيت سان مال مال ميوو تسليم ڪيو وڃي ٿو. طبي ماھرن مطابق جيڪڏھن ٽي کجور روز غذا ۾ شامل ڪيون وڃن تہ صحت تي حيرت انگيز اثر مرتب ٿين ٿا.

کارڪ ڪثيرالغذا ۔ مولد خون (رت پيدا ڪندڙ) ۽ ھاضم آھي.، معدي ۔ جگر ۽ باھ کي قوت بخشي ٿي ۽ بادي طبيعت لاء موافق آھي. کارڪون جسم کي ٿلهو ڪن ٿيون ۔ لقوي ۽ فالڄ کي رفع ڪن ٿيون. ھن جون کيکڙيون دستن کي بند ڪن ٿيون ۔ وھندڙ رت کي بند ڪن ٿيون ۽ زخمن کي صاف ڪن ٿيون. جن عورتن کي ماھواري نٿي اچي اھي روز ٽي کارڪون کائن.


آنڊي جي ڪينسر کي ختم ڪندڙ:

کارڪ کي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ سان ھاضمي جو نظام بھترين ٿي وڃي ٿو ۽ ھن جو روزانو استعمال آنڊن جي جراثيمن خلاف مزاحمت پيدا ڪري ٿو. جيڪڏھن توھان جي ھاضمي جو نظام درست آھي ان جو مطلب ٿيو توھان جا آنڊا ٺيڪ ٺاڪ نموني ڪم ڪن ٿا ڇوجو ھاضمي جي نظام جو سڌو سنئون آنڊن سان تعلق رکن ٿا. جيڪڏھن روز کارڪ جو استعمال ڪيو وڃي تہ آنڊن جي ڪينسر جھڙي بيماري کان بچي سگهجي ٿو. جيڪي ماڻهو کارڪن جو روز استعمال ڪن ٿا، انهن جي وڏي آنڊي جي صحت بھتر رھي ٿي ڇوجو کارڪون سٺن جيوڙن Good bacterias جي افزائش ۾ اضافو ڪن ٿيون جنھن ڪري وڏي آنڊي ۾ ڪينسر جا گهرڙا نشونما نٿا پائن.


توانائي مھيا ڪندڙ:

کجور جي اندر کنڊ Sugar ۔ مٺ Glucose ۔ ثمراڻ Fructose ۽ کنڊاڻ Sucrose پاتا وڃن ٿا جيڪي توانائي پھچائڻ جو ڪم ڪن ٿا. ٻئي طرف کجور ۾ غذائي جزا پاتا وڃن ٿا جن ۾ تاندوروFibers  ۔ پوٺو Potassium ۔ معدنيٺو Magnesium ۔ وٽامن Vitamins ۽ تڪسيد روڪ Antioxidants اچي وڃن ٿا.


ھاضمو بھتر ڪندڙ:

کاڌي کي بھترين نموني ھضم ڪرڻ ۽ آنڊن ۾ ان جي رواني کي برقرار ۾ کجور اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ھڪ ڪپ کجور ۾ 12 گرام تادورا پاتاڌوڃن ٿا. کجور جسم ۾ تاندورن Fibers جي درست مقدار ڏئي ٿي جنھن سان ھاضمي جو نظام بھتر رھي ٿو.


دماغي صحت سڌاريندڙ:

کجور ۾ وٽامن بي6 Vitamin B6 وافر مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو. روز 3 کجور کائڻ سان ايترا تاندورا ميسر ٿي وڃن ٿا جو دماغي صحت ۽ ھاضمو ڀلو رھي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment