Saturday 8 August 2020

ھريڙ زرد Myrobalan 💎اصغر ساگر💎

ھريڙ ھڪ وڻ آھي. بي پناھ طبي ۽ شفائي خاصيتن جي ڪري ھي اڪسيري درجو  رکي ٿي. ھن وڻ کي برصغير ۾ پاتو وڃي ٿو. افغانستان ۾ ھي وڻ ڪثرت سان پاتو وڃي ٿو.
ھرڙ جا ٽي قسم ٿين ٿا.
(1) ھريڙ ڪاري (2) ھريڙ زرد (3) ھريڙ ڪابلي
جيڪو ميوو کوکڙي ڪرڻ کان اڳ ڪري ٿو ان کي ھريڙ ڪاري چئبو آھي. جڏھن ھريڙ ڪاري وڏي ٿئي ٿي ۽ رنگ پيلو ڪري ٿي ان کي ھريڙ زرد چئبو آھي ۽ جڏھن ھريڙ زرد مڪمل پچي وڃي ٿي تہ ان کي ھريڙ ڪابلي چئبو آھي.
ھريڙ زرد ھڪ جڙي ٻوٽي آھي جيڪا جسم تي بھترين ھاڪاري اثر مرتب ڪري ٿي. ھي مقوي دماغ ۔ مقوي چشم ۔ جاذب رطوبت ۽ مقوي معدہ آھي. ھريڙ زرد ھر خلط صفراوي ۔ سوداوي ۽ بلغمي مادي کي دستن ذريعي خارج ڪري ٿي. ھي جيري جي اصلاح ڪري ٿي ۽ ھن کي جيري جي دوائن ۾ ڪثرت سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھريڙ زرد جو مربو بہ ٺاھيو وڃي ٿو.

پيٽ جون بيماريون:

ھريڙ وڏي ۾ پيٽ جي بيمارين جو علاج موجود آھي. ماھرن مطابق ھڪ ھريڙ کي چوسڻ سان قبض ۔ کٽيون ڏڪارون ۔ ڀرتي ۔ پيٽ جو گئس ۔ آت ۽ قئي جھڙا عارضا ختم ٿي وڃن ٿا. ھن جو ذائقو ڪوڙو آھي پر اثر بھترين رکي ٿي.


معدي جي تڪليف:

جيڪڏھن معدي ۾ تڪليف ۔ سيني ۾ جلن ۽ بلغم جي شڪايت ھجي تہ ھريڙ کي پاڻي ۾ پسائي پيئڻ بھترين آھي.


سفيد وار:

اڄڪلھ سفيد وار ٿيڻ ھڪ عام ڳالھ ٿي وئي آھي. جيڪڏھن ھريڙ زرد جو سفوف استعمال ڪجي تہ ڪجھ عرصي کان پوء اڇا وار قدرتي طور تي ڪارا ٿيڻ لڳن ٿا ۽ وارن کي ڪو نقصان بہ نٿو پھچي.


حافظو وڌائيندڙ:

اھڙا ماڻهو جن جو حافظو ڪمزور رھي ٿو اھي ھريڙ جو سفوف استعمال ڪن جنھن سان دماغ کي تقويت ملندي ۽ ويسر ختم ٿي ويندي.


ڦيري ختم ڪندڙ:

جيڪڏھن مٿو ڦري ٿو تہ ھريڙ زرد ۽ کنڊ جو پوڊر ٺاھجي ۽ چپٽو صبح شام استعمال ڪجي. فائدو پوندو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment