Sunday, 26 July 2020

ڄمون Jamun 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڄمون ھڪ موسمي ڦل آھي جيڪو پاڻ ۾ اھڙي ڪيميا رکي ٿو جو ھن موسم ۾ لاحق ٿيندڙ مرضن جي قدرتي علاج سان گڏ ھن موسم لاء قوت مدافعت کي تيار ڪري ٿو ۽ موسمي بيمارين کان بچائڻ جو سبب بنجي ٿو. ڄمون بيمارين ۾ اڪسير جو درجو رکڻ سان گڏ، ھي رس ڀريو ۽ ذائقيدار ٿئي ٿو. ھي رت وارو ميوو آھي ڇوجو ھن ۾ فولاد موجود ٿئي ٿو.

رت جي صفائي ڪندڙ:
ڄمون فولاد Iron سان ڀرپور ٿئي ٿو، جتي ھي رت وڌائي ٿو اتي رت جي صفائي ڪري ٿو ڇوجو ھي آڪسيجن مليل رت جي فراھمي کي يقيني بنائي ٿو.

رت بنائيندڙ:
ھي فولاد Iron سان ڀرپور ميوو رتول پٿ Haemoglobin جي گهٽ سطح کي مناسب سطح تي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو، اھڙي طرح رت جي کوٽ جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

رتول پٿ Haemoglobin وڌائيندڙ:
ڄمون وٽامن سي Vitamin C ۽ فولاد Iron سان مالامال ٿئي ٿو جيڪو رت ۾ رتول پٿ Haemoglobin کي وڌائي ٿو جنھن سان رت جسم ۾ آڪسيجن جي وڌيڪ مقدار عضون تائين پھچائي ٿو ۽ رت صاف ڪري صحت تي سٺا اثر مرتب ڪري ٿو.

ھاضمي کي بھتر بنائيندڙ:
ڄمون سرد تاثير ھجڻ ڪري ھاضمي جي مسئلن کي بھتر نموني حل ڪري ٿو، خاص ڪري بدھضمي ۽ تيزابيت جي شڪار ماڻهن جي معدي جي اصلاح ڪري ٿو.

ڏندن ۽ مھارن کي مضبوط ڪندڙ:
ڄمون ڏندن ۽ مھارن لاء مفيد ميوو آھي. ھن جا پن جيوڙا روڪ Antibacteria ٿين ٿا. جيڪڏھن ھن جي پنن کي ڇانو ۾ سڪائي منجن ٺاھيو وڃي ۽ ڏندن تي استعمال ڪيو وڃي تہ بھترين اثر مرتب ٿي سگهن ٿا، ڏندن جي ڇوت Infection ختم ٿي ويندي ۽ ڏندن مان رت اچڻ بند ٿي ويندو.

چمڙي نکاريندڙ:
مصفي ۽ رطوبتي ھجڻ ڪري ھي ڦل چمڙي کي تازو توانو رکي ٿو ۽ ترن ۽ موھيڙن کان بچائي ٿو. ڄمون جو استعمال چمڙي جي بيمارين خاص طور تي داڻن کي دور ڪري ٿو. جن جي چمڙي سڻڀي رھي ٿي، اھي ڄمون کائن جنھن سان چمڙي صاف سٿري ۽ تازي تواني ٿي وڃي ٿي.

ڇوت کان بچائيندڙ:
ھن ۾ موجود مختلف جزا جراثيم ڪش ٿين ٿا جيڪي ڇوت جي خطري کي گهٽ ڪن ٿا. ڄمون جيوڙا روڪ خوبيون ھئڻ سان گڏ ڇوت روڪ ۽ مليريا روڪ پڻ آھي. ڄمون ۾ ڪافي تيزاب صوف جو تيزاب Malic acid ۔ مازو جو تيزاب Gallic acid ۽ بلوطي تيزاب Tannic acid وغيرھ ٿين ٿا جيڪي مليريا سان گڏ ٻين ڇوتن Infections کي روڪن ٿا.

جوت وڌائيندڙ:
ڄمون ۾ وٽامن سي Vitamin C ۽ فولاد Iron جتي رت صاف ڪري ٿو، اتي اکين کي جلا بخشي ٿو ۽ عمر جي وڌڻ سان اکين تي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪري ٿو.

موسمي بيمارين کان تحفظ ڏيندڙ:
ڄمون ۾ وٽامن سي ڪافي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي جنھن ڪري ھن جو استعمال جسم ۽ دفاعي نظام کي عام موسمي مرضن کان بچائي ٿو.

دل کي مرضن کان تحفظ ڏيندڙ:
100 گرام ڄمون ۾ 55 سيڪڙو پوٺو Potassium موجود ٿئي ٿي جيڪو دل لاء ازحد مفيد آھي ڇوجو ھي دل جي بيمارين سان گڏ فالڄ ۽ رت جو چاڙھ جھڙين بيمارين کي قابو پائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھن ۾ پوٺي Potassium جي مناسب مقدار ٿئي ٿو جيڪو دل جي مرضن ۾ مفيد آھي. ھي رت جي چاڙھ کي روڪي ٿو ۔ فالڄ کان بچائي ٿو ۽ دل جي دوري جي خطري کي گهٽ ڪري ٿي.

شڳر کي روڪيندڙ:
ڄمون شڳر Sugar جي علامتن کي روڪي ٿو خاص طور تي پيشاب وڌيڪ اچڻ ۽ وڌيڪ پياس لڳڻ جھڙين علامتن کي قابو ۾ رکي ٿو ۔ جسم ۾ شڳر جي حد کي وچٿرو رکي ٿو. ڄمون جا گورا شڳر تي بھترين اثر ڇڏين ٿا. ھن ۾ موجود جزا شڳر تي ضابطو رکن ٿا. سائنسي تحقيق مطابق ڄمون مٺ Glucose جي حد کي گهٽ ڪرڻ وارو ڦل آھي. ھن ۾ موجود ٻوھرا Flavonoids اھڙن اثرن وارا ٿين ٿا جو نسول Insulin جي مزاحمت جي خلاف ڪم ڪن ٿا ۽ جسم ۾ نسول جي حساسيت وڌائن ٿا.

Thursday, 23 July 2020

ميري ڪيوري Marie curie 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پولینڊ جي هڪ ننڍي شھر ۾ هڪ غريب ڇوڪري مانیا سڪلوڊو وسڪا رهندي هئي جيڪا اڳتي ھلي ميري ڪيوري Marie curie جي نالي سان مشھور ٿي. هوءَ ٽیوشن ڏئي گذر بسر ڪندي هئي. 19 سالن جي عمر ۾ هو هڪ امیر خاندان جي ڏھ سالا ڇوڪري کي پڙهائيندي هئي. ڇوڪري جو وڏو ڀاءُ هن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ظاهر آهي تہ پاڻ بہ ڇوڪري ھن طرف مائل ٿي. ٻنهي شادی ڪرڻ جو فیصلو ڪيو. جڏهن ڇوڪري جي ماءُ کي پتو پيو تہ ھن آسمان کي مٿي تي کنيو. مانیا کي ڪن مان پڪڙي پورچ ۾ اچي بيھاريو. گوڙ ڪري نوڪر گڏ ڪري ھي انهن جي سامهون بي عزت ڪرڻ  لڳي.
"ڏسو! هي ڇوري جنھن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونهن، 24 ڪلاڪن ۾ هڪ وقت ڍئو تي کائڻ لاءِ ماني بہ اسان وٽان ٿي مليس ۽ جوتن جي تري ۾ سوراخ اٿس، اھا منھنجي پٽ سان شادي جي خواهش ٿي رکي ۽ گهر ڌياڻي ٿيڻ گهري ٿي. ڇا هي منھنجي ننھن سڏائڻ لائق آهي.؟"
سڀ نوڪر هن تي کلڻ لڳا. مائي لفظن جو ايترو زهر هاريو جو مانیا کي ائين محسوس ٿيو تہ ڪنھن سندس مٿان تيزاب جو ڊٻو اونڌو ڪيو هجي. توهين جي شدید احساس وچان اتي پورچ ۾ بيٺي بيٺي هن فيصلو ڪيو تہ ھي زندگي ۾ ايتري تہ عزت ۽ شھرت ڪمائيندي جو سڄو پولینڊ ھن جي نالي سان سڃاتو ويندو. سن 1891ع ۾ ھي پولينڊ مان پيرس آئي. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ھن فزڪس پڙهڻ شروع ڪيو. ھن ايتري سخت محنت ڪئي جو ھي 20، 20 ڪلاڪ پڙهندي هئي ۽ ڪجھ رقم جمع ٿيل مان پنھنجو گذر سفر ڪندي ھئي. ھي ڪفايت سان هڪ شلنگ روز خرچ ڪندي هئي. ھن وٽ گيس بجلي نالي ڪا چيز ڪمري ۾ ڪانہ هئي. پيرس جي سخت سردي واري موسم ۾ ڪوئلا بہ نہ هئس جو ٻاري جسم گرم ڪري. هيٺان مٿان بستري تي پنھنجا سڀ ڪپڙا وڇائي ڏڪندي گذارو ڪندي هئي. مسلسل 5 سال ڊبل روٽين جي سڪن ٽڪرن ۽ مکڻ کان سواءِ هن ڪجھ نہ کاڌو. ڪمزوري جو هي عالم هو تہ بستري تي ويٺي ويٺي بي ھوش ٿي ويندي هئي. جڏهن هوش ايندو هئس تہ چوندي هئي تہ اک لڳي وئي ۽ پاڻ کي تسلي ڏئي همت پڪڙيندي هئي. هڪ ڏينھن ڪلاس ۾ بي هوش ٿي وئي. ڊاڪٽرھن جو معائنو ڪري چيو
”هن کي دوا بجاءِ هڪ گلاس کير جو ڏيو.“
هن یونیورسٽي پيرس يونيورسٽي جي ئي هڪ سائنسدان ( پائر) سان شادی ڪئي. هي سائنسدان بہ هن وانگر غريب هو. شادی جي وقت ٻنهي جو ڪل اثاثو ٻہ سائیڪلون هيون. سال 1865ع ۾ انهن ٻنهي جي شادي ٿي، جيڪا نھايت ڪامياب رهي. کين ٻہ نياڻيون بہ ڄايون جن سان ٻنهي جو ڏاڍو پيار هو. هي ٻئي زال مڙس سدائين سائنسي تجربن ۾ رُڌل رهندا هئا پر ان جو مطلب اِهو هرگز ڪونهي تہ اُنهن جو ٻاهرين دنيا سان ڪو واسِطو نہ هو. مادام ڪِيوري تجربيگاھ کان سواءِ گهرَ جي ڪمن ۾ بہ ڏاڍي دلچسپي وٺندي هئي. انهيءَ غربت دوران ھن پي ايڇ ڊي ڪري ورتي. مانیا (ميڊيم ڪيوري) پي ايڇ ڊي لاء دلچسپ موضوع چونڊيو. هن فيصلو ڪيو تہ هو دنيا کي ٻڌائيندي تہ یورینیم مان روشني ڇو نڪرندي آهي. هي هڪ مشڪل پر ناممڪن ڪم هو پر هي تجربن سان جڙي رهي.
ميري پنھنجي مشاھدي ۽ تجربي سان عيان ڪيو تہ اسان جي چئني پاسي هڪ عجيب غريب قوت موجود آهي جنھن کي ’تابڪاري‘ چئبو آهي. اِها قوت ڪجھ ڌاتن اندر سج جي شعاعن ۾ ۽ ڪج قسمن جي معدني پاڻيءَ ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اِن قوت کي ڪنھن صورت ۾ جدا ڪري سگهجي ته ان کي انساني ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اِهو عظيم ڪارنامو ميڊم ڪيوريءَ پنهنجي مُڙس جي مدد سان انجام ڏنو. هِن ’پچ بلينڊ‘ نالي هڪ ڪيميائي مرڪب تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو جنھن جو رنگُ ڪارو هو. ڪيوريءَ ان مان ٻہ جُزا جُدا ڪيا. هڪڙي جو نالو هُن پنھنجي مُلڪ پولينڊ پُٺيان ’پولو نيم‘ رکيو ۽ ٻئي جو ’ريڊيم‘.
ريڊيم مان پنھنجو پاڻ تمام گهڻا شُعاعَ ڦٽندا رهندا آهن. اِن عمل کي تابڪاري Radiation ۽ اهڙن ڌاتن کي تابڪار چئجي ٿو. اِهي شعاعَ انهن شين مان بہ گذري وڃن ٿا جن مان روشنيءَ جا شعاعَ نہ ٿا گذري سگهن. بيڪرل اِهو معلوم ڪيو هو تہ ’يورينيم‘ نالي ڌاتوءَ ۾ اِها صفت موجود آهي. ان کان پوءِ اهو ڌاتو ائٽم بم بڻائڻ ۾ اِستعمال ڪيو ويو پر ڪيوريءَ جي پولونيم ۽ ريڊيم ۾ تمام گهڻي تابڪاري موجود هئي.
ريڊيم جي اِها صفت ڪينسر جھڙي موذي مرض جي علاجَ ۽ تڪليف گَهٽائڻ لاءِ اِستعمال ڪئي وئي ۽ اڄ بہ ان جو استعمالُ عام آهي. ريڊيم کي هيضي، ڦُرڙين ۽ مُدي جي تپ وارن جراثيمن کي ناسُ ڪرڻ لاءِ بہ اثرائتو سمجهيو وڃي ٿو.
ريڊيم جي ڳولا سائنس جي تاريخ ۾ هڪ وڏي ڪارنامي جي حيثيت رکي ٿي ۽ اسان آسانيءَ سان اُن محنت ۽ مصيبت جو اندازو نہ ٿا لڳائي سگهون جيڪا ڪيوريءَ ۽ ان جي مڙس کي برداشت ڪرڻي پئي. ڪيوڙيءَ جي صحت تي تمام گهڻي محنت ۽ پاڻ پَتوڙجو ڏاڍو بُرو اثر پيو پر هو ۽ پنھنجي اِرادَن ۾ اٽل هئي. همت ۽ جدوجھد کيس آخرڪار ڪاميابيءَ ڪِناري رَسايو.
محنت سان گڏ اِها تحقيقَ تمام گهڻي مھانگي بہ ثابت ٿي ڇو تہ ’پِچ بلينڊ‘ اِنتھائي ڳري قيمت تي ملندو هو. خوشقسمتيءَ سان آسٽريا جي بادشاھ انهن ٻنهي سائنسدانن کي هڪ ٽَن پچ بِلينڊ موڪليو. اهڙي طرح کين تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ بيحد هَٿي مِلي ۽ اِهو تحفو سائنسي تاريخ ۾ يادگار ۽ مثالي بڻجي پيو.
ريڊيم جا تجربا نھايت خطرناڪ ٿين ٿا ڇوتہ شعاعَ مختلف بيمارين جي جراثيمن کي تباھ ڪندا آهن. اهي اسان جي صحت تي بہ هاڃيڪار اَثر وجهن ٿا. اِنهن تجربن خود پائر ڪيوريءَ کي اهڙي بُري نموني زخمي ڪري وڌو جو هو هلڻ ڦِرڻ کان معذور ٿي پيو. ان هوندي بہ هنن بھادر سائنسدانن جي ڪم ڪرڻ واري صلاحيت ۽ مستقبل مزاجيءَ ۾ تِرَ جيترو بہ فرق نہ آيو. سڀ کان وڌيڪ تعريف جهڙي ڳالھ سندس عزم ۽ استقلال آهي. ريڊيم اهڙي قيمتي شيءِ آهي جو جڏهن پوري هڪ ٽن ڪچي ڌاتوءَ تي پنجاھ ٽَن پاڻي ۽ پنج، ڇھ ٽَن ٻيون ڪيميائي شيون صرف ڪيون وڃن تڏهن وڃي ڇھ گرين ريڊيم حاصل ٿيندو آهي.
مانیا ۽ پائر هڪ پراڻو ورانڊو مسواڙ تي ورتو جنھن جي نہ ڇت مڪمل هئي نہ فرش سڌو هو. هن خستا حال ورانڊي ۾ هو چار سال پچ بلينڊ پگهرائيندا رهيا. ٻنهي زال مڙسن پچ بلينڊ مان 6 گرين ریڊیم حاصل ڪيو. چار سال هن جوڙي گرمي سردي پنھنجي جسم تي وسائي، پر هار نہ مڃي. بٺي جي زهريلي دونھين ۾ مانيا جا ڦڦڙ خراب ٿي ويا، پر هو ڪم سان جڙي رهي. دنيا ڏٺو تہ پولش ڇوڪري ناقابل يقين ڪارنامو ڪري ڏيکاريو....ايتري قدر جو پوري سائنس هن جي قدمن ۾ جهڪي وئي....... هي ريڊيم، ڪينسر جي لکين مريضن لاء زندگي جو پيغام کڻي آيو. اڄ جنهن کي اسين شعائي علاج يا ريڊيو ٿراپي سڏيون ٿا سو مادام ڪيوري جي ايجاد آهي. هي عورت دنيا جي واحد سائنس دان هئي جنھن کي زندگي ۾ ٻہ دفعا نوبل پرائز مليو، جنهن جي زندگی تي 30 فلمون ٺھيون ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا. دنيا هن ايجاد بدلي جڏهن مٿس ڪروڙين ڊالرن جي بارش ڪئي. هن جو چوڻ هو ته مان پنهنجي ايجاد جا حق ان اداري کي ڏينديس جو اسپتال ۾ داخل ڪينسر ۾ مبتلا هڪ پوڙهي عورت جو علاج ڪندو. جي ها اها ساڳي پولش پوڙهي جنهن هن کي ڪن مان وٺي گهران ڌڪاري ڪڍيو هو.
ميڊم ڪيوريءَ جي عمر ٻَٽيھ سالَ بہ نہ هئي تہ هن ريڊيم حاصل ڪري ورتو. تجربن دوران ھن ريڊيم دریافت ڪيو جو یورینیم جي مقابلي ۾ 20 لک دفعا وڌيڪ روشنی پیدا ڪري پيو. هن جا شعاع ڪاٺ، پٿر، ٽامي ۽ لوه مان پر دنيا جي هر شيء مان گذريو وڃن.
سندس گهر واري ۽ هينري بيڪرل کي فزڪس جو گڏيل نوبل انعامُ مليو. انهيءَ سال ئي هِن کي رائل سوسائٽيءَ جو ڊيوي تمغو بہ مليو. ڪيوريءَ ۽ سندس مڙس کي پئرس يونيورسٽيءَ بہ وڏو اعزاز بخشيو.
مشھوريءَ ۽ مُسرت وارو اِهو دورُ پائر ڪيوريءَ جي اوچتو موت سان ٽن سالن کان پوءِ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو. پائر پئرس جو هڪ رستو پار ڪري رهيو هو تہ هڪ ريڙهي سان ٽَڪرائجي ويو ۽ اُتي ئي جانِ ڏنائين. ظاهر آهي تہ اِهو صدمو ۽ سانجو ميڊم ڪيوريءَ لاءِ جيءُ جهوريندڙ ۽ عذابيندڙ هوندو پر هُن پاڻ پُختو ڪري مڙس واري شروع ڪيل تحقيقي ڪم کي جاري رکڻ ۽ ساڳئي مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۾ اندر جو آٿتُ ڀانيو. پئرس  يونيورسٽيءَ کيس اهو ئي عھدو سونپيو جنھن تي سندس مڙس کي مقرر ڪيو ويو هو.
چئن سالن کان پوءِ سال 1911ع ۾ ميڊم ڪيوريءَ اڪيلي سرَ ڪيميائي علم جو نوبل انعام حاصل ڪيو. يونيورسٽيءَ هِن لاءِ هڪ ادارو ’ريڊيم اِنسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو. ڪجھ وقت کان پوءِ ميڊم ڪيوريءَ پنهنجي وطن وارسا ۾ بہ اهڙي قسم جي اداري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
تن ڏينھن ۾ اسپتالن اندر ريڊيم ڪَتب اچڻ لڳو هو. پھرين مھاڀاري جنگ ۾ مادام ڪيوريءَ ڪجھ اسپتالن ۾ پاڻ ڪم ڪيو ۽ مريضن جي علاج ڪرڻ ۾ هٿ ونڊايو. نہ فقط ايترو پر هوءَ جنگي ميدان تائين پڻ پھتي ۽ انهيءَ نيڪ ڪم کي جاري رکيو. سن 1921ع ۾ آمريڪا کيس هڪ گرام ريڊيم پيش ڪري مڃتا ڏني. اُن سال ئي آمريڪا جي عورتن ميڊم ڪيوريءَ کي ريڊيم ۽ ڪجھ ڏوڪڙ تحفي طورَ پيش ڪيا جن مان انهيءَ عظيم سائنسدان عورت پنهنجي وطن وارسا جي هڪ اسپتال لاءِ ڪجھ ريڊيم ڳنهي ڏنو. ڪيوريءَ کي سڄي ڄمارَ پنهنجي وطن سان بيحد پيار رهيو ۽ هوءَ وطن واسين جي هر ممڪن خدمت ڪندي رهي.
ميڊم ڪيوري ۽ پائر ڪيوريءَ کي آڪڙ ۽ پاڻ پڏاءَ کان سخت نفرت هئي. هو سڄي عمر نھايت سادگي ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجي تحقيقي ڪَم ۾ مصروف رهيا ۽ هنن ڪڏهن بہ ڪنھن موٽَ يا مڃتا جي ڪا پرواھ نہ ڪئي. پائر جي اوچتي موت کان پوءِ سندس بيواھ ميڊم ڪيوري رڳو سائنس کي ترقي ڏيارڻ ۽ پنھنجن ٻارڙن لاءِ زندھ رهي. مادام ڪيوريءَ جي ڌيءُ وڏي ٿي پنھنجي امڙ جي گَس پيچري تي هَلي. هن کي بہ سائنسي کوجنا سان بيحد لڳاءُ هو ۽ کيس مڙسُ بہ اهڙو ئي مليو. ميڊم ڪيوريءَ لاءِ اِها ڳالھ خوشيءَ جو سبب هئي.
سال 1935ع ۾ سندس ڌيءُ ۽ ناٺيءَ کي علمِ ڪيميا جو نوبل انعام مليو پر افسوس جو هوءَ ان ويل جيئري ڪونہ هئي ڇو تہ 4 جولاءِ 1934ع تي ميڊم ڪيوريءَ لاڏاڻو ڪري وئي، هُن نھايت اطمينان ۽ خوشيءَ سان دَم ڏنو. سندس موت کان هڪ، ٻَہ ڏينھن اڳ ڪنھن کي بہ سندس ناچاڪيءَ جي ڪا کُڙڪ بہ نہ هئي پر جڏهن فوتيءَ جي خبر چوڌاري ڦھلي تہ هر ان ماڻهو جي اکين ۾ ڳوڙھا ھيا جيڪو علم ۽ سائنس سان ذرو بہ چاھ رکندڙ هو.
مادام ڪيوريءَ نہ رڳو پنھنجي محنت ۽ شوق سبب نهايت عزت ۽ احترام سان جيونُ گهاريو پر اڃا تائين سندس نانءُ نمايان آهي. هُن کي مرڻ مھل ان ڳالھ جو اطمينانُ ۽ خوشي هئي تہ هُن پوري حياتي انسانيت جي خدمت ۾ گُذاري ۽ سندس نيڪ ڪَم جي سيوا سدائين جاري رهندي.
دنيا ھن عظيم عورت مادام ڪيوري کي ياد ڪري ھن کي دعائون ڏئي ٿي. مادام ڪيوري جي زندگي تي ٺھيل فلم ريڊيوايڪٽو Radiatioactive پاڻ کي ۽ دوستن کي ضرور ڏسڻ کپي جيئن ھن عظيم عورت جي زندگي جي گوناگون پھلوئن مان گهڻو ڪجھ سکي سگهجي ۽ ھن جي عظمت کي سلام ڪري سگهجي.

Saturday, 18 July 2020

نوري سال Light year 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ھڪ وڏي حقيقت جنھن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي تہ ڪائنات ۾ ڪابہ اھڙي شي ناھي جيڪا رفتار کان تيز ھجي.
ڪافي ڪاوشن ۽ تجربن بعد سائنسدان روشني جي في سيڪنڊ جو اندازو لڳائي چڪا ھئا جيڪا 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آھي ۽ پوري ڏينھن يعني 24 ڪلاڪن ۾ ڪل 86400 سيڪنڊ ٺھن ٿا. جيڪڏھن اسان ڏينھن جي بيان ڪيل 86400 سيڪنڊن کي روشني جي رفتار سان ضرب ڪريون تہ روشني جي ھڪ ڪلاڪ ۾ طئي ڪيل ڪل فاصلي جي قيمت ھڪ ارب اسي سو ملين ڪلوميٽر 1,080,000,000Km معلوم ٿي ويندا. اھڙي طرح ضرب در ضرب سان ھڪ سال ۾ طئي ڪيل مفاصلو 94 کرب لڳ ڀڳ بيھي ٿو.
ائين کڻي سمجهجي تہ روشني جي سال ڀر ۾ ڪائنات ۾ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين طئي ڪيل مفاصلي کي فلڪياتي ماھر نوري سال جو نالو ڏيئي فلڪي جسمن جيئن ستارن کان سيارن يا ڪھڪشان جي درميان وڏن وڏن فاصلن کي ماپڻ لاء ھڪ مبھم اصطلاح ٺاھي آھي. نوري سال ھڪ فاصلو آھي جو روشني ڪائنات ۾ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين طئي ڪري ٿي ۽ ھڪ نوري سال فاصلي جي ڪل قيمت 9،460،800،000،000Km چورانوي کرب سٺ ارب اسي ڪروڙ ڪلوميٽر بيھي ٿي.
ھڪ خلاباز صرف 12.5 نوري منٽ جي فاصلي تي موجود ڳاڙھي سياري تي وڃڻ لاء خلائي جھاز ۾ سوار ٿئي تہ پنھنجي منزل مريخ تي پھچڻ ۾ انهن کي 6 مھينن کان سال لڳندو. اسان جي نظام جو ننڍو گرھ پلوٽو جيڪو 4.5 نوري ڪلاڪ جي دوري تي پنھنجي مدار ۾ ڦري ٿو پيو ان تائين پھچڻ ۾ خلابازن کي 10 سال لڳندا. ھڪ اھم ۽ قريبي ستارو پروڪيسما سينٽوري  Proxima Centauri جيڪو سج کان پوء گرھ زمين جو ٻيو قريب ترين ستارو آھي اھو بہ چار نوري سال جي فاصلي تي جڳمڳ جرڪي ٿو پيو.
نوري سال ھڪ سال لاء استعمال ٿئي ٿو. ھڪ سال ۾ روشني جيترو مفاصلو طئي ڪري ٿي ان کي نوري سال چئبو آھي. جيڪڏھن نوري سال کي ڪلوميٽرن ۾ تبديل ڪيو وڃي تہ نوري سال 9 کرب ڪلوميٽرن جي برابر ٿيند ۽ جيڪڏھن ھڪ نوري سال کي ميلن ۾ تبديل ڪيو وڃي تہ 6 کرب ڪلوميٽر بيھن ٿا. اسان جي ۽ ڪھڪشان جي مرڪز کان فاصلو 26 ھزار نوري سال آھي جڏھن تہ ڪھڪشان کان اينڊروميڊا تائين فاصلو 2.5 ملين نوري سال آھي. فلڪيات ۾ اسان جو واسطو وڏن جسمن سان پوي ٿو انهن جي پيمائش ڪرڻ لاء نوري سال جھڙي پيماني جي ضرورت پوي ٿي.
نوري سال ھڪ فاصلي ماپڻ جي اڪائي آھي جنھن کي ly سان ظاھر ڪيو وڃي ٿو. ھڪ نوري سال ان مفاصلي کي چيو وڃي ٿو جيڪا روشني ھڪ سال ۾ طئي ڪري ٿي.
اسان وٽ ڪيئي پيمانا آھن جنھن سان اسان فاصلو ماپيون ٿا جيئن ملي ميٽر ۔ سينٽي ميٽر ۔ انچ ۔ فٽ ۔ يارڊ ۔ ڪلوميٽر ۔ ميل وغيرھ آھن پر ڪي اھڙا فاصلا وڌيڪ دور ٿيندا وڃن ٿا جن کي مروج پيمانن يا اڪاين سان ماپڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو مثال طور اسان جي پاڙيسري ڪھڪشان اينڊروميڊا جنھن کي  Messier 31 يا M31 سڏيو وڃي ٿو اھا اسان کان ايترو دور آھي جو روشني 30000 ھزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ طئي ڪري ٿي ان يڪسان رفتار سان 25 لک سالن جيترو فاصلو طئي ڪندي ايترو فاصلو اينڊروميڊا ۽ اسان جي ڪھڪشان جي وچ ۾ آھي. ھڪ اندازو ڪريو تہ ان فاصلي کي ڪلوميٽر يا ميل ۾ ماپڻ ڪيترو ڏکيو آھي. جيڪڏھن سوچجي تہ روشني ھڪ سال ۾ لڳ ڀڳ 9460800000000 مفاصلو طئي ڪري ٿي تہ 25 لک سالن ۾ ڪلوميٽرن يا ميلن جا ڪيترا عدد ٿيندا. انساني شمار ختم ٿي ويندو ۽ ھڪ عام سائنسدان کي ان کي 
سائنسی اندازِ خط Scientific Notation ۾ لکڻو پوندو.
ھي مثال اسان جي قريبي ڪھڪشان جو آھي پر اڃان ان کان وڌيڪ مفاصلي تي ڪھڪشائون ۔ نيبولا ۔ ڪلسٽر ۔ سپرڪلسٽر وغيرھ آھن.
انهي فاصلي کي مدنظر رکندي سائنسدانن کي ضرورت محسوس ٿي تہ فلڪياتي فاصلن جي پيمائش لاء مروج پيمانا ناڪافي آھن. ان ڪري ئي فلڪياتي فاصلن جي تعين لاء فاصلن کي روشني سان نسبت ڏني وئي جنھن کي اسان نوري سال Light year سڏيون ٿا. فلڪياتي فاصلن جي ماپ کي روشني سان ان ڪري نسبت ڏني وڃي ٿي ڇوجو روشني جي رفتار خلا ۾ مستقل رھي ٿي. اسان روشني جي رفتار کي c سان ظاھر ڪريون ٿا 
اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ اسان جي ھن ڪائنات جي ماپ 93016000000 آھي.
c=299792458m|s
مطلب روشني 299792458 ميٽرن جو فاصلو ھڪ سيڪنڊ ۾ طئي ڪيو آھي.
نوري سال ly: اھو فاصلو جيڪو روشني سال ۾ طئي ڪري ٿي.
فرض ڪيو تہ توھان A نقطي تي ويٺل آھيو. ۽ توھان جو دوست B نقطي تي ويٺل آھي. توھان کي وچ وارو فاصلو طئي ڪرڻو آھي. توھان ھڪ ميٽر کڻي آساني سان فاصلو معلوم ڪيو ٿا. ھاڻي اچون ٿا زمين ۽ گرھن جي وچ فاصلو معلوم ڪرڻ لاء. زمين ۽ گرھن جي وچ ۾ فاصلو معلوم ڪرڻ لاء ڪروڙين اربين ميٽر کپن جن کي توھان ھندسن ۾ لکي نٿا سگهو پر نوري سال سان ماپي سگهو ٿا.
روشني ھڪ سيڪنڊ ۾ فاصلو طئي ڪيو = 299792458 ميٽر
ھاڻي اسان سيڪنڊ وڌايون ٿا ۽ ھڪ سال ۾ جيترا سيڪنڊ ٿين ٿا اھي کڻون ٿا.
1 سال=31536000 سيڪنڊ
ھاڻي روشني 31536000 سيڪنڊن ۾ مفاصلو طئي ڪيو= y کي فرض ڪريون ٿا.
جيئن تہ وقت وڌي رھيو آھي تہ فاصلو بہ وڌي رھيو آھي. وقت ۽ فاصلو وڌي رھيا آھن تہ ٻنهن جي وچ ۾ تناسب جو عمل ٿيندو.
1سيڪنڊ : 31536000 سيڪنڊ : : 299792458 ميٽر : y ميٽر
1÷31536000=299792458÷y
ھاڻي ھتي y جي قيمت معلوم ڪرڻ سان
y=9.454x10^15 ميٽر
ھي ميٽر اھي فاصلو آھن جيڪي روشني ھڪ سال ۾ طئي ڪري ٿي. ھن رقم کي لکڻ لاء ڪافي وقت ۽ جڳھ درڪار ٿئي ٿي ان ڪري جسمن جي وچ ۾ فاصلو معلوم ڪرڻ لاء نوري سال جو پيمانو استعمال ڪيو وڃي ٿو.

Friday, 19 June 2020

ڳاڻو Numeral 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڳاڻو ھڪ نشاني يا نالو آھي جيڪو عدد (ڳڻي) لاء ڪم اچي ٿو.
مثال:
3،49 ۽ 12 سڀ ڳاڻا آھن. ان ڪري عدد ھڪ خيال آھي ۽ ڳاڻو ائين آھي جيئن اسان لکون ٿا.
A numeral is a symbol or name that stands for a number.
Examples: 3, 49 and twelve are all numerals. So the number is an idea, the numeral is how we write it.

Numeral  ڳاڻو ۔ ڳاڻيٺو ۔ ڳاڻ ۔ ڳڻپ ۾ ايندڙ

Numerals  ڳاڻا ۔ ڳاڻيٺا ۔ ڳاڻ ۔ ڳڻپ ۾ ايندڙ

Number
عدد ۔ ڳڻو ۔ ڳڻپو ۔ ڳڻپي عدد ۔ ڳڻپ طور ڪم ايندڙ


Thursday, 18 June 2020

عدد Digit 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
عدد واحد نشاني آھي جيڪو ڳاڻن 0, 1, 2, 3, 4, 5, 6, 7, 8 ۽ 9 ٺاھڻ لاء استعمال ٿئي ٿو جيڪي ڏھ عدد آھن جيڪي اسان ھر روز ڳاڻن ۾ استعمال ڪيون ٿا.
مثال:
ڳاڻيٺو 153 ٽن عددن جو ٺھيل آھي
("1", "5" ۽ "3")
A digit is a single symbol used to make numerals. 0, 1, 2, 3, 4, 5, 6, 7, 8 and 9 which are the ten digits we use in everyday numerals.
Example:
The numeral 153 is made up of 3 digits ("1", "5" and "3").

Digit  عدد ۔ انگ

ڳاڻا ۔ ڳاڻيٺا ۔ شمارا ۔ ڳڻپ ۾ ايندڙ   Numerals

Numeral  ڳاڻو ۔ ڳاڻيٺو ۔ شمارو

Sunday, 14 June 2020

مَٽونِرَنگ Heterochromia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مَٽونِرَنگ رنگيت جو تغير Color variation آھي. ھي اصطلاح تاري Iris جي رنگن جي تفاوت کي واضح ڪرڻ لاء اڪثر استعمال ٿئي ٿو پر انهي کي چمڙي يا وارن جي رنگ جي تغير تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. مَٽونِرَنگ کي اپت ۔ پھچ ۽ ميلان Melanin جي گهاٽائي سان بيان ڪري سگهجي  ٿو. مٽونرنگ اھڙي حالت آھي جنھن ۾ ٻنهي اکين جو رنگ مختلف ٿئي ٿو. دراصل رنگ اک ۾ موجود تاري Iris جي ڪري مختلف ٿئي ٿو. تاري Iris جو ڪم ماڻڪي Pupil کي ننڍو وڏو ڪرڻ ٿئي ٿو. ھي حالت تمام گهٽ ملي ٿي. مٽونرنگ جا 3 نمونا ٿين ٿا.

(1) پُور مَٽونِرَنگ ۔ پُور مَٽونِرجوت
Complete heterochromia
پُور مَٽونِرَنگ جنھن کي مَٽونِرتارو Heterochromia iridum پڻ سڏجي ٿو، اھو تڏھن رونما ٿئي ٿو جڏھن ٻہ تارا مختلف رنگن جا ھجن.

(2) ڦاڪي مَٽونِرَنگ ۔ ڦاڪي مَٽونِرجوت
Segmental heterochromia
ڦاڪي مَٽونِرَنگ جنھن کي مَٽونِرٻِتارو Heterochromia iridis پڻ سڏجي ٿو، اھو تڏھن رونما ٿئي ٿو جڏھن ھڪ تاري ۾ مختلف رنگن جا ور ونگ ظاھر ٿين ٿا.

(3) مُک مَٽونِرَنگ ۔ مُک مَٽونِرجوت
Central heterochromia 
مُک مَٽونِرَنگ ٻين نمونن کان گهڻو عام طور رتي مختلف ٿئي ٿو پر ويجهي کان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اھو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن تارا ملن ٿا پر انهن کي ماڻڪي جي چوڌاري مختلف رنگن جي منڊي ھوندي آھي. مثال طور ڪنھن نيرين اکين واري کي ماڻڪين جي چوڌاري فندقي يا ڀوري ھڪ سنهي گهير ٿئي ٿي. ھڪ مک مٽونِرجوت ۾ موجود تاري جا 2 رنگ ٿين ٿا.
مٽونِرَنگ جو سبب اکين ۾ ميلاني رنگ Melanin pigment جي مقدار يا ڪنھن زخم يا اک جي عارضي جي ڪري ٿئي ٿو جنھن جي ڪري اسان جي چمڙي جو رنگ بگو ٿي وڃي ٿو. بگي رنگ ۾ ميلان Melanin گهٽ ٿئي ٿو جڏھن تہ ڪارن ماڻهن ۾ ميلان Melanin جي مقدار وڌيڪ ٿئي ٿو. اھڙي طرح ھلڪي رنگ وارين اکين ۾ ميلان گهٽ ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن کي مَٽونِرَنگ آھي، ان جي اکين ۾ ميلان جو مقدار مختلف ٿئي ٿو. ھن حالت ۾ انسان کي ڪو نقصان نٿو ٿئي. ھي توھان کي يا وَرثي inheritance جي ڪري ٿئي ٿو يا اک جي عارضي سبب جي ڪري ٿي سگهي ٿو جيئن اکين ۾ زخم ٿيڻ يا اکين ۾ رت اچڻ وغيرھ. ھن حالت ۾ اکين جي نظر تي ڪو فرق نٿو پوي ۽ نڪا بيماري ٿئي ٿي. اھڙا ڪي ڪيس ناھن آيا تہ ھي ورثي سان تعلق رکي ٿو. ھي جانورن ۾ پاتي وڃي ٿو جيئن ٻليون وغيرھ.

Wednesday, 10 June 2020

ھمو پکي Humming bird 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو پکي جيڪو ڏسڻ ۾ ننڍڙو پر رفتار ۾ تيز ٿئي ٿو ھن جي رفتار 54 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿئي ٿي ۽ ھي بغير رڪڻ جي 80 ڪلوميٽرن تائين ھلي سگهي ٿو.
ھمو پکي دنيا ني ننڍڙن پکين ۾ شمار ٿئي ٿو. ھي ايترو ننڍو آھي جو ھن جي آکيري جي ماپ پنج روپئي سڪي جيتري ٿئي ٿي. ھن جو وزن 2 کان 6 گرام ٿئي ٿو. ھي گلن جو رس پي زندھ رھي ٿو. ھي واحد پکي آھي جيڪو پوئتي اڏري ٿو. ھي اڏرندي ھڪ سيڪنڊ ۾ 80 ڀيرا پر ڦرڪائي ٿو. ھي گلن جو رس پيئڻ لاء ھڪ سيڪنڊ ۾ 13 ڀيرا پنھنجي زبان گلن تي لڳائي ٿو. ھن جو دل منٽ ۾ 12 سو ڀيرا ڌڙڪي ٿو. جسم ننڍو ھئڻ ڪري ۽ تمام ڦڙت ھئڻ ڪري ھمو پکي پنھنجي جلدي توانائي وڃائي ويھي ٿو، جيڪڏھن ٻن ڪلاڪن ۾ ھن کي گلن جو رس نہ ملي تہ بک جي ڪري ھي مري سگهي ٿو.
ھي پکي رس پئڻ جو شوقين رھي ٿو، ان ڪري ھن کي کنڊ خورو سڏيو وڃي ٿو. ھي پکي کنڊ اتر آمريڪا ۔ رياست ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا ۾ پاتو وڃي ٿو.

Tuesday, 9 June 2020

قوت مدافعت Immunity 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪنھن بہ بيماري کان بچڻ لاء انساني جسم ۾ ھڪ خودڪار نظام ڪم ڪري ٿو جيڪو بيمارين جي سبب بنجندڙ جراثيمن جي حملي کي اڳواٽ روڪي ٿو، انساني جسم ۾ مزاحمت جي ھن نظام کي قوت مدافعت سڏبو آھي.
انسان کي قدرت طرفان اجسن Antibodies جو ڪجھ حصو ورثي ۾ ملي ٿو جنھن جي مدد سان جسم قوت مدافعت جوڙي ٿو جنھن سان گڏ جسم ۾ اجسن جو اضافو ٿيندو رھي عو جنھن جي ڪري ننڍپڻ کان پوڙھائپ تائين ماڻهو بيمارين کان محفوظ رھي ٿو ۽ گهٽ بيمار ٿئي ٿو.
قوت مدافعت جا ٻہ قسم ٿين ٿا.
(1) قدرتي قوت مدافعت         Natural Immunity
(2) مصنوعي قوت مدافعت     Artificial Immunity

(1) قدرتي قوت مدافعت   Natural Immunity
قدرتي قوت مدافعت انساني جسم ۾ غيرارادي طور تي ازخود پاتي وڃي ٿي. قوت مدافعت ڪجھ ماڻهن ۾ گهٽ ۽ ڪجھ ماڻهن ۾ وڌيڪ پاتي وڃي ٿي. جن ماڻهن ۾ گهٽ قوت مدافعت ٿئي ٿي انهن تي وائرس يا جراثيمي بيمارين جو وڌيڪ حملو ٿئي ٿو جنھن جي ڪري اھي ڇوتي بيمارين جي ور چڙھي وڃن ٿا. جن ماڻهن ۾ قدرتي قوت مدافعت وڌيڪ ٿئي ٿي انهن تي بيمارين جو اثر گهٽ ٿئي ٿو.

(2) مصنوعي قوت مدافعت   Artificial Immunity
ھي اھا قوت مدافعت آھي جيڪا ويڪسين Vaccine ۔ سيرا Sera يا دوائن Medicines سان ھٿراڌو طور تي پيدا ڪئي وڃي ٿي. جنھن بيماري جي روڪٿام لاء ويڪسين يا سيرا Sera جو استعمال ڪيو وڃي تہ انسان ڪجھ عرصو بيمارين کان محفوظ رھي ٿو پر ويڪسين يا سيرا پنھنجي خاصيتن تي دارومدار رکن ٿا. ھن طريقي سان انساني جسم ۾ ويڪسين داخل ٿيڻ شرط اجسا Antibodies  بنجڻ شروع ٿي وڃن ٿا جنھن کي سرگرم قوت مدافعت Active Immunization سڏجي ٿو. ھن طريقي ۾ اجسن سان بيماري جي سبب ڪري پيدا ٿيندڙ جراثيمن کي ڪمزور يا ختم ڪري جسم جي اندر انهن جي افزائش روڪي وڃي ٿي ۽ جسم ازخود قوت مدافعت پيدا ڪرڻ لڳي ٿو.
جڏھن بيڪيٽيريا يا وائرس جسم ۾ داخل ٿين ٿا تہ جسم جا اڇا گهرڙا انهن خلاف اجسا Antibodies بنائن ٿا ڇوجو اڇا گهرڙا جيوڙن Bacterias ۔ وائرن Viruses يا زھرن Toxins جي خلاف اثر رکن ٿا يعني اھي وائرن ۽ جيوڙن کي ماري سگهن ٿا يا انهن کي غيرموثر بنائن ٿا. اھڙي طرح ٻاھرين جيوڙن يا وائرن ۾ اڄڻا Antigens ٿين ٿا جيڪي پنھنجي ڇوت سان جسم ۾ اجسن Antibodies کي ختم ڪن ٿا. جسم کي اجسا Antibodies بنائڻ لاء ھڪ ھفتي کين ٽن ھفتن جي ضرورت پوي ٿي.
اڄڻن Antigens جي روڪٿام ۽ بچاء لاء ويڪسين لڳائي ان جا ٽڪا لڳايا وڃن ٿا يا رتاب Plasma لڳايو وڃي ٿو. ويڪسين جي ٽڪن لڳڻ يا رتاب لڳڻ کان پوء جسم ۾ اجسا Antibodies ٺھي وڃن ٿا جيڪي اڄڻن Antigens جي افزائش کي روڪي جسم ۾ قوت مدافعت پيدا ڪن ٿا.
اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ جيڪي بہ روڳا Pethogens وجود ۾ اچن ٿا اھي اڄڻا Antigens پيدا ڪن ٿا نتيجي طور وبا وجود ۾ اچي ٿي. روڳن ۾ وائرا ۽ جيوڙا اچي وڃن ٿا. اجسا Antibdies اھي قوت آھي جيڪي اڄڻن Antigens کي ختم ڪري رت جي گهرڙي کي روڳ کان بچائين ٿا.
اڄڻي Antigen کي وائرس يا جيوڙو Bacteria پيدا ڪري ٿو ۽ اجسو Antibody رت ۾ موجود ٿئي ٿو جيڪو مزاحمت ڪري اڄڻي کي ختم ڪري جسم کي روڳ کان بچائيندو آھي.

قوت مدافعت وڌائڻ لاء اپاء:
قوت مدافعت وڌائڻ لا۽ ھنن شين جو خاص خيال رکجي.
سگريٽ نوشي ۽ نشي وارين شين کان پرھيز ڪجي.
روزانو ورزش ڪجي.
وٽامن سي واريون شيون کائجن.
وزن وڌڻ نہ ڏجي.
صفائي جو خاص خيال رکجي.
ھر ڪم کان پوء ھٿ ڌوئجن.
روزانو 6 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪجي.
لوڻ گهٽ کان گهٽ استعمال ڪجي.

Saturday, 6 June 2020

رتول پٿ Haemoglobin 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
رتول پٿ Haemoglobin رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۽ ڪاربان مونو ڪسائيڊ جو ٺھيل آھي. ھڪ رت جي ڦڙي ۾ 3 لک ڳاڙھا ذرڙا جڏھن تہ ھڪ ملي لٽر رت ۾ رتول پٿ جا 25 لک ڳاڙھا ذرڙا ٿين ٿا. ھر ڳاڙھي ذري ۾ 2 ڪروڙ پنجاھ لک رتول پٿ جا ماليڪيول موجود ٿين ٿا ۽ اھي ئي رتول پٿ جا ماليڪيول آڪسيجن جي ماليڪيولن سان جڙڻ ۽ ڪيميائي بند تشڪيل ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
رت جي ڳاڙھن ذرڙن جا رتول پٿي ماليڪيول ڦڦڙن جي ھوا سان بنديت Bonding قائم ڪري، جسم ۾ زندگي برقرار رکڻ خاطر شريانين ۾ روان دوان رھن ٿا. ساھ جي عمل ذريعي آڪسيجن ڦڦولين Alveoli ۾ ايندڙ رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ جذب ٿي وڃي ٿي ڇوجو گراھم جي قانون مطابق گئس وڌيڪ لاڙي ۔ گهاٽائي يا وڌيڪ دٻاء واري جڳھ کان گهٽ دٻاء واري جڳھ ڏي وڃي ٿي. ھوا جي گهڻي دٻاء جي ڪري ڦڦڙ ڦونڊيل رھن ٿا ۽ ڦڦڙن جي گهرڙن ۾ جسم مان واپس ايندڙ رت ۾ ھوا جو گهٽ دٻاء ھئڻ ڪري ھوا رت ۾ جذب ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح آڪسيجن رت جي ڳاڙھن ذرڙن ذريعي جسم جي تمام گهرڙن ۾ پھچي ٿي. رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ رتول پٿ جي غيرموجودگي جي ڪري رت کي رتاب Plasma ذريعي آڪسيجن کي ضروري مقدار ۾ جسم جي گهرڙن تائين پھچائڻ لاء وڌيڪ ويھ ڀيرا تيز رفتاري سان رت جي دوري ۾ ڊوڙڻو پوي ٿو.
رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود اھم پروٽين رتول پٿ Haemoglobin دراصل آڪسيجن کان کان 3 سو ڀيرا وڌيڪ ڪاربان مونو آڪسائيڊ CO وڌيڪ لاڙو رکي ٿو مطلب جيڪڏھن توھان ڪنھن اھڙي فضا ۾ ساھ کڻو ٿا تہ رتول پٿ آڪسيجن کي جذب ڪرڻ کان پھرين ان ڪاربان مونو آڪسائيڊ سان ميلاپ کي ترجيح ڏيندو جنھن ڪري رتول پٿ ڪاربوخيرتول پٿ بنجي وڃي ٿو تہ ڪاربان مونو آڪسائيڊ کي جسم ۾ جذب ٿيڻ نٿو ڏئي. دراصل ھي بنجڻ وارو ڪاربوخيرتول پٿ  Carboxyhemoglobin آڪسيجن جي فراھمي جي ايجنٽ طور ڪم نٿو ڪري. اھڙا آلودھ ٿيڻ وارا رت جا ذرڙا تري جي ذريعي رت جي سرشتي مان ٻاھر ڪڍيا وڃن ٿا ۽ رت جي وھڪ متاثر ٿيڻ لڳي ٿي. جيئن ڪاربان مونو آڪسائيڊ ساھ جي سرشتي مان رت ۾ شامل ٿئي ٿي تہ آڪسيجن جي شديد کوٽ موت جو سبب بنجي ٿي.
رتول پٿ جي ماليڪيولي نموني ۾ فولاد جا اڻا Atoms شامل ٿين ٿا. عام طور تي ڏٺو وڃي ٿو تہ فولاد جا مرڪب رنگين ٿين ٿا ڇوجو فولاد Iron ۽ آڪسيجن جو ميلاپ فوليڪسو Ironoxide کي تشڪيل ڏئي ٿو، اھڙي طرح رنگت تي ڌيان ڏيڻ سان ڳاڙھو نظر اچي ٿو. ائين جڏھن رتول پٿ آڪسيجن جي پراڻي Molecule سان ملي ٿي تہ ڳاڙھن ذرڙن جي رتول پٿ ۾ موجود فولاد رت کي اجلي اجلي ڳاڙھاڻ ڏئي ٿو.
 رت جو رنگ تڏھن بہ بدلجي ٿو جڏھن ڪاربان مونو آڪسائيڊ جو ماليڪيول رتول پٿ سان جڙي ٿو. رتول پٿ جي فولاد جو ڪاربان مونو آڪسائيڊ سان ملڻ رت ۾ اجلي گلابي رنگت جو سبب بنجي ٿو. رت ۾ ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي گهڻائي جي ڪري موت جي شڪار ٿيندڙ جا اھي حصا جتي رت جي رواني چمڙي ڀرسان ٿئي ٿي جيئن چپ ۔ ننھن ۽ ٻيا عضوا گلابي ٿي وڃن ٿا. ڪاربان مونو آڪسائيڊ واري آلودھ فضا ۾ ساھ کڻڻ سان شروع ۾ مٿي سور ۔ پوء مٿو چڪرائڻ ۽ پوء موت جي منھن ۾ ڌڪيندڙ بيھوشي طاري ٿي وڃي ٿي.
نوٽ ڪرڻ کپي تہ جيڪو روز 30 سگريٽ پئي ٿو ان جي رتول پٿ ۾ ڪاربوخي رتول پٿ جي سطح مستقل طور تي 10 سيڪڙو ٿي وڃي ٿي جيڪا صحت کي تباھ ڪرڻ لاء ڪافي آھي.

رتول پٿ جي کوٽ جا اثر:
جيڪڏھن منھن تي پيلاڻ ھجي ۔ اکيون پيليون ھجن ۔ پيشاب پيلو ھجي ۔ جسم ۾ ٿڪ ھجي ۔ ڀاڄي ۾ گھ نہ وڻي ۔ رات جو ننڊ گهٽ اچي، ان جو مطلب جيري تي گرمي آھي ۽ رت جي کوٽ آھي، ان حالت ۾ رت وڌائيندڙ شيون کائجن گڏ گڏ وٽامن سي واريون استعمال ڪجن جيئن رت پيدا ٿئي ۽ جسم ۾ تراھٽ ۾ اچي.
جسم ۾ رت جي کوٽ Anemia دراصل جسم ۾ رت جي ڳاڙھن گهرڙن Red cells جي کوٽ کي سڏيو وڃي ٿو جيڪي آڪسيجن جي فراھمي جو ڪم ڪن ٿا.
رتول پٿ فولاد سان ڀرپور پروٽين آھي جيڪا رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود ٿئي ٿي. ھي پروٽين پوري جسم ۾ آڪسيجن پھچائي ٿي. رتول پٿ جو ڪم ڦڦڙن مان آڪسيجن کڻي جسم جي اوڄن کي پھچائڻ آھي جيئن گهرڙا پنھنجو ڪم صحيح ڪري سگهن. ان کان علاوا رتول پٿ گهرڙن کان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ وٺي ڦڦڙن ۾ پھچائڻ آھي.
ھن مرض ۾ رت جي صحتمند ڳاڙھن گهرڙن جي کوٽ ٿي وڃي ٿي جيڪي جسم جي مختلف حصن ۾ رت پھچائين ٿا. رتول پٿ Haemoglobin اھو جز آھي جيڪو رت کي ڳاڙھو ڪري ٿو. جسم ۾ رت جي کوٽ کان بچڻ لاء ضروري آھي تہ رتول پٿ جي سطح کي مناسب حد تائين برقرار رکيو وڃي جيئن ان جي کوٽ شديد ٿڪ ۽ ڪمزوري جو شڪار نہ ڪري.
رتول پٿ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء فولاد ڀرين غذائن جو استعمال ضروري آھي جيئن رتول پٿ سان گڏ ڳاڙھن گهرڙن جي اوسر نيسر جاري رھي.
رت جي کوٽ اھو مسئلو آھي جيڪو ڏھن مان ھڪ ماڻهو سان رونما رھي ٿو. عالمي اداري جي تحقيق مطابق دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي کي رت جي کوٽ رھي ٿي خاص ڪري حاملا عورتن ۾ کوٽ جو خطرو شديد نموني رھي ٿو.
صحتمند زندگي ۾ رتول پٿ جي وڏي اھميت آھي ان لاء ان جو مناسب مقدار ھجڻ ضروري آھي. مردن ۾ رتول پٿ جي حد 14 کان 18 ۽ عورتن ۾ 12 کان 14 ھجڻ گهرجي.
بالغ ماڻهن جي حوالي سان روزانو فولاد جي مقدار تجويز ڪئي وئي آھي جيئن مردن لاء 8 ملي گرام جڏھن تہ عورتن لاء 18 ملي گرام ۽ 50 سالا عورتن لاء 8 ملي گرام فولاد جي ضرورت رھي ٿي.
رت جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو جيڪڏھن ميوا ۔ ڀاڄيون ۽ مشروب صحيح نموني استعمال ڪيا وڃن.

رتول پٿ جي کوٽ جون نشانيون:
جسم ۾ رتول پٿ جي جي کوٽ ٿيڻ سان آھستي آھستي علامتون ظاھر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون جنھن ۾ دل جي ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ ۔ چمڙي جو پيلو ٿيڻ ۔ شديد ٿڪ محسوس ٿيڻ ۔ سستي ڪاھلي جو ڇپ ھڻڻ ۔ مشڪن جو ڪمزور ٿيڻ ۔ مٿي ۾ وري وري سور پوڻ

رتول پٿ جي کوٽ جا سبب:
جن ماڻهن ۾ رتول پٿ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي اھي رت جي کوٽ جا شڪار ٿي وڃن ٿا، عام طور تي رت جي کوٽ ھي سبب رونما ٿين ٿا جن ۾ فولاد جي کوٽ ۔ وٽامن بي 12 جي کوٽ ۔ پنيٺي جي کوٽ ۔ ڌڪ لڳڻ تي زخم مان وڌيڪ رت وھڻ ۔ ڪينسر ۔ بڪين جي خرابي ۔ جيري ۾ خرابي ۔ حرڪيرن جي کوٽ ۔ ٿيلسيميا جيڪا رت ۾ رتول پٿ پيدا ڪرڻ کان روڪي ٿي ۽ اھڙيون بيماريون جيڪي رت جي ذرڙن ۽ رتول پٿ کي پيدا ٿيڻ نہ ٿيون ڏين.
رتول پٿ جي کوٽ تماڪ نوشي ۔ ڦڦڙن ۾ خرابي ۔ چمڙي جي سڙڻ ۽ گهڻي ورزش ڪرڻ سان ٿئي ٿي. جڏھن رتول پٿ جي کوٽ جو عارضو پيدا ٿئي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي جيڪي رت جي ٽيسٽ بعد توھان کي مناسب سپور جي تجويز ڪري.

رتول پٿ وڌائڻ جا طريقا:
جن ماڻهن ۾ رت جي کوٽ رھي ٿي اھي فولاد استعمال ڪري کوٽ پوري ڪري سگهن ٿا. فولاد جسم ۾ رتول پٿ جي اپت وڌائڻ سان گڏ رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ پڻ اضافو ڪري ٿو. گوشت ۔ مڇي ۔ بيدا ۔ خشڪ ميوا خاص طور تي کجور ۽ انجير ۔ بروڪلي ۔ سبز پنن وارا کاڌا جيئن ساڳ ۽ پالڪ ۔ سائي لوبيا ۔ السي ۽ منڱن جو مکڻ وغيرھ آئرن سان ڀرپور ٿين ٿا.

وٽامن سي جو استعمال:
وٽامن سي جي استعمال ڪرڻ سان رتول پٿ جي کوٽ پوري ٿي وڃي ٿي. وٽامن سي جي کوٽ جي ڪري فولاد پوري جسم ۾ جذب نٿو ٿئي. وٽامن سي ۾ پپيتو ۔ ڪينو ۔ ليمو ۔ اسٽرابيري ۔ شملا مرچ ۔ گريپ فروٽ ۔ چقو ۔ صوف ۔ ڏاڙھون ۔ ٽماٽو ۽ پالڪ ٿين ٿا جن سان وٽامن سي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.
رت جي کوٽ ۾ وٽامن سي وارين شين جو استعمال جاري رکجي، يقينن جسم رطوبت ڀريو ٿي ويندو ۔ زھرا Toxins خارج ٿي ويندا ۔ جيري جي گرمي ھٽي ويندي ۔ صفرا دور ٿي ويندي ۽ سائي جي اچڻ جا امڪان جھڙوڪر ختم ٿي ويندا. نارنگي ۔ مالٽا ۔ انگور ۔ بصر ۔ ڏاڙھون ۔ کيرو ۔ ونگو ۔ الوبخارا ۔ ڇانھي ۔ صوف ۽ گدامڙي وغيرھ وٽامن سي ۾ اچي وڃن ٿيون جيڪي رتول پٿ سان گڏ رت کي وڌائن ٿيون.

پنيرو تيزاب Folic Acid:
پنيرو تيزاب ھڪ بي ڪمپليڪس وٽامن آھي جيڪو رت جي ڳاڙھن کي ٺاھي ٿو اھوئي سبب آھي جي پنيري تيزاب جي کوٽ جي ڪري رتول پٿ جي کوٽ لاحق ٿئي ٿي. ساون پنن واريون سبزيون ۔ جيرو ۔ چانور ۔ خشڪ ميوا ۔ ٻج ۔ ڪڻڪ ۔ ڏارو ۔ منڱ ۽ ڪيلا وغيرھ پنيري تيزاب جا ذريعا آھن.

پنيٺي Folate وارا کاڌا کائڻ:
فولاد سان گڏ پنيٺو Folate رت جي ڳاڙھن جزن پيدا ڪرڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو رتول پٿ جي ٺھڻ لاء ضروري آھي.
پنيٺو وٽامن بي جو ھڪ قسم آھي جيڪو جسم ۾ رت جو مقدار وڌائڻ لاء اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏھن اسان پنيٺي سان ڀرپور کاڌا نٿا کائون تہ جسم ۾ رت جي کوٽ جو مسئلو ڪر کڻي ٿو. پنيٺي جي کوٽ رت جي ڳاڙھن ذرڙن کي بالغ ٿيڻ نٿي ڏئي. ڳئون جو گوشت ۔ چانور ۔ پالڪ ۔ منڱ ۔ سرخ لوبيا وغيرھ اھڙا  کاڌا آھن جيڪي پنيٺي سان ڀرپور ٿين ٿا. انهن کاڌن کان علاوا رتول پٿ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء پنيٺي جو سپور استعمال ڪري سگهون ٿا.

فولاد جذب ڪرڻ وارا کاڌا:
فولاد جي کوٽ رتول پٿ جي وڏي کوٽ آھي. جيرو ۔ گوشت ۔ پالڪ ۔ بادام ۔ کجور ۔ جون ۾ فولاد جي وافر مقدار موجود ٿئي ٿي. فولاد مناسب مقدار ۾ وٺڻ کپي ڇوجو وڌيڪ مقدار ۾ وٺڻ سان نقصان ٿي سگهي ٿو.
رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء جتي فولاد وارا کاڌا کائڻ ضروري آھن اتي اھڙا کاڌا بہ کائڻ گهرجن جيڪي جسم ۾ فولاد کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڌائن.
وٽامن سي سان ڀرپور کاڌا جيئن ڪينو ۔ مالٽا ۔ موسمي ۔ زيتون ۔ ساون پنن واريون سبزيون وغيرھ اسان جي جسم ۾ فولاد کي جذب ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت وڌائن ٿيون.
توھان وٽامن اي مڇي ۔ ڪدو ۔ سفيد گجر ۽ ڪيلا کائي سگهجن ٿا. اھڙيون سبزيون ۽ ميوا جن جو رنگ ڳاڙھو ۔ پيلو ۽ مالٽائي ھجي انهن مان بيٽا گجرو حاصل ڪري سگهجي ٿو جيئن گجر ۔ حلوو ۔ ڪدو ۔ سفيد گجر ۔ ڪدو ۔ انب وغيرھ.

رتول پٿ کي وڌائيندڙ شيون:

کجور:
کجور کائڻ سان فولاد Iron جي سطح وڌي ٿي جنھن سان رت جا ڳاڙھا جزا وڌيڪ اوسر وٺن ٿا ۽ جسم ۾ رتول پٿ جي کوٽ پوري ٿي وڃي ٿي پر کجور جي حوالي سان شڳر جي مريضن کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ڏاڙھون:
رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ڏاڙھون بھترين ميوو آھي جنھن ۾ فولاد ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن بي ۔ وٽامن سي ۽ وٽامن اي موجود ٿين ٿا. ھن ۾ موجود سانڌ تيزاب Ascorbic acid جسم ۾ فولاد وڌائي رت جي کوٽ کي پورو ڪري ٿو. روزانو ڏاڙھون کائڻ يا ڏاڙھون جي شربت پيئڻ سان رت جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.

ڪيلا:
ڪيلا فولاد سان ڀرپور ٿين ٿا جيڪي رت ۾ رتول پٿ جي ٺھڻ جي عمل کي تحرڪ ڏين ٿا. ڪيلن ۾ پوٽيشم ھئڻ ڪري فولاد جسم جو جلدي حصو ٿي وڃي ٿو.

صوف:
صوف فولاد سان ڀرپور ٿئي ٿو جيڪو رتول پٿ جي ٺھڻ جي عمل کي تيز ڪري ٿو. روزانو ھڪ صوف کائڻ سان رت جي کوٽ ڪافي حد تائين پوري ٿي وڃي ٿي پر صوف کي ھڪ وقت نہ کائجي، 4 ٽڪڙا ڪري وقفي وقفي کائجي.

خشڪ الوبخارا:
خشڪ الوبخارا رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ھاڪاري اثر مرتب ڪن ٿا. ھي وٽامن سي ۽ فولاد سان ڀرپور ٿين ٿا جيڪي رتول پٿ کي وڌائن ٿا، گڏ گڏ معدنيٺي Magnesium کي پيدا ڪن ٿا. معدنيٺو جسم ۾ آڪسيجن جي رسد کي پھچائڻ ۾ مدف ڪري ٿو.

مالٽا:
جسم ۾ فولاد وٽامن سي جي مدد کان سوا مڪمل طور تي حل ۽ جذب نٿو ٿئي ان ڪري مالٽي جو استمال وٽامن سي ۽ رت جي کوٽ کي ھڪ وقت پورو ڪري ٿو.
رت انساني جسم ۾ آمدرفت ۔ بچاء ۽ باقائدگي  جھڙا 3 اھم ڪم ادا ڪري ٿو. انساني جسم ۾ رت جي کوٽ انساني جان لاء خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن جسم ۾ رت جي مقدار کي وڌايو وڃي تہ رت جي کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي. رتول پٿ اھڙي پروٽين آھي جيڪا رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ پاتو وڃي ٿو ۽ رت جي سرخ ذرڙن جي ذميداري ٿئي ٿي تہ اھي جسم جي تمام عضون تائين آڪسيجن کي پھچائين ۽ جسم مان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ وصول ڪري خارج ڪن.

رتول پٿ کي نقصان پھچائيندڙ شيون:
ڪي اھڙيون شيون ٿين ٿيون جيڪي جسم کي فولاد جذب ڪرڻ کان روڪين ٿيون. فولاد کي جذب ٿيڻ کان روڪڻ واريون شيون ھي آھن.
ڪافي
چانھن
نرم مشروب
ڪئلشم سان ڀرپور کاڌا جيئن ڊيري پراڊڪٽ جو شيون

Wednesday, 3 June 2020

منقا Munakka 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
منقا يا وڏي سڪل ڪشمش کي ڪشمش جي خاندان ۾ تصور ڪيو وڃي ٿو. منقا ۽ ڪشمش ھڪ ٻئي کان مختلف آھن. ڪشمش ماپ ۾ ننڍي ۽ پيلي رنگ جي ٿئي ٿي جڏھن تہ منقا ماپ ۾ وڏي ٿئي ٿي ۽ ھن ۾ ٻج موجود ٿئي ٿو. تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ منقا ڪينسر جي جراثيمن کي ختم ڪري ٿي.

ھاضمو ڪندڙ:
منقا تاندورن جو بھترين ذريعو آھي، ان ڪري ھاضمي جو بھترين ذريعو آھي. رات جو 3 عدد منقا ڪوپ پاڻي ۾ پسائي رکجن ۽ صبح جو ناشتي کان پھرين منقا کائي پاڻي پي ڇڏجي.
قبضي ٽٽندي ۽ ھاضمو بھتر ٿيندو.

قوت مدافعت وڌائيندڙ:
منقا وٽامن سي ۽ وٽامن سي وافر مقدار ۾ ھئڻ ڪري قوت مدافعت وڌائڻ لاء مفيد آھي. ھي جسم جي سڀن ڇوتن Infections کان بچائي ٿي ۽ رت صاف ڪري ٿي جنھن ڪري بيماريون پري رھن ٿيون.

نظر وڌائيندڙ:
منقا نظر وڌائڻ لاء فائديمند آھي. منقا ۾ موجود وٽامن سي نظر کي تيز ڪري ٿي. رات جو سمهڻ مھل 3 منقا 3 باداميون کائڻ سان نظر تيز ٿيندي.

رت جو چاڙھ دور ڪندڙ:
منقا رت جي چاڙھ کي ھٽائڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿي۔ 3 منقا ۽ ھڪ وڏو ڦوٽو کائڻ سان رت جو چاڙھ لھي وڃي ٿو. منقا چرٻي گهٽائيندڙ آھي ان ڪري کائڻ سان رت جي چاڙھ جي شڪايت نٿي رھي.

ھڏين جي ڪمزوري دور ڪندڙ:
منقا ۾ بورون ۽ ڪئلشم جي مقدار جهجهي ٿئي ٿي ان ڪري ھن کي روز پاڻي ۾ پسائي کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ سان ھڏيون مضبوط ٿين ٿيون ۽ بورون ۽ ڪئلشم کي جلدي جذب ڪن ٿيون.

رت جي کوٽ پوري ڪندڙ:
منقا فولاد سان ڀرپور ٿئي ٿي، ھي رت کي صاف ڪري ٿي ۽ رتول پٿ وڌائي ٿي. ھي جسم ۾ رت جي مدت وڌائي ٿي جنھن ڪري رت جي کوٽ نٿي رھي.

Monday, 1 June 2020

ڪدو Bottle gourd 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جڏھن پروٽين جو ذڪر اچي ٿو تہ ماس ۾ اسان جو خيال گوشت ۽ کير ڏي ۽ سبزين ۽ دالن ڏي وڃي ٿو. تمام غذائون انمول تحفو آھن ۽ ھر غذا ۾ مختلف اڪسيري جز پاتا وڃن ٿا جن جو متوازن استعمال جسم جي نشونما لاء ضروري آھي. سبزين ۾ ھڪ سبزي ڪدو جي سبزي آھي جيڪا لذت سان گڏ ڪيئي طبي خواص رکي ٿي. ڪدو جسم جي گرمي پد کي پورسرو رکي ٿو ۽ بخار جي شدت کي معتدل رکي ٿو. اھي ماڻهو جن کي ڀرتي ۽ بلغم جو عارضو رھي ٿو، اھي ڪدو سان گڏ جيرو ۽ وڏي ڦوٽي جو استعمال ڪن تہ انهن جي شڪايت ختم ٿي وڃي ٿي. گرمين جي موسم ۾ ڪدو کائڻ سان پياس ختم ٿئي ٿي ۔ معدي جي تيزابيت دور ٿئي ٿي ۽ دل دماغ کي تقويت ملي ٿي.
ڪدو ھڪ قدرتي ٽانڪ آھي جيڪو غذائي جزن سان مالامال آھي. ھي صرف فولاد نٿو رکي پر ڪيلشم ۔ پوٽيشم ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي سان لبريز آھي. ھي قوت بخش غذا جي حيثيت رکي ٿو، ھي گوشت جي ڀاڄي سان ملي ان جي اثر ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ اتي دالن سان ملي بي پناھ پروٽين جي مالامالي ڏئي ٿو.

سرسام:
سرسام مٿي جي سوڄ جي ھڪ بيماري آھي جنھن لاء ڪدو اڪسير آھي. ڪدو جو رس ڪڍي ھم وزن ترن جو تيل ملائي ٽامي يا پتل جي ديڳڙي ۾ وجهي ايترو ڪاڙھجي جو تمام رس جلي وڃي ۽ تيل ظاھر ٿئي. ھاڻي تيل ڇاڻي بوتل ۾ محفوظ رکجي. وقفي سان سرسام جي مريض جي مٿي تي ھي تيل مالش ڪجي ۽ مٿي تي گرم ڪپڙو ٻڌجي. ھي تيل نہ صرف سرسام کان شفا ڏيندو پر بيخوابي ۽ مٿي جي سور کي فائدو ڏيندو.

ڪن جو درد:
ڪن ۾ پاڻي ھليو وڃي يا مٿي ۾ سور پوي تہ ڪدو جي پاڻي پيئڻ سان فائدو پوي ٿو. ڪنھن پسارڪي دڪان تان روغن گل وٺي ان ۾ ڪدو جو پاڻي ملائي رکجي. ڪن ۾ سور جي صورت ۾ ھن محلول مان ٻہ يا ٽي قطرا ڪن ۾ وجهجن تہ فائدو پوندو.

وڇون جو ڏنگ:
ڪنھن کي وڇون ڏنگ ھڻي ۽ اسپتال دور ھجي تہ ان صورت ۾ ڪدو جي ڳر جو ٽڪرو وڇون جي ڏنگ جي مٿان زور ڏيئي رکجي تہ زھر جو اثر زائل ٿي ويندو.

مٿي جي خشڪي:
عورتن کي اڪثر مٿي جي خشڪي جو عارضو رھي ٿو جنھن جو علاج شيمپو سان صحيح نٿو رھي. بازار مان ڪدو جو تيل وٺجي. کير ۾ ڪدو جي تيل جو چمچو ملائي مٿي کي ھڻجي، ھن سان نہ صرف خشڪي ختم ٿيندي پر دل جي وڌيل ڌڙڪن پوري پني ٿي ويندي.

ڏند جو درد:
جي ڏندن ۾ سور پوي تہ ڪدو جي ڳر 5 تولا ۽ ٿوم اڌ تولو سير پاڻي ۾ ڪاڙھجي پاڻي اڌ بچي تہ اتان گرڙا ڪجن. فائدو پوندو.

ڪاڪڙي جي سوڄ:
جيڪڏھن آواز ويھي وڃي يا ڪاڪڙي ۾ سوڄ ھجي تہ ڪدو جي پاڻيء سان نيم گرم گرڙا ڪجن، ھي گرڙو خناق جھڙي بيماري کي بہ راحت ڏئي ٿو.

چپ ڦاٽڻ:
جيڪڏھن چپ ڦاٽن تہ رات جو سمهڻ وقت ڪدو جي ڳر کي چپن تي ھڻي سمهجي. صبح جو پاڻي سان چپ ڌوئجن. فائدو پوندو.

بدن جون ڦرڙيون:
جيڪڏھن بدن تي ڦرڙيون نڪرن تہ ڪدو جو پاڻي انهن تي ھڻجي ۽ پاڻي پيئجي فائدو پوندو.

زخم:
ڪدو جي زخم ڇٽائڻ ۾ اڪسيري حيثيت رکي ٿي. پھرين ڪدو جي کل کي ڇانو ۾ سڪائجي. ھاڻي ان کل کي ساڙجي ۽ کرل ڪري رکجي. ھي راک زخم تي ٻرڪجي تہ زخم ڇٽي ويندا.

عرق ڪدو:
ڪدو         پاء
پاڻي          2 لٽر
ڪدو ڪترا ڪجن. پاڻي ۽ ڪدو جا ڪترا ديڳڙي ۾ وجهي ڪاڙھجن. پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ڇاڻجي. پاڻي شيشي جي بوتل ۾ رکجي.
آنو پاڻي صبح شام پيئجي.
فائدا: سائي ختم ٿيندي ۔ قبضي ٽٽندي ۽ جسم تان ڦرڙيون ختم ٿي وينديون.

Sunday, 31 May 2020

ڏند جو سور Tooth ache 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جڏھن ڏندن ۾ ڇوت Infection پوي ٿي تہ درد جا سلسلا شروع ٿي وڃن ٿا، رات جو ننڊ برباد ٿي وڃي ٿي ۽ ھروقت بي چيني رھي ٿي. ڏند پس Abcessed tooth ھڪ اھڙي ڇوت آھي جيڪا ڏندن جي اندرئين حصي کان شروع ٿئي ٿو جنھن کي ڳڀي خانو Pulp chamber سڏجي ٿو. پس ٺھڻ سان ڏندن ۾ ڇوت اچي وڃي ٿي ۽ ڏندن جي جيوڙن سان وڙھڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. پس دراصل مردن سفيد گهرڙن Dead white cells ۔ اوڄن Tissues ۽ جيوڙن Bacterias جو مجموعو ٿئي ٿي ڏندن جي ڇوت يا پس مھارن جي ڇوت کان مختلف ٿئي ٿي. ڏند جي ڇوت ڏند جي اندرئين حصي کان شروع ٿئي ٿي جڏھن تہ مھارن جي ڇوت ڏند کان ٻاھر ڏنداٺي Gum pocket کان شروع ٿئي ٿي. جيڪڏھن بروقت علاج نہ ڪرايو ويو تہ ھي ڇوت ڏندن کي ڳاري ٿي. ڏند جي ڇوت جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا.
ڏندن تي ڌڪ لڳڻ جي ڇوت
ماڪوڙي لڳڻ
بڊ جا زخم
گوشت جو ڏندن ۾ ڦاسڻ
روز ڏندن جي صفائي نہ ڪرڻ
سگريٽ پيئڻ
ڏندن جي ڇوت کان بچڻ جو واحد رستو آھي تہ اتي ڏند جي ڇوت جو علاج ڪيو وڃي.

ٽوٽڪا:

ٿوم:
ٿوم حيات روڪ Antibiotic آھي، ھي جيوڙن جي ڇوت کي روڪي ٿي. ھن ۾ موجود گنڌڪي مرڪب ڇوت ۽ سوزش جو مقابلو ڪن ٿا. جنھن ڏند ۾ سور ھجي، اتي ٿوم کي چوٽي کان ڪٽي سور واري ڏند تي گھجي، سور گهٽبو ويندو.

مٺي سوڊا ۽ ڏونگهي جي تيل جي پيسٽ:
ٿوري مٺي سوڊا ۽ ڏوگهي جو تيل ملائي پيسٽ جيئن تيار ڪجي. اھا پيسٽ ڏندن کي لائجي ۽ ٿڪ ٻاھر اڇلجي فائدو پوندو. فائدو پوندو.

ھائڊوجن پرآڪسائيڊ محلول:
ھائيڊروجن پر آڪسيائيڊ ھڪ حصو
پاڻي  3 حصا
ملائي گرڙا ڪجن تہ فائدو پوندو.


ھيڊ لوڻ وارو پاڻي وارو محلول:
ھيڊ پائوڊر   چمچو
لوڻ            چمچو
پاڻي          گلاس
ملائي گرڙا ڪجن. ڪافي فرق پوندو.

ڏند جي سور جو سفوف:
جاڻ ديسي   2 تولا
ھيڊ             2 تولا
لونگ           2 تولا
ڪٽي پائوڊر ڪري ملائي رکجي.
ٿورڙو پائوڊر کڻي ڏندڻ ڏجي.

لوڻ ۽ ڊسپرين وارو پاڻي:
لوڻ ۽ ڊسپرين پاڻيء ۾ ملائي گرڙا ڪجن.

سيڙھي وارو پاڻي:
چن سيڙھي    تولو
پاڻي              جڳ
جڳ ۾ سيڙھي وجهي ملائجي. جڏھن پاڻي ٺرجي وڃي تہ آٺريل پاڻي ٻئي ڪنھن ٿانو ۾ وجهجي ۽ سيڙھي ثقل سميت ھاري ڇڏجي. آٺريل پاڻي سان گرڙا ڪجن.

لونگ کي پائوڊر ڪجي. چپٽي کڻي ڏونگهي جي ٿوري تيل سان ملائجي ۽ ڏندن تي برش ڪجي. بھترين آھي. مجرب آھي.

مڪئي جي اٽي وارو پاڻي:
مڪئي جي اٽي کي پاڻي ۾ وجهي گرڙا ڪجن. سور کي فائدو ڏيندو.

ليمي جو پاڻي:
اعصابي ڏند جي سور واري حالت ۾ ليمي کي گلاس پاڻي ۾ نپوڙي صبح ۽ شام پيئجي.

احتياط:
ڏاندي کي باقائدگي سان ڏند ڏيکاربا رھن.
ڏندڻ کي ٽن مھينن ۾ بدلجي.
مٺين شين کسن پرھيز ڪجي.
ڪيفين جو محدود استعمال ڪجي ڇوجو ڪيفين سان مٺرت سطح اعتدال ۾ نٿي رھي جنھن جي ڪري مٺگهرڙبدليت ۽ جيرو متاثر ٿين ٿا.
سگريٽ نوشي ۽ تماڪ نوشي کان پرھيز ڪجي.

نوٽ:
ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي. نسخا طبيعت مطابق آھن. ھڪ فائدو نٿو ڏئي تہ ٻيو استعمال ڪجي.
ڪڏھن ڪڏھن ڏند ۾ گھرو زخم ھوندو آھي جنھن ڪري دوائون اثر ناھن ڪنديون، اھڙي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.
جيڪڏھن ڪنھن عورت کي پراڻي ليڪوريا يا مرد کي پراڻو سوازڪ ھجي ان حالت ۾ ڏند ۾ سور پوندو آھي ۽ دوائن سان بہ جان نہ ڇڏيندو آھي اھڙي حالت ۾ مريض جو علاج انهن بيمارين جي بنياد تي ھجڻ گهرجي.