Sunday 26 July 2020

ڄمون Jamun 💎اصغر ساگر💎

ڄمون ھڪ موسمي ڦل آھي جيڪو پاڻ ۾ اھڙي ڪيميا رکي ٿو جو ھن موسم ۾ لاحق ٿيندڙ مرضن جي قدرتي علاج سان گڏ ھن موسم لاء قوت مدافعت کي تيار ڪري ٿو ۽ موسمي بيمارين کان بچائڻ جو سبب بنجي ٿو. ڄمون بيمارين ۾ اڪسير جو درجو رکڻ سان گڏ، ھي رس ڀريو ۽ ذائقيدار ٿئي ٿو. ھي رت وارو ميوو آھي ڇوجو ھن ۾ فولاد موجود ٿئي ٿو.

رت جي صفائي ڪندڙ:
ڄمون فولاد Iron سان ڀرپور ٿئي ٿو، جتي ھي رت وڌائي ٿو اتي رت جي صفائي ڪري ٿو ڇوجو ھي آڪسيجن مليل رت جي فراھمي کي يقيني بنائي ٿو.

رت بنائيندڙ:
ھي فولاد Iron سان ڀرپور ميوو رتول پٿ Haemoglobin جي گهٽ سطح کي مناسب سطح تي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو، اھڙي طرح رت جي کوٽ جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

رتول پٿ Haemoglobin وڌائيندڙ:
ڄمون وٽامن سي Vitamin C ۽ فولاد Iron سان مالامال ٿئي ٿو جيڪو رت ۾ رتول پٿ Haemoglobin کي وڌائي ٿو جنھن سان رت جسم ۾ آڪسيجن جي وڌيڪ مقدار عضون تائين پھچائي ٿو ۽ رت صاف ڪري صحت تي سٺا اثر مرتب ڪري ٿو.

ھاضمي کي بھتر بنائيندڙ:
ڄمون سرد تاثير ھجڻ ڪري ھاضمي جي مسئلن کي بھتر نموني حل ڪري ٿو، خاص ڪري بدھضمي ۽ تيزابيت جي شڪار ماڻهن جي معدي جي اصلاح ڪري ٿو.

ڏندن ۽ مھارن کي مضبوط ڪندڙ:
ڄمون ڏندن ۽ مھارن لاء مفيد ميوو آھي. ھن جا پن جيوڙا روڪ Antibacteria ٿين ٿا. جيڪڏھن ھن جي پنن کي ڇانو ۾ سڪائي منجن ٺاھيو وڃي ۽ ڏندن تي استعمال ڪيو وڃي تہ بھترين اثر مرتب ٿي سگهن ٿا، ڏندن جي ڇوت Infection ختم ٿي ويندي ۽ ڏندن مان رت اچڻ بند ٿي ويندو.

چمڙي نکاريندڙ:
مصفي ۽ رطوبتي ھجڻ ڪري ھي ڦل چمڙي کي تازو توانو رکي ٿو ۽ ترن ۽ موھيڙن کان بچائي ٿو. ڄمون جو استعمال چمڙي جي بيمارين خاص طور تي داڻن کي دور ڪري ٿو. جن جي چمڙي سڻڀي رھي ٿي، اھي ڄمون کائن جنھن سان چمڙي صاف سٿري ۽ تازي تواني ٿي وڃي ٿي.

ڇوت کان بچائيندڙ:
ھن ۾ موجود مختلف جزا جراثيم ڪش ٿين ٿا جيڪي ڇوت جي خطري کي گهٽ ڪن ٿا. ڄمون جيوڙا روڪ خوبيون ھئڻ سان گڏ ڇوت روڪ ۽ مليريا روڪ پڻ آھي. ڄمون ۾ ڪافي تيزاب صوف جو تيزاب Malic acid ۔ مازو جو تيزاب Gallic acid ۽ بلوطي تيزاب Tannic acid وغيرھ ٿين ٿا جيڪي مليريا سان گڏ ٻين ڇوتن Infections کي روڪن ٿا.

جوت وڌائيندڙ:
ڄمون ۾ وٽامن سي Vitamin C ۽ فولاد Iron جتي رت صاف ڪري ٿو، اتي اکين کي جلا بخشي ٿو ۽ عمر جي وڌڻ سان اکين تي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪري ٿو.

موسمي بيمارين کان تحفظ ڏيندڙ:
ڄمون ۾ وٽامن سي ڪافي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي جنھن ڪري ھن جو استعمال جسم ۽ دفاعي نظام کي عام موسمي مرضن کان بچائي ٿو.

دل کي مرضن کان تحفظ ڏيندڙ:
100 گرام ڄمون ۾ 55 سيڪڙو پوٺو Potassium موجود ٿئي ٿي جيڪو دل لاء ازحد مفيد آھي ڇوجو ھي دل جي بيمارين سان گڏ فالڄ ۽ رت جو چاڙھ جھڙين بيمارين کي قابو پائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھن ۾ پوٺي Potassium جي مناسب مقدار ٿئي ٿو جيڪو دل جي مرضن ۾ مفيد آھي. ھي رت جي چاڙھ کي روڪي ٿو ۔ فالڄ کان بچائي ٿو ۽ دل جي دوري جي خطري کي گهٽ ڪري ٿي.

شڳر کي روڪيندڙ:
ڄمون شڳر Sugar جي علامتن کي روڪي ٿو خاص طور تي پيشاب وڌيڪ اچڻ ۽ وڌيڪ پياس لڳڻ جھڙين علامتن کي قابو ۾ رکي ٿو ۔ جسم ۾ شڳر جي حد کي وچٿرو رکي ٿو. ڄمون جا گورا شڳر تي بھترين اثر ڇڏين ٿا. ھن ۾ موجود جزا شڳر تي ضابطو رکن ٿا. سائنسي تحقيق مطابق ڄمون مٺ Glucose جي حد کي گهٽ ڪرڻ وارو ڦل آھي. ھن ۾ موجود ٻوھرا Flavonoids اھڙن اثرن وارا ٿين ٿا جو نسول Insulin جي مزاحمت جي خلاف ڪم ڪن ٿا ۽ جسم ۾ نسول جي حساسيت وڌائن ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment