Wednesday, 18 March 2020

ڪرونا وائرس ھڪ عالمي وبا Corona virus as pandemic 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪورونا وائرس جيڪو ڊسمبر کان شروع ٿيو، ھاڻي وبائي صورت اختيار ڪري اڪثر دنيا جي ملڪن ۾ پکيڙ ڪري رھيو آھي. سمجهيو وڃي ٿو تہ ھي وائرس پھرين چمڙي کان ڪنھن مماليا جانور پينگولين ۾ منتقل ٿيو ۽ پوء ووھان پھتو جنھن کان پوء ھي انسانن ۾ منتقل ٿيو ۽ انسان در انسان نفوذ ڪرڻ لڳو.
جڏھن ڪرونا جو متاثر ماڻهو نڇ ڏئي ٿو يا کنگهي ٿو تہ وات يا نڪ مان ڦھنگون خارج ٿين ٿيون جيڪي نڪ ۔ اک يا وات ذريعي ٻين ماڻهن ۾ منتقل ٿي وائرس کي پکيڙن ٿيون.
ھي وائرس فلو وانگر ھڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو کي متاثر ڪري ٿو جنھن جي ڪري ھي تيزي سان پکڙجي رھيو آھي. ائين ڏسڻ ۾ آيو آھي تہ ڪي صحتمند ماڻهو نظر پئي آيا پر انهن ھن وائرس کي پکيڙيو. نتيجن مان معلوم ٿيو آھي تہ 99 سيڪڙو مريضن کي تيز بخار ٿيو جڏھن تہ 50 سيڪڙو مريضن کي ٿڪ ۔ خشڪ کنگھ ۽ 33 سيڪڙو ماڻهن کي مشڪن ۾ درد ۽ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿي.

ڪرونا قدرتي وبا:
ڪرونا وائرس جي حوالي سان ڪجھ ملڪن ۾ شڪ شبھا ظاھر ڪن ٿا تہ ھي ليباريٽري ۾ انسانن جو تيار ڪيل آھي. سائنسدانن ھن کي رد ڪيو آھي.
نئين ڪرونا وائرس ۽ ڄڻوٺي سلسلياتي انگ اکر Genome sequence data جي جائزي وٺڻ کان پوء سائنسدانن چيو آھي تہ اھڙيون شاھديون ناھن مليون تہ وائرس کي ليباريٽري ۾ ٺاھيو ويو آھي.
جريدي جنرل نيچر ميڊيسن ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ سائنسدانن مطابق ڪرونا وائرس جي قسمن مان دستياب ٿيل ڄڻوٺي سلسلي Genome sequence جي ڀيٽ ڪرڻ کان پوء اھي ھن نتيجي تي پھتا آھن تہ ھي ڪرونا وائرس قدرتي عمل جو نتيجو آھي.
ھن تحقيق ۾ آمريڪا جي اسڪريپس ريسرچ سينٽر ۔ آسٽريليا جي سڊني يونيورسٽي ۔ ايڊنبرگ يونيورسٽي ۔ ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ تولين يونيورسٽي جا سائنسدان شامل آھن.
ڪرونا وائرس اھڙن جراثيمن جي خاندان سان واسطو رکن ٿا جيڪي مختلف نمونن  جي مرض جو سبب بنجن ٿا ۽ ان حوالي سان سڀ کان پھريون وائرس 2003 ظاھر ٿيڻ وارو سارس ھيو جنھن کان چين ۾ وبا جي شروعات ٿي.
ھن نسل جي وائرس جي ٻي وڏي وبا 2012ع ۾ سعودي عرب ۾ پکڙجڻ سان شروع ٿي.
گذريل 31 ڊسمبر تي چيني حڪومت عالمي اداري صحت کي نوول ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کان آگاھ ڪيو جنھن کي 20 فبروري 2020ع سارس ڪوو 2 جو نالو ڏنو ويو جڏھن تہ ھن کان ٿيڻ واري بيماري کي ڪووڊ 19 جو نالو ڏنو ويو.
ھن وائرس جي ڪري دنيا ڀر ۾ 2 لک ماڻهو متاثر ٿيا آھن جڏھن تہ 8 ھزار ماڻهو مري چڪا آھن.
ھن وبا جي پکڙجڻ سان ئي چيني سائنسدانن ھن وائرس جو ڄڻوٺي سلسلياتي انگ اکر Genome sequence data تيار ڪيو ۽ ان کي سڄي دنيا ۾ پھچايو.
ھن تحقيق ۾ سائنسدانن تحقيقي ادارن سان گڏ  ڄڻوٺي سلسلياتي انگ اکر Genome sequence data جي کوج سان ان جي بنياد ۽ ارتقا کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن لاء وائرس جي ڪيترن نمايان نقشن تي توجھ ڏني وئي.
سائنسدانن وائرس جي سنگي پروٽين Spike protein سميت مختلف حصن جو تجزيو ڪيو ۽ دريافت ڪيو تہ سنگي پروٽينن Spike protein ۾ موجود آر بي ڊي پورشن انساني گهرڙن کان ٻاھر موجود رسيپٽر ايس 2 Receptor S2 کي موثر طريقي سان نشانو بنائي ٿو.
سنگي پروٽين Spike protein اھڙي موثر طريقي سان انساني گهرڙن کي جڪڙي ٿو جو سائنسدانن مطابق ھي وائرس انسان جي جوڙ يا ايجاد ٿي نٿو سگهي.
ھن وائرس جي قدرتي ھجڻ جو ثبوت ھن جي مجموعي ماليڪيولي جوڙجڪ آھي. جيڪڏھن ڪو ھڪ وائرس کي جينياتي طور تي تبديل ڪري تہ اھو ان جي ڪرنگهي جي ھڏي جي تعمير ڪندو جو وائرس جي طرف کان مرض پکيڙڻ جو ذريعو آھي پر ھن مرض ۾ وائرس جي ڪرنگهي جي ھڏي جو نمونو چمڙن ۽ پينگولين ۾ پاتل وائرسن سان ملي جلي ٿو.
سائنسدانن مطابق وائرس جا 2 نقش نمونا سنگي پروٽين Spike protein جو آر بي ڊي پورشن ۽ ان جي ڪرنگهي جي ھڏي ليباريٽري ۾ ڪئي ويندڙ جوڙ جي خيال کي رد ڪن ٿا. ھي وائرس قدرتي ارتقا جو نتيجو آھي ۽ انسانن جي قياس آراين جو ھاڻي خاتمو ٿيڻ کپي.

علامتون:
زڪام ۔ کنگھ ۔ ڳلي جي سوزش ۔ بخار ھي اھي علامتون آھن جيڪي مريض ۾ ظاھر ٿين ٿيون. ھي علامتون عام ٿين ٿيون جيڪي ڪرونا وائرس سان بہ واسطو رکي سگهن ٿيون ان ڪري سڃاڻپ ڏکي ھوندي آھي. ڪرونا وائرس جي ڪا خاص نشاني نہ ھوندي آھي جنھن مان ھن وائرس جي سڃاڻپ ڪري سگهجي.
ڪرونا وائرس جون مخصوص علامتون
بخار
خشڪ کنگھ
ساھ ۾ تڪليف
پٺاڙن۾ درد
ٿڪ
توانائي جي کوٽ
غير معمولي حالتون
بلغمي ٿڪ
مٿي جو سور
کنگھ ۾ خون
دست
ڊائريا
عام طور تي ٿڌ لڳڻ جو علامتون
زڪام 
ڳلي ۾ درد
جيڪڏھن ساھ جي نالي جي مٿان ڳلي ۾ ڇوت آھي تہ ھي عام طور تي ٿڌ لڳڻ جي علامت آھي.
جيڪڏھن نڪ وھي رھيو آھي ۽ نڇون اچي رھيون آھن تہ ھي عام زڪام آھي.
ڪرونا وائرس ساھ جي نلي جي ھيٺئين حصي کي متاثر ڪري ٿو، اھو ئي سبب آھي جو ڪرونا ساھ جي نالي جي ھيٺئين حصي کي متاثر ڪري ٿو جنھن ڪري مريض کي خشڪ کنگھ سان گڏ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ڪرونا جي متاثر مريضن کي ڦڦڙن جي ڇوت ٿئي ٿي نڪي ڳلي جي ڇوت.
ڪورونا وائرس اکين جي ذريعي بہ ڦھلجي ٿو۔ جيڪڏهن ڪورونا وائرس کان متاثر مريض  ڀرسان کنگهي ۽ ڀلي توهان جو نڪ ۽ وات ماسڪ يا ڪپڙي سان ڍڪيل هجي تڏهن بہ ڪورونا وائرس توهان جي اکين ۾ لڳل ڦھنگن Droplets جي ذريعي لڳي سگهي ٿو۔ اڪثر ڊاڪٽر ۽ نرسون ڪورونا وائرس کان انهيء ريت متاثر ٿيا آهن۔
پنھنجي گهران نڪرڻ کان پوء وات نڪ يا اکين ۾ تيسيتائين هٿ نہ هڻجي جيسيتائين پنھنجا هٿ صابڻ يا آبصافي Sanitiser سان صاف ٿيل نہ هجن۔

ڪرونا جي نفوذيت:
جڏھن وائرس جسم ۾ نفوذيت ڪري ٿو تہ پھرين ھي جسم جي گهرڙن تائين رسائي حاصل ڪري جسم کي ھٿ وس ڪري ٿو.
ڪورونا وائرس جنھن کي ڪووي۔2 ڏيو وڃي ٿو، اھو جسم تي حملو ڪندي ساھ ذريعي ساھ جي رڳن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ڦڦڙن کي نمونيا ڏيئي ساھ جي نظام کي متاثر ڪري ٿو.
ھي وائرس سڀ کان پھرين ڳلي ۔ ساھ جي نلي ۽ ڦڦڙن ۾ پھچي ٿو ۽ ڦڦڙن کي وائرسي فيڪٽري ۾ تبديل ڪري ٿو جيڪي وڌيڪ وائرس پيدا ڪري وڌيڪ گهرڙن کي متاثر ڪري ٿي.
پھرئين مرحلي ۾ ماڻهو بيمار نٿو ٿئي ۽ علامتون اڳتي ھلي ظاھر ٿين ٿيون. ھي وائرس ڇوت پکيڙي ٿو. ھن جون علامتون ابتدائي طور تي پنجن ڏينھن ۾ ظاھر ٿي وڃن ٿيون.

ڪيفيتون:

پھريون ڏينھن:
مريض کي بخار ٿئي ٿو گڏوگڏ ٿڪ ۔ مشڪن ۾ درد ۽ خشڪ کنگھ ڪر کڻي ٿي ۽ ڪجھ ماڻهن کي ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ ھيضي ۽ قي جي شڪايت ٿي وڃي ٿي.

پنجون ڏينھن:
ھن مرحلي ۾ مريض کي ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي.

اٺون ڏينھن:
15 سيڪڙو مريضن جي ڦڦڙن ۾ ھي وائرس اچي وڃي ٿا ۔ پس يا پاڻي پيدا ڪري ڦڦڙن کي ڇوت جو شڪار ڪن ٿا اھو مواد ڦڦڙن ۾ ڄمڻ شروع ٿي وڃي ٿو جنھن جي ڪري ڦڦڙن ۾ ھوا ڀرجڻ جو عمل مشڪل ٿئي ٿو ۽ رت جي گردش ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿيڻ لڳي ٿي اي آر ڊي جو ھي عارضو موتمار ٿئي ٿو جڏھن تہ نمونيا جو خطرو گڏ رھي ٿو.

ڏھون ڏينھن:
مريض جي علامتن ۾ شدت اچي ٿي ۽ اھڙو وقت اچي ٿو جو مريض کي آء سي يو ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو اھڙن مريضن جي پيٽ ۾ سور ۽ کاڌي کائڻ جي خواھش ختم ٿيڻ لڳي ٿي تنھن ھوندي بہ گهٽ ماڻهن جي مرڻ جي شرح رھي ٿي ڇوجو ھن وقت ڪورونا وائرس جي شڪار ماڻهن جي موت جي شرح 2 سيڪڙو رھي ٿي.

سترھون ڏينھن:
ھي عرصو آھي جڏھن وائرس جا مريض صحتياب ٿي وڃن ٿا ۽ اسپتال کان گهر واپس ورن ٿا.
ھي وائرس 14 ڏينھن جسم ۾ رھي ٿو ۽ علامتون ظاھر ڪندو رھي ٿو ۽ ماڻهن کي ڇوت ڏيندو رھي ٿو.
جڏھن علامتون ظاھر ٿين ٿيون اھي نمونيا سان ملندڙ جلندڙ ٿين ٿيون پر شدت وڌيڪ ٿئي ٿي جڏھن تہ نمونيا تيزي سان نٿو وڌي.

ڪرونا جا اثر:

ھلڪي ڦلڪي بيماري:
ھن بيماري جا سڀن ماڻهن ۾ ساڳا اثر ۽ نمونا رھن ٿا. ھن وائرس جا ڏھن مان اٺن ماڻهن تي معمولي انفيڪشن رھن ٿا ۽ ڏھن مان ٻن ماڻهن تي شديد ڇوتدار اثر ٿين ٿا. ھن جي بنيادي علامتن ۾ بخار ۔ کنگھ ۽ زڪام شامل آھن. 
جسم ۾ درد ۔ ڳلي ۾ خارش ۽ مٿي ۾ سور جون علامتون اڀري اچن ٿيون پر انهن علامتن جو ظاھر ٿيڻ ضروري ناھي.
جڏھن ھن وائرس جو ڇوت لڳي ٿو تہ جسم ۾ قوت مدافعت طور بخار ۽ ڳرائي اچڻ لڳي ٿي. ھي وائرس حملو ڪري مشڪلون پيدا ڪري ٿو ۽ جسم ۾ سائٽوڪن نالي ڪيميا خارج ڪري اشارا ڏئي ٿو تہ ڪجھ گڙٻڙ ٿي رھي آھي.
ھن وائرس سان ٽڪر کائڻ واسطي سڄو جسم حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو جنھن جي ڪري جسماني درد درد ۔ تڪليف ۔ بخار جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي.
ڪوروناوائرس جي ابتدا ۾ خشڪ کنگھ ٿئي ٿي يعني واتان بلغم نٿو اچي. ھي تحريڪ ڪورونا وائرس طرفان گهرڙن کي متاثر ڪرڻ جي ڪري ٿئي ٿي ۽ بي چيني پيدا ٿيندي رھي ٿي.
ڪجھ ماڻهن کي آخر ۾ گهاٽو بلغم اچڻ لڳي ٿوجنھن ۾ وائرس جي ڪري مرڻ وارا گهرڙا بہ شامل ٿي وڃن ٿا. ھن ڪيفيت ۾ وري وري ٿورو پاڻي پي پاڻ کي بچائي سگهجي ٿو.
ھي مرحلو ھڪ ھفتي تائين جاري رھي ٿو اھي ماڻهو صحتياب ٿين ٿا جيڪي پنھنجي قوت مدافعت سان ھن وائرس جو مقابلو ڪن ٿا ۽ جن ۾ قوت مدافعت گهٽ آھي اھي موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. مشاھدن مان معلوم ٿيو آھي تہ ھن بيماري ۾ سردي جھڙيون علامتون محسوس ٿين ٿيون ۽ زڪام ٿئي ٿو.

ڦڦڙن جو متاثر ٿيڻ:
جڏھن ھي وائرس جسم ۾ نفوذ ڪري ٿو تہ جسم پنھنجي قوت مدافعت ذريعي جلن جا اشارا ڏيڻ شروع ڪري ٿو ۽ پيدا ٿيندڙ سوزش جو اظھار ڪري ٿو. ھي وائرس جسم ۾ عدم توازن پيدا ڪري ٿو جنھن جي ڪري گهڻي جلن يا سوزش پيدا ٿئي ٿي ۽ خبر نٿي پوي تہ ھي سوزش ڇا جي ڪري پيدا ٿي آھي.
ڦڦڙن جي سوزش کي نمونيا سڏجي ٿو. ھي وائرس پھرين ڳلي کي ڇوت جو شڪار ڪري و ۽ پوء ڦڦڙن کي نمونيا جو شڪار ڪري ٿو. ڦڦڙن جي ننڍڙين نالين مان گذري ڦڦڙ جي ٿيلهين ۾ پھچي ٿو. ھي اھا جڳھ آھي جتي آڪسيجن رت ۾ شامل ٿئي ٿي ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ٻاھر خارج ٿئي ٿي پر نمونيا جي حالت ۾ ننڍين ٿيلهين ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو ساھ اکڙڻ لڳي ٿو ۽ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف شروع ٿي وڃي ٿي.
ڪجھ ماڻهن کي ساھڪڻي Ventilator جي ضرورت پوي ٿي. ھي مريض 100 مان 14 سيڪڙو ٿين ٿا.

تشويشناڪ حالت:
ھڪ اندازي مطابق ھن بيماري ۾ مبتلا ماڻهو 100 مان 6 سيڪڙو ٿين ٿا جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وڃي ٿي. ھن وقت جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ موت جا امڪان پيداٿي وڃن ٿا. وري بہ ڳالھ قوت مدافعت تي اچي ٿي جنھن جي ٽٽڻ جي ڪري جسم کي نقصان کائڻ لڳي ٿو.
وائرس جي ڪري هي سيپٽڪ شاڪ ۾ ھليو وڃي ٿو، عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏين ٿا يا ناڪارا ٿي وڃن ٿا. ڦڦڙن ۾ سوزش جي ڪري ساھ کڻڻ ۾ شديد تڪليف ٿئي ٿي ۽ جسم ۾ ضرورت مطابق آڪسيجن نٿي پھچي. ان ڪري بڪين ۾ صفائي ڪرڻ جو عمل رڪجي وڃي ٿو ۽ آنڊن جا تھ خراب ٿي وڃن ٿا. ھي ڇوت ايتري سوزشدار ٿئي جو جو ماڻهن جو دم ٽٽڻ لڳي ٿو ۽ عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا.
جڏھن مدافعتي نظام ھن وائرس تي قابو نٿو پائي تہ ھي جسم جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وڌيڪ نقصان ڏئي ٿو. ھن ۾ علاج سخت قسم جو ٿئي ٿو جنھن ۾ اي سي ايم يعني ايڪسٽرا ڪورپوريئل ميمبرين آڪسيجنيشن شامل آھي.
ھي مصنوعي ڦڦڙ ٿئي ٿو جيڪو ٿلهين ٿلهين نلين سان رت جسم مان ڪڍي ٿو ۽ انهن ۾ آڪسيجن ڀري واپس جسم ۾ وجهي ٿو پر نيٺ نقصان موت تائين پھچي ٿو ۽ عضوا جسم کي زندھ رکڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا.

ابتدائي موت:
جيڪي ماڻهو سگريٽ پيئن ٿا ھي وائرس انهن کي جلدي موت جو شڪار ڪري ٿو ڇوجو انهن جا ڦڦڙ ڪمزور ٿين ٿا.
ھي وائرس ننڍن ٻارن ۽ پوڙھن کي جلدي ڇوت جو شڪار ڪري ٿو ڇوجو انهن جا ڦڦڙ ڪمزور ٿين ٿا. اھي جلدي نمونيا جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ موت انهن مٿان لامارا ڏيڻ لڳي ٿي ۽ انهن جو رت جو داٻ گهٽجي وڃي ٿو.

ڪرونا ۽ مرداني طاقت:
ڪرونا صرف گهرڙن ۾ پھچ نٿو ڪري پر اڇن گهرڙن ۾ نفوذيت ڪري انهن ۾ پس پيدا ڪري خصين کي ناڪارا ڪري مرداني طاقت ختم ڪري ٿو نہ فقط ايترو سڄي جسم جي ڪار وھنوار کي متاثر ڪري ٿو.

خيال رکڻ جون ڳالهيون:
گهڻن مريضن ۾ ڪورونا وائرس جون علامتون ۽ زڪام جون علامتون ساڳيون ٿين ٿيون. سائنسي تحقيق مطابق ھي وائرس جسم ۾ 14 ڏينھن رھي سگهي ٿو ۽ ان کان پوء علامتون ظاھر ٿين ٿيون. جيڪڏھن توھان کي شڪ آھي تہ ڊاڪٽر کي ڏيکارجي ۽ بلغم ذريعي ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرائجي.

ڪرونا وائرس جو رھڻ:
ڪرونا وائرس جڏھن شين تي لڳي ٿو تہ اھو اتي موجودگي ڏيکاري ماڻهن کي ڇوت ڏيندو رھي ٿو. اسان کي نوٽ رکڻ کپي تہ
ڪرونا ھوا ۾ 3 ڪلاڪ رھي ٿو.
ٽامي تي 4 ڪلاڪ رھي ٿو.
ڪارڊ بورڊ تي 24 ڪلاڪ رھي ٿو.
پلاسٽڪ تي 2 يا 3 ڏينھن رھي ٿو.
اسٽيل تي 2 کان 3 ڏينھن رھي ٿو.

ماسڪ:
ماسڪ پائڻ سان ڪرونا وائرس جو رڪجڻ ناممڪن آھي باقي جنھن کي ڪرونا وائرس لڳل آھي، ان کي ماسڪ پائڻ کپي. ڪرونا وائرس اڏري نٿو سگهي. ھي وائرس زڪام جي ڦھنگن ۔ نڇن ۔ ھٿ سان ڇھڻ ۔ نوٽن کي ڇھڻ ۔ پلاسٽڪ جي شين کي ڇھڻ ۔ ھوٽل جي ڪوپن مان چانھن پيئڻ ۔ دڪانن جي پليٽن تي سموسا کائڻ سان لڳي سگهي ٿو. بھتر آھي تہ ميڙاڪن کان پري رھجي. ڪرونا جي مريضن کان دوري رکجي. سٺي طريقي سان صابڻ سان ھٿ ڌوتا وڃن.

انساني ڦوڳ ۾ ڪرونا جي موجودگي:
چائنيز فار ڊزيزز ڪنٽرول اينڊ پروينٽيشن جي تحقيق مطابق ھي وائرس انساني ڦوڳ ۾ بہ پاتو ويو جتان ھي وائرس ماڻهن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو.

ڪرونا وائرس کان بچڻ جا طريقا:

ڪرونا وائرس کان بچڻ جو بھترين طريقو قوت مدافعت وڌائڻ آھي. جنھن ماڻهو ۾ قوت مدافعت آھي اھو ڪرونا جي اثر کي زائل ڪري سگهي ٿو. جسم ۾ قوت مدافعت ھوندي تہ ڦڦڙ جو نظام مضبوط رھندو ڇوجو ڪرونا وائرس جو پھرين حملو ڦڦڙن تي ٿيندو آھي.

(1) رات جو ننڊ پوري ڪرڻ:
جيڪي ماڻهو رات جو پوري ننڊ ڪن ٿا انهن ۾ ڪافي قوت مدافعت رھي ٿي جيڪا جيڪا ڪرونا جي اثر کي بي اثر ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ موت کان بچائي ٿي.

(2) وٽامن سي جو استعمال ڪرڻ:
وٽامن سي جو استعمال ڪرونا خلاف بھترين مزاحمت ڪري ٿو ۽ ڦڦڙن جي ڪارڪردگي کي بھتر رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. وٽامن سي ۾ نارنگيون ۔ ليما ۔ چقو  ۽ زيتون وغيرھ اچي وڃن ٿا جن کي روزانو جي بنياد تي کائي قوت مدافعت کي وڌائي سگهجي ٿو ۽ ڪرونا جي اثر کي زائل ڪري سگهجي ٿو. ڪوشش ڪري روز ليمي جو شربت پيئڻ کپي.

(3) لولي پولي ۽ نوڊلن وغيرھ کان پرھيز ڪرڻ:
لولي پولي ۽ نوڊل اھي شيون آھي جيڪي ڦڦڙن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪن ٿيون ۽ ڪرونا وائرس جو حملو نقصان پھچائي سگهي ٿو ۽ ڦڦڙن ڪمزور ھئڻ ڪري نقصان پھچائي سگهي ٿو.

(4) ھٿ ڌوئڻ جي عادت وجهڻ:
15 يا 20 منٽن کان پوء پاڻ ۾ ھٿ ڌوئڻ جي عادت وجهجي خاص ڪري مائرون ٻارڙن جا ھٿ ڌوئينديون رھن جو ٻارڙن کي ريچڪو لڳي ۽ راند نموني ھٿ ڌوئيندا رھن ۽ ڪرونا کان بچي سگهن ۽ ٻارن کي سمجهائجي تہ نڪ ؤ منھن ۽ وات کي ھٿ نہ ھڻن.

(5) پيراسٽامول يا شربت جو استعمال ڪرڻ:
جيڪڏھن ڪرونا جو وائرس لڳي وڃي ٿو ۽ بخار جي شدت وڌي ٿي تہ پيراسٽامول شربت يا ٽڪي کائي بخار جي گرمي پد کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪجي. ھي علاج احتياط ۾ شامل آھي نڪي علاج ۾. ان کان سوا ٻيو ڪوبہ حل ناھي. قوت مدافعت وارو مريض آھستي آھستي صحت ماڻي ويندو.

(6) صاف ھوا ۽ پاڻي:
ڪورونا وائرس جو ڪوبہ علاج موجود ڪونهي۔ اصل ۾ ڪورونا وائرس کي ڪنھن بہ علاج جي ضرورت ڪونهي۔ بس مريض کي چوڏهن ڏينهن صاف ڪمري ۾ صاف هوا ۽ صاف پاڻيء سان گڏ صرف بخار جي دوا گهربل آهي باقي تازو فروٽ سندس قوت مدافعت بھتر ڪندو۔ صرف ڪجھ مريضن کي اسپتال جي جديد سھولتن جي ضرورت پوندي آهي جن جي قوت مدافعت ڪمزور هجي جيڪي پھريان ئي ڪنھن بيماريء ۾ ورتل هجن.

(7) ھٿ ڌوئڻ ضروري:
ڪرونا جو نفوذ اک ۔ نڪ ۽ وات ذريعي ٿئي ٿو. کنگهڻ ۽ نڇ سان ھي وائرس اک ۔ ڪن ۽ وات ۾ پھچي وڃن ٿا. ٻيو وائرسن جي نفوذ جو وڏو سبب ھٿ ملائڻ آھي. جڏھن ڪرونا وارو مريض نڪ يا وات کي ھٿ لائي ٿو تہ وائرس سندس ھٿن کي چنبڙي وڃن ٿا ۽ ھٿ ملائڻ سان ھي وائرس ٻين ۾ منتقل ٿيندو رھي ٿو ان ڪري صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ ضروري آھن ڇوجو ھٿن تي ھي وائرس ڪافي وقت رھي ٿو.
ڪرونا وائرس جينياتي مواد جو پيڪٽ ٿئي ٿو ۽ ان جي چوطرف  پروٽين يا چرٻي Lipid جو خول ٿئي ٿو جيڪو ان جينياتي مواد کي محفوظ رکي ٿو. وائرسن ۾ ڪجھ اھڙا پروٽين ٿين ٿا جيڪي گهرڙن کي پاڻ سان ملائن ٿا. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ وائرس خود زندھ رھي نٿا سگهن ڇوجو ھو پنھنجي ڪاپي بنائي سگهن ٿا. ان ڪري گهرڙن ۾ داخل ٿي گهرڙن جي نقل ڪرڻ واري نظام کي يرغمال ڪن ٿا ۽ پنھنجا نقل ٺاھڻ شروع ڪن ٿا.
 ھٿ ڌوئڻ سان ھٿ آلا ٿي وڃن ٿا نتيجي طور وائرس Viruses ۽ خوردوبا Microbes پاڻي سان وھي وڃن ٿا. ان کان پوء اسان صابڻ لڳايون ٿا ۽ صابڻ جا ماليڪيول ماليڪيولن جي چڪنائي کي ڪٽن ٿا. چڪنائي يعني چرٻن جا ماليڪيول. چرٻن جي ماليڪيولن جي ھڪ خاصيت اھا آھي تہ انهن ماليڪيولن جو ھڪ سرو پاڻي ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو جن کي آبپسندو hydrophilic سڏجي ٿو جڏھن تہ ٻيو سرو پاڻي کان دور ڀڄي ٿو جنھن کي آبھڙو hydrophobic سڏجي ٿو. چرٻن جي ماليڪيولن جي اھا خاصيت وائرس جي چوڌاري چرٻي جي حفاظتي ديوار ٺاھي ٿي يعني چرٻن جا ماليڪيول بلبلو ٺاھن ٿا جن جي ٻاھر کان چرٻن جي ماليڪيول جو سرو ٿئي ٿو جيڪو پاڻي پسند ڪري ٿو ۽ بلبلي جي اندر چرٻن جي ماليڪيولن جو اھو سرو ٿئي ٿو جيڪو پاڻي کان ڊڄي ٿو.
جڏھن چرٻن جي ماليڪيولن سان صابڻ جا ماليڪيول ملن ٿا تہ چرٻن جا ماليڪيول صابڻ جي مليڪيولن سان ميل جول ڪن ٿا جنھن جي ڪري وائرسن جي چوڌاري چرٻن جي ماليڪيولن جو ٺھيل خول ٽٽي پوي ٿو. اھڙي طرح وائرسن جو جينياتي مواد پنھنجي نقل ڪاپي ٺاھڻ جي قابل نٿو رھي ۽ وائرس ناڪارا ٿي وڃي ٿو. جڏھن توھان ھٿن کي صابڻ لڳائي پاڻي سان ڌويو ٿا تہ ھي جينياتي مواد پاڻي سان وھي وڃي ٿو. اھڙي طرح ھي وائرس بيمار ڪرڻ جي قابل نٿو رھي.
جيڪڏھن صابڻ ناھي تہ آبصافي hand sanitizer استعمال ڪرڻ سان وائرس جو خول ٽٽي پوي ٿو. آبصافي ۾ الڪوحل ٿئي ٿو ۽ الڪوحل جو ماليڪيول وائرس جي چوڌاري ڀت کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا ۽ وائرسن جو جينياتي مواد ضايع ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن آبصافي hand sanitizer ۾ الڪوحل ناھي تہ اھو آبصافو ڪم نہ ڪندو.
ھٿ ڌوئڻ جو طريقو:
صابڻ ھٿن کي ھڻي پاڻي سان جهڳ پيدا ڪجي ۽ 20 سيڪنڊن تائين ھٿن کي ھيٺان ۔ مٿان آڱرين وچان ۽ آڳوٺي کي ھر طرف کان ڌوئجي. ننھن کي چڱي طرح ڌوئجي جيئن ننھن جي سوراخن ۾ وائرس رھجي نہ وڃن.
ھٿن ڌوئڻ کان پوء ٽئال سان انهن کي صاف ۽ خشڪ ڪجي. ٽئال جو صاف ھجڻ ضروري آھي. ٽئال کي روز ڌوئي اس ۾ سڪائجي.
ان کان سوا موب تي آبصافو ھڻي صاف ڪجي جيئن موب تي وائرسن جي رھڻ جو امڪان نہ رھي.

اونهارو ۽ ڪرونا وائرس:
هڪ ڳالھ ميڊيا ۾ بار بار اچي ٿي تہ ڪورونا وائرس سخت گرمي يا 25 ڊگري سينٽيگريڊ گرمي کان مٿي خود بہ خود مري ويندو ۽ وڌيڪ نہ ڦھلجندو ۽ ماڻهو اونهاري جي اچڻ جو انتظار ڪري رھيا آھن جڏھن تہ اھو مغالطو آھي.
 غور طلب آهي تہ هن وقت دنيا جي ڏکڻ اڌي گولي Southern Hemisphere تي اونهاري جي موسم آهي ۽ اتي گرميء وارا مھينا هلي رهيا آهن پر اتان جي ملڪلن جھڙوڪ آسٽريليا ، ڏکڻ آفريڪا ۽ انهن جي ڀرپاسي واري ملڪن ۾ بہ ڪورانا وائرس پهچي ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ تيزيءسان وچڙندو ٿو وڃي، تنھن ڪري اهڙن مفروضن تي ڌيان نہ ڌرجي، احتياط ڪجي، ميل جول ختم ڪجي، صفائي سٺائي جو خيال ڪجي ۽ ماهرن جي ٻڌايل مشورن تي عمل ڪجي. ياد رکجي تہ احتياط علاج کان افضل آهي.

اپاء:
ميڙاڪن کان پري رھجي.
ھوٽلن جي چانھن ۔ ڀاڄي ماني يا شربت نہ پيئجي يا سموسا نہ کائجن ڇوجو ممڪن آھي آھي تہ ڪوپن ۽ پليٽن کي ڪرونا جي مريض ڇھيو ھجي.
ڪنھن سان ھٿ نہ ملائجي ڇوجو ڪرونا جي پکڙجڻ جو وڏو سبب ھٿ ملائڻ آھي. بھتر آھي تہ ھٿ ٻڌي پري کان سنڌي سلام ڪجي.
گهر ۾ ٻہ دوائون پيراسيٽامول (گوري يا شربت) رکجن. ھي دوا ئي ڪنھن حد تائين ڪورونا وائرس جو علاج آهي.
پنھنجي ھٿن کي وري وري ڌوئجي.
کنگھ ۔ زڪام ۽ نڇ واري ماڻهو کان دوري رکجي.
پنھنجي ھٿن کي صابڻ ۽ پاڻي سان ڌوئڻ جي عادت وجهجي ڇوجو ھٿن جي سطح تي موجود وائرسن جي مرڻ جا امڪان رھن ٿا ۽ ڪرونا وائرس کان تحفظ ملي سگهي ٿو.
عالمي ادري جي رپورٽ مطابق ھن وقت وقت ڪرونا جي پکيڙ جو ڏو سبب ڪرنسي نوٽ آھن جيڪي ھٿ در ھٿ ايندا رھن ٿا ۽ پاڻ ۾ ڪرونا وائرس جمع ڪندا رھن ٿا. ان ڪري ماڻهن کي گذارش آھي تہ نوٽن جي استعمال ڪرڻ کان پوء جلدي ھٿن کي ڌوئن ۽ ھٿ وات ۔ منھن ۽ نڪ کي نہ لڳائن.
کنگهڻ يا نڇن ڏيڻ وقت وات يا منھن تي ٽشو پيپر رکجي ۽ بعد ۾ ٽشو پيپر کي ضايع ڪري ڇڏجي.
پنھنجي گهران نڪرڻ کان پوء وات نڪ يا اکين ۾ تيسيتائين هٿ نہ هڻجي جيسيتائين پنھنجا هٿ صابڻ يا آبصافو Sanitiser سان صاف ٿيل نہ هجن.
جيئن مرض جون نشانيون ظاھر ٿين ڊاڪٽر سان رابطو رکجي ۽ مرض جي تشخيص ڪرائجي.
گڏ کائڻ، پيئڻ، گڏ ويھڻ ۽ هڪ ڪمري ۾ هڪ گاڏيء ۾ تہ ڇا پر اڻڄاڻائيء ۾ ڪنھن مريض جي نڇ يا کنگھ جي ڪري ڪريل پاڻياٺ جي ڪري فرش دروازن ڏاڪڻ يا فرنيچر تي وائرس ڪلاڪن کان ڏينھن تائين جيئرو رهي ٿو.
ٽي بي ۽ شڳر وارن ماڻهن کي وڌ ۾ پنھنجو خيال رکڻ کپي ۽ ميڙاڪن کان پري رھڻ کپي ڇوجو ڪرونا وائرس انهن کي جلدي نقصان پھچائي سگهي ٿو.

Monday, 9 March 2020

پيرن جي سوڄ Swollen feet 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پير اھي ٿنڀ آھن جن تي جسم جي عمارت ۔ ھلڻ چلڻ ۽ بيھڻ جو بنياد قائم آھي. پير جسم جو پورو بوجھ کڻي، زندگي جي سفر کي روان دوان رکن ٿا. جيڪڏھن جسم ۾ ڪا تڪليف ٿئي ٿي تہ ان جو علامتون پيرن تي ظاھر ٿين ٿيون ۽ انهن علامتن جو اظھار ڪڏھن پيرن تي سوڄ جي صورت ۾ ظاھر ٿي سگهي ٿو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ لڳاتار بيھڻ سان پيرن تي سوڄ ناھي ٿيندي پر ڪي عارضا ھوندا آھن جن جي ڪري پير سوڄ جي وٺ ۾ اچن ٿا. پيرن جي سوڄ ڇو ٿي ٿئي انهي جا سبب بيان ڪجن ٿا.

بڪين جي خرابي:
بڪيون انسان جي ڇاڻي آھن جيڪي جسم جي زھريلن مادن کي ڇاڻي جسم مان خارج ڪن ٿيون پر ڪڏھن ڪڏھن پٿري يا ٻئي ڇوت جي ڪري بڪيون صحيح نموني ڪم نہ ٿيون ڪن ۽ زھريلا مادا انهن ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ اھا خرابي پيرن جي سوڄ جو سبب بنجي ٿي.

جگر جي خرابي:
انساني جسم ۾ جگر کي اھم حيثيت حاصل آھي. جگر جي تڪليف ۾ پھرين بخار اچي ٿو، پوء بخار ختم ٿي وڃي ٿو پر جگر جي خرابي جي ڪري پيٽ ۽ پيرن تي سوڄ اچي وڃي ٿي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ڄڻ انهن ۾ پاڻي ڀرجي ويو ھجي.

رت جو چاڙھ:
رت جو چاڙھ اھا لڪل بيماري آھي جيڪا انسان جي دل ۔ بڪين ۽ جيري کي متاثر ڪرڻ جو سبب بنجي ٿي. لڳاتار رت جو چاڙھ مستقل پيرن جي سوڄ جو سبب ٿئي ٿو.

شڳر:
شڳر جي ڪري پيرن جون شريانيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون جنھن جي ڪري پيرن ۾ رت جي پھچ متاثر ٿئي ٿي ۽ رت جي کوٽ جي ڪري پيرن تي سوڄ اچي وڃي ٿي.

دل جا مرض:
دل جي ڪنھن بہ بيماري جي اچڻ جي ڪري دل جي رت جو جسم جي حصن ۾ پھچڻ ۾ ڪجھ مشڪل ٿي وڃي ٿو. پير جسم جي ھيٺئين طرف ٿين ٿا، انهن تائين رت جي پھچ متاثر ٿئي ٿي ۽ سوڄ شروع ٿي وڃي ٿي.

رت جو گهاٽو ٿيڻ:
پيرن يا ھٿن تي سوڄ جو مطلب رت جي گهاٽي ٿيڻ جي علامت آھي. رت جي گهاٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيرن تائين رت جي رسد بند ٿي وڃي ٿي ۽ رت ھڪ ھنڌ جمع ٿيڻ شروع ڪري ٿو ۽ رت جا ڳوڙھا ٺھڻ شروع ٿي وڃن ٿا، ٽنگون ۽ پير سڄي وڃن ٿا ۽ گڏ درد شروع ٿي وڃي ٿي.

سنڌن جا مرض:
سوڄ پھرين پيرن جي آڱوٺن کان شروع ٿي وڃي ٿي نتيجو پس تيزاب Uric acid جو پيدا ٿيڻ آھي. طبي ماھرن مطابق ھي سور ايترو درديلو ھوندو آھي جو ڄڻ ھڏيون ٽٽنديون رھن ٿيون. عام طور تي ھي سور آڌي رات جو شروع ٿئي ٿو ۽ ايترو شديد جو ماڻھو پاسو ورائي نٿو سگهي. آڱوٺا ڳاڙھا ۔ گرم ۽ سوڄ ڪن ٿا جيتوڻيڪ ھي سور ڪجھ ھفتن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو پر ان جو مادو ھڏن ۽ پيرن کي خراب ڪندو رھي ٿو.

دل جي خرابي:
اڪثر ڪري پيرن جي سڄڻ جي ھڪ نشاني دل جو ٺيڪ نموني ڪم ڪرڻ ناھي ۽ رت جي رسد کي ٺيڪ نموني پھچائڻ ناھي نتيجي طور رت واپس رڳن ڏي پلٽجي ٿو. ھن مرض ۾ جيڪڏھن پير کاٻو سڄي ٿو، ان جو مطلب دل جو کاٻو پاسو خراب آھي ۽ اھڙي نموني جيڪڏھن پير ساڄو سڄي ٿو، ان جو مطلب دل جو ساڄو پاسو خراب آھي.

ڇوت لڳڻ:
ڇوت لڳڻ جي ڪري پير سڄن ٿا، اھڙي صورت ۾ پير ڳاڙھا ۔ گرم  ٿين ٿا ۽ سڙن ٿا. شڳر ۽ شريانين جي مرض ۾ ڇوت جو خطرو وڌيڪ رھي ٿو ۽ ڪھڙي بہ قسم جي ڇوت جسم ۾ رت جي گهٽ وھڪ دوران جنم وٺي ٿي ۽ پير سڄي پون ٿا.

Friday, 6 March 2020

مِٺاڄو Glycan 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اھو گهڻ مِٺاستي جو ھڪ ٻيو اصطلاح آھي. مِٺاڄو مفت خورن ھٿان آزاد ٿي انهن کي جسم جي مدافعتي نظام مان نڪرڻ جي مدد ڪري ٿو.
اصطلاح مِٺاڄو ۽ گهڻمِٺاستو IUPAC جي ھم معنا طور بيان ڪري سگهجي ٿو جنھن جو مطلب بيھي ٿو.
“مِٺوخاڻ نموني ڪڙيل يڪ مٺاستن جي وڏي نمبر تي مشتمل مرڪب“
مِٺاڄو کي متضاد جيوحياتياتي ڪارج آھن جيڪي انهن جي ناڀ تيزابن ۽ پروٽينن کان مختلف ٿين ٿا. مِٺاڄا مِٺاستا آھن جيڪي خامري مرحلي ذريعي حياتياتي ماليڪيولن جي مختلف نمونن سان ملي سگهن ٿا جنھن (مرحلي) کي انهن جي ڪارج کي وڌائڻ واري مِٺوخيت (انگوري کنڊ ٺھڻ جو عمل) سڏجي ٿو.
It is another term for polysaccharide.
"Glycan is released by parasites to help them evade the body's immune system"
The terms glycan and polysaccharide are defined by IUPAC as synonyms meaning "compounds consisting of a large number of monosaccharides linked glycosidically".
Glycans have diverse biological functions that are distinct from those of nucleic acids and proteins.
Glycans are saccharides that can be attached to a wide variety of biological molecules through an enzymatic process called glycosylation to augment their function.

Polysaccharide گهڻمِٺاستو

مِٺاڄو ۔ ميٺاڄو  Glycan

Parasites   مفت خورا

مدافعتي نظام Immune system

IUPAC = international union of pure and applied chemistry
نج ۽ لاڳو ڪيميا جي عالمي جماعت

مرڪب   Compounds

Monosaccharides يڪ مِٺاستا

مِٺوخيت نموني  Glycosidically

Biological    حياتياتي

ڪارج    Functions

Diverse  متضاد ۔ ابتڙ

مختلف     Distinct

Nucleic acids  ناڀ تيزاب

مِٺاستا  Saccharides

Biological molecules
حياتياتي ماليڪيول

Variety مختلف نمونن

Enzymatic process   خامري مرحلو

Glycosylation
مِٺوخيت ۔ ميٺوخيت ۔ مِٺوخاڻ ۔ ميٺوخاڻ ۔ انگوري کنڊ ٺھڻ جو عمل - انگوري نشاستي ٺھڻ جو عمل

Glycosylation to augment function
ڪارج کي وڌائڻ واري مِٺوخيت (ميٺوخيت)

ھمو ماليڪيول HMO Molecules 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
انساني ٿڻي گهڻ۔مِٺاستا HMO کنڊ جا ماليڪيول آھن جيڪي گهڻ مٺاستي گروپ جا حصو آھن جيڪي خاص ڪري انساني ٿڻي کير ۾ وڏن تغيرن سان ملن ٿا.
Human milk oligosaccharides HMO are sugar molecules, that are part of the oligosaccharides group and which can be found in high concentrations exclusively in human breast milk.

Human milk oligosaccharides - HMO - Human milk oligosaccharides molecule - HMO Molecule
انساني کيري گهڻ۔مِٺاستا - ھمو - انساني کيري گهڻ۔مٺاستي ماليڪيول - ھمو ماليڪيول

Human milk oligosaccharides
انساني کيري گهڻ۔مِٺاستا

Human milk oligosaccharides molecule
انساني کيري گهڻ۔مِٺاستي ماليڪيول

Oligosaccharides  گهڻ۔مٺاستا

تغيرن ۔ تبديلين Concentrations

Human breast milk  انساني ٿڻي کير

سَرجيسو Progesterone 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سَرجيسو جِسمانجهو چَرٻيرو ۽ سَرجيڻو جِنسي حَرڪيرو آھي جيڪو ماھواري جي ڦيري ۔ حمل ۔ انساني ڳَڀيَت ۽ ٻين جنسن ۾ ملوث ٿئي ٿو. اھو چَرٻير حرڪيرن جي سٿ سان واسطو رکي ٿو جنھن کي سَرجيڻا سڏجي ٿو. اھو جسم جي سَرجيڻن ۾  اھم سَرجيڻو آھي. سَرجيسا جن کي ڪڏھن ڪڏھن سَرجيڻا يا سَرکا لکجي ٿو، اھي پَتِير حرڪن جا درجا آھن جيڪي سرجيسي موصولي سان ٻڌل آھن ۽ سرجيسي وصولي کي سرگرم ڪن ٿا. سرجيسو جسم ۾ ھڪ ھڪ خاص ۽ گهڻو تڻو اھم سرجيڻو آھي
Progesterone is an endogenous steroid and progestogen sex hormone involved in the menstrual cycle, pregnancy, and embryogenesis of humans and other species. It belongs to a group of steroid hormones called the progestogens. It is the major progestogen in the body.
Progestogens, also sometimes written progestagens or gestagens, are a class of steroid hormones that bind to and activate the progesterone receptor. Progesterone is the major and most important progestogen in the body.

Progesterone  سَرجيسو

سَرجيڻو   Progestogen

Gestagen   سَرکو

Progesterone ۔ Progestagen ۔ Gestagens
سَرجيسو ۔ سَرجيڻو ۔ سَرکو

Progesterones  سَرجيسا

سَرجيڻا   Progestogens

Gestagens   سَرکا

Progesterones ۔ Progestagens ۔ Gestagens
سَرجيسا ۔ سَرجيڻا ۔ سَرکا

Endogenous جِسمانجهو ۔ جسم جي اندر وارو

Endogenous steroid
جِسمانجهو چَرٻيرو ۔ جِسمانجهو پَتيرو ۔ اندروني جسم وارو چرٻيرو ۔ اندروني جسم وارو پتيرو

Progestogen sex hormone
سَرجيڻي جنسي حرڪيرو

Menstrual cycle ماھواري وارو ڦيرو ۔ ماھوار ڦيرو

Pregnancy  پيٽ ۔ حمل

ڳَڀيَت ۔ ڳَڀڪارِيَت   Embryogenesis

Steroid hormones
پَتِيرا - چرٻيرا - پَتير حرڪيرا ۔ چَرٻير حرڪيرا

Steroid hormones
پَتِيرو - چرٻيرو - پَتير حرڪيرو ۔ چَرٻير حرڪيرو

Progesterone receptor
سرجيڻي وصولو ۔ سرجيڻي وصولو

کِيراسو Prolactin 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
کِيراسو ھڪ حرڪيرو آھي جيڪو جيڪو جسم کي ٿڻي کير ٺاھڻ لاء چوي ٿو جڏھن ڪو شخص حامل يا ٿڃ ڌارائيندڙ ھجي. کِيراسي جي اپت جهاڳ غدود ۾ پيدا ٿئي ٿي. اھي جيڪي حامل يا ٿڃ ڌارائيندڙ ناھن اتي جسم ۾ کِيراسي جون فقط ٻہ سطحون آھن.
Prolactin is the hormone that tells the body to make breast milk when a person is pregnant or breast-feeding. Production of prolactin takes place in the pituitary gland. For those who are not pregnant or breast-feeding, there are only low levels of prolactin in the body.

Prolactin  کِيراسو

حَرڪيرو ۔ رَسُوبو ۔ رَسُوپو Hormone

Pregnant  حامل ۔ پيٽ سان

ٿڃ ڌارائيندڙ   Breast-feeding

Pituitary gland  جهاڳ غدود ۔ جهوڳ غدود ۔ جهڳ غدود

Monday, 2 March 2020

نارنگي Orange 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
دنيا جو سڀ کان بھترين ميوو نارنگي حرارن ۾ گهٽ ۽ وٽامنن سان مالا مال آھي گڏ گڏ ذائقي سان ڀرپور آھي.
نارنگي مالٽي جو قسم آھي. ھر دل کي خوب وڻي ٿو ۽ سڀ کان وڪرو ٿيندڙ ميوو آھي. نارنگي کٽي ٿئي ٿي تہ مٺي بہ.
نارنگي ۾ وٽامن سي موسمي بيمارين ۽ ڇوتن خلاف مزاحمت پيدا ڪري ٿي جيڪا تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ٿي جيڪي ڪينسر جو سبب ٿين ٿا.
نارنگي ۾ قدرتي طور تي وٽامن سي Vitamin C ۔ نشاستو Carbohydrate ۔ تاندور Fiber ۔ وٽامن اي Vitamin A ۔ ڇلوٺ Thiamin ۔ گنڌوڻ Phosphat ۔ پنوٺو Folate ۔ ٽامو Copper ۔ ٻوھرو Flavonoid ۽ پوٽيشم Potassium شامل ٿين ٿا. ھن ۾ بي شمار فائدا ٿين ٿا. ھي فرحت بخش ٿئي ٿي. نارنگي کي سياري جو ميون ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھن جو رس ۔ ھن جون ڦاڪون ۽ ھن جي کل سڀ صحت لاء بھترين آھن. نارنگي نظر کي تيز ڪري ٿي. ھن ۾ موجود وٽامن اي ۽ پوٽيشم اکين جي جوت وڌائن ٿا ۽ اکين جي ھيٺان ڪارا ٽڪا ختم ڪن ٿا. نارنگي ڊينگي بخار کي ھٽائڻ ۾ مددگار آھي ۽ جسم مان ڊينگي جي زھر کي ڪڍي ٿي. چمڙي جي ماھرن مطابق نارنگي جي کل کي ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري ماکي ۽ کير ۾ ملائي منھن تي مک ڪرڻ سان چھري جي داغ ۽ ڌٻا دور ٿي وڃن ٿا. 
نارنگي ۾ موجود وٽامن سي جسم ۾ مدافعتي سرشتي کي مضبوط ڪري ٿي وٽامن سي کي سانڌ تيزاب Ascorbic acid بہ چئبو آھي. وٽامن سي تڪسيد روڪ Antioxidant طور ڪم ڪري ٿي ۽ تڪسيدي جزن Free radicals کي بنجڻ نٿي ڏئي. ھي تيزاب ڪولاڄن جو اھم جزو آھي ۽ انساني جسم ۾ نون بافتن Tissues جي پيداوار ۾ مدد ڏئي ٿو.

لالپيڻ Lycopene رکندڙ:-
حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لالپيڻ ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لالپيڻ Lycopene ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ڪينسر جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي  ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.

چمڙي ۽ وارن کي تر رکندڙ:-
ھن ميوي ۾ وٽامن سي جي مناسب مقدار جسم جي دفاعي نظام کي مضبوط ڪري ٿي پر ھڪ پروٽين ڪولاڄي Collagen جي مقدار کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪا وارن ۽ چمڙي لاء تمام ضروري آھي. نارنگي ۾ وٽامن سي ڀرپور ھئڻ ڪري ھن ۾ وٽامن اي ٿئي ٿي جيڪا وارن کي تر رکي ٿي.

دماغ کي طاقت ڏيندڙ:-
نارنگي ۾ موجود جز پوٽيشم ۔ وٽامن بي 9 ۽ دافع تڪسيد دماغ لاء مفيد ڄاتا وڃن ٿا. پوٽيشم دماغ طرف رت جي وھڪ جاري رکڻ ۽ اعصابي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. نارنگي ۾ وٽامن بي عمر وڌڻ سان دماغي تنزلي کي روڪي ويسر جھڙي مرض کان بچائي ٿي. ان کان سوا نارنگي ۾ موجود وٽامن بي 6 الٽي ۽ آتن کي روڪي ٿي.

پيٽ وارين عورتن لاء مفيد:-
ھن ۾ موجود وٽامن ۽ پنيرو تيزاب Folic acid حمل دوران فائديمند ثابت ٿين ٿا. پنيري تيزاب جي کوٽ جي ڪري پيدائشي ٻارن جي وزن ۾ کوٽ ٿي وڃي ٿي.

شريانين کي تر رکندڙ:-
نارنگي وٽامن بي 6 ۔ وٽامن سي ۔ پوٽيشم ۽ تاندور ھجڻ ڪري دل جي صحت بھتر رھي ٿي. پوٽيشم جي ڪري رت جي شريانين وھڪ بھتر نموني رھي ٿي. ھن جي کائڻ سان دل جا مرض ۽ فالج جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ۽ موت جو 49 سيڪڙو خطرو گهٽ ٿي وڃي ٿو.

معدي کي مضبوط ڪندڙ:-
نارنگي ۾ تاندورا پاتا وڃن ٿا جيڪي قبضي ۔ بدھضمي ۽ ٻين عارضن جي روڪ ڪن ٿا ۽ معدي جي اصلاح ڪن ٿا.

بي پي کي وچٿرو رکندڙ:-
نارنگي ۾ پوٽيشم رت جي رڳن کي نرم رکي ٿو ۔ رڳن ۾ لچڪ پيدا ڪري ٿو ۔ وھڪ کي يقيني بنائي ٿو ۽ بي پي کي وچٿرو رکي ٿو.

موسمي مرضن سان وڙھندڙ:-
ھن ميوي ۾ موجود وٽامن سي جسماني دفاعي نظام کي بھتر ڪري ٿي ۽ موسمي بيمارين ۽ ڇوتن جي خلاف مزاحمت ڪري ٿي ۽ ناسور Cancer جو سبب ٿيندڙ آزاد آڪسن جو سبب بنجي ٿي.

ڪينسر جي روڪ ڪندڙ:-
نارنگين ۾ موجود تڪسيد روڪ گهرڙن ۽ ڊي اين کي ٽٽڻ کان روڪن ٿا جيڪي ڪينسر جو سبب بنجن ٿا. ڪيترن مطالعن مان معلوم ٿيو آھي تہ نارنگي آنڊن جي ناسور لاء مفد آھي. حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لالپيڻ ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لالپيڻ ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ناسور جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي  ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.

جسم مان زھريلا مادا خارج ڪندڙ:-
نارنگي جي کائڻ سان زھريلا مادا خارج ٿي وڃن ٿا ۔ جسم ۾ رطوبت اچي ٿي ۔ تازگي جو احساس پيدا ٿئي ٿو.

وزن گهٽ ڪندڙ:-
سردين ۾ بغير ڊائيٽ جي صرف نارنگي کائي پنھنجو وزن گهٽ ڪري سگهجي ٿو. نارنگي جسم جون ضرورتون پوريون ڪري بک جو احساس ختم ڪري ٿي ۽ بار بار ٻين شين کائڻ جي تمنا نٿي رھي.

پت Cholesterol گهٽ ڪندڙ:-
نارنگي ۾ سفيڻ Pectin ۽ ليموڻ Lemonene جھڙا جز پت جي سطح کي معمول تي رکن ٿا ۽ وڌڻ کان روڪن ٿا.

بڪين جي مرضن کان حفاظت ڪندڙ:-
نارنگي جو رس جسم ۾ کٽ Citrus جي مقدار ۾ اضافو ڪري ٿو جنھن سان گردن ۾ پٿري جا امڪان گهٽ ٿي وڃن ٿا. روزانو نارنگي کائڻ سان جسم جا ڪيترائي مرض دور ٿي وڃن ٿا.

نزلي زڪام کان دور ڪندڙ:-
نارنگي کٽي ھئڻ ڪري نزلي زڪام کان دور ڪري ٿي ۽ وٽامنن سان ڀرپور ھئڻ ڪري وائرسي وچڙ کان بچائي ٿي.

ڳڻتي ختم ڪندڙ:-
نارنگي جتي فضا کي معطر ڪري ٿي اتي ھن کي ڏسڻ سان دل خوش ٿي وڃي ٿي. سائنسدانن جي تحقيق مطابق نارنگي کي سنگهڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي يا ھڪ نارنگي کائڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي.

اڃ ختم ڪندڙ:-
نارنگي جيري جي صفرا ۽ گرمي ختم ڪندڙ آھي. جن ماڻھن کي گهڻي اڃ لڳي ٿي اھي نارنگي کائن. نارنگي کائڻ سان خشڪي Dehydration ختم ٿي ويندي ۽ جسم ۾ تراھٽ Hydration اچي ويندي.

نوٽ:-
شڳر وارن کي نارنگي کائڻ ۾ احتياط ڪرڻ کپي.
نارنگي کائڻ وقت لوڻ استعمال نہ ڪجي ڇوجو ھي پت کي خارج ڪري بي پي کي گهٽ ڪندڙ آھي.

Friday, 28 February 2020

بصر Onion 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بصر ھڪ سبزي آھي، ھن جو استعمال اسان روز جي بنياد ڪريون ٿا. بصر اھڙي شي آھي جيڪو کاڌن کي ذائقيدار بنائي ٿو ۽ بيمارين جي علاج طور پڻ استعمال ٿئي ٿو.
پراڻي زماني جا ماڻهو يا ڳوٺاڻا بصر کي طبي ٽوٽڪن طور ڪتب آڻيندا ھئا. ايشيا ۾ بصر کان بغير ڀاڄي کي اڻپورو ليکيو ويندو ھيو. بصر جتي ڀاڄين ۾ ڪتب اچي ٿو، اتي بصر کي سلاد طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
بصر ھڪ مفيد سبزي آھي جنھن ۾ فائديمند جز گنڌڪ Sulphur ۔ معدنيات Minerals ۔ لوڻٺ Sodium ۔ پوٺو Potassium ۔ چن Calcium ۔ ماسو Protein ۔ فولاد Iron ۽ سفورو Phosphorus پاتا وڃن ٿا. ان کان علاوا بصر ۾ وٽامن سي Vitamin C وافر مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي.
بصر جا قسم:
دنيا جي اھا ڪابہ ڪنڊ ناھي جتي بصر استعمال ٿيندو نہ ھجي. بصرن جا خاص ٽي قسم آھن جيڪي وڌ ۾ وڌ استعمال ٿين ٿا.
پيلو بصر  Yellow onion
ڦڪو بصر دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ بصر آھي جنھن جي پيداوار بہ گهڻي مقدار ۾ لھي ٿي. ھن جي مٿين کل پيلي ٿئي ٿي ۽ اندران اڇي ٿئي ٿي.
ڳاڙھو بصر  Red onion:
ڳاڙھو بصر پوري دنيا ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جو مٿيون رنگ ڳاڙھو ٿئي ٿو ۽ اندران گلابي کل ٿئي ٿي.
سائو بصر Green onion:
سائي بصر سان گڏ سايون ڀوڪون بہ ھونديون آھن پر ساين ڀوڪن جي ڪري ھن کي سائو بصر سڏيو وڃي ٿو. ھي بصر چيني کاڌن ۾ گهڻو استعمال ٿئي ٿو.
بصر جتي ھاضمي کي بھتر بنائي ٿو اتي ڪيترين بيمارين کان شفا ڏئي ٿو. ھي رت کي صاف ڪري ٿو  پٽڙو ڪري ٿو ڇوجو ڇوجو بصر ۾ گنڌيٺا Sulphides وافر مقدار ۾ موجود ٿين ٿا. بصر رت جي چاڙھ  High blood pressure کي پورو پنو ڪري ٿو ۔ پت Cholesterol کي وڌڻ نٿو ڏئي ۔ بيمارين کان محفوظ رکي ٿو ۽ خاص ڪري غدودي ناسور Prostate cancer ۾ مفيد آھي.
بصر مختلف ناسورن کان محفوظ رکي ٿو، ڇاتي جو ناسور Breast cancer ۔ آنڊ ناسور Macmillan cancer ۔ رحم جو ڪينسر Vagina cancer ۽ ڦڦڙن جي ٽي بي  Pulmonary TB کي زائل ڪري ٿو. بصر ڦڦڙن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌائي ٿو. بصر کي جيڪڏھن روز استعمال ڪجي تہ شڳر Sugar ٿيڻ جا امڪان نٿا رھن. وڏي ڳالھ تہ بصر موسمي ۽ وبائي بيمارين کان بچڻ لاء جسم ۾ مزاحمت پيدا ڪري ٿو.
بصر رعشي Parkinson's Disease ۽ فالج Paralysis کان بچائي ٿو، ڳلي جي وڌيل غدودن ۔ ڪاري کنگھ ۔ دم ۔ ڦڦڙن ۔ ڳلي جي بيمارين ۔ نزلي ۔ زڪام ۔ شڳر ۔ مٿي جو سور ۔ مرگهي ۽ معدي جي زخمن ۾ بصر مسيحائي ڏيکاري ٿو.
پچائي کائڻ سان بصر سائي ۔ پراڻي کنگھ ۔ سيني جي جلن ۽ بلغم جي ڄمڻ کي ختم ڪري ٿو. بصر کائڻ سان پيشاب جهالارو ٿئي ٿو ۽ الٽي ۽ آتن کي فائدو ٿئي ٿو.
بصر ۾ وٽامن سي کان سوا اھڙا قدرتي ڪيميائي مادا ٿين ٿا جيڪي جيڪي بيمارين جي خلاف جسم ۾ قوت مدافعت پيدا ڪن ٿا.
بصر ۾ ڪروميم جھڙي قدرتي ڌات ٿئي ٿي جيڪا رت ۾ کنڊ جي مقدار کي قابو رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
بغير پچائي کائڻ سان، بصر جسم کي نقصان پھچائيندڙ پت خراب پت ايل ڊي ايل LDL کي ٺھڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي چاڙھ ۽ دلين جي بيمارين کان محفوظ ڪري ٿو.
جڏھن پوڙھائپ وڌي ٿي تہ جسم ۾ آزاد آڪسا Free radicals وڌن ٿا ۽ جسم کي بيمارين جي ور چاڙھن ٿا. بصر آزاد آڪسن Free radicals کي گهٽائي ٿو ۽ خاص ڪري معدي جي السر کان بچائي ٿو.
ڪچو بصر روز کائڻ سان ھڏا مضبوط ٿين ٿا ۔ مني گهاٽي ٿئي ٿي ۔ تخماڻن جي صلاحيت بھتر ٿئي ٿي ۽ گڏ گڏ نظر تيز ٿئي ٿي.
فرانس ۾ بصر جو رسوبو شوق سان پيتو وڃي جنھن ڪري يورپين ملڪن جي ڀيٽ م فرانس ۾ دل جا گهٽ مرض آھن.
ٻي عالمي جنگ ۾ بصرن جو استعمال
ٻي عالمي جنگ ۾ ڊاڪٽرن جنگ جي محاذ تي زخمي ٿيندڙ سپاھين جو علاج ڪچي بصر سان ڪيو ھو. زخم تي پٽي ٻڌي ويندي ھئي ۽ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ زخم خشڪ ٿي ويندو ھيو. روم جي بادشاھ نيرو جي باري ۾ مشھور آھي تہ ھو پنھنجي آواز کي بھتر بنائڻ لاء بصر کائيندو ھيو.
بصر جا فائدا:
⏪بصر کي گهوٽي لپري وانگر زخم تي ٻڌجي تہ ٻن ڏينھن ۾ زخم ڇٽڻ شروع ٿي وڃن ٿا.
⏪جيڪڏھن ڪو ڪيڙو ۔ وڇون ڏنگ ھڻي تہ بصر جو پاڻي۽ نوشادر ملائي ڏنگ جي جڳھ تي ھڻجي تہ سوزش ھلي ويندي.
⏪اکين جي ساڙي ۔ سفيدي ۽ موتيي جي ابتدا ۾ بصر جو پاڻي ۽ ماکي ملائي ڊراپر ۾ وجهجي. اک ۾ 2 ڦڙا وجهجن.
⏪بصرن کي گهوٽي وارن کي ھڻجي تہ وار مضبوط ٿيندا ۽ ڪونہ ڪرندا.
⏪بدن تي ڪارا داغ ھجن تہ انهن کي بصر جو پاڻي ھڻندو رھجي.
⏪بصر جي پاڻي جا 2 ڦڙا ڪن ۾ ٽپڪائڻ سان ڪن جو درد ختم ٿي وڃي ٿو.
⏪ جيڪڏھن چمڙي سڙي پوي تہ ان تي بصر جو پاڻي ھڻجي.
⏪جيڪڏھن ڪنڊو لڳي تہ بصر جي لپري ان کي ٻڌي رکجي تہ ڪنڊو نڪري ايندو.
⏪بصر جو پاڻي ۽ موم ملائي رکجي. ھي چھري جي داڻن ۽ گهنجن کي ختم ڪري ٿو.

Tuesday, 25 February 2020

رت جو لاٿ Low blood pressure 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
رت جو چاڙھ High blood pressure يا وڌ مٿ دٻاء Hypertension جتي نقصانڪار آھي اتي رت جو لاٿ بہ خطرناڪ آھي. رت جي لاٿ Low blood pressure يا گهٽ دٻاءُ Hypotension ۾ ضروري ناھي تہ سنگين ھجي. رت جي لاٿ جو وڏو سبب پوٽيشم جي کوٽ آھي ان جو پوراء ڪندو رھجي. جڏھن بہ رت جي لاٿ جو مسئلو ٿئي تہ ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي. رت جي لاٿ جون نشانيون ھي آھن.


خشڪي Dehydration:
خشڪي جي نتيجي ۾ رت جي دورو گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ رت جو لاٿ رھي ٿي. خشڪي اڃ جي شدت محسوس ڪرڻ واري صلاحيت کي متاثر ڪري رت جي لاٿ جو سبب بنجي ٿي.

نظر ڌنڌلي ٿيڻ:
رت جي لاٿ جو وڏو اثر نظر تي پوي ٿو ۽ نظر ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي جنھن جا اثر ڊگهي عرصي تائين برقرار رھن ٿا.

مٿو ڦرڻ:
ويٺي اوچتو اٿڻ سان مٿو ڦري تہ ھي رت جي لاٿ جي نشاني آھي. لڳاتار ھن حالت رھڻ سان سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.

ڌيان مرڪوز نہ ٿيڻ:
ڇڪتاڻ ۔ مصروفيتون ۔ ننڊ جي کوٽ ۔ دل لھڻ اھي رت جي لاٿ جون نشانيون آھن ۽ ھن حلت ۾ ڌيان ھڪ جڳھ تي نٿو رھي. ھن جو سبب ھي آھي تہ رت دماغ ڏي مناسب مقدار ۾ نٿو پھچي جنھن جي ڪري دماغ جا گهرڙا غذائيت کان محروم ٿي وڃن ٿا.

دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ:
دل جي تيز ڌڙڪن جو سبب لڪل عارضا ٿي سگهن ٿا. جڏھن دل ۾ مناسب مقدار ۾ رت نہ ھجي تہ دل جو ڌڙڪو وڌي وڃي ٿو ۽ رت جي لاٿ جي ڪري ڪم تي دل نٿو لڳي ۽ ڌيان ھڪ ھنڌ ٽڪيل نٿو رھي.

غشي طاري ٿيڻ:
سنگين معاملن ۾ جڏھن اوچتو رت جي لاٿ رونما ٿئي تہ غشي طاري ٿي سگهي ٿي ڇوجو دماغ ڏي ويندڙ رت جي مقار گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ غشي طاري ٿي وڃي ٿي.

ٿڪ:
ھر وقت ٿڪ رھڻ رت جي لاٿ جي نشاني آھي. جڏھن رت ۾ رتول پٿ Haemoglobin جي کوٽ ٿي وڃي ٿي تہ رت جي لاٿ ڪر کڻي ٿي.

Sunday, 23 February 2020

شڳر Sugar 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
چثپٽا کاڌا ۔ سڻڀيون غذائون ۔ سوڍا مشروب ۽ بازاري شيون صحت کي متاثر ڪن ٿيون ۽ بيماري جي ور چاڙھين ٿيون جن مان شڳر جي بيماري بہ ھڪ آھي. شڳر اھڙي بيماري آھي جيڪا دل جي دوري ۔ دل جي چاڙھ ۔ انڌپڻ ۽ چيلھ کان گوڏن تائين بيماريون ڏئي ٿي. شڳر کي معمولي نہ سمجهجي ۽ ھن جي تشخيص ٿيڻ تي پرھيز سان گڏ شڳر پرک ڪرائيندو رھجي. شڳر جون نشانيون ھي آھن.

سستي:
سستي جا ڪافي سبب آھن. ننڊ نہ اچڻ ۔ سڄو ڏينھن سست رھڻ ۔ غذا کائڻ کان پوء جسم جو کاڌي کي صحيح نموني ھضم نہ ڪرڻ ۽ کاڌي کان پوء توانائي محسوس نہ ڪرڻ اھي سڀ شڳر جون علامتون ٿي سگهن ٿيون.

بک ۽ اڃ وڌيڪ لڳڻ:
شڳر جي مريض کي بار بار بک ۽ پياس لڳي ٿي جنھن جو سبب جسم رت ۾ مٺاڻ Gulucose جي وڌيڪ مقدار کي استعمال ڪري نٿو پائي ۽ نڪي ان کي ٻاھر ڪڍي سگهي ٿو ڇوجو مٺاڻ Glucose کي ٻاھر ڪڍڻ لاء پاڻي جي ضرورت پوي ٿي جنھن جي ڪري جسم تمام گهرڙن جو پاڻي استعمال ڪري ٿو، اھڙي طرح مٺاڻ Glucose سان سان اھم غذائي جزا ضايع ٿي وڃن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ بار بار بک ۽ اڃ لڳي ٿي.

بار بار پيشاب اچڻ:
جڏھن جسم وڌيڪ مٺاڻ Glucose کي خارج ڪرڻ لاء تمام گهرڙن جو پاڻي خارج ڪرڻ لڳي ٿو تہ گردن کي صاف پاڻي ۽ ان کي جذب ڪرڻ لاء وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان کي خارج ڪرڻ لاء توھان کي جلدي جلدي واش روم ۾ وڃڻو پوي ٿو. ڏينھن رات انهي ڪيفيت ھجڻ ڪري جسم خشڪي Dehydration سان گڏ ٿڪ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ سڄي رات ننڊ نٿي اچي.

ڇوت Infection:
شڳر ۾ ڇوت Infection اڪثر ڪري فرجي اوڄن ۾ ٿئي ٿي پر ھي جسم جي ٻين حصن تي بہ ٿئي ٿي ڇو جو ھي نشاستو پيشاب ۔ ٿڪ ۽ پيشاب ۾ شامل وڌيڪ کنڊ کي کائي ٿو، ان ڪري مرد بہ ان جا شڪار ٿي سگهن ٿا. ھي ڇوت ڪڏھن جسم تي اچي ٻين حصن تي اچي ٿو ۽ ڪٿي وڌيڪ ٿي وڃي ٿو جتي پوسل وڌيڪ رھي ٿي. شڳر جي مريضن ۾ ھن ڇوت Infection ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳي ٿو.

ڌنڌلو نظر اچڻ:
اکين کي بہ صحيح ڪم ڪرڻ لاء پاڻي جي ضرورت پوي ٿي. شڳر جي ڪري اکين ۾ پيدا ٿيندڙ خشڪي جي ڪري نظر ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي. صحيح ۽ بروقت علاج نہ ڪرڻ تي شڳر جي ڪري تنتن کي نقصان پھچي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ بينائي گهٽ ٿي وڃي ٿي.

زخم نہ ڀرجڻ:
شڳر واري کي ٿوري زخم يا ڪٽ اچڻ تي ان کي ڇٽڻ ۾ دير لڳي ٿي ڇوجو مٺاڻ Glucose جي وڌيڪ مقدار زخم ڀرڻ جي عمل کي سست ڪري ڇڏي ٿي. ٻئي طرف زخم ۾ پلجندڙ جيوڙا گلوڪوز ۾ ۾ پلجندا رھن ٿا ۽ زخم کي مشڪل سان ڇڏين ٿا نتيجي طور زخم نٿو ڀرجي پر وڌيڪ پکڙي ٿو.

وزن گهٽ ٿيڻ:
سڀ ڪجھ کائڻ باوجود وزن گهٽ رھڻ شڳر جي نشاني آھي ڇوجو شڳر جي مرض ۾ جيڪو ڪجھ کائجي ٿو، جسم ان مان توانائي حاصل ڪرڻ بجاء چرٻي جلائيندو رھي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ سڀ ڪجھ کائڻ باوجود وزن تيزي سان گهٽ ٿيندو رھي ٿو.

پيرن ۽ ٽنگن جو سڄڻ:
شڳر رت جي نالين کي سخت ڪري ٿو گڏوگڏ نسن کي نقصان پھچائي ٿو جنھن جون نشانيون پيرن ۽ ٽنگن ۾ ظاھر ٿين ٿيون. رت جي گردش دوران رت جي کوٽ ۽ نسن جي خرابي چمڙي جي السر ۽ ڇوت جو سبب بنجي ٿي جيڪا ٺيڪ نٿي ٿئي يا ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت وٺي ٿي. ان ڪري شڳر جي مريض کي اندازو لڳائڻ گهرجي تہ پير ۾ ڪيتري تڪليف آھي.

مھارون سڄڻ:
شڳر جو مرض قوت مدافعت کي گهٽ ڪري ٿو نتيجي طور جراثيم جو مقابلو ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ماحول ۾ چوطرف جراثيم رھن ٿا جيڪي منھن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. جراثيم پوسل ۽ ڏندن جي سوراخن ۾ رھڻ پسند ڪن ٿا نتيجي طور ڏند جراثيمن جي رھڻ جي جڳھ ٿي وڃن ٿا ۽ وات جي ڇوت جو سبب بنجن ٿا. جيڪڏھن شڳر جي مريض جون مھارون سڄن ٿيون ان کي جلدي ڊاڪٽر سان رابطو رکڻ کپي.

Saturday, 22 February 2020

پِس تيزاب Uric Acid 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پِس تيزاب جوڙ C₅H₄N₄O₃ سان ڪاربان ۔ نيٽروجن ۔ آڪسيجن ۽ ھيڊروجن جو سَھس۔ڦيرو مرڪب آھي. اھو اوڻا ۽ لوڻ جوڙي ٿو جن کي پِسيٺا ۽ تيزابي پِسيٺا جيئن اَمُوني تيزاب پِسيٺو. پيشِيڻ پيشيڻي مُکڪَڙيُن جي گهرڙبدل ڀڃ ڊاھ جي اپت آھي ۽ پيشاب جو وچولو جزو آھي.
Uric acid is a heterocyclic compound of carbon, nitrogen, oxygen, and hydrogen with the formula C₅H₄N₄O₃. It forms ions and salts known as urates and acid urates, such as ammonium acid urate. Uric acid is a product of the metabolic breakdown of purine nucleotides, and it is a normal component of urine.

Uric acid  پِس تيزاب ۔ پِش تيزاب

Heterocyclic compound
سَھس۔ڦيرو مرڪب ۔ مُختلف ڦيري وارو مرڪب

Ions  اوڻا ۔ اُڻڪر

لوڻ   Salts

Urates  پِسيٺا ۔ پِشيٺا

تيزابي پِسيٺو ۔ تيزابي پِشيٺو  Acid urate

Metabolic breakdown
گهرڙ بدل ڀڃ ڊاھ ۔ گهرڙن جي بدلجڻ واري ڀڃ ڊاھ

Purine nucleotides
پيشيڻي مُکڪَڙا ۔ پيشيڻي مُکمَرڪزا - پيشِي مُکڪَڙا ۔ پيشِي مُکمَرڪزا

Component  جُزو

نِڦرو Nephron 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِڦرو بڪي جي خُوردبِين جوڙجڪ ۽ ڪارجي ايڪو آھي. اھو بُڪياتي جسم ۽ بُڪياتي نلي مان مرتب ٿيل آھي. بڪياتي جسم وار نلين جي ڳڇي تي مشتمل آھي جنھن کي گِگولو ۽ گهيريندڙ ڪُپيڙو سڏجي ٿو
The nephron is the microscopic structural and functional unit of the kidney. It is composed of a renal corpuscle and a renal tubule. The renal corpuscle consists of a tuft of capillaries called a glomerulus and an encompassing Bowman's capsule.

Nephron  نِڦرو ۔ نيفرو ۔ نيفران

Microscopic structural
خوردبين جوڙجڪي

Functional unit  ڪارجي ايڪو

Renal corpuscle
بُڪياتي انگ ۔ بُڪياتي جسم

Renal tubule  بڪياتي نلي

ڳُڇو ۔ مُچو  Tuft

Glomerulus  گِگولو ۔ ھودڙو

Bowman's capsule
ڪُپيڙو ۔ برومين ڪيپسول