Monday 9 March 2020

پيرن جي سوڄ Swollen feet 💎اصغر ساگر💎

پير اھي ٿنڀ آھن جن تي جسم جي عمارت ۔ ھلڻ چلڻ ۽ بيھڻ جو بنياد قائم آھي. پير جسم جو پورو بوجھ کڻي، زندگي جي سفر کي روان دوان رکن ٿا. جيڪڏھن جسم ۾ ڪا تڪليف ٿئي ٿي تہ ان جو علامتون پيرن تي ظاھر ٿين ٿيون ۽ انهن علامتن جو اظھار ڪڏھن پيرن تي سوڄ جي صورت ۾ ظاھر ٿي سگهي ٿو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ لڳاتار بيھڻ سان پيرن تي سوڄ ناھي ٿيندي پر ڪي عارضا ھوندا آھن جن جي ڪري پير سوڄ جي وٺ ۾ اچن ٿا. پيرن جي سوڄ ڇو ٿي ٿئي انهي جا سبب بيان ڪجن ٿا.

بڪين جي خرابي:
بڪيون انسان جي ڇاڻي آھن جيڪي جسم جي زھريلن مادن کي ڇاڻي جسم مان خارج ڪن ٿيون پر ڪڏھن ڪڏھن پٿري يا ٻئي ڇوت جي ڪري بڪيون صحيح نموني ڪم نہ ٿيون ڪن ۽ زھريلا مادا انهن ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ اھا خرابي پيرن جي سوڄ جو سبب بنجي ٿي.

جگر جي خرابي:
انساني جسم ۾ جگر کي اھم حيثيت حاصل آھي. جگر جي تڪليف ۾ پھرين بخار اچي ٿو، پوء بخار ختم ٿي وڃي ٿو پر جگر جي خرابي جي ڪري پيٽ ۽ پيرن تي سوڄ اچي وڃي ٿي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ڄڻ انهن ۾ پاڻي ڀرجي ويو ھجي.

رت جو چاڙھ:
رت جو چاڙھ اھا لڪل بيماري آھي جيڪا انسان جي دل ۔ بڪين ۽ جيري کي متاثر ڪرڻ جو سبب بنجي ٿي. لڳاتار رت جو چاڙھ مستقل پيرن جي سوڄ جو سبب ٿئي ٿو.

شڳر:
شڳر جي ڪري پيرن جون شريانيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون جنھن جي ڪري پيرن ۾ رت جي پھچ متاثر ٿئي ٿي ۽ رت جي کوٽ جي ڪري پيرن تي سوڄ اچي وڃي ٿي.

دل جا مرض:
دل جي ڪنھن بہ بيماري جي اچڻ جي ڪري دل جي رت جو جسم جي حصن ۾ پھچڻ ۾ ڪجھ مشڪل ٿي وڃي ٿو. پير جسم جي ھيٺئين طرف ٿين ٿا، انهن تائين رت جي پھچ متاثر ٿئي ٿي ۽ سوڄ شروع ٿي وڃي ٿي.

رت جو گهاٽو ٿيڻ:
پيرن يا ھٿن تي سوڄ جو مطلب رت جي گهاٽي ٿيڻ جي علامت آھي. رت جي گهاٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيرن تائين رت جي رسد بند ٿي وڃي ٿي ۽ رت ھڪ ھنڌ جمع ٿيڻ شروع ڪري ٿو ۽ رت جا ڳوڙھا ٺھڻ شروع ٿي وڃن ٿا، ٽنگون ۽ پير سڄي وڃن ٿا ۽ گڏ درد شروع ٿي وڃي ٿي.

سنڌن جا مرض:
سوڄ پھرين پيرن جي آڱوٺن کان شروع ٿي وڃي ٿي نتيجو پس تيزاب Uric acid جو پيدا ٿيڻ آھي. طبي ماھرن مطابق ھي سور ايترو درديلو ھوندو آھي جو ڄڻ ھڏيون ٽٽنديون رھن ٿيون. عام طور تي ھي سور آڌي رات جو شروع ٿئي ٿو ۽ ايترو شديد جو ماڻھو پاسو ورائي نٿو سگهي. آڱوٺا ڳاڙھا ۔ گرم ۽ سوڄ ڪن ٿا جيتوڻيڪ ھي سور ڪجھ ھفتن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو پر ان جو مادو ھڏن ۽ پيرن کي خراب ڪندو رھي ٿو.

دل جي خرابي:
اڪثر ڪري پيرن جي سڄڻ جي ھڪ نشاني دل جو ٺيڪ نموني ڪم ڪرڻ ناھي ۽ رت جي رسد کي ٺيڪ نموني پھچائڻ ناھي نتيجي طور رت واپس رڳن ڏي پلٽجي ٿو. ھن مرض ۾ جيڪڏھن پير کاٻو سڄي ٿو، ان جو مطلب دل جو کاٻو پاسو خراب آھي ۽ اھڙي نموني جيڪڏھن پير ساڄو سڄي ٿو، ان جو مطلب دل جو ساڄو پاسو خراب آھي.

ڇوت لڳڻ:
ڇوت لڳڻ جي ڪري پير سڄن ٿا، اھڙي صورت ۾ پير ڳاڙھا ۔ گرم  ٿين ٿا ۽ سڙن ٿا. شڳر ۽ شريانين جي مرض ۾ ڇوت جو خطرو وڌيڪ رھي ٿو ۽ ڪھڙي بہ قسم جي ڇوت جسم ۾ رت جي گهٽ وھڪ دوران جنم وٺي ٿي ۽ پير سڄي پون ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment