نارنگي مالٽي جو قسم آھي. ھر دل کي خوب وڻي ٿو ۽ سڀ کان وڪرو ٿيندڙ ميوو آھي. نارنگي کٽي ٿئي ٿي تہ مٺي بہ.
نارنگي ۾ وٽامن سي موسمي بيمارين ۽ ڇوتن خلاف مزاحمت پيدا ڪري ٿي جيڪا تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ٿي جيڪي ڪينسر جو سبب ٿين ٿا.
نارنگي ۾ قدرتي طور تي وٽامن سي Vitamin C ۔ نشاستو Carbohydrate ۔ تاندور Fiber ۔ وٽامن اي Vitamin A ۔ ڇلوٺ Thiamin ۔ گنڌوڻ Phosphat ۔ پنوٺو Folate ۔ ٽامو Copper ۔ ٻوھرو Flavonoid ۽ پوٽيشم Potassium شامل ٿين ٿا. ھن ۾ بي شمار فائدا ٿين ٿا. ھي فرحت بخش ٿئي ٿي. نارنگي کي سياري جو ميون ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھن جو رس ۔ ھن جون ڦاڪون ۽ ھن جي کل سڀ صحت لاء بھترين آھن. نارنگي نظر کي تيز ڪري ٿي. ھن ۾ موجود وٽامن اي ۽ پوٽيشم اکين جي جوت وڌائن ٿا ۽ اکين جي ھيٺان ڪارا ٽڪا ختم ڪن ٿا. نارنگي ڊينگي بخار کي ھٽائڻ ۾ مددگار آھي ۽ جسم مان ڊينگي جي زھر کي ڪڍي ٿي. چمڙي جي ماھرن مطابق نارنگي جي کل کي ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري ماکي ۽ کير ۾ ملائي منھن تي مک ڪرڻ سان چھري جي داغ ۽ ڌٻا دور ٿي وڃن ٿا.
نارنگي ۾ موجود وٽامن سي جسم ۾ مدافعتي سرشتي کي مضبوط ڪري ٿي وٽامن سي کي سانڌ تيزاب Ascorbic acid بہ چئبو آھي. وٽامن سي تڪسيد روڪ Antioxidant طور ڪم ڪري ٿي ۽ تڪسيدي جزن Free radicals کي بنجڻ نٿي ڏئي. ھي تيزاب ڪولاڄن جو اھم جزو آھي ۽ انساني جسم ۾ نون بافتن Tissues جي پيداوار ۾ مدد ڏئي ٿو.
لالپيڻ Lycopene رکندڙ:-
حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لالپيڻ ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لالپيڻ Lycopene ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ڪينسر جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.
چمڙي ۽ وارن کي تر رکندڙ:-
ھن ميوي ۾ وٽامن سي جي مناسب مقدار جسم جي دفاعي نظام کي مضبوط ڪري ٿي پر ھڪ پروٽين ڪولاڄي Collagen جي مقدار کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪا وارن ۽ چمڙي لاء تمام ضروري آھي. نارنگي ۾ وٽامن سي ڀرپور ھئڻ ڪري ھن ۾ وٽامن اي ٿئي ٿي جيڪا وارن کي تر رکي ٿي.
دماغ کي طاقت ڏيندڙ:-
نارنگي ۾ موجود جز پوٽيشم ۔ وٽامن بي 9 ۽ دافع تڪسيد دماغ لاء مفيد ڄاتا وڃن ٿا. پوٽيشم دماغ طرف رت جي وھڪ جاري رکڻ ۽ اعصابي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. نارنگي ۾ وٽامن بي عمر وڌڻ سان دماغي تنزلي کي روڪي ويسر جھڙي مرض کان بچائي ٿي. ان کان سوا نارنگي ۾ موجود وٽامن بي 6 الٽي ۽ آتن کي روڪي ٿي.
پيٽ وارين عورتن لاء مفيد:-
ھن ۾ موجود وٽامن ۽ پنيرو تيزاب Folic acid حمل دوران فائديمند ثابت ٿين ٿا. پنيري تيزاب جي کوٽ جي ڪري پيدائشي ٻارن جي وزن ۾ کوٽ ٿي وڃي ٿي.
شريانين کي تر رکندڙ:-
نارنگي وٽامن بي 6 ۔ وٽامن سي ۔ پوٽيشم ۽ تاندور ھجڻ ڪري دل جي صحت بھتر رھي ٿي. پوٽيشم جي ڪري رت جي شريانين وھڪ بھتر نموني رھي ٿي. ھن جي کائڻ سان دل جا مرض ۽ فالج جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ۽ موت جو 49 سيڪڙو خطرو گهٽ ٿي وڃي ٿو.
معدي کي مضبوط ڪندڙ:-
نارنگي ۾ تاندورا پاتا وڃن ٿا جيڪي قبضي ۔ بدھضمي ۽ ٻين عارضن جي روڪ ڪن ٿا ۽ معدي جي اصلاح ڪن ٿا.
بي پي کي وچٿرو رکندڙ:-
نارنگي ۾ پوٽيشم رت جي رڳن کي نرم رکي ٿو ۔ رڳن ۾ لچڪ پيدا ڪري ٿو ۔ وھڪ کي يقيني بنائي ٿو ۽ بي پي کي وچٿرو رکي ٿو.
موسمي مرضن سان وڙھندڙ:-
ھن ميوي ۾ موجود وٽامن سي جسماني دفاعي نظام کي بھتر ڪري ٿي ۽ موسمي بيمارين ۽ ڇوتن جي خلاف مزاحمت ڪري ٿي ۽ ناسور Cancer جو سبب ٿيندڙ آزاد آڪسن جو سبب بنجي ٿي.
ڪينسر جي روڪ ڪندڙ:-
نارنگين ۾ موجود تڪسيد روڪ گهرڙن ۽ ڊي اين کي ٽٽڻ کان روڪن ٿا جيڪي ڪينسر جو سبب بنجن ٿا. ڪيترن مطالعن مان معلوم ٿيو آھي تہ نارنگي آنڊن جي ناسور لاء مفد آھي. حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لالپيڻ ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لالپيڻ ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ناسور جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.
جسم مان زھريلا مادا خارج ڪندڙ:-
نارنگي جي کائڻ سان زھريلا مادا خارج ٿي وڃن ٿا ۔ جسم ۾ رطوبت اچي ٿي ۔ تازگي جو احساس پيدا ٿئي ٿو.
وزن گهٽ ڪندڙ:-
سردين ۾ بغير ڊائيٽ جي صرف نارنگي کائي پنھنجو وزن گهٽ ڪري سگهجي ٿو. نارنگي جسم جون ضرورتون پوريون ڪري بک جو احساس ختم ڪري ٿي ۽ بار بار ٻين شين کائڻ جي تمنا نٿي رھي.
پت Cholesterol گهٽ ڪندڙ:-
نارنگي ۾ سفيڻ Pectin ۽ ليموڻ Lemonene جھڙا جز پت جي سطح کي معمول تي رکن ٿا ۽ وڌڻ کان روڪن ٿا.
بڪين جي مرضن کان حفاظت ڪندڙ:-
نارنگي جو رس جسم ۾ کٽ Citrus جي مقدار ۾ اضافو ڪري ٿو جنھن سان گردن ۾ پٿري جا امڪان گهٽ ٿي وڃن ٿا. روزانو نارنگي کائڻ سان جسم جا ڪيترائي مرض دور ٿي وڃن ٿا.
نزلي زڪام کان دور ڪندڙ:-
نارنگي کٽي ھئڻ ڪري نزلي زڪام کان دور ڪري ٿي ۽ وٽامنن سان ڀرپور ھئڻ ڪري وائرسي وچڙ کان بچائي ٿي.
ڳڻتي ختم ڪندڙ:-
نارنگي جتي فضا کي معطر ڪري ٿي اتي ھن کي ڏسڻ سان دل خوش ٿي وڃي ٿي. سائنسدانن جي تحقيق مطابق نارنگي کي سنگهڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي يا ھڪ نارنگي کائڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي.
اڃ ختم ڪندڙ:-
نارنگي جيري جي صفرا ۽ گرمي ختم ڪندڙ آھي. جن ماڻھن کي گهڻي اڃ لڳي ٿي اھي نارنگي کائن. نارنگي کائڻ سان خشڪي Dehydration ختم ٿي ويندي ۽ جسم ۾ تراھٽ Hydration اچي ويندي.
نوٽ:-
شڳر وارن کي نارنگي کائڻ ۾ احتياط ڪرڻ کپي.
نارنگي کائڻ وقت لوڻ استعمال نہ ڪجي ڇوجو ھي پت کي خارج ڪري بي پي کي گهٽ ڪندڙ آھي.
0 comments:
Post a Comment