Tuesday 25 February 2020

رت جو لاٿ Low blood pressure 💎اصغر ساگر💎

رت جو چاڙھ High blood pressure يا وڌ مٿ دٻاء Hypertension جتي نقصانڪار آھي اتي رت جو لاٿ بہ خطرناڪ آھي. رت جي لاٿ Low blood pressure يا گهٽ دٻاءُ Hypotension ۾ ضروري ناھي تہ سنگين ھجي. رت جي لاٿ جو وڏو سبب پوٽيشم جي کوٽ آھي ان جو پوراء ڪندو رھجي. جڏھن بہ رت جي لاٿ جو مسئلو ٿئي تہ ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي. رت جي لاٿ جون نشانيون ھي آھن.


خشڪي Dehydration:
خشڪي جي نتيجي ۾ رت جي دورو گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ رت جو لاٿ رھي ٿي. خشڪي اڃ جي شدت محسوس ڪرڻ واري صلاحيت کي متاثر ڪري رت جي لاٿ جو سبب بنجي ٿي.

نظر ڌنڌلي ٿيڻ:
رت جي لاٿ جو وڏو اثر نظر تي پوي ٿو ۽ نظر ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي جنھن جا اثر ڊگهي عرصي تائين برقرار رھن ٿا.

مٿو ڦرڻ:
ويٺي اوچتو اٿڻ سان مٿو ڦري تہ ھي رت جي لاٿ جي نشاني آھي. لڳاتار ھن حالت رھڻ سان سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.

ڌيان مرڪوز نہ ٿيڻ:
ڇڪتاڻ ۔ مصروفيتون ۔ ننڊ جي کوٽ ۔ دل لھڻ اھي رت جي لاٿ جون نشانيون آھن ۽ ھن حلت ۾ ڌيان ھڪ جڳھ تي نٿو رھي. ھن جو سبب ھي آھي تہ رت دماغ ڏي مناسب مقدار ۾ نٿو پھچي جنھن جي ڪري دماغ جا گهرڙا غذائيت کان محروم ٿي وڃن ٿا.

دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ:
دل جي تيز ڌڙڪن جو سبب لڪل عارضا ٿي سگهن ٿا. جڏھن دل ۾ مناسب مقدار ۾ رت نہ ھجي تہ دل جو ڌڙڪو وڌي وڃي ٿو ۽ رت جي لاٿ جي ڪري ڪم تي دل نٿو لڳي ۽ ڌيان ھڪ ھنڌ ٽڪيل نٿو رھي.

غشي طاري ٿيڻ:
سنگين معاملن ۾ جڏھن اوچتو رت جي لاٿ رونما ٿئي تہ غشي طاري ٿي سگهي ٿي ڇوجو دماغ ڏي ويندڙ رت جي مقار گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ غشي طاري ٿي وڃي ٿي.

ٿڪ:
ھر وقت ٿڪ رھڻ رت جي لاٿ جي نشاني آھي. جڏھن رت ۾ رتول پٿ Haemoglobin جي کوٽ ٿي وڃي ٿي تہ رت جي لاٿ ڪر کڻي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment