Sunday 23 February 2020

شڳر Sugar 💎اصغر ساگر💎

چثپٽا کاڌا ۔ سڻڀيون غذائون ۔ سوڍا مشروب ۽ بازاري شيون صحت کي متاثر ڪن ٿيون ۽ بيماري جي ور چاڙھين ٿيون جن مان شڳر جي بيماري بہ ھڪ آھي. شڳر اھڙي بيماري آھي جيڪا دل جي دوري ۔ دل جي چاڙھ ۔ انڌپڻ ۽ چيلھ کان گوڏن تائين بيماريون ڏئي ٿي. شڳر کي معمولي نہ سمجهجي ۽ ھن جي تشخيص ٿيڻ تي پرھيز سان گڏ شڳر پرک ڪرائيندو رھجي. شڳر جون نشانيون ھي آھن.

سستي:
سستي جا ڪافي سبب آھن. ننڊ نہ اچڻ ۔ سڄو ڏينھن سست رھڻ ۔ غذا کائڻ کان پوء جسم جو کاڌي کي صحيح نموني ھضم نہ ڪرڻ ۽ کاڌي کان پوء توانائي محسوس نہ ڪرڻ اھي سڀ شڳر جون علامتون ٿي سگهن ٿيون.

بک ۽ اڃ وڌيڪ لڳڻ:
شڳر جي مريض کي بار بار بک ۽ پياس لڳي ٿي جنھن جو سبب جسم رت ۾ مٺاڻ Gulucose جي وڌيڪ مقدار کي استعمال ڪري نٿو پائي ۽ نڪي ان کي ٻاھر ڪڍي سگهي ٿو ڇوجو مٺاڻ Glucose کي ٻاھر ڪڍڻ لاء پاڻي جي ضرورت پوي ٿي جنھن جي ڪري جسم تمام گهرڙن جو پاڻي استعمال ڪري ٿو، اھڙي طرح مٺاڻ Glucose سان سان اھم غذائي جزا ضايع ٿي وڃن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ بار بار بک ۽ اڃ لڳي ٿي.

بار بار پيشاب اچڻ:
جڏھن جسم وڌيڪ مٺاڻ Glucose کي خارج ڪرڻ لاء تمام گهرڙن جو پاڻي خارج ڪرڻ لڳي ٿو تہ گردن کي صاف پاڻي ۽ ان کي جذب ڪرڻ لاء وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان کي خارج ڪرڻ لاء توھان کي جلدي جلدي واش روم ۾ وڃڻو پوي ٿو. ڏينھن رات انهي ڪيفيت ھجڻ ڪري جسم خشڪي Dehydration سان گڏ ٿڪ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ سڄي رات ننڊ نٿي اچي.

ڇوت Infection:
شڳر ۾ ڇوت Infection اڪثر ڪري فرجي اوڄن ۾ ٿئي ٿي پر ھي جسم جي ٻين حصن تي بہ ٿئي ٿي ڇو جو ھي نشاستو پيشاب ۔ ٿڪ ۽ پيشاب ۾ شامل وڌيڪ کنڊ کي کائي ٿو، ان ڪري مرد بہ ان جا شڪار ٿي سگهن ٿا. ھي ڇوت ڪڏھن جسم تي اچي ٻين حصن تي اچي ٿو ۽ ڪٿي وڌيڪ ٿي وڃي ٿو جتي پوسل وڌيڪ رھي ٿي. شڳر جي مريضن ۾ ھن ڇوت Infection ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳي ٿو.

ڌنڌلو نظر اچڻ:
اکين کي بہ صحيح ڪم ڪرڻ لاء پاڻي جي ضرورت پوي ٿي. شڳر جي ڪري اکين ۾ پيدا ٿيندڙ خشڪي جي ڪري نظر ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي. صحيح ۽ بروقت علاج نہ ڪرڻ تي شڳر جي ڪري تنتن کي نقصان پھچي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ بينائي گهٽ ٿي وڃي ٿي.

زخم نہ ڀرجڻ:
شڳر واري کي ٿوري زخم يا ڪٽ اچڻ تي ان کي ڇٽڻ ۾ دير لڳي ٿي ڇوجو مٺاڻ Glucose جي وڌيڪ مقدار زخم ڀرڻ جي عمل کي سست ڪري ڇڏي ٿي. ٻئي طرف زخم ۾ پلجندڙ جيوڙا گلوڪوز ۾ ۾ پلجندا رھن ٿا ۽ زخم کي مشڪل سان ڇڏين ٿا نتيجي طور زخم نٿو ڀرجي پر وڌيڪ پکڙي ٿو.

وزن گهٽ ٿيڻ:
سڀ ڪجھ کائڻ باوجود وزن گهٽ رھڻ شڳر جي نشاني آھي ڇوجو شڳر جي مرض ۾ جيڪو ڪجھ کائجي ٿو، جسم ان مان توانائي حاصل ڪرڻ بجاء چرٻي جلائيندو رھي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ سڀ ڪجھ کائڻ باوجود وزن تيزي سان گهٽ ٿيندو رھي ٿو.

پيرن ۽ ٽنگن جو سڄڻ:
شڳر رت جي نالين کي سخت ڪري ٿو گڏوگڏ نسن کي نقصان پھچائي ٿو جنھن جون نشانيون پيرن ۽ ٽنگن ۾ ظاھر ٿين ٿيون. رت جي گردش دوران رت جي کوٽ ۽ نسن جي خرابي چمڙي جي السر ۽ ڇوت جو سبب بنجي ٿي جيڪا ٺيڪ نٿي ٿئي يا ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت وٺي ٿي. ان ڪري شڳر جي مريض کي اندازو لڳائڻ گهرجي تہ پير ۾ ڪيتري تڪليف آھي.

مھارون سڄڻ:
شڳر جو مرض قوت مدافعت کي گهٽ ڪري ٿو نتيجي طور جراثيم جو مقابلو ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ماحول ۾ چوطرف جراثيم رھن ٿا جيڪي منھن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. جراثيم پوسل ۽ ڏندن جي سوراخن ۾ رھڻ پسند ڪن ٿا نتيجي طور ڏند جراثيمن جي رھڻ جي جڳھ ٿي وڃن ٿا ۽ وات جي ڇوت جو سبب بنجن ٿا. جيڪڏھن شڳر جي مريض جون مھارون سڄن ٿيون ان کي جلدي ڊاڪٽر سان رابطو رکڻ کپي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment