Friday 28 February 2020

بصر Onion 💎اصغر ساگر💎

بصر ھڪ سبزي آھي، ھن جو استعمال اسان روز جي بنياد ڪريون ٿا. بصر اھڙي شي آھي جيڪو کاڌن کي ذائقيدار بنائي ٿو ۽ بيمارين جي علاج طور پڻ استعمال ٿئي ٿو.
پراڻي زماني جا ماڻهو يا ڳوٺاڻا بصر کي طبي ٽوٽڪن طور ڪتب آڻيندا ھئا. ايشيا ۾ بصر کان بغير ڀاڄي کي اڻپورو ليکيو ويندو ھيو. بصر جتي ڀاڄين ۾ ڪتب اچي ٿو، اتي بصر کي سلاد طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
بصر ھڪ مفيد سبزي آھي جنھن ۾ فائديمند جز گنڌڪ Sulphur ۔ معدنيات Minerals ۔ لوڻٺ Sodium ۔ پوٺو Potassium ۔ چن Calcium ۔ ماسو Protein ۔ فولاد Iron ۽ سفورو Phosphorus پاتا وڃن ٿا. ان کان علاوا بصر ۾ وٽامن سي Vitamin C وافر مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي.
بصر جا قسم:
دنيا جي اھا ڪابہ ڪنڊ ناھي جتي بصر استعمال ٿيندو نہ ھجي. بصرن جا خاص ٽي قسم آھن جيڪي وڌ ۾ وڌ استعمال ٿين ٿا.
پيلو بصر  Yellow onion
ڦڪو بصر دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ بصر آھي جنھن جي پيداوار بہ گهڻي مقدار ۾ لھي ٿي. ھن جي مٿين کل پيلي ٿئي ٿي ۽ اندران اڇي ٿئي ٿي.
ڳاڙھو بصر  Red onion:
ڳاڙھو بصر پوري دنيا ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جو مٿيون رنگ ڳاڙھو ٿئي ٿو ۽ اندران گلابي کل ٿئي ٿي.
سائو بصر Green onion:
سائي بصر سان گڏ سايون ڀوڪون بہ ھونديون آھن پر ساين ڀوڪن جي ڪري ھن کي سائو بصر سڏيو وڃي ٿو. ھي بصر چيني کاڌن ۾ گهڻو استعمال ٿئي ٿو.
بصر جتي ھاضمي کي بھتر بنائي ٿو اتي ڪيترين بيمارين کان شفا ڏئي ٿو. ھي رت کي صاف ڪري ٿو  پٽڙو ڪري ٿو ڇوجو ڇوجو بصر ۾ گنڌيٺا Sulphides وافر مقدار ۾ موجود ٿين ٿا. بصر رت جي چاڙھ  High blood pressure کي پورو پنو ڪري ٿو ۔ پت Cholesterol کي وڌڻ نٿو ڏئي ۔ بيمارين کان محفوظ رکي ٿو ۽ خاص ڪري غدودي ناسور Prostate cancer ۾ مفيد آھي.
بصر مختلف ناسورن کان محفوظ رکي ٿو، ڇاتي جو ناسور Breast cancer ۔ آنڊ ناسور Macmillan cancer ۔ رحم جو ڪينسر Vagina cancer ۽ ڦڦڙن جي ٽي بي  Pulmonary TB کي زائل ڪري ٿو. بصر ڦڦڙن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌائي ٿو. بصر کي جيڪڏھن روز استعمال ڪجي تہ شڳر Sugar ٿيڻ جا امڪان نٿا رھن. وڏي ڳالھ تہ بصر موسمي ۽ وبائي بيمارين کان بچڻ لاء جسم ۾ مزاحمت پيدا ڪري ٿو.
بصر رعشي Parkinson's Disease ۽ فالج Paralysis کان بچائي ٿو، ڳلي جي وڌيل غدودن ۔ ڪاري کنگھ ۔ دم ۔ ڦڦڙن ۔ ڳلي جي بيمارين ۔ نزلي ۔ زڪام ۔ شڳر ۔ مٿي جو سور ۔ مرگهي ۽ معدي جي زخمن ۾ بصر مسيحائي ڏيکاري ٿو.
پچائي کائڻ سان بصر سائي ۔ پراڻي کنگھ ۔ سيني جي جلن ۽ بلغم جي ڄمڻ کي ختم ڪري ٿو. بصر کائڻ سان پيشاب جهالارو ٿئي ٿو ۽ الٽي ۽ آتن کي فائدو ٿئي ٿو.
بصر ۾ وٽامن سي کان سوا اھڙا قدرتي ڪيميائي مادا ٿين ٿا جيڪي جيڪي بيمارين جي خلاف جسم ۾ قوت مدافعت پيدا ڪن ٿا.
بصر ۾ ڪروميم جھڙي قدرتي ڌات ٿئي ٿي جيڪا رت ۾ کنڊ جي مقدار کي قابو رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
بغير پچائي کائڻ سان، بصر جسم کي نقصان پھچائيندڙ پت خراب پت ايل ڊي ايل LDL کي ٺھڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي چاڙھ ۽ دلين جي بيمارين کان محفوظ ڪري ٿو.
جڏھن پوڙھائپ وڌي ٿي تہ جسم ۾ آزاد آڪسا Free radicals وڌن ٿا ۽ جسم کي بيمارين جي ور چاڙھن ٿا. بصر آزاد آڪسن Free radicals کي گهٽائي ٿو ۽ خاص ڪري معدي جي السر کان بچائي ٿو.
ڪچو بصر روز کائڻ سان ھڏا مضبوط ٿين ٿا ۔ مني گهاٽي ٿئي ٿي ۔ تخماڻن جي صلاحيت بھتر ٿئي ٿي ۽ گڏ گڏ نظر تيز ٿئي ٿي.
فرانس ۾ بصر جو رسوبو شوق سان پيتو وڃي جنھن ڪري يورپين ملڪن جي ڀيٽ م فرانس ۾ دل جا گهٽ مرض آھن.
ٻي عالمي جنگ ۾ بصرن جو استعمال
ٻي عالمي جنگ ۾ ڊاڪٽرن جنگ جي محاذ تي زخمي ٿيندڙ سپاھين جو علاج ڪچي بصر سان ڪيو ھو. زخم تي پٽي ٻڌي ويندي ھئي ۽ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ زخم خشڪ ٿي ويندو ھيو. روم جي بادشاھ نيرو جي باري ۾ مشھور آھي تہ ھو پنھنجي آواز کي بھتر بنائڻ لاء بصر کائيندو ھيو.
بصر جا فائدا:
⏪بصر کي گهوٽي لپري وانگر زخم تي ٻڌجي تہ ٻن ڏينھن ۾ زخم ڇٽڻ شروع ٿي وڃن ٿا.
⏪جيڪڏھن ڪو ڪيڙو ۔ وڇون ڏنگ ھڻي تہ بصر جو پاڻي۽ نوشادر ملائي ڏنگ جي جڳھ تي ھڻجي تہ سوزش ھلي ويندي.
⏪اکين جي ساڙي ۔ سفيدي ۽ موتيي جي ابتدا ۾ بصر جو پاڻي ۽ ماکي ملائي ڊراپر ۾ وجهجي. اک ۾ 2 ڦڙا وجهجن.
⏪بصرن کي گهوٽي وارن کي ھڻجي تہ وار مضبوط ٿيندا ۽ ڪونہ ڪرندا.
⏪بدن تي ڪارا داغ ھجن تہ انهن کي بصر جو پاڻي ھڻندو رھجي.
⏪بصر جي پاڻي جا 2 ڦڙا ڪن ۾ ٽپڪائڻ سان ڪن جو درد ختم ٿي وڃي ٿو.
⏪ جيڪڏھن چمڙي سڙي پوي تہ ان تي بصر جو پاڻي ھڻجي.
⏪جيڪڏھن ڪنڊو لڳي تہ بصر جي لپري ان کي ٻڌي رکجي تہ ڪنڊو نڪري ايندو.
⏪بصر جو پاڻي ۽ موم ملائي رکجي. ھي چھري جي داڻن ۽ گهنجن کي ختم ڪري ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment