Monday, 6 May 2019

امڙ Mother

MyDairyAsgharSagar

Sunday, 5 May 2019

دوست سڏائي سڀڪو سنڌيڪار:| اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
ھڪ شخص جو پٽ رات جو گهر دير سان ايندو ھو ۽ جڏھن بہ ھن جو پي ھن کان پڇندو ھيو تہ پٽ ڪٿي ھئين تہ جهٽ چوندو ھيو تہ دوست سان گڏ ھيس.
ھڪ ڏينھن ھن جو پٽ جڏھن رات جو گهڻي دير سان آيو تہ پي چيو
”اڄ مان تنھنجي دوست سان ملندس.“
”بابا ھن وقت!“ پٽ جلدي چيو.
”ھاڻي رات جا 12 ٿيا آھن. ھن مھل نہ سڀاڻي ڏينھن جو ھلنداسين.“
”تنھنجي دوست جي خبر تہ پوي“
پي اسرار ڪيو
”ھاڻي ھلنداسين.“
ٻئي ھڪ گهر وٽ پھتا. پٽ در کڙڪايو پر ڪافي دير تائين جواب نہ آيو.
”ھن بيگاھ وقت ڇو آيا آھيو“
بالڪوني مان منھن ڪڍي ھڪ بزرگ ڏٺو.
”مان پنھنجي دوست سان ملڻ آيو آھيان.“
”پر ھو ستل آھي.“ بزرگ چيو
”چاچا ھن کي جاڳايو مون کي ان سان ضروري ڪم آھي.“
ڪافي دير کان پوء بزرگ آيو. منھنجو پٽ چوي ٿو
”صبح جو اچجانء. ھينئر سمھڻ ڏي.“ بزرگ رخو جواب ڏنو. واسطو ڪم نہ آيو. بزرگ ھيٺ اچي ملڻ گوارا نہ ڪيو ۽ نڪي ھن جي دوست ڪا موٽ ڏني. ڇوڪرو پي آڏو ڦڪو ٿي رھيو ھو.
”ھاڻي مان پنھنجي دوست وٽ ھلان ٿو.“ پوڙھي پٽ کي وٺي واٽ ورتي.
پري جو سفر ڪندي آڌيء جو ٻئي ھڪ ڳوٺ پھتا. ھن جي پيء خيرالدين جو در کڙڪايو پر جواب نہ آيو. پوڙھي زور سان پڪاريو
”مان بخشل آھيان“
ھن ڀيري بہ خاموشي نظر آئي. پٽ جي چھري تي فاتحانا مرڪ ترڻ لڳي.
عين ان وقت لٺ جي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ ۾ آئي. در جي ڪنڍي کلڻ جو آواز اٿيو.
ھڪ پوڙھي شخص نڪرندي ئي ھن جي پي کي ڀاڪر ۾ ڀريو
”منھنجا دوست مون کي معاف ڪجانء! دير جي معافي! مون کي دير ان ڪري ٿي جو 27 سالن کان پوء آڌيء جو تو منھنجو در کڙڪايو آھي. مون سوچيو تون مصيبت ۾ ھوندين. مون گڏ ڪيل پيسا ڪڍيا. وري پٽ کي اٿاريو متان ماڻھو جي ضرورت ھجي ۽ وري سوچيو فيصلي لاء پڳ جي ضرورت ھجي اھا بہ کڻي آيو آھيان. سڀ ڪجھ تو آڏو حاضر آھي. پھرين ٻڌاء ڇاجي ضرورت آھي؟“
ڳالهيون ٻڌي پٽ جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. ھن کي پي جو دوست وزني ۽ پنھنجو دوسٿ ڦلترو لڳي رھيو ھو. ھن کي پي جا لفظ ياد اچي رھيا ھئا
”پٽ دوست اھو ناھي جيڪو گپ شپ ۽ ٺاشا ماشا ڪري پر دوست اھو آھي جيڪو ساٿ نڀائي ۽ تتي ٿڌي ڪم اچي“

ٽماٽو معدي جو ڪينسر روڪيندڙ | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
ٽماٽو اسان وٽ کائڻ واري عام شي آھي جيڪو جٿي ڪٿي ملي ٿو ۽ سستو بہ آھي. ماھرن انڪشاف ڪيو آھي تہ ٽماٽي جو استعمال ڪينسر کان دور رکي سگهي ٿو.
معدي جو ڪينسر Gastric cancer دنيا ۾ عام قسم جو ڪيسر آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھي ڪينسر موروثي بہ سگهي ٿو پر اڪثر ڪري غير متوازن ۽ اڻ صحتمند کاڌن جي ڪري پيدا ٿئي ٿو.
ڊگهي عرصي تائين تماڪ نوشي ڪرڻ وارن ۽ وڌيڪ مصالحا ۽ لوڻ استعمال ڪرڻ وارن کي ٿي سگهي ٿو. حال ۾ ڪيل تحقيق مطابق ٽماٽي جا جزا معدي جي ڪينسر جي گهرڙن جي روڪ ڪندڙ آھن. ٽماٽي ۾ موجود جزا کاڌي پچائڻ دوران تيز باھ جي ڪري ختم ٿي وڃن ٿا ان ڪري انهن کي سلاد جي صورت ۾ ڪچو استعمال ڪرڻ کپي يا ٽماٽن کي ڀاڄي جي آخر ۾ وجهجي.
ٽماٽي ۾ موجود عنصر لائڪوپين جسم جي لاء نھايت فائديمند آھي جيڪو جسم ۾ ھاڪاري ڪيميائي تبديليون پيدا ڪري ٿو ۽ ڪينسر کان بچائي ٿو. ان کان اڳ ٽماٽي کي غدودن جي ڪينسر لاء پڻ لاڀائتو ڄاڻايو ويو ھو.

ڌيان ۽ گيان چونڊ ۽ سوڌ سنوار | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
هڪ عورت روز مندر ۾ پوڄا ڪرڻ ويندي هئي. هڪ ڏينھن ھن جي من ۾ خيال آيو تہ سڀاڻي کان مندر نہ ويندي.
”مان هاڻي مندر ۾ نہ ايندس پر گهر ۾ پوڄا ڪندس“ مائي پوڄاري کي چيو.
اهو ٻڌي پوڄاري کي حيرت وٺي وئي ۽ ڪجھ پل سوچ ۾ پئجي ويو”ھي مائي گذريل 20 سالن کان اچي پئي، الائي ڇو ھاڻ ھن کي ڇا ٿي ويو آھي“.
اهڙو ڇا ٿيو آهي جو توھان مندر نہ ايندئو. ڪنھن ڪجھ چيو آھي؟ پوڄاري سوچ ٽوڙي.
”مان هتي جڏهن بہ ايندي آهيان تہ هر ماڻهو ستسنگ کي ڇڏي پنهنجون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ ڪي وري گيت ٻڌائيندا آهن ان ڪري منھنجي دل نٿي لڳي.“ مائي وراڻيو.
پوجاري 10 منٽن لاء خاموش ٿي ويو.
”مان تو کي هڪ گلاس پاڻي جو ڀري ڏيان ٿو۔ اهو گلاس کڻي مندر جا ست چڪر لڳائي اچو پر شرط اهو آھي تہ انهي جو هڪ ڇنڊو بہ زمين تي نہ ڪري.“
پوڄاري پاڻي جو گلاس هٿ ۾ ڏنو. مائي گلاس کڻي مندر جا ست چڪر لڳايا ۽ واپس موٽي آئي.
”انهي سان ڇا ٿيندو“ مائي پڇيو.
”رستي ۾ توکي ماڻهن ڪنھن ڪجھ چيو.“ پوڄاري مائي کان گلاس ورتو.
”3 ماڻهن ڪجھ چيو.“ مائي وراڻيو.
ڇا چيو انهن؟ پوڄاري سوال ڪيو.
مائي پوڄاري ڏي ڏٺو.
ھڪ چيو
”مائي چري ٿي پئي آھي.پاڻي هاري نٿي صرف کڻي گهمي پئي.
ٻئي چيو
”مائي کي ضرور ڪنھن ڀوپي ڏس ڏنو ھوندو.“
ٽئين چيو
”مائي ڪنھن صدمي سبب اهو سڀ ڪجھ پئي ڪري. انهن گيت ڳايا پر منھنجو ڌيان نہ ڀٽڪيو.“
تو ڇا چيو ۽ ڇا سوچيو؟
”منھنجو ڌيان گلاس ۾ هو ڪٿي پاڻي جو هڪ ڇنڊو بہ نہ ڪري.“
”انهي لاء مون توکي ڌيان ۽ گيان پئي ڏيڻ چاهيو. دنيا ڀلي ڇا بہ ڪري جيڪڏھن توهان جو ڌيان مقصد تي آهي تہ توهان کي ڪير بہ حاصلات کان روڪي نٿو سگهي.“ پوڄاري وضاحت ڪئي.
اهو ٻڌي عورت جي اکين مان لڙڪن جي لھر اچي وئي. مائي پوڄاري کان معذرت ڪئي ۽ وري مندر اچڻ جي ھامي ڀري. ھن لکڻي جو مقصد ساڳيو آهي تہ جيڪو پنھنجي مقصد ڏي ڌيان ڏيندو سوئي گيان پائيندو.

Friday, 3 May 2019

چالاڪي| لياقت بخاري

MyDairyAsgharSagar
هڪ شخص شهر ۾ گڏھ وڪڻڻ لاءِ واڪا ڏيئي رهيو هو. گڏھ ويڪو آهي، رڳو پنج سئو رپين ۾ گڏھ وٺو. ڪنھن بہ ان ڏانهن ڌيان نہ پئي ڏنو ڇوجو گڏھ نھايت ڪمزور ۽ ٿَڪل پئي لڳو.
اتفاق سان ان مھل بادشاہ بہ پنھنجي شھزادي ۽ وزير سان اتان لنگهيو. سندس نظر گڏھ وڪڻڻ واري تي پيئي. هن گڏھ جو مُلھ پڇيو. گڏھ جي مالڪ بادشاھ جي دلچسپي ڏسي کيس گڏھ جو مُلھ پنجاھ هزار ٻُڌايو. بادشاھ کانئس پُڇا ڪئي
”هن ۾ ڪھڙي خاصیت آهي جو ايڏي وڏي قيمت پيو گهُرين؟“
 گڏھ جي مالڪ جواب ڏنو
”حضور جيڪو هن تي سوار ٿئي ٿو تنھن کي مڪو ۽ مدینو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.“
بادشاھ کي حيرت ورتو.
”جيڪڏهن تنھنجي ڳالھ سچ ٿي تہ آءٌ توکي پنجاھ هزارن جي جاءِ تي لک رپيا ڏيندس.“
بادشاھ وزير کي حڪم ڏنو تہ گڏھ تي سوار ٿي ٻڌائي تہ ھن کي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟
وزیر گڏھ تي سوار ٿيڻ لاءِ اڃان مس گڏھ جي ويجهو ٿيو تہ گڏھ جي مالڪ بادشاھ کي چيو
”حضور مڪو ۽ مدینو ڪنھن رشوت خور ۽ بي ايمان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندو.“
ان تي وزیر ڪاوڙ مان چيو
”ڇا اسان توکي ڪي رشوت خور ۽ بي ايمان پيا ڏسجون؟“
وزير گڏھ تي سوار ٿيو پر کيس ڏسڻ ۾ ڪجھ بہ نہ آيو۔ وزير سوچڻ لڳو تہ جيڪڏهن آءٌ سچ بڌائيندس تہ منھنجي بدنامي ٿيندي. وزير چالاڪيءَ سان رڙ ڪري چوڻ لڳو
”ماشاء اللہ، سبحان اللہ ڇا نظارو آهي“.
اِهو ٻُڌي بادشاھ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ اهڙو نظارو ڏسڻ لاءِ وزير کي هيٺ لاهي پاڻ گڏھ تي سوار ٿيو. هن کي بہ ڪجھ ڏسڻ ۾ نہ آيو پر پنهنجي شان ۽ شوڪت جو ڀرم رکڻ لاءِ سرھي نموني چوڻ لڳو
”واھ سائين واھ ، واقعي گڏھ واھ جو ڪرامتي آهي پر وزیر ۾ مون جھڙي نظر ئي ڪونهي جو سڄو نظارو ڏسي سگهي، مون کي تہ مڪي مديني سان گڏ جنت بہ ڏسڻ ۾ پيئي اچي“ 
اهو ٻڌي اتي بيٺل ميڙ بغير ڪجھ سوچڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ جي واھ واھ ڪرڻ لڳو. ڪن گڏھ تي هٿ ڦيريا تہ ڪن بادشاھ کان داد حاصل ڪرڻ لاٰءِ ان کي چُمڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن مَھل اسان جي سماج ۾ ڪئي اهڙا مَڪار موجود آهن جيڪي پنھنجي چالاڪيءَ سان ٻين جي اکين ۾ ڌوڙ پيا وجهن ۽ عوام آسيس ۾ ڦرجي پئي.

🌷وارن جي خشڪي جو علاج🌷

MyDairyAsgharSagar
نم جي پنن ۽ ٽالھي جي پنن کي ڌار ڌار خشڪ ڪجي. ٻنهن کي ڌار ڌار ڪٽي پائوڊر ڪجي. ٻئي ھموزن ملائي رکجن.
3 چمچا پائوڊر گلاس پاڻي ۾ ڪاڙھي اڌ گلاس پاڻي کان مٿي ڪجھ پاڻي بچي تہ لاھي ڇاڻجي ۽ پاڻي ٿڌو ٿئي تہ وارن کي ملجي. ڪلاڪ ترسي وارن کي شيمپو سان ڌوئجي. ھفتي ۾ ائين 2 ڀيرا ڪجي. وارن جي خشڪي ختم ٿيندي ويندي.

سنڌي تھدار برياني🌷حاجي خان دريشاڻي🌷

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب:
◀چانور سيلا        ڪلو
◀پاڻي                 ڏيڍ ڪلو
◀تيل                  ڏيڍ چمچو وڏو
◀بصر                 ڏيڍ پاء
◀ٽماٽا                 پاء
◀گوشت              اڌڪلو
◀جيرو پيٺل        چمچو
◀ڌاڻا پيٺل           چمچو
◀ساوا مرچ               4 عدد
◀ٿوم                  ھڪ عدد
◀لونگ                1 عدد
◀گدامڙي             6 ڳڙيون
◀ڌاڻا ساوا ڪاتر   چمچو
◀لوڻ حسب ضرورت

⏪ترڪيب:
◀گدامڙي کي آني پاڻي ۾ وجهي ملي ان کي ڇاڻي ۾ ڇاڻي رس کي ٿانو ۾ رکجي.
◀پھرين چانورن کي اڌ ڪلاڪ پاڻي ۾ پسائجي.
◀اتان چانور ڪڍي ھاڻي چانورن ڪلو کي ڏيڍ ڪلو پاڻي ۾ وجهي ڪاڙھي.
◀چانور اڌ ڪچا پڪا ٿين تہ پاڻي مان ڪڍي رکجن.
◀ھاڻي خالي ديڳڙي ۾ ڏيڍ چمچو وڏو تيل جو وجهي تيل کي گرم ڪجي.
◀ھاڻي بصر ڏيڍ پاء ڪاتر کي تيل ۾ ھلڪو داغ ڏجي.
◀بصر ھلڪا ڳاڙھسرا ٿين تہ تيل مان ڇاڻي ڌار رکجن.
◀ھاڻي ان گرم گھ ۾ اڌ ڪلو گوشت ڀڃجي.
◀گوشت اڌ ڳاڙھسرو ٿئي تہ ان ۾ آڱر جو چوٿون حصو ادرڪ کي ڪاتر ڪري وجهجي.
◀ٿورڙي دير کان پوء ٽماٽا ڪٽيل پاء وجهجن.
◀ھاڻي ڀڃيل بصر وجهجن.
◀ٿورڙو ھلائي اتي جيرو ۽ ڌاڻا پيٺل ۽ لوڻ وجهجن.
◀اتي ھڪ عدد لونگ ۽ ھڪ عدد ٿوم ڪاتر وجهجي.
◀گدامڙي جي رس کي اتي وجهجي.
◀ڀاڄي ڏھن منٽن ۾ تيار ٿي ويندي.
◀ھاڻي ھڪ چمچو گھ ديڳڙي ۾ وجهجي.
◀ھاڻي چانورن جو ھڪ تھ ديڳڙي ۾ وڇائجي.
◀ان جي مٿان ڏيڍ چمچو ڀاڄي جو وجهجي.
◀وري ھڪ چانورن جو تھ مٿان وجهجي.
◀بقايا ڀاڄي چانورن مٿان وڇائجي.
◀بقايا چانور ڀاڄي جي مٿان وڇائجن.
◀ھاڻي ڏھي اڌ پيالي ۾ زردي جو رنگ چمچي جو چوٿون حصو ملائي ھڪ ڪجي.
◀ھاڻ ان ڏھي جو چانورن مٿان ٽيھو ڏجي.
◀ھاڻي ديڳڙي کي ڍڪ ڏيئي 10 ان 15 منٽ دم ڏجي.
◀سنڌي تھدار برياني تيار آھي.

Thursday, 2 May 2019

پوپٽ پنھنجو کاڌو پيرن سان چکي ٿو🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
پوپٽ کاڌي چکڻ لاء پنھنجا پير استعمال ڪري ٿو. پوپٽن کي سچي پچي وات نہ ٿيندا آھن. کائڻ لاء پوپٽ پنھنجي جسم جو وڏو چمڙي وارو حصو کولي ٿو جنھن کي ناس Proboscis سڏجي ٿو ۽ پاڻيٺ کي رس ۽ لار جيان چوسي ٿو. ھي غذائي جزن لاء ڪم ڪري ٿو. ناس Proboscis ۾ سواد بيان ڪرڻ لاء حواسر Sensor نہ ھوندا آھن پر ان جي بدران اھي حواسر پوپٽ جي ٽنگن جي پويان واقع ھوندا آھن.

مٺي لسي ٺاھڻ🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب:-

◀ڏھي              اڌ ڪلو
◀کير                پاء
◀پاڻي              پاء
◀کنڊ                مٺي آھر
⏪ترڪيب:-
◀سڀن شين کي گِهرڻي Grinder ۾ وجهي گهمائجي.
◀سڀئي شيون ملي وڃن تہ وري لسي ۾ برف وجهي وري گِهرڻي ۾ گهمائجي.
◀ٿڌي مٺي لسي تيار آھي.


نيراني کائجندڙ شيون جيڪي نقصان ڏين ٿيون.🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
ڇا توھان ڄاڻو ٿا تہ اھڙيون ڪافي غذائون آھن جيڪي نيراني کائڻ سان نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون. اھڙين غذائن جو احوال ڏجي ٿو جن کي نيراني کائڻ نہ کپي.
◀ڪيڪ يا پيسٽري:-
نيراني ڪيڪ يا پيسٽري جھڙين غذائن کان پرھيز ڪرڻ کپي ڇوجو خمير واريون غذائون نيراني پيٽ لاء صحيح ناھن جن جي ڪري آنڊن ۾ تڪليف ۽ گئس جا مسئلا پيدا ٿين ٿا.
◀مٺائي:-
صبح اٿندي ئي خالي پيٽ مٺائي کائڻ پتي لاء نقصانڪار آھي. ائين ڪرڻ سان شڳر جو خطرو وڌي ٿو.
◀ڏھي:-
نيراني ڏھي کائڻ سان پيٽ ۾ ھيڊوڪلورڪ ايسڊ پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪو توھان جي پيٽ ۾ ليڪٽڪ ايسڊ بيڪٽيريا کي ختم ڪري ڇڏي ٿو جيڪو جسم لاء فائديمند آھي ان ڪري ڏھي نيراني نہ کائڻ نہ کپي.
◀زيتون:-
زيتون ۾ ڪچا تاندور ٿين ٿا جيڪي نيراني کائڻ سان بلغم جي جهلي کي متاثر ڪن ٿا ان ڪري نيراني زيتون جي چونڊ ڪرڻ صحيح ناھي.
◀ٽماٽو:-
ٽماٽي ۾ ٽينڪ ايسڊ جي مقدار گهڻي ٿئي ٿي. نيراني کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت جو خطرو وڌي وڃي ٿو ۽ ان تيزابيت سان گيسٽرڪ السر پيدا ٿي سگهي ٿو.
◀ونگو ۽ ٻيون سبزيون:-
ڪچين سبزين ۾ امينو تيزاب وڌيڪ مقدار ۾ ٿئي ٿو جيڪو خالي معدي کي متاثر ڪري ٿو. کيري يا ٻين اھڙين شين کي نيراني کائڻ سان پيٽ ۾ ساڙو ۽ پيٽ ۾ سور جھڙا مسئلا ڪر کڻي سگهن ٿا.
◀ڪيلو:-
خالي معدي ڪيلو کائڻ سان جسم ۾ مئگنيشم جي مقدار وڌي سگهي ٿي جيڪا خون ۾ شامل ٿي دل کي نقصان ڏيئي سگهي ٿي.
◀مصالحو:-
نيراني مساليدار کاڌا پيٽ جي ساڙي ۽ معدي جا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ بدھضمي پيدا ٿي سگهي ٿي.
◀ٿڌا مشروب:-
نيراني ٿڌا مشروب پيٽ تائين پھچڻ واري رت کي رت جي رفتار کان ھلڪو ڪن ٿا جنھن جي ڪري کاڌي کي ھضم ٿيڻ ۾ وقت لڳي ٿو ۽ ٻيا عارضا جنم وٺي سگهن ٿا.
◀کٽا ميوا:-
کٽن ميون ۾ ھڪ اھڙو تيزاب ئوجود ٿئي ٿو جو نيراني کائڻ سان معدي جو ساڙو پيدا ٿئي ٿو جنھن جي ڪري گيسٽرڪ السر پيدا ٿي وڃي ٿو.

Wednesday, 1 May 2019

بس ۾ نڪاح🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
لاھور کان ايبٽ آباد بس وڃي رھي ھئي. جڏھن بس اسٽيشن تي پھتي تہ اڳين سيٽ تي ويٺل ھڪ بزرگ جنھن کي سٺا ڪپڙا پاتل ھئا اٿي بيٺو ۽ سڀني مسافرن سان مخاطب ٿيو
”منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرو! مان پينو يا فقير ناھيان، رب مون کي نعمتن سان نوازيو آھي پر منھنجي زال ھڪ موضي مرض ۾ رب کي پياري ٿي وئي. مان درآمد ۽ برآمد جو واپار ڪندو آھيان پر ڪجھ ڏينھن ٿيا جو فيڪٽري کي باھ لڳي وئي ۽ منھنجو الھ تلھ چٽ ٿي ويو. ڪجھ مدت گذري مون کي دورو پيو. رشتيدارن محسوس ڪيو تہ منھنجا برا ڏينھن شروع ٿي ويا آھن، اھي مون کان کسڪڻ لڳا. ڊاڪٽرن مون کي لاعلاج قرار ڏنو. منھنجي ھي جوان ڌي آھي، مون کان پوء ان جو ڪوبہ وارث ناھي. اھا ڳالھ ماري ٿي تہ مون کان پوء ڪير ھن جي عصمت تار تار نہ ڪري ۽ ان شخص جي دل جو ڊھڪو وڌي ويو. ھڪ جوان ڇوڪري اٿي ان کي سھارو ڏيئي سيٽ تي ويھاريو.
بس جي پوئين سيٽ تان ھڪ ماڻھو اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو
”منھنجا ٻہ پٽ آھن، ھڪ ڊاڪٽر آھي ان جي شادي ٿي وئي آھي ۽ ٻيو منھنجو پٽ جيڪو اڳين سيٽ تي ويٺو آھي اھو انجنيئر آھي مون ان جي ڪنوار جي تلاش آھي. مان ان بزرگ کي عرض ٿو ڪريان تہ پنھنجي ڌي منھنجي پٽ جي نڪاح ۾ ڏئي، مان واعدو ٿو ڪريان تہ ھن نياڻي کي ڪڏھن بہ پي جي کوٽ محسوس ٿيڻ نہ ڏيندس.“
ڇوڪرو اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو
”مون کي رشتو قبول آھي.“
بس ۾ موجود ھڪ مولوي اٿي چوڻ لڳو
”ھي سفر ڏاڍو مبارڪ سفر آھي، سفر ۾ نڪاح جھڙو عمل ٿي وڃي ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي شي ٿيندي. جيڪڏھن ماڻھن کي اعتراض نہ ھجي تہ مان نڪاح پڙھايان.“
سڀ چوڻ لڳا
”ماشاءاللہ ۔ سبحان اللہ.“
۽ مولوي صاحب نڪاح پڙھائي ڇڏيو.
ھڪ ٻيو ماڻھو اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو
”مان موڪل تي وڃي رھيو آھيان انهي مناسبت سان مون گهر لاء مٺائي ورتي پر ھن مبارڪ عمل کي ڏسي سمجهان ٿو تہ ڇونہ مٺائي ھتي ورھائي ڇڏيان.“
ھن ڪنوار جي پي سان مخاطب ٿيندي چيو.
ڪنوار جي پي ڊرائيور کي چيو
”ڊرائيور ميان! پنج منٽ بس کي ڪنھن جڳھ تي روڪ تہ اسان منھن مٺو ڪريون.“
”ٺيڪ آھي بابا جي“
ڊرائيور چيو.
سج لٿو. انڌيرو ٿيو. ڇوڪري جي پي بس کي روڪڻ لاء چيو.
بس رڪي. مسافر لٿا. قالين وڇايو ويو. مسافر ويٺا. سڀئي گڏجي لڏو کائڻ لڳا. لڏو کائيندي ئي مسافرن ۔ ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر کي ننڊ اچي وئي. صبح جا اٺ وڄي چڪا ھئا پر ڪنوار ۽ گهوٽ ۔ انهن جا ٻہ پي ۔ مولوي صاحب ۽ لڏو ورھائڻ وارو غائب ھيا. مسافرن وٽ نہ گهڙي نڪي پيسہ ۽ نڪي سامان ھيو سڀ ڪجھ ڦرجي چڪو ھو انهن وٽ ڪجھ بہ نہ بچيو. انهن کي 6 ميمبرن جو ڦورو گروپ ڦري رات جي وڳڙي ۾ نامعلوم ھنڌ روانو ٿي چڪو ھيو.

شيڪسپيئر🌷رسول بخش پليجو🌷

MyDairyAsgharSagar
جنھن سال برونو اٽليءَ ۾ ڄائو، انهيءَ ساڳئي سال انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو هو. هن ٻہ-چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينھن پيو رُلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هو جو تر جي زميندارن جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنھن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پچائي مار ڪڍيائينس. هوڏانھن جوڻس بہ اچي ڪوڪر ڪري کنيس تہ
“مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين!”
تنھن تي مڙس رُسي، وڃي لنڊن نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻا ئي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.
هيءُ اُهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سِڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪ هو تہ مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستين سبب تفرقي ۾ هو. هيءُ انگلينڊ جي ڦوھ جوانيءَ جو دؤر هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي  چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياھ پئي وهيا. هيءُ ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جھڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنھن سان ڪونہ ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويھي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻُڌايائين، تڏهن اهي اچي کِل ۾ ڇُٽا، چي
“ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي، اهي ڪم ڪن تہ ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالھ جهنگ مان رُلي رُلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين!”
همراھ اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين، پر کانئس رهيو نہ ٿيو، سو ٻيو بہ کيل لکيائين، ٽيون بہ لکيائين، پر ڪنھن پڇيس بہ ڪونہ. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اُڇلي ڇڏيو.
“ڀلا ائين بہ ڪو کيل لکبو آهي؟ نہ ٻوليءَ ۾ چس، نہ ڳالھ ۾ سواد!”
پر هيءُ همراھ نه مڙيو. سڄا سارا 25 کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ هن پنھنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنھن ۾ ائڪٽنگ بہ پيو ڪندو هو تہ ناٽڪ بہ لکندو هو. آخر 52 ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا
 “جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبہ چٽو مقصد ڪونہ آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿي پيو تہ مطلب ڪھڙو اٿس، وغيره وغيره.” ڪن چيو تہ فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب تہ ڪنھن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور،  ٻھراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعليٰ اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيھي سگهندو؟
انهيءَ ڳالھ کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گھلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اُڇلي آيون، تہ ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهيائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ  مچي وئي “اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب آھي، وڏو دانا آھي. يگانو ڊرامه نويس آھي، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر آھي! هن جھڙو نہ ٿيو نہ ٿيندو!”
400 سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مھذب دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي وئي آهي. کيس دنيا جي مُٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. علم ۽ ادب جي سلطنت ۾ هن جو سِڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇھن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابہ ٻولي ڪانهي، جنھن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نہ ٿيل هجن. ۽ ها، جن “قابلن”، “دانائن” ۽ “عالمن” کيس “ڄٽ”، “جاهل” ۽ “ادبي چور” ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان بہ ڪونہ بچيو آهي. ڪنھن کي خبر ڪانهي تہ اهي “وڏا بزرگ” ڪھڙي باغ جي موري هئا.
انهيءَ ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهي شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!“