ھڪ شخص جو پٽ رات جو گهر دير سان ايندو ھو ۽ جڏھن بہ ھن جو پي ھن کان پڇندو ھيو تہ پٽ ڪٿي ھئين تہ جهٽ چوندو ھيو تہ دوست سان گڏ ھيس.
ھڪ ڏينھن ھن جو پٽ جڏھن رات جو گهڻي دير سان آيو تہ پي چيو
”اڄ مان تنھنجي دوست سان ملندس.“
”بابا ھن وقت!“ پٽ جلدي چيو.
”ھاڻي رات جا 12 ٿيا آھن. ھن مھل نہ سڀاڻي ڏينھن جو ھلنداسين.“
”تنھنجي دوست جي خبر تہ پوي“
پي اسرار ڪيو
”ھاڻي ھلنداسين.“
ٻئي ھڪ گهر وٽ پھتا. پٽ در کڙڪايو پر ڪافي دير تائين جواب نہ آيو.
”ھن بيگاھ وقت ڇو آيا آھيو“
بالڪوني مان منھن ڪڍي ھڪ بزرگ ڏٺو.
”مان پنھنجي دوست سان ملڻ آيو آھيان.“
”پر ھو ستل آھي.“ بزرگ چيو
”چاچا ھن کي جاڳايو مون کي ان سان ضروري ڪم آھي.“
ڪافي دير کان پوء بزرگ آيو. منھنجو پٽ چوي ٿو
”صبح جو اچجانء. ھينئر سمھڻ ڏي.“ بزرگ رخو جواب ڏنو. واسطو ڪم نہ آيو. بزرگ ھيٺ اچي ملڻ گوارا نہ ڪيو ۽ نڪي ھن جي دوست ڪا موٽ ڏني. ڇوڪرو پي آڏو ڦڪو ٿي رھيو ھو.
”ھاڻي مان پنھنجي دوست وٽ ھلان ٿو.“ پوڙھي پٽ کي وٺي واٽ ورتي.
پري جو سفر ڪندي آڌيء جو ٻئي ھڪ ڳوٺ پھتا. ھن جي پيء خيرالدين جو در کڙڪايو پر جواب نہ آيو. پوڙھي زور سان پڪاريو
”مان بخشل آھيان“
ھن ڀيري بہ خاموشي نظر آئي. پٽ جي چھري تي فاتحانا مرڪ ترڻ لڳي.
عين ان وقت لٺ جي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ ۾ آئي. در جي ڪنڍي کلڻ جو آواز اٿيو.
ھڪ پوڙھي شخص نڪرندي ئي ھن جي پي کي ڀاڪر ۾ ڀريو
”منھنجا دوست مون کي معاف ڪجانء! دير جي معافي! مون کي دير ان ڪري ٿي جو 27 سالن کان پوء آڌيء جو تو منھنجو در کڙڪايو آھي. مون سوچيو تون مصيبت ۾ ھوندين. مون گڏ ڪيل پيسا ڪڍيا. وري پٽ کي اٿاريو متان ماڻھو جي ضرورت ھجي ۽ وري سوچيو فيصلي لاء پڳ جي ضرورت ھجي اھا بہ کڻي آيو آھيان. سڀ ڪجھ تو آڏو حاضر آھي. پھرين ٻڌاء ڇاجي ضرورت آھي؟“
ڳالهيون ٻڌي پٽ جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. ھن کي پي جو دوست وزني ۽ پنھنجو دوسٿ ڦلترو لڳي رھيو ھو. ھن کي پي جا لفظ ياد اچي رھيا ھئا
”پٽ دوست اھو ناھي جيڪو گپ شپ ۽ ٺاشا ماشا ڪري پر دوست اھو آھي جيڪو ساٿ نڀائي ۽ تتي ٿڌي ڪم اچي“
0 comments:
Post a Comment