Wednesday, 1 May 2019

شيڪسپيئر🌷رسول بخش پليجو🌷

جنھن سال برونو اٽليءَ ۾ ڄائو، انهيءَ ساڳئي سال انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو هو. هن ٻہ-چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينھن پيو رُلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هو جو تر جي زميندارن جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنھن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پچائي مار ڪڍيائينس. هوڏانھن جوڻس بہ اچي ڪوڪر ڪري کنيس تہ
“مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين!”
تنھن تي مڙس رُسي، وڃي لنڊن نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻا ئي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.
هيءُ اُهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سِڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪ هو تہ مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستين سبب تفرقي ۾ هو. هيءُ انگلينڊ جي ڦوھ جوانيءَ جو دؤر هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي  چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياھ پئي وهيا. هيءُ ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جھڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنھن سان ڪونہ ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويھي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻُڌايائين، تڏهن اهي اچي کِل ۾ ڇُٽا، چي
“ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي، اهي ڪم ڪن تہ ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالھ جهنگ مان رُلي رُلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين!”
همراھ اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين، پر کانئس رهيو نہ ٿيو، سو ٻيو بہ کيل لکيائين، ٽيون بہ لکيائين، پر ڪنھن پڇيس بہ ڪونہ. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اُڇلي ڇڏيو.
“ڀلا ائين بہ ڪو کيل لکبو آهي؟ نہ ٻوليءَ ۾ چس، نہ ڳالھ ۾ سواد!”
پر هيءُ همراھ نه مڙيو. سڄا سارا 25 کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ هن پنھنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنھن ۾ ائڪٽنگ بہ پيو ڪندو هو تہ ناٽڪ بہ لکندو هو. آخر 52 ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا
 “جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبہ چٽو مقصد ڪونہ آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿي پيو تہ مطلب ڪھڙو اٿس، وغيره وغيره.” ڪن چيو تہ فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب تہ ڪنھن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور،  ٻھراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعليٰ اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيھي سگهندو؟
انهيءَ ڳالھ کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گھلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اُڇلي آيون، تہ ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهيائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ  مچي وئي “اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب آھي، وڏو دانا آھي. يگانو ڊرامه نويس آھي، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر آھي! هن جھڙو نہ ٿيو نہ ٿيندو!”
400 سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مھذب دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي وئي آهي. کيس دنيا جي مُٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. علم ۽ ادب جي سلطنت ۾ هن جو سِڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇھن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابہ ٻولي ڪانهي، جنھن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نہ ٿيل هجن. ۽ ها، جن “قابلن”، “دانائن” ۽ “عالمن” کيس “ڄٽ”، “جاهل” ۽ “ادبي چور” ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان بہ ڪونہ بچيو آهي. ڪنھن کي خبر ڪانهي تہ اهي “وڏا بزرگ” ڪھڙي باغ جي موري هئا.
انهيءَ ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهي شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!“

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment