⏪ترتيب:
◀چانور سيلا ڪلو
◀پاڻي ڏيڍ ڪلو
◀تيل ڏيڍ چمچو وڏو
◀بصر ڏيڍ پاء
◀ٽماٽا پاء
◀گوشت اڌڪلو
◀جيرو پيٺل چمچو
◀ڌاڻا پيٺل چمچو
◀ساوا مرچ 4 عدد
◀ٿوم ھڪ عدد
◀لونگ 1 عدد
◀گدامڙي 6 ڳڙيون
◀ڌاڻا ساوا ڪاتر چمچو
◀لوڻ حسب ضرورت
⏪ترڪيب:
◀گدامڙي کي آني پاڻي ۾ وجهي ملي ان کي ڇاڻي ۾ ڇاڻي رس کي ٿانو ۾ رکجي.
◀پھرين چانورن کي اڌ ڪلاڪ پاڻي ۾ پسائجي.
◀اتان چانور ڪڍي ھاڻي چانورن ڪلو کي ڏيڍ ڪلو پاڻي ۾ وجهي ڪاڙھي.
◀چانور اڌ ڪچا پڪا ٿين تہ پاڻي مان ڪڍي رکجن.
◀ھاڻي خالي ديڳڙي ۾ ڏيڍ چمچو وڏو تيل جو وجهي تيل کي گرم ڪجي.
◀ھاڻي بصر ڏيڍ پاء ڪاتر کي تيل ۾ ھلڪو داغ ڏجي.
◀بصر ھلڪا ڳاڙھسرا ٿين تہ تيل مان ڇاڻي ڌار رکجن.
◀ھاڻي ان گرم گھ ۾ اڌ ڪلو گوشت ڀڃجي.
◀گوشت اڌ ڳاڙھسرو ٿئي تہ ان ۾ آڱر جو چوٿون حصو ادرڪ کي ڪاتر ڪري وجهجي.
◀ٿورڙي دير کان پوء ٽماٽا ڪٽيل پاء وجهجن.
◀ھاڻي ڀڃيل بصر وجهجن.
◀ٿورڙو ھلائي اتي جيرو ۽ ڌاڻا پيٺل ۽ لوڻ وجهجن.
◀اتي ھڪ عدد لونگ ۽ ھڪ عدد ٿوم ڪاتر وجهجي.
◀گدامڙي جي رس کي اتي وجهجي.
◀ڀاڄي ڏھن منٽن ۾ تيار ٿي ويندي.
◀ھاڻي ھڪ چمچو گھ ديڳڙي ۾ وجهجي.
◀ھاڻي چانورن جو ھڪ تھ ديڳڙي ۾ وڇائجي.
◀ان جي مٿان ڏيڍ چمچو ڀاڄي جو وجهجي.
◀وري ھڪ چانورن جو تھ مٿان وجهجي.
◀بقايا ڀاڄي چانورن مٿان وڇائجي.
◀بقايا چانور ڀاڄي جي مٿان وڇائجن.
◀ھاڻي ڏھي اڌ پيالي ۾ زردي جو رنگ چمچي جو چوٿون حصو ملائي ھڪ ڪجي.
◀ھاڻ ان ڏھي جو چانورن مٿان ٽيھو ڏجي.
◀ھاڻي ديڳڙي کي ڍڪ ڏيئي 10 ان 15 منٽ دم ڏجي.
◀سنڌي تھدار برياني تيار آھي.
0 comments:
Post a Comment