Sunday, 5 May 2019

ڌيان ۽ گيان چونڊ ۽ سوڌ سنوار | اصغر ساگر

هڪ عورت روز مندر ۾ پوڄا ڪرڻ ويندي هئي. هڪ ڏينھن ھن جي من ۾ خيال آيو تہ سڀاڻي کان مندر نہ ويندي.
”مان هاڻي مندر ۾ نہ ايندس پر گهر ۾ پوڄا ڪندس“ مائي پوڄاري کي چيو.
اهو ٻڌي پوڄاري کي حيرت وٺي وئي ۽ ڪجھ پل سوچ ۾ پئجي ويو”ھي مائي گذريل 20 سالن کان اچي پئي، الائي ڇو ھاڻ ھن کي ڇا ٿي ويو آھي“.
اهڙو ڇا ٿيو آهي جو توھان مندر نہ ايندئو. ڪنھن ڪجھ چيو آھي؟ پوڄاري سوچ ٽوڙي.
”مان هتي جڏهن بہ ايندي آهيان تہ هر ماڻهو ستسنگ کي ڇڏي پنهنجون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ ڪي وري گيت ٻڌائيندا آهن ان ڪري منھنجي دل نٿي لڳي.“ مائي وراڻيو.
پوجاري 10 منٽن لاء خاموش ٿي ويو.
”مان تو کي هڪ گلاس پاڻي جو ڀري ڏيان ٿو۔ اهو گلاس کڻي مندر جا ست چڪر لڳائي اچو پر شرط اهو آھي تہ انهي جو هڪ ڇنڊو بہ زمين تي نہ ڪري.“
پوڄاري پاڻي جو گلاس هٿ ۾ ڏنو. مائي گلاس کڻي مندر جا ست چڪر لڳايا ۽ واپس موٽي آئي.
”انهي سان ڇا ٿيندو“ مائي پڇيو.
”رستي ۾ توکي ماڻهن ڪنھن ڪجھ چيو.“ پوڄاري مائي کان گلاس ورتو.
”3 ماڻهن ڪجھ چيو.“ مائي وراڻيو.
ڇا چيو انهن؟ پوڄاري سوال ڪيو.
مائي پوڄاري ڏي ڏٺو.
ھڪ چيو
”مائي چري ٿي پئي آھي.پاڻي هاري نٿي صرف کڻي گهمي پئي.
ٻئي چيو
”مائي کي ضرور ڪنھن ڀوپي ڏس ڏنو ھوندو.“
ٽئين چيو
”مائي ڪنھن صدمي سبب اهو سڀ ڪجھ پئي ڪري. انهن گيت ڳايا پر منھنجو ڌيان نہ ڀٽڪيو.“
تو ڇا چيو ۽ ڇا سوچيو؟
”منھنجو ڌيان گلاس ۾ هو ڪٿي پاڻي جو هڪ ڇنڊو بہ نہ ڪري.“
”انهي لاء مون توکي ڌيان ۽ گيان پئي ڏيڻ چاهيو. دنيا ڀلي ڇا بہ ڪري جيڪڏھن توهان جو ڌيان مقصد تي آهي تہ توهان کي ڪير بہ حاصلات کان روڪي نٿو سگهي.“ پوڄاري وضاحت ڪئي.
اهو ٻڌي عورت جي اکين مان لڙڪن جي لھر اچي وئي. مائي پوڄاري کان معذرت ڪئي ۽ وري مندر اچڻ جي ھامي ڀري. ھن لکڻي جو مقصد ساڳيو آهي تہ جيڪو پنھنجي مقصد ڏي ڌيان ڏيندو سوئي گيان پائيندو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment