هڪ شخص شهر ۾ گڏھ وڪڻڻ لاءِ واڪا ڏيئي رهيو هو. گڏھ ويڪو آهي، رڳو پنج سئو رپين ۾ گڏھ وٺو. ڪنھن بہ ان ڏانهن ڌيان نہ پئي ڏنو ڇوجو گڏھ نھايت ڪمزور ۽ ٿَڪل پئي لڳو.
اتفاق سان ان مھل بادشاہ بہ پنھنجي شھزادي ۽ وزير سان اتان لنگهيو. سندس نظر گڏھ وڪڻڻ واري تي پيئي. هن گڏھ جو مُلھ پڇيو. گڏھ جي مالڪ بادشاھ جي دلچسپي ڏسي کيس گڏھ جو مُلھ پنجاھ هزار ٻُڌايو. بادشاھ کانئس پُڇا ڪئي
”هن ۾ ڪھڙي خاصیت آهي جو ايڏي وڏي قيمت پيو گهُرين؟“
گڏھ جي مالڪ جواب ڏنو
”حضور جيڪو هن تي سوار ٿئي ٿو تنھن کي مڪو ۽ مدینو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.“
بادشاھ کي حيرت ورتو.
”جيڪڏهن تنھنجي ڳالھ سچ ٿي تہ آءٌ توکي پنجاھ هزارن جي جاءِ تي لک رپيا ڏيندس.“
بادشاھ وزير کي حڪم ڏنو تہ گڏھ تي سوار ٿي ٻڌائي تہ ھن کي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟
وزیر گڏھ تي سوار ٿيڻ لاءِ اڃان مس گڏھ جي ويجهو ٿيو تہ گڏھ جي مالڪ بادشاھ کي چيو
”حضور مڪو ۽ مدینو ڪنھن رشوت خور ۽ بي ايمان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندو.“
ان تي وزیر ڪاوڙ مان چيو
”ڇا اسان توکي ڪي رشوت خور ۽ بي ايمان پيا ڏسجون؟“
وزير گڏھ تي سوار ٿيو پر کيس ڏسڻ ۾ ڪجھ بہ نہ آيو۔ وزير سوچڻ لڳو تہ جيڪڏهن آءٌ سچ بڌائيندس تہ منھنجي بدنامي ٿيندي. وزير چالاڪيءَ سان رڙ ڪري چوڻ لڳو
”ماشاء اللہ، سبحان اللہ ڇا نظارو آهي“.
اِهو ٻُڌي بادشاھ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ اهڙو نظارو ڏسڻ لاءِ وزير کي هيٺ لاهي پاڻ گڏھ تي سوار ٿيو. هن کي بہ ڪجھ ڏسڻ ۾ نہ آيو پر پنهنجي شان ۽ شوڪت جو ڀرم رکڻ لاءِ سرھي نموني چوڻ لڳو
”واھ سائين واھ ، واقعي گڏھ واھ جو ڪرامتي آهي پر وزیر ۾ مون جھڙي نظر ئي ڪونهي جو سڄو نظارو ڏسي سگهي، مون کي تہ مڪي مديني سان گڏ جنت بہ ڏسڻ ۾ پيئي اچي“
اهو ٻڌي اتي بيٺل ميڙ بغير ڪجھ سوچڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ جي واھ واھ ڪرڻ لڳو. ڪن گڏھ تي هٿ ڦيريا تہ ڪن بادشاھ کان داد حاصل ڪرڻ لاٰءِ ان کي چُمڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن مَھل اسان جي سماج ۾ ڪئي اهڙا مَڪار موجود آهن جيڪي پنھنجي چالاڪيءَ سان ٻين جي اکين ۾ ڌوڙ پيا وجهن ۽ عوام آسيس ۾ ڦرجي پئي.
0 comments:
Post a Comment